تازيون خبرون

Daily Archives: January 2, 2018

انگلش گيت تي رقص، هانيه عامر سوشل ميڊيا تي ڇائنجي وئي

لاهو(شوبز نيوز) شرارتن سبب شهرت جي بلندين تي پهچندڙ ۽ پاڪستاني نوجوانن جي دلين تي ديرو ڄمائيندڙ اداڪارا هانيه عامر جهاز ۾ ويهي هڪ شخص کي تنگ ڪرڻ واري وڊيو انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪئي ته کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، پر لڳي ٿو ته هاڻي اها ڪاوڙ ٿڌي ٿي وئي آهي، هانيه عامر تازي هڪ ٻي وڊيو اپ لوڊ ڪري سوشل ميڊيا کي ڄڻ ته فتح ڪري ورتو آهي.بليڪ اينڊ وائيٽ وڊيو ۾ هانيه عامر هڪ انگريزي گاني تي رقص ڪري رهي آهي، جنهن کي ڏسي نوجوان حيران ٿي ويا آهن ، هي وڊيو ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کي هزارين ماڻهن پسند ڪري شيئر ڪيو آهي

 

فل سمنز افغان ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر

دبئي(اسپورٽس نيوز) افعانستان اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر فل سمنز کي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هو 8 جنوري تي دبئي ۾ افغان ٽيم کي جوائن ڪندو ۽ سندس پهرين آزمائش زمبابوي خلاف سيريز هوندي جيڪا فيبروري ۾ شارجا ۾ کيڏي ويندي، کيس 2019ع ورلڊڪپ تائين اها ذميواري ڏني وئي آهي.

 

پاڪستان خلاف 2 ون ڊي ميچن لاءِ 13 رڪني ڪيويز اسڪواڊ جو اعلان

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سليڪشن ڪميٽي پاڪستان خلاف 2 ون ڊي ميچن لاءِ 13 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ 2 اسپنرز پڻ شامل آهن. پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل سيريز جو آغاز 6 جنوري کان ويلنگٽن ميچ کان ٿيندو جڏهن ڪيويز سليڪشن ڪميٽي شروعاتي 2 ميچن لاءِ 13 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز ۾ انجري جو شڪار ٿيل اوپننگ بيٽسمين مارٽن گپٽل جي ٻيهر ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي جنهن کانپوءِ اوپننگ بيٽسمين جارج ورڪر کي جاءِ خالي ڪرڻي پوندي جيڪو ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ميچن ۾ اڌ سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي. نيشنل سليڪٽر گيون ليزر جو چوڻ آهي ته جارج ورڪر کي شامل نه ڪرڻ ڏکيو فيصلو هو تنهن هوندي کيس اڳتي موقعو ڏنو ويندو جڏهن ته مارٽن گپٽل دنيا جو مشهور بيٽسمين آهي جيڪو پاڻ کي ثابت ڪري چڪو آهي ان ڪري کيس ٽيم ۾ شامل ڪرڻو ئي هو. نيوزي لينڊ جي 13 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان ڪين وليمسن، ميٽ هينري، ٽام ليٿم، روس ٽيلر، ٽم سائوٿي، ڪولن منرو، ٽرينٽ بولٽ، فوڪي فرگوسن، هينري نڪولس ۽ ڊوگ براسويل شامل آهن.

 

جمهوري نظام جاري رهڻ گهرجي!: محبوب حسين

جمهوريت جي معنيٰ آهي “عوام جي حڪومت” ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ هي ٻيون ڀيرو آهي جو عوام جي چونڊيل جمهوري حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏانهن وڌي رهي آهي. سياسي پارٽين جي حمايت ۽ تعاون سان پيپلز پارٽي جي حڪومت پهريون ڀيرو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو. ان کانپوءِ 2013ع جي چونڊن ۾ جڏهن مسلم ليگ نواز پنهنجي حڪومت ٺاهي ته سمورين سياسي پارٽين ان جي ڀليڪار ڪئي ۽ جمهوريت کي جاري رهڻ لاءِ تعاون جو يقين ڏياريو.

