تازيون خبرون

Daily Archives: January 6, 2018

شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله انتها پسندن کي پاليو، فوج کي بدنام ڪيو پيو وڃي: عمران خان

سلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪي ادارا مافيا اڳيان مفلوج آهن، 25 سال گذرڻ باوجود اصغر خان ڪيس نه ٻڌو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته عدالت فيصلو ڪيو پر ايف آءِ اي اڃا تائين اصغر خان ڪيس مٿان ويٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنهن عدالت 25 سالن کان لاڏلي جو ڪيس نه ٻڌو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ سياسي پارٽي پئسا وٺي بينظير ڀٽو خلاف چونڊ وڙهي. عمران خان چيو ته ملڪي سياسي اڳواڻ پاڻ ئي ملڪ کي بدنام ڪري رهيا آهن، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊرامي باز شهباز شريف آهي،  اصغر خان جون سياست ۾ بي شمار قربانيون آهن. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله انتها پسند گروپن کي پاليو آهي. عمران خان چيو ته شريف ڀائرن آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته کين ٽيون وارو ڏياريو وڃي. هن چيو ته آمريڪا جي موجوده رويي جو ذميوار پنهنجي ملڪ جي اشرافيا کي قرار ڏيان ٿو. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف گذريل دور ۾ آمريڪا کان پنهنجي حڪومت بحال ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. عمران خان چيو ته اصغر خان ڪيس ۾ ڀرپور نموني اڳڀرائي ڪئي ويندي، دنيا سامهون حقيقتون اچڻ گهرجن. هن چيو ته گوادر کان وٺي خيبر تائين سڀني کي پاناما ڪيس بابت خبر پئجي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي ناڪامي جي ذميواري پاڪستان تي وجهي رهيو آهي. عمران خان چيو ته شهباز شريف روزاني نئين ٽوپي پائي آمريڪين کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن چيو ته شريف ڀائرن ادارن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان چيو ته حڪمران ئي ملڪ کي بدنام ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڻ بچائڻ لاءِ ملڪ کي خراب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پنهنجا ليڊر فوج کي بدنام ڪندا ته ٻين جا هٿ مضبوط ٿيندا، مان وڪي ليڪس جون شيون سامهون آڻڻ چاهيون ٿو.

 

سنجي دت جي حياتي تي ٺهيل فلم هلندڙ سال 29 جون تي رليز ڪئي ويندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سنجي دت جي حياتي تي ٺهندڙ فلم کي رليز ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويوآهي.بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي سپر اسٽار ادڪارسنجي دت جي حياتي تي ٺهندڙ فلم جي رليز جو انتظار مداح ڪيتري ئي عرصي کان ڪري رهيا آهن. فلم سنجي دت جو مرڪزي ڪردار اداڪار رنبير ڪپور ادا ڪيو آهي، سنجي دت جي زندگي شروع کان مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي، سنجو بابا غيرقانوني هٿيار رکڻ کي ڏوهه ۾ جيل جي هوا پڻ کائي چڪو آهي. جڏهن تي سندس نالو ماضي جي سپر اسٽار ادڪارا ماڌوري دڪشت سميت ڪيترن ئي ناليوارين ادڪارائن سان جوڙيو ويو گڏيل طور تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنجي دت جي سموري حياتي دلچسپ رهي آهي. اهو ئي سبب آهي. منا ڀائي ايم بي بي ايس، لگي رهو منا ڀائي، ٿري ايڊيٽس ۽ پي ڪي جهڙيون ڪامياب فلمون ڏيندڙ ناليواري هدايتڪار راجڪمار هيراڻي سنجي دت جي حياتي مٿان فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. فلم جي شوٽنگ 2017 کان جاري آهي پر هن وقت تائين فلم جي نالي ۽ رليز جي تاريخ جو اعلان نه ڪيوويو هو، پر هاڻ فلم جي رليز جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب اسٽار هند ۽ رجڪمار هيراڻي طرفان ڪيل ٽوئٽ موجب فلم هلندڙ سال 29 جون تي رليز ڪئي ويندي

 

