تازيون خبرون

Daily Archives: December 21, 2017

معياري ڪردارن جي آڇ ٿي ته ننڍي اسڪرين تي ضرور ڪم ڪنديس: ايليانا ڊي ڪروز

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايليانا ڊي ڪروز چيو آهي ته معياري ۽ چئلينجنگ ڪردار جي آڇ ٿي ته ننڍي اسڪرين تي ضرور ڪم ڪندس.ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪارا ايليانا ڊي ڪروز چيو آهي ته هن هميشه سٺي مواد تي مشتمل فلمون ڪيون آهن. مون کي سٺي ۽ معياري مواد تي مشتمل اسڪرپٽ تي ڪم ڪرڻ پسند آهي.هن چيو ته سندس فلم ”مبارڪان“ جو پريميئر سوني ٽي وي ميڪس تي ڇنڇر تي ڏيکاريو ويندو، جنهن هن وقت تائين فلم نه ڏٺي آهي ضرور ڏسن

 

مرڻ گهڙي تائين ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ چاهيان ٿو: شاهرخ خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهرخ خان مرندڙ گهڙي تائين ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو.شاهرخ خان ڀارتي فلم نگري جو وڏو نالو آهي جنهن جا مداح ڀارت ئي نه پوري دنيا ۾ موجود آهن. شاهرخ خان فلمي ڪيريئر جي شروعات 1992ع ۾ ڪئي ۽ هينئر تائين ان جي ڪيريئر کي 25 سال مڪمل ٿي چڪا آهن.ڪنگ خان 25 سالن ۾ ڪيتريون ئي بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون آهن ۽ پاڻ کي اداڪاري سان گڏوگڏ باڪس آفيس جو به بادشاهه سڏرايو آهي.گذريل ڏينهن ڀارتي فلمي ايوارڊ زي سيني ايوارڊ ۾ شاهرخ کي فلمي دنيا ۾ 25 سال مڪمل ٿيڻ تي ان کي خاص ايوارڊ ڏنو ويو.ان موقعي تي ڪنگ خان جو چوڻ هو ته مان جڏهن ممبئي آيس ته 2 سال ڪم ڪرڻ کانپوءِ واپس دلي هليو ويس پر منهنجون فلمون هلڻ شروع ٿيون ته 25 سال اهڙي طرح گذري ويا جو خبر ئي نه پئي.ڪنگ خان چيو ته اڄ منهنجي عرم 50 سال آهي پر گذريل 25 سالن ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي جڏهن ته منهنجي مداحن جو پيار ۽ فلمون ڏسڻ جو شوق به ناهي بدليو

 

جيمز اينڊرسن کي ڪورٽني واش کان وڌيڪ وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ ٻه وڪيٽون گهربل

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) انگلش فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن کي ٽيسٽ ۾ اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان ڪورٽني واش کان وڌيڪ وڪيٽن جو رڪارڊ توڙڻ لاءِ 2 وڪيٽون گهربل آهن. اهڙي طرح هو ٽيسٽ م وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ دنيا جو پنجون بالر بڻجي ويندو.جيمز اينڊرسن هن وقت تائين 132 ميچن ۾ 518 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي فاسٽ بالر ڪورٽني واش جي وڪيٽن جو تعداد 519 آهي. اميد آهي ته جيمز اينڊرسن ايشز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪورٽني واش کي پويان ڇڏيندو ۽ وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙن جي لسٽ ۾ پنجين نمبر تي اچي ويندو.واضح رهي ته ٽيسٽ ۾ سريلنڪا جو اڳوڻو اسپنر متايا مرلي ڌرن 800 وڪيٽن سان پهرين نمبر تي آهي

 

ڊيوڊ وارنر ٽيسٽ ۾ ڇهه هزار رنسن جي ويجهو

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر ڊيوڊ وارنر کي ٽيسٽ ۾ 6 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ باقي 99 رنسون گهربل آهن. اميد آهي ته هو انگلينڊ خلاف جاري ايشز سيريز ۾ اهو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.ڊيوڊ وارنر هن وقت تائين 69 ميچن ۾ 5 هزار 901 رنسون ٺاهي چڪو آهي جنهن ۾ 20 سينچريون شامل آهن

 

مذهبي رنگ ۾ رنڱيل سياست: ماهم سنڌي/ميرپورخاص

پاڪستان اندر سياست هميشه مذهب جي ڪنڊ ۾  پناھ وٺي ڪئي وئي آهي  ، تنهنڪري اسان لاء مذهب ۽ سياست ٻه الڳ مضمون هجڻ بدران هڪٻئي جا اهڙا سڳا ڀائر آهن ، جن جي هر ميراث ۾ اڌواڌ ڀاڱيواري آهي . مذهب ۽  سياست جو گڏيل تعلق هر محاذ تي قوم مٿان ڳرو ثابت ٿئي ٿو . سياست عوامي خدمت جو ، ملڪ ۾ مثبت تبديليون پنهنجي ٺاهيل منشور تحت آڻڻ جو نالو آهي . معاشري جي جوڙجڪ ۽ انتظام سان واسطو رکندڙ معاملن جي علم کي سياست سڏبو آهي .  ٻي پاسي مذهب جو واسطو ۽ رابطو ڏسجي ته هر انسان جو پنهنجي عقيدن جي بنياد سان سلهاڙيل انفرادي ۽ ذاتي معامرو آهي .  عام طور تي هر انسان پنهنجي عقيدن ۽ يقين جي بنياد تي ڪنهن نا ڪنهن مذهب جو پوئلڳ هجي ٿو . پر انهي مذهب جو ڪنهن به طرح سان واسطو سياست سان ڪونه ٿو ڳنڍي  سگهجي .  جُملي مسلمانن جي ڪڏهن ڪا قوم ناهي جڙي سگهي . قوميت جو اصل بنياد اتان جي ٻولي ،  ثقافت ،  سماجي ،  اقتصادي ،  معاشي حالتن ۾ هڪجهڙائي توڙي جنم ڀومي سان هوندو آهي . سڄي دنيا ۾ موجود هڙئي مسلمانن کي ميڙي هڪ قوم نٿو ڪوٺي سگهجي . پر هڪ اهڙو هنڌ يا علائقو جتي مسلمان هندو ،  يا ان سان گڏ ٻي مذهب جا ماڻهو گڏ رهن ٿا ، هڪ ئي قسم جي ٻولي جا ٻول ٻولين ٿا ، هڪ ئي ڪلچر ۽ تهذيب جا وارث آهن ته اها هڪ قوم ڪوٺي سگهجي ٿي.