جمهوريت جو سڀ کان وڏو حسن اهو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون توڙي عام ماڻهو پنهنجي آئيني حقن جي لاءِ بنا رنڊ روڪ جي احتجاج ڪري سگهي ٿو. جمهوريت ۾ ڳالهه چئي ويندي آهي، ان کي ٻڌو ويندو آهي ۽ عمل به ڪيو ويندو آهي پر آمريت ۾ اهڙي آزادي ناهي هوندي. هن وقت به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪوبه سياسي اتحاد جيڪڏهن جوڙيو ٿو وڃي ته اهو عوام جي آئيني ۽ قانوني حقن لاءِ هجڻ گهرجي. ان جي قيمت جمهوريت تي راتاهو ڪنهن به صورت ۾ نه هجڻ گهرجي ڇو ته خطرا هاڻ به موجود آهن.

پاڪستان جي عوام کي هيءَ جمهوريت وڏين تحريڪن ۽ قربانين کانپوءِ ملي آهي. جمهوريت جي ناڪامي پوري ملڪ ۽ قوم جي ناڪامي هوندي آهي، ڇو ته ان سان معيشت کي تمام گهڻو نقصان رسندو آهي. معيشت جي ترقي جمهوريت سان سلهاڙيل هجي ٿي. سڀني سياسي سماجي ڌرين کي ذميداري جو مظاهرو ڪندي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته جمهوريت کي هر صورت ۾ ڊي ريل ٿيڻ کان بچايو ويندو. سمورين سياسي پارٽين کي قومي مفاد ۾ سياست ڪرڻ گهرجي. عوام جي حقن لاءِ اتحاد جوڙڻ  ۽ احتجاج ڪرڻ گهرجي.

پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪيئن نه رات وچ ۾، بنا ڪنهن سبب ۽ بنياد جي جمهوريت تي راتاهو هنيو ويندو رهيو آهي. ان ڪري غير يقيني واري صورتحال هاڻ به موجود آهي، ڇو ته غير جمهوري عنصر موقعي جي ڳولا ۾ هوندا آهن ته ڪيئن نه جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو وڃي. هن وقت جڏهن عوامي حڪومت کي پورو ٿيڻ ۾ صرف ڪجهه مهينا ئي باقي بچيا آهن ته به ان خلاف ڳجهيون سازشون جاري آهن. اميد ٿي ڪجي ته سڀني سياسي پارٽين جا سربراهه ۽ انهن جا عهديدار جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ وارن ڳجهن هٿن جو شڪار نه بڻبا ۽ عوامي حڪومت جو ساٿ ڏيندا ته جيئن آمريت جي رستن کي هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي.

حڪومتن کي چونڊجڻ جو حق صرف عوام کي هجڻ کپي ۽ هاڻ جڏهن چونڊن جي تاريخن جو اعلان به ٿي ويو آهي ته ان لاءِ سڀني پارٽين کي تياري ڪرڻ گهرجي ۽ پرامن نموني اقتدار عوام جي چونڊيل حڪومت حوالي ڪيو وڃي. پاڪستان جي تاريخ ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي جمهوريت نواز اتحاد جوڙيا ۽ وڃن ۽ عوامي حڪومت خلاف فيصلا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سياسي پارٽين کي دانشمندي جو مظاهرو ڪندي قومي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، عوام جي لاءِ فيصلا ڪرڻ گهرجن. جمهوريت کي بچائڻ لاءِ هڪ هنڌ تي گڏ ٿيڻ گهرجي. اهڙو ڪو به قدم کڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي جنهن سان جمهوري نظام کي نقصان پهچي، قومي سلامتي ۽ مفادن کي ڌڪ لڳي، ملڪي معيشت کي نقصان پهچي. جمهوريت خلاف ٿورڙي به غلط قدم تي تاريخ ۽ پاڪستان جو عوام اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا.