بالي ووڊ جي “ڊمپل گرل” دپيڪا 32 ورهين جي ٿي وئي

بالي ووڊ جي ”ڊمپل گرل“ ۽ هاڻي ”ڊريم گرل“ سڏرائيندڙ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون اڄ پنهنجو 32 هون جنم ڏڻ ملهائي رهي آهي. دپيڪا پڊوڪون 56 جنوري 1986ع تي ميدا ٿي، سندس پيءُ پرڪاش پڊوڪون اڳوڻو بيڊمينٽن رانديگر هو جنهن جي ڪري دپيڪا پڊوڪون به قومي سطح تي بيڊمنٽن کيڏڻ جو آغاز ڪيو. جنهن کانپوءِ هن 2006ع ۾ بالي ووڊ فلم نگري ڏانهن وک وڌائي ۽ تيلگو فلم سان اداڪاري جو آغاز ڪيو. دپيڪا فلم ”اوم شانتي اوم“ سان هندي فلمن ۾ ڊيبيو ڪيو، جنهن ۾ هن بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪيو. ”اوم شانتي اوم“ کانپوءِ دپيڪا پڊوڪون پنهنجون ڪاميابيون مڃرايون، جنهن کانپوءِ اڄ هو بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارائن جي لسٽ ۾ شامل آهي. دپيڪا ڪيترائي ايوارڊز پنهنجي نالي ڪيا، جن ۾ فلم فيئر ايوارڊ ۽ آئيفا ايوارڊ پڻ شامل آهن. دپيڪا پڊوڪون ڀارت بالي ووڊ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جلوا ڏيکارڻ سان گڏوگڏ هالي ووڊ ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جلوا ڏيکاري چڪي آهي.

 

ڪريس گيل  پي ايس ايل بعد آءِ پي ايل مان به ٻاهر

ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن لاءِ فرنچائزن اسڪواڊ ۾ برقرار رکيل رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ رائل چيلنجز بنگلور ڀارتي قائد ۽ اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي کي برقرار رکيو آهي جڏهن ڪريس گيل کي ڊراپ ڪري ڇڏيو آهي. بي سي سي آءِ هلندڙ سال ٿيندڙ آءِ پي ايل ايونٽ لاءِ ٽيمن طرفان برقرار رکيل رانديگرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي جنهن تحت رائل چيلنجز بنگلور ڪوهلي کي 17 ڪروڙ عيوض برقرار رکيو. ڪوهلي اهو رانديگر آهي جنهن کي آءِ پي ايل لاءِ مقرر 15 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ۾ برقرار رکيو ويو. رائل چيلنجز بنگلور ڏکڻ آفريقا جي اي بي ڊي ويليئرز ۽ سرفراز خان کي به اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو آهي. ممبئي انڊينز مان روهت شرما، هردڪ پانڊيا ۽ جسپرت ڀمرا، ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز مان سنيل نارائڻ ۽ آندري رسل، دهلي ڊيئر ڊيولز مان رساڀ پانٽ، ڪرس مورس ۽ شري ياس آئير شامل آهن.

 

پاڪستان انڊر نائنٽين نيوزيلينڊ خلاف ٻن ميچن واري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ ٻن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ برسات جي نذر ٿي وئي جنهن کانپوءِ پاڪستان سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.ڪرائسٽ چرچ ۾ شديد برسات جي ڪري نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي انڊر 19 ٽيمن جي وچ ۾ ميچ التوا جو شڪار رهي پر برسات نه رڪجڻ سبب ميچ کي ختم ڪيو ويو. پاڪستان اڳ ئي ميزبان ٽيم کي پهرين ميچ ۾ شڪست ڏئي چڪو هو جنهن کانپوءِ گرين شرٽس ٻن ميچن جي سيريز ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۾ هلندڙ مهيني انڊر 19 ورلڊ ڪپ شروع ٿيندو جنهن لاءِ 15 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي

 

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خطرناڪ حالتن ڏانهن وڌندڙ دنيا..!!: غلام مصطفيٰ جمالي 