اسانجو اهو وڏو اجتماعي نقصان هيو ته ٻه قومي نظريو ،  ٻه قومن جي پيڙھ جي پٿر تي رکڻ بدران  ٻن مذهبن جي سرن جي آڌار تي رکيو ويو  . هندو مسلم فساد برپا ڪري انهن اندر مذهب جي آڌار تي نفعرتون پيدا  ڪري ،  الڳ رياست کي جوڙڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو . پاڪ هند ورهاڱو حقيقتن کي سامهون رکڻ بدران مذهبي جذباتن کي اڀاري ان جي زور تي حاصل ڪيو ويو . الڳ وطن جي گُهر واري سياست کي چمڪائڻ لاء مسجد هجن يا مندر سڀ هٿيار طور استمعال ٿيندا رهيا . مُلن جو فتوائون ۽ پنڊتن جون ڌرمي پوڄائون پڻ سياست ۾ سڌي طرح داخل رهيون . ورهاڱي جي سال 1947ع کان وٺي اڄ تائين هٺ ٺوڪيو رواج وڌو ويو آهي ته ڪنهن سان سياسي مخالفت  توڙي حمايت ،  دوستي يا دشمني  ڪرڻ وقت مذهب کي ڍال طور اڳيان اڳيان رکيو ويندو ، جيڪو پنهنجي جڳھ تي قومن جي تنزلي جو مکيه سبب آهي . ڪيترن ئي وڏن فلاسفرن ، ليکڪن ،  انقلابي ليڊرن ۽ ڏاهن شخصيتن بار بار تنبيهه ڪئي آهي ته جيڪر مذهب سياست سان لهه وچڙ ۾ آيو ته قومن کي صدين تائين وڏا ڪنڊا ڪڍڻا پوندا .  اسان ان جو زنده ثبوت پاڪستان ۾  ڏسون پيا . مذهب جو ئي سهارو وٺي لکن ڌرتي ڌڻين کي ان ڪري ڌڪي ڪڍيو ويو جو اهي ڪنهن ٻي عقيدي جا پوئلڳ هيا . رحيم بدران رام لکڻ ۽ پوڄڻ تي هو ايڏا ڌاريا ٿي ويا جو اباڻن ڪکن تان انهن کي تڙي ڪڍيو ويو .  اهو نه ڏٺو ويو ته اهي هتان جا  اصلي وارث هيا . لکين ڌارين کي پاڪستان آڻي ڌرتي جي اصل رهاڪن جون ملڪيتون ورهائي ڏنيون ويون ، ڇو جو اهي نالي جا مسلمان ۽ ڪلمو پڙهندڙ هيا . انهن کي انهن جا اصلوڪا گهر ، دوست يار ، گهر گهاٽ مذهب جي نالي تي ڦٽا ڪرڻ پيا . تواريخ اڄ به گواھي ڏئي ماتم ڪري ٿي ته پاڪ هند ورهاڱي ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ ۾ لڏي ويندڙ ۽ ايندڙن جي هر اک ۾ سوڳ جا ڳوڙها هيا ، جيڪي ڌرتي ماءُ جذب ته ڪري وئي آهي پر تنهن هوندي به آلاڻ اڃا تائين باقي آهي .  لڏپلاڻ ڪندڙن  کي اها خوشي ڪٿي به نه هئي ته ڪو هو مسلمانن جي ملڪ يا هندن جي ملڪ ۾ رهڻ ٿا وڃن ،  انهن کي اهو ڏک ئي زهر جيان ولوڙڻ لاء ڪافي هو ته جنهن سياست ۽ ليڊرشپ مٿان انهن انڌو اعتماد ڪري جانيون ڏنيون ، انهن سياست ۽ آزادي جي نالي  انهن کان جنم ڀومي تي رهڻ جو حق به کسي ڇڏيو.