 

ذڪر ڪمزور ۽ طاقتور اقليتن جو: شاهد شاهه

اسان جي ذهن ۾ جڏهن به اقليت جو خيال اچي ٿو ته گڏوگڏ مذهبي اقليتن جو خيال پڻ اچيو وڃي، جن ۾ سنڌ اندر هندو برادري جي اڪثريت شامل آهي، سنڌ جي راڄڌاني ۾ وري عيسائي توڙي ٻيون اقليتون پڻ اچيو وڃن ٿيون. اقليتون ٻن قسمن جون ٿين ٿيون: ڪمزور اقليتون ۽ طاقتور اقليتون. ڪمزور اقليتن کان ته توهان واقف هوندا، جن ۾ مذهبي اقليتن سان گڏوگڏ جسماني طور تي ڪمزور اقليتون عورتون ۽ ٻار به اچي وڃن ٿا. توڙي جو عورتون اقليت ۾ ناهن پر انهن جو شمار ان طبقي ۾ ڪيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته اهي جسماني توڙي معاشي طور تي ڪمزور آهن. جيستائين اسان جي اخبارن ۾ رپورٽنگ جو تعلق آهي ته اهي اڪثر طور تي طاقتور کي وڌيڪ جاءِ ڏينديون رهيون آهن. توهان ڪنهن به ڏينهن ملڪ جون مک انگريزي، اردو توڙي سنڌي اخبارون پڙهي ڏسو، توهان کي رڳو مخصوص اٽڪل ڏيڍ سئو کن شخصيتن جي ڪوريج نظر ايندي، توهان ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين اخبارون ڏسندا رهو، ساڳيا ئي نالا گردش ۾ نظر ايندا، جن ۾ اڪثريت سياستدانن جي آهي، جيڪي سدائين اخباري صفحن ۾ ڀريل رهن ٿا. جسماني توڙي سماجي طور ڪمزور طبقن جي ماڻهن کي اخبارن توڙي ٽي وي تي تمام گهٽ جاءِ ملي ٿي.

مون کي ويجهڙائپ ۾ مذهبي اقليتن جي حوالي سان مختلف پروگرامن ۾ شامل ٿيڻ توڙي سينئر صحافين کان سکيا وٺڻ جو موقعو مليو. جيئن ته انهن پروگرامن ۾ وسيلن جي اڻاٺ هئڻ سبب تمام ٿورڙن صحافين ۽ مذهبي ڌرين جي شرڪت ممڪن ٿي سگهي هئي، آئون هتي عبرت اخبار جي پڙهندڙن سان انهن پروگرامن ۾ بحث هيٺ ايندڙ معاملن کي پيش ڪريان ٿو. گڏوگڏ طاقتور اقليت جو ذڪر ڪندو هلان، جيڪا ميڊيا تي ڇانيل رهي ٿي. ان طاقتور اقليت جي اسان پڻ سالن کان رپورٽنگ ڪندا رهيا آهيون پر ان طرف ڪجهه وقت پهرين انگريزي ماهوار نيوز رسالي هيرالڊ جي ايڊيٽر ۽ منهنجي دوست بدر عالم عبرت اخبار جي ڪراچي آفيس ۾ ڌيان ڇڪرايو، جتي اسين جرنلسٽس فار ڊيموڪريسي اينڊ هيومن رائيٽس (جي ڊي ايڇ آر) پاران اقليتن جي موضوع تي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان ويچار ونڊي رهيا هئاسين. بدر عالم ان ڳالهه تي اختلاف ڪيو ته ڪو اخبارن ۾ اقليتن کي ڪوريج نٿي ملي. هن چيو ته اخبارن، رسالن توڙي ٽي وي ۾ طاقتور اقليت کي جاءِ ڏني وڃي ٿي. سندس چوڻ هو ته اخباري رپورٽر صنعتڪارن کي ته جاءِ ڏين ٿا پر ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو ذڪر ڪونه ٿو ٿئي، جيڪي اڪثريت ۽ ڪارخاني مالڪ اقليت آهن. زراعت جي شعبي ۾ وري وڏن آبادگارن ۽ زميندارن جي معاملن کي کنيو ٿو وڃي جڏهن ته هارين ۽ زمينن تي ڪم ڪندڙ مزدورن تائين تمام گهٽ رپورٽر پهچن ٿا. سندس ڳالهين ۾ وزن هو. واقعي اخبارن اندر انهن ماڻهن کي اڪثر جاءِ ڏني وڃي ٿي جيڪي بااثر يا اخباري ادارن تائين پهچ رکن ٿا. ضروري ناهي ته ان ۾ صحافين جو ڪو مقصد شامل هجي، اهي اڻڄاڻائي ۽ ڪمزور اڪثريت تائين پهچ نه هئڻ سبب، انهن تائين پهچ رکندڙ ڌرين جي معاملن کي ڪوريج ڏيئي ويهن ٿا.