ڊونلڊ ٽرمٽ اصل ۾ ڪير آهي ۽ هوُ ماضي ۾ ڇا ڪندو هوُ،14جون1946 ۾ نيويارڪ شهر جي ۾ پيدا ٿيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو ننڍڙي هوندي کان تعليم سان وابستسه رهيو.جنهن 1968اندر يونيورسٽي آف پينسلوانيا مان اڪنامس اندر گريجوشن ڪئي.جڏهن ته سندس تربيت جمائڪا اسٽيئس جي امير ترين گهر ۾ ٿي. هوُ ريئل اسٽيٽس جي تعمير ۽ ترقي سان پڻ وابسته رهيو. 1970ع جي ڏهاڙي اندر کاتي انصاف اندر(ٽرمپ) تي آرگنائيزِشن تي فئير هائوسنگ ايڪٽ جي خلاف وزري ڪرڻ جو الزام پڻ لڳو. ٽرمپ(سينٽرل اسٽيشن) مان ملي ڪري هڪ هوٽل خريد ڪئي.جيڪا ديواليه قرار ڏني وئي هئي.تنهن کانپوءِ ان ست ڪروڙ ڊالر اڌار کئنين ۽ پوءِ نيويارڪ سٽي کان ٽيڪس گهريو. انهي جي تعمير ٿي ته ٽرمپ انهي هوٽل جو نالو(گرينڊ هائٽ هوٽل) رکيو.۽ 1971ع ۾ ان پنهنجي والد فريڊ ٽرمپ جي رئيل اسٽيس ۽ ڪنسٽرڪشن ڪمپني جو ڪنٽرول سنڀاليو جنهن جو نالو بعد ۾ تبديل دي ٽرمپ آرگنائيزيشن رکيو.،ڊونلڊ ٽرمپ(دي ٽرمپ آرگنائيشن جي صدر ۽ چيئرمين به آهي.جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ذاتي ملڪيت جو اندازو 4ارب ڊالر تائين لڳايو وڃِي پيو.. ٽرمپ ٽاور نالي عمارت به ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ سڃاڻپ آهي. جيڪا ويهه ڪروڙ ڊالر جي ملڪيت آهي جيڪا اپارٽمينٽ ۽ جي ٻين ڪاروبار لاءِ استعال ڪئي ويندي آهي.. ٽرمپ گهڻو مشهور آهي.پر اهڙو به سندس زندگي موڙ آهي جڏهن سندس ملڪيت اندر 1990اندر ڪرِيش ٿي.ان وقت سندس ملڪيت اندر1.7ارب ڊالر ڪري وئي هئي.۽ سندس ملڪيت صرف ۽ صرف 50ڪروڙ ڊالر باقي رهي هئي.۽ اهڙي ماحول اندر ڊونلڊ ٽرمپ تي اهو به وقت آيو جڏهن کيس پئسا اڌارا کڻڻا پيا ۽ نئي سر سرمائيڪاري شروع ڪرڻي پئي. 2005ع اندر سلووينا سان تعلق رکندڙ هڪ مشهور ماڊل (ملانيا) سان شادي ڪئي،۽ انکان پوءِ ٽرمپ مختلف شو ڪرڻ لڳو جنهن ۾ کيس سٺِي آمدني ٿي ۽ اها آمدني وڌي اچي 20ڪروڙ ڊالر تي پهچي.ڊونلڊ ٽرمپ،1988ع2004ع2013ع اندر صدارتي الڪيشن جي ڊوڙ ۾ حصو ورتو۽ 2006ع ۾ کيس نيويارڪ اسٽيٽس اندر گورنر شپ جو عهدو مليو.۽ ڊونلڊ ٽرمپ 1995ع کان وٺي مس يونيورس ۽ مس يو ايس اي جا مقابلا پڻ ڪرائي رهيو آهي،ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي عورتن سان تمام گهڻيون فحاشي ڳاليهون پڻ منظر عام تي آيون،جڏهن ته اليڪشن دوران ٽرمپ مسلمانن ۽ اسلام بابت به تمام گهڻو زهر اوڳاڙيو جيڪا هن وقت به جاري آهي،آمريڪا پاڪستان جو دشمن ڇو ۽ ڪڏهن کان آهي..؟