پاڪستان اندر روز  سياست کي مذهب ۾ رنگڻ جا مثال اسانجي اکين آڏو  هڪ دفعي نه پر بار بار اچن ٿا . هر ذاتي توڙي اجتماعي مفاد جي حاصلات لاء مذهب جو ٽيڪو لازمي سمجهيو وڃي ٿو. جئين تازو ئي ٻن جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي وچ واري علائقي فيض آباد ۾ 8 نومبر کان تحريڪ لبيڪ يا رسول الله طرفان ، سندن اڳواڻ خادم حسين رضوي جي حڪم نامي تي ٻه کان ٽي هفتن تائين ڌرڻو ڏئي احتجاج ڪيو ويو . جنهن ۾ تحريڪ ختم نبوت ، پاڪستان سُني تحريڪ جا ڪارڪن به ٽوڙ ڦوڙ ۾ گڏ گڏ هيا . ڌرڻي  ۾ ظاهر ڪيو ويو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 جي آيل ترميمي بل ختم نبوت صه جي قانون ،  جي حلف نامي ۾ آيل غلطي جي ذميوار موجوده ن ليگ جي حڪومت  آهي . تنهنڪري ان معامري کي توهين رسالت جي زمري ۾ آڻي قانون واري زاهد حامد وفاقي وزير کان استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو . انهي طرح سان حل طلب موضوع کي غير حل شده ڄاڻائي  ٻه کان ٽن هفتن تائين مذهبي جماعتن  طرفان رياست جي رٽ کي چئيلنج  ان جي مرڪز ۾ ئي ڪيو پئي ويو . هٿ وٺي اهڙا موقعا پئي پيدا ڪيا ويا جئين ملڪ ۾  چونڊيل جهموري حڪومت جو خاتمو اچي ۽ واڳ ڪنهن اهڙي جي هٿ ۾ وڃي ، جيڪو فيض آباد لڳ ڌرڻي تي ويٺلن سان مڪمل سهڪار ڪري . ان ڌرڻي پويان اصل سياست ن ليگ حڪومت کي هٽائڻ انهن لاء مشڪلات پيدا ڪرڻ جي هئي ، پر ان کي جنهن مذهبي رنگ ۾ رنڱيو ويو تنهن پاڪستان جي  اڳ ئي بگڙيل سياسي روپ  کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ملڪي اميج تي ناڪاري اثر وڌو آهي . ڌرڻي لاء پهتل مذهبي جماعتن جا ڪارڪن پورو  کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست ڪري سامان ٻڌي پوء اچي روڊ بند ڪري ويٺا هئا ۽ پاڻ سان پٿر ۽ ٻيو ويڙھ جو سامان کڻي  آيا هئا .  هو اهو پهه ڪري آيا هيا ته ڀلي به مذاڪراتي عمل لاء حڪومتي وفد اچي ، پر ننڍڙي ۽ نادان ٻار واري ضد قائم رکبي ۽ وفاقي وزير جي استعيفا تائين  روڊ تي گهر ڪري ويهبو ، جئين حڪومت کي ڪمزور ڪري سگهجي . اتان آمدروفت روڪي روزمره جو معاشي نقصان ڪيو ويندو . ان سان اهو ظاهر ڪيو ويو ته مذهب جي نالي تي جائز يا ناجائز گُهر تسليم ڪرڻ حڪومت تي ائين فرض آهي ، جيئن ڪو اسلام جو بنيادي احڪام هجي يا جئين اسلام ۾ داخلا لاء ڪلمو  ضروري ڄاڻايو ويو آهي . انهن جي ڌرڻي کانپوء تحريڪ لبيڪ یا رسول الله جي سڏ تي ڪراچي ۽ لاهور سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ماڻهو مدرسا ڇڏي روڊن تي ويهي رهيا . ان ۾  ايڏي شدت آئي جو  پنجاب ۾ تدريسي عمل ٺپ رهيو ۽ سنڌ ۾ پڻ هڪ ڏينهن جي موڪل ڪئي وئي هئي . ان سان گڏ سماجي رابطن واريون ويب سائيٽس به بند رهيون . فيس بُڪ ،  ٽوئيٽر ، انسٽاگرام ، يوٽيوب مڪمل بلاڪ رهيون ،  گڏوگڏ شهرن ۾ حڪومت طرفان ڪيبل نيٽ ورڪ ۾ نيوز چئينل به بند ڪرايا ويا . حيرت آ ته ان معامري ۾ جڏهن فوج سان رابطو ڪيو ويو تہ  ان به ڪا دلچسپي نه ڏيکاري پنهنجو دامن پاسيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري  بيان جاري ڪيو ويو ته  انهن ماڻهن کي اٿارڻ لاء ڪا زور زبردستي ، طاقت جو استمعال  نه ڪيو وڃي ۽ نرم رويو رکيو وڃي .  سوشل ميڊيا تي اهي تصويرون به آيون ته مظاهرين کي  اتي ڌرڻي دوران پئسا پڻ لفافن ۾ وجهي ڏنا پئي ويا  . ن ليگ لاء مشڪلاتون پيدا ڪندڙ عمران خان به ان ڌرڻي جو قدم به قدم ساٿاري رهيو ۽ آف ڪيمره پوري مدد ڪندو رهيو  ، بلڪه آف ڪيمره ڇا هو  پنهنجي ڪارڪنن کي به ان ۾ شريڪ ٿيڻ جا سڏ ڏيندو رهيو جئين ان ڌرڻي جي سبب ڪري متان وقت کان اڳ حڪومت ختم ٿي وڃي . ختم نبوت صه جي جنهن قانون تي سڀئي ڌريون متفق آهن ۽ جيڪو آئين جو به حصو آهي،  ان تي وفاقي وزير قانون زاهد حامد سئو ڀيرا وضاحتي بيان ڏنا ته ، “مان ۽ منهنجو خاندان الله ۽ ان جي نبي محمد صه تي ايمان آڻيندڙ آهيون ۽ نبي محمد صه کي آخري پيغمبر تسليم ڪريون ٿا “ . ان هٿ ٺوڪي باھ کي ٺارڻ لاء ان وڊيو پيغام پڻ پريس کي ڏنو ۽ ڳالهين ذريعي معامرو نبيرڻ لاء حڪومت طرفان مختلف ٽيمون موڪليون ويون ، پر مذهبي پارٽين  پاران هڪ ئي هٺي قائم ته استعيفا کان اڳ هتان نه چربو . ڪيترن ئي ڏينهن جي خاموشي بعد اسلام آباد هاء ڪورٽ پڻ ازخود نوٽس ورتو پر اهو نوٽس ائين پئي لڳو جئين ڌرڻو لڳائيندڙن جو ڏهڪاءُ عدالت تائين چڪو آهي .  ججن جي ن ليگ سان هلندڙ مخالفت سبب انهن به انصاف جي تقاضائن کي مڪمل پورو ڪرڻ بدران پاڻ کي هڪ طرفو ظاهر ڪيو . مذهبي جماعتن سان گڏ عمران خان پڻ پنهنجي سياست کي چمڪائڻ لاء مذهب جي استمعال جو طريقو اپنايو . ڇوته مذهب جي نالي ته ماڻهن جي جذبن کي آساني سان ڀڙڪائي سگهجي ٿو . قانون واري وزير نيٺ مذهبي جماعت جي ان ڪيل سازش واري سياست آڏو گوڏا کوڙي استعيفا ڏني . پر پوء به معامري جي پڄاڻي نٿي ۽  لاهور ۾ مُلن جو ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو . لاهور ۾ ڌرڻو هڻندڙن سوچيو ته جيڪر فيض آباد وارا پنهنجو ڌرڻو ڪامياب ڪري ڪامياب سياست ڪري  پيا وڃن ته اسان ڇو  خالي هٿين گهر وڃون؟ ڇونه اسين به ساڳيو ئي حربو اپنايون جئين ڪو نالو نڪري پئي ۽ مطالبي جي مڃتا ملي پئي . انهن وري قانون واري صوبائي وزير راڻا ثنا الله کي وزارت تان هٽائڻ جو مطالبو رکيو ۽ هڪ رٽ ٻڌي بيهي رهيا . انهن ڌرڻن جي موضوع تي  ۽ مذهب انتهاپسندي تي آزادانه طريقي سان ڳالهائيندڙ سماجي اڳواڻ رضا خان کي پڻ تازو ئي کنڀيو ويو آهي جيڪو اڃا سوڌي لاپتا آهي .  هڪ ته اڳ ۾ ئي توهين رسالت جي قانون کي ايڏو حساس بڻايو ويو آهي ،  جو ان جي نالي تي مشال خان ،  سلمان تاثير ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا ئي انسان پنهنجيون جانيون قربان ڪري چڪا آهن . پر پوء به ڄاڻي واڻي مذهبي چڻنگ کي سياسي ڦوڪا ڏئي باھ ٻاري پئي وڃي ته جئين ملڪي حالات وڌيڪ سنگين ٿي وڃن.