پاڪستان ۾ مختلف سماجي مسئلن تي صحافين جي تربيت ڪندڙ تنظيم جي ڊي ايڇ آر ڪراچي ۾ ايڊيٽرن سان ٿيل اهڙي گڏجاڻي کانپوءِ طئه ڪيو آهي ته ڪمزور اقليتن خاص طور تي مذهبي اقليتن کي مناسب جاءِ ڏيارڻ لاءِ جتي صحافين جي سکيا ضروري آهي، اتي خود اقليتي نمائندن کي به سکيا ڏني وڃي ته اهي پنهنجي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪن. جي ڊي ايڇ آر شروعاتي طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ صحافين جي سکيا لاءِ پروگرام منعقد ڪري چڪي آهي، جن ۾ خود اقليتي برادرين جا نمائنده صحافي پڻ شامل هئا، جڏهن ته تمام جلد مذهبي اقليتن جي نمائندن سان ويهڪ ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد اهو ئي آهي ته اهي پنهنجي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ صحافين تائين پهچي سگهن، ڇاڪاڻ ته صحافين جي اڪثريت وسيلن جي کوٽ سبب ڪڏهن ڪڏهن خبر جي بنياد تائين نٿي پهچي سگهي. اقليتن جي مسئلن کي جيترو اقليتي رپورٽر سمجهي سگهن ٿا ايترو ٻيا ڪونه ٿا سمجهي سگهن. ان لاءِ ضروري آهي ته نه رڳو مذهبي اقليتن جي مسئلن کي اخبارن ۾ جاءِ ڏني وڃي پر انهن اقليتن جي نمائندن کي صحافتي ادارن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ انهن کان سندن مسئلن جي ڪوريج پڻ ڪرائي وڃي. اڪثر سنڌي اخبارن جي اڳواڻي لکيل پڙهيل طبقي وٽ آهي، جيڪي ڪنهن به متڀيد کانسواءِ اقليتي برادري کي پنهنجي صفن ۾ جاءِ ڏين ٿا، جن ۾ سڀ کان وڏو ڪردار عبرت اخبار ئي نڀايو آهي، جنهن جي مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ تاحيات خدمتون ڏيندڙ سرڳواسي مايا رام راٺي کي ڪير ٿو وساري سگهي، جيڪو پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين تمام معتبر طريقي سان وقت گذاري ويو.

جي ڊي ايڇ آر ان ڳالهه جي پرچار ڪري رهي آهي ته جتي جڏهن طاقتور اڪثريت (خاص طور تي مذهبي اڪثريت) جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اتي ڪمزور اقليت (مذهبي اقليت) کي نه وساريو وڃي ۽ جتي وري طاقتور اقليت (سرمائيدار، ڪارخانيدار، واپاري، زميندار) جي ڳالهه ٿئي ته ڪمزور اڪثريت (مزدور، هاري) کي پڻ مناسب جاءِ ڏني وڃي. ڪوشش ڪئي وڃي ته اسان پنهنجي رپورٽنگ ۾ سمورين ڌرين سان رابطي ۾ رهون. ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته مسئلن کي ٺاهه طرف وٺي وڃجي نه ئي وڌيڪ ڏڦيڙ طرف. ان ڏس ۾ اهو ڪري سگهجي ٿو ته جن معاملن ۾ وڳوڙي ماڻهن جي نشاني تي مخصوص مذهبي ماڻهو نه هجي پر انهن جو نشانو ڪو به مذهب رکندڙ ٿي پئي سگهيو، ان صورتحال ۾ ڪنهن مذهب جو ذڪر ڪرڻ صحيح نه ٿيندو، الٽو ان سان نفرتون وڌنديون. مثال طور؛ جيڪڏهن ڪجهه وڳوڙي هڪ واپاري کي اغوا ڪري ويا ۽ اتفاق سان اهي وڳوڙي مسلمان ۽ اغوا ٿيندڙ هندو مذهب سان تعلق رکندڙ هو، ان معاملي ۾ ڪنهن مذهب کي هيڊلائين ۾ لکڻ سان معاملو بگڙجندو. ڪوبه مذهب ٻي مذهب خلاف ڏوهه ڪرڻ جو سبق ڪونه ٿو ڏئي. ڏوهاري ماڻهو ڏوهاري هوندا آهن، انهن جو ڪنهن مذهب سان تعلق ڪونه هوندو آهي. اهڙي ريت جيڪي ماڻهو زبردستي سان ڪنهن هندو يا ٻئي مذهب جي نياڻين جو مذهب تبديل ڪرائين ٿا، انهن جو مقصد پڻ ڏوهه آهي جيڪو معاملو به مذهبي بنياد تي نه ڏسڻ گهرجي.