ويهه صدي جي ختم ٿيڻ وقت آمريڪي اخبار نويس.جنهن اسلامي دنيا کي هڪ دفعو ٻيهر مغرب جي صليب تي ٽنگهڻ ۽ غلام بڻائڻ لاءِ مغربي سامراجن کي پيش ڪش ڪئي.  ان يهودي جو نالو“تامهيس فريند مين ”هو سندس هڪ ڪالم جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو جنهن جو عنوان هو.“عالم اسلام ۾ هر حال ۾ جنگ رهي” ڇو ته اهو ان جو اهو مقصد هو. ته اسلامي ملڪن اندر امن جو نالو نشان ئي نه هجي.همِيشه اسلام ملڪن اندرخانه جنگي رهي.اسلامي ملڪ پاڻ ۾ وڙهڻ جنهن جو اسان فائدو وٺون.انهي ڪري مغربي سامراج اهڙي سوچ سوچي ته آخر اهڙو ڪهڙو طريقو ڪجي جنهن سان اسلامي ملڪن اندر ڏڦير پيدا ٿي وڃي. اوهان ڏٺو هوندو  ته اها مغربي سامراجن جي روايت رهي آهي ته انهن هميشه جنهن به ملڪن تي حڪمراني ڪئي آهي. انهي ملڪ اندر انهن سڀ کان پهرين انهي ملڪ جي تعليم کي ڌڪ رسايو آهي.جيئن هڪ اهڙي مغربي (سامراج) جو چوڻ آهي ته ”جڏهن به اوهانکي ڪنهن ملڪ تي حڪومت ڪرڻي آهي ته ان ملڪ مان صرف ٻه شيون کسيون“. انهن ٻن شين مان هڪ شيءُ  ان ملڪ جي ”تعليم“ ختم ڪيو ٻيو انهي ملڪ اندر” فرقيواريت“ کي جنم ڏيو..پوءِ اهو ملڪ اهڙو ڪمزور ٿي ويندو.جنهن کي پاڻ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو، ۽ پوءِ اوهينُ  انهي الڙکائيندر ملڪ تي اوهان آساني سان پنهنجو مغربي سامراج آڻي سگهون ٿا..!

انهي ڪري انهن مغربي سامراجن اهو ئي طريقو استعمال ڪيو..پهرين اسلامي ملڪن مان سندس ٻولي ۽ تهذيب کي ختم ڪيو ۽ انهي ٻولي ۽ تهذيب جي بدلي پنهنجو ٻولي ۽ تهذيب جي تبليغ ڪئي.۽ پوءِ مغربي سامراج  ائين ڪندا ويا.۽ آخرڪار هو انهي پنهنجي مقصد اندر ڪامياب ٿيندا ويا.جڏهن انهن پوري اسلامي ملڪن اندر پنهنجي تهذيب کي عام ڪيو ته انهي تهذيب اسلامي ملڪن اندر اهڙو اثر ڏيکاريو جن آهستي آهستي اسلامي ملڪن اندر فرقيواريت کي جنم ڏنو.۽ پوءِ انهي مغربي سامراج انهي فرقيواريت کي انتهاپسدي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.۽ مسلمانن جا هڪ  اهڙو گروهه پيدا ڪيا جيڪي خد پنهنجي مسلمانن جا دشمن بنجي ويا،جڏهن ته انهي مغربي سامراجي قووتن  انهي فرقيواريت کي وڌيندي ڏٺو۽ مسلمانن کي مسلمان سان بي انتها نفرت ڪندي ڏٺو ته انهن انهي مسلمانن مان تنظيمون ٺاهڻ شروع ڪيون جن کي وڏي تعداد اندر اسحلو ڏنو ويو ۽ انهن کي وڏي رقم ڏئي ڪري،کين لالاچي بڻايو ويو.۽ انهن مغريي سامراجن جو اهو تجربو ڪيترو ڪامياب ويو اهو اسان جي سامهون آهي.جنهن جا  ته نتيجا اهڙا نڪتا آهن جو اسلامي ملڪ واقعي هڪ وڏيون اذيتون ڀوڳي رهيا آهن.انهي مغربي سامراجن جي پيدا ڪيل ٻج کي هن وقت اسلامي ملڪن جا  ڪيترائي دشمن ملڪ پاڻي ڏئي رهيا آهن.

يعني انهن دهشتگرد تنظيمن تي ڪڙورين رپيا پاڻي وانگر خرچ ڪري رهيا آهن .جن ملڪن ۾ انڊيا ۽ اسرائيل ۽ هن وقت آمريڪا پهرين نمبر تي آهن.انهي ڪري وڏي افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي جو خد مسلمان پنهنجي مسلمان ڀائرن کي ڪهڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا تيز ڪري رهيا آهن.مشرقي سطح تي ايشا ۾ سڀ کان وڌيڪ القائداه  جهادي گروپ سڀ کان اڳيان هو.جنهن جي سموري واڳ آمريڪا جي هٿ ۾ هئي.۽ هن وقت به آمريڪا جي هٿ ۾ آهي.جڏهن ته سندس سرمايه ڪاري خد آمريڪي سامراجن جي هٿ ۾ آهي.جڏهن ته اساما بن لادن جو موت کان پوءِ القاده جو زوال بڻيو.ان کان پوءِ وري ته مشرقي سطح تي ايشا جو امن خراب ڪرڻ لاءِ آمريڪي سامراجن داعش نالي جهادي تنظيم کي جنم ڏنو.۽ هي اهو هڪ ننڍڙو گروپ هو جيڪو همِيشه القائده جي پيسي جي هلندو هو.پر هاڻ اها داعش جنهن جو اصل چهرو سامهون اچي رهيو آهي.