مولانا ابوالڪلام آزاد چيو هيو ته : “ايشيا ۾ سياست هميشه مذهب جي پاڇي هيٺ رهي آهي . ڪيترن ئي حق پرستن جا خون آهن ، جيڪي سياست جي ڪري انهن تي مذهب جي مقدس چادر وڌي وئي . هتي مفتيءَ جو قلم ، جلاد جي تلوار جي تابع رهيو آهي ۽ جيڪي به حق پرست صداقت جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيا ويا  آهن ، تن جي خون ۾ حڪمرانن جي تلوار سان گڏ مفتيءَ جو قلم پڻ ٻڌل رهيو آهي .“  ان جي ڳالھ وانگر هتي سياست ۾ قسمت آزمائڻ لاء به مذهب جي خاص ضرورت پوي ٿي . يا ائين چئجي جنهن مذهب سياست کي الڳ الڳ ڇيڙي تي هڪ ٻي کان بي دخل هئڻ گهرجي ، سي ٻئي هڪ ٻئي لاء لازم ملزوم بڻيون پيون آهن . نواز شريف پڻ 2013ع ۾ حڪومت ملندي ئي مذهبي جماعتن جي حمايت حاصل ڪندي انهن کي اتحادي بڻايو . عمران خان ته هونئن ئي مذهبي جماعتن جو وڏو ساٿاري آهي . عمران خان فيض آباد ڌرڻي جو پردي پويان هدايتڪار هيو ۽ هر طرح سان سهڪار ۾ شامل هيو جئين هن سان مذهبي جماعتن وارا ٺهيل رهن . ان جي ريس ۾ ئي هاڻي ته آصف زرداري به پي پي مٿان آشيرواد طور مذهبي جماعتن جو سايو رکڻ چاهي پيو ، تنهن ڪري مذهبي رنگ هڻڻ لاء علامه طاهر القادري وٽ وڃي رسيو آهي . جئين ان وٽ سياست چمڪائڻ جو مذهبي جواز هجي ۽ مذهبي جماعت طرفان ان جي حق ۾ فتوائون جاري ٿينديون رهن . گڏوگڏ پاڪستان سرزمين پارٽي جي سربراھ مصطفي ڪمال به مُڙڻ مهڻو سمجهي اڳيان وڌي علام طاهر القادري وٽ پيش پيو آهي .  هر سياسي فرد ڏسجي ته سياسي طور هو مذهب جي رنگ ۾ رنگجڻ کي پاڻ مٿان فرض ٿو سمجهي ،  پر اها ڳالهه بنهه نقصانڪار آهي . ڪنهن به ملڪ جي قوم ان جي مذهب جي آڌار تي ناهي ٺهندي ، پر پاڪستان جو جهڙي طرح وجود ئي  الڳ مذهب جي نالي سان ٿيو  تنهن ڪري هتي سياست مذهب جي تابع رهي آهي .  ورهاڱي وقت به ڌرتي ڌڻين جي صرف ۽ صرف  مذهب جي نالي تي  لاڏپلاڻ ٿي . هي اهو وقت هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ مذهبي انتهاپسندي جو ٻج ڇٽجي رهيو هيو . اهو ڇٽيل ٻج اڄ وڌي مظبوط وڻ ٿي چڪو آهي . اڄ انهي جون پاڙون ملڪي زمين جي پستين تائين پکڙيل  ۽ ٽاريون سڄي ملڪ ۾ ڦهليل آهن .  هاڻي نه صرف ملڪي پر غيرملڪي سياست ۾ به پنھنجا   مفاد پاسيرا رکي مذهبي نقطه نظر کي اهميت ڏني وڃي ٿي . اهو نٿو ويچاريو وڃي ته انهي ڪري ملڪي عوام ڪيترو ڀوڳي سگهي ٿو .  ڊڪٽيٽر ضياءالحق جي ڪاري دور ۾ به ڪيترن ئي افغانين کي صرف مسلمان سمجهي جيءُ ۾ جايون ڏنيون ويون ،  جيڪي اڄ جگر جي ڪئنسر جو روپ وٺي چڪا آهن . سعودي عرب ۽ يمن جي ويڙھ ۾ به پاڪستان اڳڀرو ٿي يمن خلاف فوج موڪلڻ لاء تيار ٿي بيٺو .  برما ۾ روهنگيا مسلمانن جي قتل عام تي به پاڪستان انهن کي پناھ ڏيڻ لاء اڳيان اڳيان آهي . پاڪستان جون طاقت ور ڌريون نفعي نقصان کي پاسيرو رکندي مذهب جي آڌار تي سياسي فيصلا ڪرڻ کي ئي ترجيح ڏين ٿيون ، جنهن سان سياست ۽ مذهب ٻنهي جي  اصل صورتن ۾ ايڏو بگاڙ اچي چڪو آهي جنهن کي سنواريندي ورهيه لڳي ويندا.