اسان جي انهن سکيا وارن پروگرامن ۾ اها ڄاڻ پڻ ملي ته اسين ننڍپڻ کان گهڻيون ڳالهيون پنهنجي ذهنن ۾ ويهاري ويٺا آهيون، جيڪي اصل ۾ درست ناهن. جهڙوڪ: عورتون سٺيون ڊرائيور نٿيون ٿي سگهن، هندو مبنيا مسلمانن جو استحصال ڪن ٿا وغيره. ڏٺو وڃي ته گهڻيون عورتون مردن کان سٺي ڊرائيونگ ڪن ٿيون ۽ ڪو به هندو واپاري هندو هئڻ سبب مسلمانن جو استحصال ڪونه ٿو ڪري، جيڪڏهن ڪا زيادتي ٿئي ٿي ته ان جو هندو مذهب سان تعلق ناهي، اهو ڪو واپاري منافعو ڪمائڻ لاءِ ڪري ٿو. هندو جي جاءِ تي جيڪڏهن مسلمان واپاري هجي ها ته اهو به ايئن ڪري ها. ڏٺو اهو ويو آهي ته مسلمان واپاري وڌيڪ منافع خور هجن ٿا. ان ۾ به مذهب جو ڪو قصور ناهي. اهي واپاري طريقا آهن، ڪنهن کي اچن ٿا ته ڪي وري انهن کان ويڳاڻا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين رڳو مفروضن تي ٻڌل پنهنجي ڄاڻ کان اڻڄاڻ ٿي وڃون ۽ شين جي سائنسي طريقي سان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ئي انهن کي پنهنجي رپورٽنگ جو حصو بڻايون.

جي ڊي ايڇ آر جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان منهنجي ذميواري آهي ته صوبي اندر مذهبي ڀائيچاري کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششون وٺندو رهان. ان ڏس ۾ اوهان جي رهنمائي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اوهان وٽ ڪي تجويزون يا صلاحون هجن ته ضرور شيئر ڪندا.

shahid.jillani@gmail.com

 