مغربي صليبي سامراج ۽ اسلام جي دشمن سابق وزيراعظم ٽوني بلئير خد اهو اعلان ڪيو هو ته اها”داعش“ اسان مسلمانن کي سبق سيکارڻ لاءِ ٺاهي آهي.جڏهن ته پنهنجي دور اندر ٽوني بلئير ۽ جارج بش اسلام ۽ اسلامي ملڪن جا وڏي ۾ وڏا دشمن هئا. ۽ انهن ٻنهي بزرگ دهشتگردن آخري اليڪشن انهي ئي حيثيت تي کٽي هئي ته صليبي سامراج. مسلمانن کي نشانو بڻائي. اهو حال ۽ موقف ٽوني بلئير جو  هو جنهن ڪري بش کيس مشرقي سطح تي مغربي ملڪن جي صليبي سامراج جو نمائيندو ۽سفير مقرر ڪيو.۽ انهي وقت ٽوني بلئير داعش کي وجود ۾ آندو جڏهن ته هن  وقت آمريڪا جو  صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنهن جو نظريو به انهن پوڙهن سياستدانن کان وڌيڪ خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي.جڏهن ته سندس صدارتي اليڪشن جي مهم دوران جي اهڙيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون هنيون ته دنيا جي اسلامي ملڪن لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ سٺو آمريڪي صدر ثابت نه ٿيندو،۽ ٿيو به ائين ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي حلف کڻڻ کان پهرين خاموش هو جنهن مان ائين لڳي رهيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته سندس نظري ۾ اليڪشن کٽڻ کانپوءِ تبديلي آئي هجي پر جئين ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدارتي عهدي جو حلف کنيو ته سندس خطرناڪ نظريو سڀني جو سامهون اچي ويو،

ڊونلنڊ ٽرمپ ايندي ست اسلامي ملڪن مٿان پابندي لڳائي ڇڏي هئي جڏهن ته آمريڪي عدالتن سندس اهڙي بيان کي رد ڪري ڇڏيو هو پر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي فيصلي ۾ قائم اڃان به  آهي،جن اسلامي ملڪن مٿان آمريڪا پابندي لڳائي آهي انهن ۾ ايران جي سڀ کان وڌيڪ تبصرا هلندڙ آهن ڇو ته ايران وٽ جوهري مادو پيل آهي ۽ هو ڪنهن وقت ايٽمي تجربو به ڪرڻ وڃي رهيو هو پر اوباما جي دور اندر ايران ۽ آمريڪا جي تعلقات بهتر تي ويا ۽ ٻنهي ملڪن انهي تجربي ختم ڪري ايٽمي مهادو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ آمريڪا ايران تان سموريون پابنديون هٽائي ڇڏيون،۽ ايران ۽ آمريڪا ويجها دوست بڻجي ويا پر هن وقت  ڊونلڊ ٽرمپ جي رويي مان اهو صاف ظاهر آهي ته هو ايران سان ڪنهن به ماحول اندر ٺاهه ڪري جي موڊ ۾ ناهي ٻئي پاسي ايران به آمريڪا کي اکيون ڏيکارڻ لاءِ آمريڪن جي ايران اندر اچڻ تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر ڪالهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان تي الزام هڻندي ڊو مور جو مطالبو ڪيو آهي. آرلينگٽن فوجي اڏي تان خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي مبينا ٿاڪن تي خاموشي اختيار نه ڪئي ويندي، پاڪستان افراتفري پکڙيندڙن کي پناهه ڏيندو آهي.ڊونلڊ ٽرمپ اهو به چيو ته پاڪستان بابت پنهنجي پاليسي تبديل ڪري رهيو آهيو، جنهن لاءِ پاڪستان کي پنهنجي صورتحال تبديل ڪرڻي پوندي،ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي ڌمڪي ڏيندي اهو به چيو ته جيڪڏهن پاڪستان دهشتگردن جي پناهه ڏيندو رهيو ته اسلام آباد جو امن به خراب ٿي سگهي ٿو،آئون ،سمجهان ٿو ته ڊونلنڊ پرمپ جي اهڙي سوچ جنهن اندر صرف ۽ صرف نفرت جي بوءِ اچي رهي آهي،جيڪا هو هن وقت پاڪستان سان ڪري رهيو آهي.