يورپ کنڊ ۽  مغرب جا ملڪ پڻ سياست ۾ مذهب جي داخلا جا نقصان ڏسي انکان پاسو ڪري ويا آهن . پر ايشيا اندر خاص ڪري پاڪستان هندوستان ۾ اها ڪرت چوٽ تي چڙهيل آهي .  جنهنڪري سياست ۾ جٿي مذهب جو نالو به اچڻ نه گهرجي اتي مذهب جو ڪردار انتهائي اهم بڻيو پيو آهي . ان جي نتيجي ۾  منفي اثرات سياست تائين محدود ناهن  ،  بلڪه ملڪي سلامتي لاء خطرو بڻجي پيا آهن  ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ پڻ وڏو منفي ڦيرو اچي ويو آهي . ايڏي نقصانن ڀوڳڻ بعد هاڻي ته اسانکي سمجهڻ گهرجي ته مذهب ۽ سياست ٻه اهڙيون تلوارون آهن  ،  جيڪي هڪ مياڻ ۾ ڪڏهن ماپي ئي نٿيون سگهجن .  ٻنهي جي الڳ جڳھ آهي جتي انهن کي رکيو وڃي . ان بابت هيٺين سائين جي ايم سيد جي چوڻي حقيقتن سان مڪمل مشابهت رکي ٿي . جنهن مان اڄڪلھ جي سياستدانن کي گهڻو ڪجھ سکڻ جي ضرورت آهي . سائين جي ايم سيد مغرب سميت ٻين ملڪن جي پرک ڪري ، تاريخن جو مطالعو ڪرڻ بعد اهو نتيجو اخذ ڪيو هيو ته “ مذهب کي قومي ۽ سياسي معاملن کان عليحده ڪري ،  آئينده قوم جو وجود وطن ، زبان ،  ڪلچر ، تواريخي روايات ،  سياسي ۽ اقتصادي مفاد تي رکڻ گهرجي نه ڪي مذهب جي بنياد تي . جيڪڏهن مذهب کي سياست سان ڳنڍي هلائڻ جي وڌيڪ ڪوشش ڪئي وئي ته  ، مذهب جي هتان به ائين پاڙ پٽجي ويندي جهڙي ڪميونسٽ ملڪن مان پٽجي وئي آهي .“

 

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد ببينظير آباد ۾ ٻن مورت فقيرن جي ڀرتي جي حوالي سان “ڳائڻ، نچڻ يا جسم وڪڻڻ” ئي ڇو؟ مرتب: ڪاشف نوراني

پاڪستان دنيا اندر هڪ اهڙي خطي طور سڃاتو وڃي ٿو جتي سماجي اڻبرابريون عروج تي هجڻ سان گڏ انساني قدرن جي استحصال جو سبب بڻجن ٿيون انهن اڻبرابرين ۽ ٿيندڙ استحصال جي وقت بوقت نشاندهي پڻ ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ مختلف سماجي ادارن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. موجوده حالتن ۾ پاڪستان اندر اٽڪل پنج لک کان وڌيڪ مورت فقير پنهنجي زندگي جو هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن اڻبرابري کي پنهنجي قسمت سمجھي گذارڻ تي مجبور آهن جنهن جڳهه تي مذهب ۽ رواداري جا درس ڏنا ويندا هجن اتي ٽين جنس سان تعلق رکندڙ آبادي بنيادي سهولتن کان به محروم آهي. بقول سنڌ جي ڀلوڙ شاعر علي عباس ڀٽيءَ موجب ته،

هي مُورت فقيري رنگ مِلي ويو،

نه سمجهو ته ڪو آ ڍنگ ملي ويو،

زماني کي  هن روپ ۾ هِڪ ملنگ ملي ويو.