 ڇا هي مظلُوم،محڪُوم ۽ مجبُورن جي دنيا آهي.؟: غلام مصطفيٰ جمالي

وقت حالات انساني زندگي سان گڏ بدلبا رهن ٿا دور وقت قومون جي تقدير جا  فيصلا ڪنديون آهن پٿرن جي دور کان ويندي ان وقت تائين جيڪو وقت گذريو ان وقت ۾ ڪيترين ئي قومن جي تقدير جا فيصلا ٿيا ڪيتريون ئي قومون آزاد ٿيون ڪيترن ئي قومون جي ڪندارن پنهنجي قومون جي آزادي تي نعرا هنيا جشن ملهايا ڪيترن ئي سهڻين ست رنگي ڪپڙا پائي انهن ڪندارن کي پنهنجي مقدر جو ساٿي بڻائي ڇڏيو انهن قومون ترقيون ڪيون اڄ هن دور ۾ اهي قومون آزادي سان گڏ ڪنهن جون محتاج ناهي ڪنهن اڳيان انهن جي هٿ ڦهلائڻ جي ضرورت ناهي اڄ اهي قومون خوش آهن پر اسان سنڌي ايترا بي وس ايترا لاواث ڇو…!!!! ڇو اسان جي ننگ تن ڍڪڻ ڪپڙو ناهي ڇو اسانجي بک ستايل کائڻ لاءِ لولو ناهي،ڇو.؟؟اسان جا ڪندار ڪيڏانهن ويا اسان جي مقدرن ۾ رڳو لاشا ڇو،؟ هن دؤر کي نظرياتي عروج جو زمانو چيو وڃي ٿو. شايد ئي اسان گمان ڪو اهڙو ماڻهو هجي ،جيڪو پنهنجي نظرياتي پختگيءَ ۽ بي مثال حيثيت جي دعويٰ نه ڪندو هجي . جيڪو ٿو آني مان ڦٽي نڪري سو قوم جي حال ۽ مستقبل کي سنوارڻ جا سبق ڏئي ٿو. سماجي ڪارڪن هجن يا سياستدان، شاگرد هجن يا استاد ، واپاري هجن يا سرڪاري ملازم ، صحافي هجن يا اديب اسان جا اهي سمورا طبقا قوم جي ڀلائي ۽ فرد جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا .پر جيتريون ڳالهيون ٿين ٿيون ، جيتريون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون ۽ جيتريون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون، صورتِ حال اوتري ابتڙ ۽ خراب ٿيندي وڃي ٿي . نالي ماتر به ترقي ڪانه ٿي ٿئي. انسان جو روز به روز حال حشر ايئن ٿيندو وڃي ٿو ،جهڙوڪ هن جي مٿي تي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ڳنڍ هجي، هن جا هٿ حالتن جي ٽوڙهن سان ٻڌا ويا هجن ۽ هو ڪنڊن واري پيچرن تان گذري رهيو هجي ۽ مسئلن جي ڇتن ڪتن جي لوڌ هن پٺيان هجي. اڄوڪي عوام جو روح زخمي آهي ۽ وجود رتوڇاڻ آهي. ڄ جو سنڌي داخلي غلاميءَ جي اهڙي ڀيانڪ دور مان گذري رهيو آهي، جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملي نه ٿو سگهي، هن تي اها غلامي اسرائيل يا آمريڪا مسلط ڪانه ڪئي آهي. يا وري ڌرتي ۽ آسمان مظلومن سنڌين تي ڏمريا آهن.

اهو قرب هڪ سنڌيءَ ٻئي سنڌيءَ تي ڪيو آهي . اڄ جو سنڌي ٻئي سنڌيءَ جي ظلم جو نشانو بڻيل آهي.اسان جا آدرش، اسان جا نظريا اسان جا اصول، اسان جا قدر ۽ اسان جا ادارا اسان جي سنڌين هٿان نشانو ٿيا آهن. اسان پنهنجي آدرشن کي ”قيدي آدرش“ بڻائي ڇڏيو آهي.اسان پنهنجي ڪنهن به آدرش جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون بلڪه آدرش کي پنهنجي ذاتي خواهه گروهي مفادن جي ڍال بڻايون ٿا. اهڙيءَ ريت اسان نظرين ،قدرن ۽ اصولن جي ڳالهه ٻئي کي بيوقوف بنائڻ  ۽ پنهنجي اندر واري مڪروهه انسان کي لڪائڻ لاءِ ڪندا آهيون. اسان پنهنجي گناهن کي لڪائن ۽ ڏوهن کي پالڻ لاءِ تنظيمن ۽ جماعتن ۾ پناهه وٺون ٿا. اسان جي چڱ مڙسي ٻئي جي پٽڪي لاهڻ لاءِ مخصوص ٿي چڪي آهي. هن وقت اسان جو معاشرو ظالم ۽ مظلوم طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هڪڙا ماڻهو ڏنڊي ۽ ڏاڍ جي زور تي ڪنهن تنظيمن يا جماعت جي آسري تي چڱ مڙسي يا عهدي رتبي جي آڌار تي ،ذات پات يا هلنديءَ پڄنديءَ جي زور تي شريف ، بيوس، لاچار ۽ مجبور انسان جو استحصال ڪري ٿو ۽ ظلم جون انيڪ روايتون قائم ڪن ٿا. اهڙي صورتِ حال سچي، سڌي ۽ سادي انسان کي پاڻ جهڙي انسان جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ جو انسان اهڙي عذاب جي زندگي گذاري رهيو آهي . هو مظلوم آهي، محڪوم آهي ۽ مجبور آهي.اهڙن مجبورن ۽ مظلوم غلامن جو تعداد ظالمن ۽ استحصال ڪندڙن جي تعداد کان گهڻو وڏو آهي.