پر آمريڪا کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ ايٽمي ملڪ آهي جيڪو پنهنجو دفاع ڪرڻ خوب ڄاڻي ٿو ته ۽ پنهنجي ملڪ جي دفاع آهي پاڪستان وٽ پنهنجي دلير فوج موجود آهي جنهن جي هاڪ اندر عام آهي،انڪري هن وقت افعانستان اندر جيڪڏهن 3900هزار فوجي مقرر ڪرڻ ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته اها سندس وڏي ۾ وڏي ڀل آهي انهي ۾ سندس ئي نقصان ٿيندو،ڇو ته هن وقت ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي پر کيس اها به خبر هجڻ گهرجي ته اهي دهشتگرد خد سندس ئي پيدائش آهن،جيڪڏهن هوُ هاڻ سندس ئي ڳلي جو ڦندو بڻجي ويا آهن ته انهي اندر پاڪستان جو ڇا وڃي.پوءِ به پاڪستان هر حال ۾ دهشتگردي جي حوالي سان آمريڪا جي هر موڙ اندر سهڪار ۾ رهيو آهي،جڏهن آمريڪا افغانستان اندر اساما بن لادن ۽ ملا عمر ۽ ٻين طالبان گروپن خلاف جنگ ڪري رهيو هوُ ته سموري دنيا جي ملڪن مان پاڪستان هو واحد اسلامي ملڪ هوُ جيڪو سندس اتحادي بڻيو ٻيٺو هوُ ايتري حد تائين جو پاڪستان آمريڪا کي افعانستان اندر هلندڙ طالبانن خلاف جنگ ۾ پنهنجا هوائي اڏا به سندس حوالي ڪري ڇڏيا هئا.پر ڊونلڊ ٽرمپ انهن سمورين ڳالهين کي وساري ڪري جيڪي پاڪستان مٿان الزام لڳائي رهيو آهي اهي الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن جن ۾ ڪا به اهڙي صداقت ناهي رڳو ساِڙ ئي ساڙ نظر اچي رهيو آهي،جڏهن ته اها سڀني کي خبر آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو اهڙو رويو ڇو آهي، ڇو ته اقصادي راهداري اهو واحد منصوبو آهي جنهن تي آمريڪا کي تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ اهو سبب آهي جو هو انهي اقتصادي راهداري کي ناڪام ڪرڻ لاءِ افسوس ۽ ڇڙ ڏياريندڙ بيان ڏئي رهيو آهي برحال ٽرمپ جي انهي بيان سان پاڪستان جي پاڪستاني عوام تي ڪو به اثر نه پوندو پاڪستان خد هڪ خدمختار ملڪ آهي انڪري ڊونلڊ ٽرمپ جون اهڙيون ڀڀڪيون ڪجهه به ڪري نه سگهنديون ان ڀڀڪين اندر وري به نقصان سندس ئي آهي،