خوشيءَ جي موقعن خاص ڪري شادين جي تقريبن ۾ عورتاڻي خاصيت وارن،  مُورت فقير خواجه سرا يا کدڙن کي ڳائڻ ۽ نچڻ لاءِ سڏائڻ جو رواج پاڪستان ۾ ڪافي پراڻو آهي. جيترو سٺو ناچ ۽ گانو اهي کدڙا ڪندا اوترا گھڻا پيسا گھور ۾ ڪمائي وٺندا آهن، پر ڪافي سالن کان اهو رواج هاڻي گھٽجي چڪو آهي. پاڪستان جي خواجه سرا برادري جو پنهنجو مخصوص گروه آهي جيڪي ”گُروءَ ۽ چيلي“ واري نظام تحت ڪم ڪندا آهن.  مُورت فقير پاڻ جهڙي جنس وارن ٻين ماڻهن جو کوج لڳائي کين سندن خاندان جي سختين کان بچائي وٺي ايندا آهن ۽ کين تحفظ ڏيندا آهن. انهيءَ قسم جي بندوبست سبب پوءِ چيلو سڄي عمر لاءِ گُروءَ سان وفادار رهڻ جو عهد ڪندو آهي جنهن کانپوءِ گُرو انهيءَ نئين چيلي کي پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ رهڻ، کائڻ پيئڻ توڙي تحفظ ڏيڻ جي ذميواري کڻي وٺندو آهي ۽ چيلا کيس پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو ڏيندا رهندا آهن.16 کان 19 صديءَ جي وچ واري عرصي دوران مغل بادشاهت وارن وقتن ۾ مُورت فقيرن يا کدڙن کي عورتاڻا ڪپڙا پارائي کين ذاتي محفلن ۾ نچائي لطف ورتو ويندو هيو يا وري وڏن گھراڻن جي حرم ۾ عورتن کي ڪم ڪار ۾ مدد ڏيڻ لاءِ کين رکيو ويندو هيو. جڏهن ته ڪيترن ئي کدڙن جون خدمتون عورتن کي ڪلاسيڪل ناچ، شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جي سکيا ڏيڻ لاءِ به حاصل ڪيون وينديون هيون. وقت گذرڻ سان گڏ ئي خواجه سرا يا مُورت فقير پيشور ڳائڻا، ناچُو ۽ تفريح جو وسيلو بڻجي پيا. مغل بادشاهت جو ته خاتمو اچي ويو پر خواجه سرائن جو اهو پيشو هلندو رهيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙن ماڻهن جو هڪ ٽيون طبقو ”خواجه سرا“ واري حيثيت اختيار ڪري ويو. اهو هڪ وسيع اصطلاح آهي جيڪو مختلف شخصي ۽ جنسي رجحان جي فرق وارن ماڻهن لاءِ جامع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هنن لاءِ اهو تصور به زور وٺي ويو ته هو خدا کي پيارا آهن. انهيءَ عقيدي جي ڪري ئي ماڻهو کين خوشيءَ جي موقعن تي نچڻ ۽ ڳائڻ لاءِ سڏائيندا هئا. خوشي ملهائيندڙ خاندان جي دعوت ملڻ بعد گانا ڳائڻ وارو گُرو پنهنجي ناچُو چيلن سميت ڄاڻايل هنڌ تي پهچي تفريح مهيا ڪرڻ سان گڏ انهيءَ خاندان کي بُري نظر کان بچائڻ واريون دعائون به ڏيندو آهي. جيتوڻيڪ هر خواجه سرا ٽين جنس وارو هوندو آهي پر هر ٽين جنس وارو خواجه سرا ناهي هوندو. خواجه سرا صرف انهن کي سڏيو ويندو آهي جيڪي نچڻ ۽ ڳائڻ واري روايتي سڃاڻپ حاصل ڪري وٺندا آهن.

خواجه سرائن کي شاديءَ جي محفلن ۾ ناچ گاني لاءِ گھرائڻ وارو رواج جيئن ئي گھٽجڻ لڳو ته ان جي نتيجي ۾ ٽين جنس وارن جي هن برادريءَ ۾ به ويڇا وڌڻ لڳا. ڇو ته انهيءَ برداريءَ جي فردن لاءِ پاڪستان جي سماجي طور تي قدامت پسند معاشري ۾ رَلجي وڃڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ سندن خراب حالتن کي سڌارڻ لاءِ حڪومتن پاران اڃا تائين به ڪي قدم ناهن کنيا ويندا ۽ جيئن ته خواجه سرائن کي جياپي جو ڪو ٻيو وسيلو به حاصل ناهي هوندو ان ڪري بدپيشو ڪرڻ ۽ پنڻ کانسواءِ وٽن ٻي ڪا به واهه نه بچي.