بلڪه ائين چئجي ته اسان جي اڪثريت داخلي غلاميءَ جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي ۽ اسان جي ٿورائي پنهنجي ئي ڌرتي وارن جي رت چوسڻ ۾ مصروف آهي. هنن قهري ڪارواين اڪثريت کان ڌرتيءَ جي بک کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عوام پنهنجي ذاتي سورن ۽ عذابن ۾ ايترو ته مصروف ۽ منجهيل رکيو ويو آهي جو هن کان جهڙوڪ ڌرتي جا ڏک ساريا ئي نٿا ٿين.بهاري مسئلو حل ٿيو يا نه ؟ ڪالا باغ ڊيم اسان جي ترقي جو ڪارڻ آهي يا تباهيءَ جو سبب آهي؟ ڪراچي سنڌ کان الڳ ٿئي يا نه ؟ سنڌ جو وڏو وزير يا گورنر سنڌي ٿئي يا غير سنڌي؟ عوام اهڙن دکن دردن، سورن ۽ مسئلن کي ان ڪري ئي محسوس ڪري نٿو سگهي جو هن جي پنهنجي زندگي ئي عذاب بڻائي وئي آهي.اسان ٺلها بحثن جا باجا وڄائڻ ۾ پورا آهيون سموري گهر الٽي ويون اسان جي اگهور ننڊ اڃان پوري ناهي ٿي.اسان جي ڌرتي جي رت جي هولي لاشن جي مينار کڙا ٿي چڪا آهن اسان جي ڏاهن پنهنجن قومن کي تباهه ٿيندي ڏسي پنهنجون اکيون بند ڪري لوڪ کان لڪي روئڻ ۾ پورا آهن انهن کي خبر آهي ته هاڻ صرف ڳجهون آهن جيڪي ماس کائڻ ٿيون چاهين انهن جي دلين ۾ لالچ حوس ڀريل آهن انهن وٺ احساس ناهي انهن جا احساس مري چڪا آهن انهن جون جون دلين ٿي پٿرن جو قبضو ٿي چڪو آهي انهن وٽ اکيون ناهن انهن جا روح مري چڪا آهن اڄ اسان جي ڏاهن وٽ جيڪي دکي ڌرتي جي ڏک ڏسڻ جو حوصلو ناهي رهيو.!!

عوام اڄ جي حالتن ۾ صبح شام انهيءَ اڻ تڻ ۾ آهي ته هن جي عزت سان رهجي اچي. هن جي جان ۽ مال کي ڪو ڇهيو نه رسي، پر جيئن ته هن کي داخلي غلامي جي ڳٽ سان ڪنڌ جهڪائي هلڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ان ڪري هو پنهنجي پيرن کان پرتي ڏسي نٿو سگهي. هن تي ظلم اهي ڪن ٿا،جيڪي سندس آسرو ٿيڻ گهرجن، هن تي قهر اهي ڪن ٿا جيڪي رحم ۽ ڪرم لاءِ آهون ۽ دانهون ڪن ٿا. هن جي زندگي انهن عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جيڪي اجتماعي خوشحالي جي ڊاڙ هڻن ٿا.هن کي ڌرتي کان اهي ڌار ڪن ٿا، جيڪي قوم کي متحد رکڻ لاءِ تنظيمون ،پارٽيون ۽ جماعتون جوڙين ٿا. هن تي ڏاڍ ۽ ڏمر اهي ڪن ٿا، جيڪي ڏاڍن کي ڏارڻ جا نعرا هڻن ٿا . هن کي سڃو ۽ سکڻو اهي ڪن ٿا ، جيڪي قوم جي خوشحاليءَ جي دعويٰ ڪن ٿا . ان ڪري ڪنهن به قومي ۽ سياسي فيصلي خواهه مسئلي ۾ عوام اهڙن ڌاڙيلن جو ساٿ نٿو ڏئي نتيجي ۾ سنڌ جا سنگين مسئلا روز به روز سنگين ۽  ڳنڀيرٿيندا وڃن ٿا ۽ عوام انهن ۾ ڪا به دلچسپي نٿو وٺي. اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته سنڌ جي ”حال“ خواهه ”مستقبل“ سان لاڳاپيل مسئلن ،خواهشن ۽ منصوبن ۾ عوام وڏي اڪثريت سان شرڪت ڪري ته پوءِ پهريون اسان کي عوام جي آزارن ۽ عذابن مان جان آجي ڪرڻي پوندي. عوام جي عزت، جان ۽ مال کي نشانو نه بنائڻو پوندو. جيستائين عوام داخلي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، جيستائين عوام جي زندگي اسان جي هٿن سان عذاب بڻبي رهندي ۽ جيستائين اسان جي هٿ ۽ زبان، قول ۽ فعل کان عوام لاءِ آزار پيدا ٿيندا رهندا، ان وقت تائين تِرَ جيتري تبديلي به ڪا نه ايندي، بلڪه جڏهن ڪنهن تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام طرفان مدد بدران ان جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مزاحمت ٿيندي رهندي. ڇو ته عوام  اهڙن ظالمن ،ڦورن،ٺڳن ۽ رهزنن کي ڪنهن به قسم جي واڳ ڏيڻ نه چاهيندو . ان ڪري جيڪڏهن اسان ڪجهه ڪرڻ گهرون ٿا ته ان لاءِ پهريون عوام کي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻو پوندو.