پاڪستان خلاف اهڙو بيان ڏيڻ جي پاڪستان جو سموريون سياسي جماعتون هڪ ٿي ڪري اهڙي چڙ ڏياريندڙ بيان خلاف مذمت ڪري رهيو آهن،جن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي،تحريڪ انصاف،پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان مسلم لگ ق توڙي ٻين سياسي جماعتن به انهي بيان خلاف مذمت ڪئي آهي جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي،پر اتي هڪ اهو سوال به اهم آهي ته ڊونلڊٽرمپ جي اهڙي بيان کان پوءِ ايشائي خطي تي ڪهڙا اثر پوندا،مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ايشاءُ جا اثر خراب ٿيا ته انهي جو زميوار صرف ۽ صرف ڊونلڊ ٽرمپ هوندي،جيڪو نفرت جي باهه پکيڙڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهي آهي جنهن سان پاڪستان عوام جو خاصي ڪاوڙ جي لهر ڇانجي چڪي آهي،انڪري ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙا بيان ڏيڻ کان پهرين سوچڻ گهرجي ته هو خد خدمختيار ملڪ جي اهڙا الزام ڪهڙي ريت لڳائي سگهي ٿو جنهن جو وٺس ڪو به حق ناهي،پاڪستان مٿان الزام هلندڙ ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان خلاف چين به مذمت ڪئي آهي ۽ چين اهو واضع چيو آهي ته پاڪستان دهشتگري جي ويڙه اندر پهرين ئي وڌيڪ انصاف کائي چڪو آهي جنهن نقصان کي آمريڪا تسليم ڪري،انڪري آئون به اهو ئي چوندس ته آمريڪا پاڪستان مٿان اجايا الزام هڻڻ بند ڪري ۽ جيڪڏهن هو پاڪستان مٿان حملن جي ڳالهه ٿو ڪري ته انهي جو جواب ۾ صرف ايترو چوندس ته پاڪستان وٽ پنهنجي بهادر آرمي موجود آهي جيڪا پنهنجي عوام ۽ دفاع ڪرڻ خوف ڄاڻي ٿي.

 

حڪومت جو تذليل بعد استاد پڪا ڪرڻ جو اعلان….

ڪراچي پريس ڪلب آڏو مختلف شهرن کان آيل اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس استادن ۽ پ ٽ الف طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو، استادن کي اعلان تحت بلاول هائوس وڃڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس طرفان پريس ڪلب جي ٻنهي پاسن واري روڊ تي بيريئر بيهاري بند ڪيو ويو، استادن جيئن بلاول هائوس وڃڻ لاءِ اتان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اڳواٽ تيار بيٺل پوليس جا اهلڪار مٿن ڏمرجي پيا، پوليس استادن مٿان شيلنگ ۽ لٺبازي ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن ۾ منظور چانڊيو، عارف قريشي، ذوالفقار سمائر، غلام حسين ڏاهري ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته استاد منظور چانڊيو کي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب حالت خراب هجڻ ڪري کيس جناح اسپتال نيو ويو، پوليس جي لٺبازي دوران 20 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن سبب استاد ڇڙوڇر ٿي ويا، جڏهن ته گرفتاري کان بچي ويل استادن مان ڪجهه برنس روڊ ذريعي بلاول هائوس وڃڻ لاءِ بلاول چورنگي تي پهتا ته اتي کين پوليس روڪي وڌيڪ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾ پ ٽ الف جو مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو، نصرالله مزاري، هدايت الله شاهه ۽ ٻيا شامل هئا، جن کي آرٽلري ۽ ٻين ٿاڻن تي رکيو ويو، معاملي جو وڏي وزير پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ گرفتار استادن کي آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد استادن ٻيهر پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪيمپ تي گڏ ٿي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. احتجاج تي ويٺل پ ٽ الف جي مرڪزي ترجمان ذوالفقار سمائر چيو ته اسان جو احتجاج استادن کي ريگيولر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تائين جاري رهندو، وڏي وزير سان ملاقات ڪندڙ استادن جو اسان سان ڪو تعلق ناهي، اهي پنهنجي سياست چمڪائي رهيا آهن،   پيپلزپارٽي جي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪراچي۾ استادن تي پوليس  تشدد ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي گھرو وزير کي هدايت ڪندي چيو آهي ته گرفتار ٿيل استادن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. ۽ وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه۽ تعليم واري صوبائي وزير مهتاب ڏهر کي استادن سان ملي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاليسي فيصلو ڪندي 1992ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن کي ٽائيم اسڪيل ايوارڊ ڏيڻ ۽ اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي جا ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي ريگيولر ڪرڻ جو  حڪم ڏنو آهي. هتي اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت کي مظاهرين جا مطالبا مڃڻا ئي هئا ته پوءِ انهن کي مارڪٽ ۽ انهن جي تذليل ڪرڻ بعد ئي اهو فيصلو ڇو ڪيو ويو، هئڻ ائين گهرجي ها ته حڪومت احتجاج جو بروقت نوٽيس وٺي اهو اعلان ڪري ها ته جئين استاد احتجاج نه ڪن ها ۽ اسڪولن ۾ تدريسي عمل متاثر نه ٿئي ها.