2009 ۾ اهو تصور به اڀرڻ لڳو ته خواجه سرائن جي قسمت به بدلجي سگھي ٿي. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته خواجه سرا برادريءَ جي فردن کي به ملڪ جي ٻين مرد توڙي عورت شهرين جيترا برابريءَ وارا حق حاصل آهن. عدالت پاران حڪومت کي حڪم ڏنو ويو ته سندن شناختي ڪارڊن ۾ ”صنف“ جو خانو درست ڪيو وڃي. ٽين جنس وارا پنهنجي شناخت لاءِ عورتاڻي، مرداڻي يا وچئين صنف جي چونڊ ڪري سگھن ٿا. هڪ خواجه سرا جو چوڻ آهي ته ٽين جنس واري هڪ فرد وٽ روايتي طور تي ٽي راهون هونديون آهن ”ڳائڻ، نچڻ يا جسم وڪڻڻ“.

خواجه سرا انساني سماج جو حصو آهن، پر هن سماج اندر انهن جو محدود پيماني تي پنهنجو هڪ سماجي نظام به آهي. ڪيترائي کدڙا فقير گڏجي ڪنهن هڪ جاءِ ۾ رهن ٿا، جنهن کي هو مڙهي چون ٿا. مڙهيءَ جي وڏي کي هو گرو چون ٿا ۽ گروءَ جي حڪم جي تابعداري سڀني چيلن لاءِ فرض سمجهي وڃي ٿي. مڙهين ۾ رهندڙ اڪثر کدڙا، جسم فروشي ڪندڙ خواجه سرائن کي سٺي نظر سان نٿا ڏسن ۽ هو انهن جسم فروش کدڙن کي سڀني کدڙن لاءِ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

 

بدناميءَ جو سبب سمجهن ٿا. حيدرآباد ۾ ته ڦول گليءَ جي نالي سان هڪ اهڙو علائقو به آهي، جتي ڪيترائي ”معزز کدڙا“ به رهن ٿا ۽ اهي اتي جي ڪيترن دڪانن، جاين ۽ بلڊنگس جا مالڪ به آهن. انهن مان ڪي کدڙا نمازي به آهن ته حج پڻ ڪري چڪا آهن. چيو وڃي ٿو ته حيدرآباد واري اها ڦول گلي انگريزن جوڙائي هئي، جيئن کدڙا فقير اتي عام شهرين جهڙي سماجي زندگي گذاري سگهن. افسوس ته ان ڳالھ جو آهي جو سماج اندر عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف ادارا ڳرن فنڊن عيوض آگاهي ڦهلائڻ ۾ مصروف ته نظر اچن پيا پر سماج جو هي هڪ محروم طبقو پڻ سندن توجهه جي آس ۾ نظر اچي ٿو. کين مختلف طريقن سان تشدد جو به نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ سندن معاشي استحصال اسان کي نظر اچي ٿو جو کين ڪٿي به سرڪاري نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن ۽ هو پنڻ تي مجبور هوندا آهن. پاڪستان اندر جتي مردن ۽ عورتن لاءِ مختلف مرحلن تي قانون سازي ذريعي حقن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي اتي سماج جو هي طبقو ڪنهن به قسم جي توجهه حاصل نه ڪري سگهيو آهي، جنهن ڪري ان جنس سان تعلق رکندڙ فردن ۾ احساس محرومي جنم وٺي رهي آهي. هن وقت تائين اهڙو ڪوبه قانون نه ٺهي سگهيو آهي جيڪو کين تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ کين خود مختيار ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. مختلف فورمن تي خواجه سرائن يا مورت فقيرن جي حقن بابت جڏهن ڪو پروگرام ٿئي ٿو ته ميڊيا صرف انهن جي رپورٽ پيش ڪري ٿي ۽ ڳالهه اتي ئي ختم ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته رياستي سطح تي ڪنهن به جنس سان جڏهن ايتري وڏي پيماني تي ناانصافي ٿي رهي هجي ته يقينن اتي  احساس محرومي، اڃان وڌيڪ پاڙون پڪيون ڪندي.

کدڙا عام انسانن جهڙين ذهني صلاحيتن جا مالڪ هجن ٿا، پر اسان جي سماج ۾ ڌڪار واري رويي سبب انهن کي اڄ تائين سمورا بنيادي انساني حق به ناهن ملي سگهيا. ويجهڙائيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم سان پهريون ڀيرو کدڙن جا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهڻ شروع ٿيا آهن، ته ڪجهه پڙهيل کدڙن کي نادرا ۾ نوڪريون به مليون آهن، پر اڄ به اسان وٽ ٽين جنس جي سماجي حالت رحم جوڳي ئي آهي ۽ سندن حالت بابت سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن به ٻڌڻيءَ هيٺ آهي. جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ انهن کي به عام انسان سمجهي سندن ذهني صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي ٿو. اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ ته کدڙن لاءِ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سيٽون پڻ مخصوص ٿيل آهن. هندستان ۾ بئنڪون پنهنجا قرض وصول ڪرڻ لاءِ کدڙن کي روزگار سان لڳائن ٿيون ۽ اهي کدڙا فقير بئنڪن جو قرض واپس نه ڪندڙن جي در تي وڃي تاڙيون وڄائي پاڙو مٿي تي کڻن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ بئنڪن کي پنهنجا ٻڏل قرض واپس ملي وڃن ٿا.