هن کي نام نهاد دانشورن جي علمي استحصال ،وڏيري جي سماجي ظلم ، ڪاموري جي اختياري ڏاڍ ۽ نقلي سياسي ڪارڪنن جي نظرياتي پرماريت کان بچائڻو پوندو.  عوام کي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته اسان ٻين کي سڌارڻ بدران پاڻ کي سڌارڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان پاڻ سان ، پنهنجي نظريئي سان، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان سچا ٿيون. اسان پنهنجي تنظيمن ۾ داخلي احتساب جي عمل کي اوليت ڏيون. جيڪڏهن اسان جي تنظيم ،ذات ۽ پيشي سان لاڳاپيل ڪو فرد ،ڪارڪن يا عهديدار ڪا اهڙي ڳالهه ڪري يا ڪو اهڙو عمل ڪري جنهن سان عوام جي دل آزاري ٿئي يا عوام جي عزت جان ۽ مال کي ڇيهو رسي ته پوءِ ان جو جوڳو تدارڪ ڪيون. مظلوم جي ڌر وٺون ۽ ظالم توڙي ظلم جي پاڙ پٽڻ جو پڪو پهه ڪيون.

 

ڪمند معاملو، سنڌ سرڪار ۽ آبادگارن ۾ ڊيڊ لاڪ ….!

سنڌ ۾ ڪمند جي اگهه وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي حيدرآباد ۾ زراعت واري وزير سهيل انور سيال ۽ آبادگارن وچ ۾ گڏجاڻي ٻيهر بنا نتيجي ختم ٿي وئي جنهن بعد  آبادگارن 8 جنوري تي هٽڙي باءِ پاس تي ٻيهر ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير سهيل انور سيال ۽ سنڌ جي آبادگار تنظيمن جي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن وچ ۾ ڪمند جي اگهه واري معاملي تي اڄ جيمخانا حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي، سيد محمود نواز شاهه، ايوان زراعت سنڌ جي صدر قبول محمد کٽياڻ، زاهد ڀرڳڙي ۽ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبادگارن صوبائي وزير سهيل انور سيال آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائيندي چيو ته سنڌ سرڪار ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ۽ ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو پر ان تي اڄ ڏينهن تائين عملدرآمد نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن تي صوبائي وزير سهيل انور سيال آبادگارن چيو ته آبادگارن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. جيڪي شگرملون بند ٿيون آهن، انهن کي ٻن ڏينهن اندر چالو ڪرايو ويندو، جيڪا شگرمل چالو نه ٿي ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جڏهن ته آبادگارن ۽ صوبائي وزير جي وچ ۾ ڪمند جي اگهه واري معاملي تي ٿيل گڏجاڻي ٻيهر بنا نتيجي جي ختم ٿي وئي، اجلاس بعد آبادگار اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شگرمل مالڪ من ماني ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ حڪومت ۽ عدالتي فيصلي کي به مڃڻ لاءِ تيار ناهن. شگرمل مالڪن ڪمند وٺڻ بدران ملون ئي بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب آبادگارن کي نقصان پهچي رهيو آهي. هنن اعلان ڪيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ 8 جنوري تي هٽڙي باءِ پاس تي پرامن ڌرڻو هنيو ويندو.