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نواب شاه جي تعليمي اداريشهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد پاران ٻن مورت فقيرن عدنان احمد شيخ کي جونيئر ڪلارڪ ۽ ياسر احمد اعواڻ سڪيورٽي گارڊ جون نوڪريون ڏيئي کين روزگار جو بندوبست ڪيو ويو آهي. انهن نوڪريون ملڻ سان هڪ اهڙي مثال جنم وٺي ڇڏيو آهي ته جنهن کي اگر ٻيا ادارا فالو ڪن ته مورت فقيرن جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي سگھي ٿي.  مجموعي طور تي ٽين جنس سان تعلق رکندڙ فردن جو سڀ کان وڏو مسئلو تعليم حاصل ڪرڻ آهي. اسان جي تعليمي نظام ۾ ٽين جنس سان تعلق رکندڙ فردن لاءِ ڪي به مناسب قدم نه کنيا ويا آهن جيڪي کين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿين.  جڏهن کين تعليم يافته بڻايو ويندو ته يقينن هو معاشري ۾ پنهنجي لاءِ ڪو عزت وارو مقام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين سندن تعليم مفت ڪئي وڃي ۽ خصوصي طور تي کين هر ان اداري ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن جتي ڪنهن معاشري کي سڌارڻ لا۽ سٺي تربيت ڏيڻ جو مشن هجي.

Email: justkashif88@gmail.com

 

 

 

سپهه سالار جي سينيٽ کي ملڪي ۽ خطي جي صورتحال تي بريفنگ

سينيٽ جي سڄي ايوان جي ڪميٽي جو خاص بند ڪمري وارو اجلاس ٿيو. جيڪو 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. جنهن دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پارليامينٽ جي ميمبرن کي قومي سلامتي ۽ خطي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. اهو اجلاس ان حوالي سان به اهميت تي ٻڌل هو ته پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪ فوج جي سربراهه ۽ ڊي جي ملٽري آپريشنز سينيٽ کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، ڊي جي ايم او جنرل ساحر شمشاد مرزا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ۽ ڊي جي ايم آءِ به موجود هئا. رپورٽن مطابق پاڪ فوج جي سربراهه سينيٽرن کي علائقائي ۽ قومي سلامتي جي صورتحال خاص ڪري سعودي اسلامي فوجي اتحاد ۾ پاڪستان جي شموليت تي اعتماد ۾ ورتو. بريفنگ کان پوءِ سوالن ۽ جوابن جو سيشن به ٿيو جنهن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي سوالن جا جواب عسڪري اختيارين ڏنا. ڪميٽي جو اجلاس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جي ڪري گهرايو ويو هو. جنهن دوران اڳتي لاءِ حڪمت عملي به ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن، فيض آباد ڌرڻي ۽ طالبان ۽ داعش بابت به سوال پڇيا ويا. سينيٽرن جي سوالن جا جواب ڏيندي آرمي چيف چيو ته جيڪڏهن ثابت ٿي ويو ته ڌرڻي جي پٺيان فوج هئي ته آئون استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. جڏهن ڌرڻو هنيو ويو ته منهنجي ذهن ۾ لال مسجد وارو واقعو به آيو، مون ڊي جي آءِ ايس آءِ کي چيو ته ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪيو، ڳالهيون ته خبر پئي ته انهن جا چار مطالبا آهن پوءِ وري هڪ ئي مطالبي تي اچي ويا، سعودي عرب ويندي به ڌرڻي بابت ڄاڻ وٺندو رهيس.  گم ٿيل ماڻهن جا مختلف سبب آهن، ڪجهه ماڻهو پاڻ غائب ٿي گم ظاهر ڪرائيندا آهن، ايجنسيون رڳو انهن ماڻهن کي جاچ لاءِ تحويل ۾ رکندي آهي جيڪي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آهن. آرمي چيف هر هر زور ڏيندي چيو ته پارليامينٽ ئي سڀ ڪجهه آهي. توهان پاليسي بڻايو، اسان عمل ڪنداسين، اسان کي ڏسڻو آهي، اڄ ڇا ٿي رهيو آهي، اڄ ڇا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ وڃڻ جو ڪو به فائدو ناهي. آرمي چيف جي ڳالهين کان پوءِ ڪجهه وقت تائين ڊي جي آءِ ايس آءِ وضاحت ڏيندو رهيو.  ڊي جي ايم او جنرل ساحر شمشاد مرزا طرفان سينيٽ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته فوجي عدالتن ۾ هن وقت تائين 274 ڪيسن جا فيصلا ٿيا، 161 ڏوهارين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي جن مان 56 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي. 13 ڏوهارين کي آپريشن رد الفساد کان پهرين ڦاهي ڏني وئي ۽ 43 کي آپريشن کان پوءِ ڦاهي ڏني وئي.  سينيٽ جي سڄي ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي ان اهم اجلاس جي موقعي تي پارليامينٽ جون سموريون گيلريون بند ڪيون ويون ۽ پريس لائونچ کي به تالا لڳايا ويا جڏهن ته ميڊيا کي ڪيميرائون اندر آڻڻ کان به منع ڪيو ويو. پارليامينٽ پهچڻ تي آرمي چيف جو استقبال سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري ڪيو. آرمي چيف سڌو سينيٽ چيئرمين جي چيمبر ۾ ويو ۽ رضا رباني سان ملاقات ڪئي. جنهن بعد ايوان ڏانهن ويندي سينيٽ جي چيئرمين جمهوري گهٽي ڏانهن اشارو ڪندي آرمي چيف چيو ته اها جمهوري گهٽي آهي. آرمي چيف ان تي سرسري نظر وجهي اڳتي هليو ويو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان سينيٽ کي ملڪي ۽ خطي جي صورتحال تي بريفنگ ڏئي خدشا ختم ڪري ڇڏيا،