تازيون خبرون

Daily Archives: December 12, 2017

راني مڪرجي پنهنجي ڌيءُ اديرا جي ٻي سالگرهه ڌام ڌوم سان ملهائي

ممبئي  (شوبز نيوز) باليوڊ جي اداڪاره راني مکرجي پنهنجي ڌيءَ اديرا جي ٻي  سالگرهه وڏي ٺٺ سان ملهائي راني مکرجي ڌيءَ کي ڪيمرا کان پري رکندڙ اداڪارا آهي تنهن ڪري سالگره جي موقعي تي اديرا جون تصويرون ته ڏسڻ ۾ نه آيو پر تقريب ۾ باليوڊ اسٽآرن جو تصويرون پکڙجي ويون آهن. تقريب ۾ راني جو ويجھو دوست، ڪرن جوهر، شاهه رخ خان، ڪرشما ڪپور، شلپا شيٽي، ريکا، سري ديوي ۽ ڪترينا ڪيف سميت ٻين ڪافي انجوائي ڪيو، ڪرينا ڪپور جو پٽ نواب تيمور علي خان نگاهه جو مرڪز رهيو جڏهن ته تقريب ۾ آيل ڪرن جوهر جو پٽ ۽ ڌيءُ به پاڻ ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪرايو.

 

ماءُ جا بل ادا ڪرڻ لاءِ اداڪاريءَ جو شعبو اختيار ڪيو : انجلينا جولي

نيو يارڪ  (شوبز نيوز) هاليوڊ سپر اسٽار انجلينا جولي اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي ماءُ جا بل اداڪرڻ لاءِ اداڪاري شروع ڪئي هئي هڪ انٽرويو ۾ 24 ورهين جي اداڪاره ٻڌايو ته هو پنهنجي شعبي ۾ اچي ۽ پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪاميابي ماڻڻ جي باوجود کيس ڪيمرا آڏو آرام نه آيو، انجلينا جولي چيو ته هڪ اداڪاره بڻجڻ لاءِ جيڪو ڪجھه ٿيڻ گھرجي مونکي ان سان گھڻو ڪجھ منهنجي فطرت ۾ ناهي، مونکي خوشي آهي جو مان اداڪاره بڻجي ويس، مان گھڻو خوش قسمت آهيان پر مونکي اندازو آهي ته هي منهنجي ماءُ لاءِ ڪيتري اهميت رکندو هيو، اداڪاري منهنجي لاءِ هڪ نوڪري هئي ۽ مان پنهنجي ماءُ جا بل ادا ڪرڻ لاءِ سندس مدد گھري هيءُ هڪ تخليقي ڪم هيو  جنهن ۾ اوهان مختلف دور، تاريخ ماڻهن کي پنهنجي ذات جي مختلف  حوالن سان سڃاڻي سگھو ٿا ۽ مختلف هنر سکي سگھو ٿا.

 

ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي

موهالي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ (اڄ) اربع ڏينهن موهالي ۾ کيڏي ويندي. مهمان ٽيم سريلنڪا کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي ڪاميابي حاصل آهي. آئي لينڊرز ڌرم شالا ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ۾ 7 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي 13 ڊسمبر تي چندي ڳڙهه ۽ ٽين 17 ڊسمبر تي شاڪهاپٽنم ۾ کيڏي ويندي.

 

آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ايشنز سيريز جي ٽين ٽيسٽ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

پرٿ(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايشنز سيريز جي ٽين ٽيسٽ (سڀاڻي) خميس ڏينهن پرٿ ۾ شروع ٿيندي. ميزبان ٽيم کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي. برسبين ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا 10 وڪيٽن ۽ ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 120 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ٽيسٽ 26 کان 30 ڊسمبر تائين ميلبورن جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽيسٽ 4 کان 8 جنوريءَ تائين سڊني ۾ کيڏي ويندي.

 

پنڻ کي پيشو بنائيندڙ پينو فقير : ماهم سنڌي / ميرپورخاص

غربت کان  وڏي ڪا مجبوري ناهي ۽ بک کان وڏو ڪو مذهب ناهي . چون ٿا ته بکايل پيٽ جو دين ڌرم صرف ماني آهي . ان حوالي سان سنڌي چوڻي آهي ته “ بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري “ . بک ۽ مفلسي اهڙي آفت جو نانءُ آهي جيڪا ، انسان کي ايترو ٿي مجبور ڪري جو هو حدون اورانگهڻ ۾ ويرم ناهي ڪندو . غربت سبب اڻ ڳڻت سماجي مسئلا سماجي جوڙجڪ کي منجهائين ٿا ، جنهن سان سماج تي منفي اثر پون ٿا . هڪ صاف سُٿري هوا وانگر سماج به تڏهن آلودگي جي زد ۾ اچي  وڃي ٿو ، جڏهن ان ۾ غربت ، لاچاري ، جاهليت جا زهريلا عنصر شامل ٿي وڃن ٿا .

اوهان سڀن پنهنجي گهر  ۾ ايندي ويندي توڙي ٻاهر ، روڊ رستن تي ، بازارن ۾  پينو فقير عام جام ڏسندا ھوندا ، جيڪي پنهنجي الڳ ئي طريقي سان اوهانکي پنهنجا ڏک ڀريا داستان ٻڌائين ٿا . اهي پاڻ کي رحم جي قابل بڻائي اوهانکان هٿ ٻڌي جهولي جهلي خيرات پني رهيا هوندا آهن . اهي رب ۽ ان جي آخري نبي  حضرت محمد صه جا واسطا به ڏيندا ،  گڏوگڏ اهي اوهانکي بيشمار دعائون ڏئي پڻ پنندا آهن . ڪڏهن حج ۽ عمري ڪرڻ جون دعائون ، ڪڏهن پٽ جي اولاد جو دعائون ، ڪڏهن دولت جون دعائون ڏئي اهي اوهانکي هرڪائيندا ته جئين اوهان خوش ٿي ان جي جهولي ۾ ڪجھ وجهو. گهرن ۾ لنگهي ايندڙ نقاب پوش يا بنا نقاب جي اڪثر عورتون پينو فقير ٿي داخل ٿين ٿيون ، اهي پنهنجو رئو ڦهلائي هٿ ٽنگي  5 روپي جي سڪي توڙي پراڻي ڪپڙي ،  پراڻي  جوتي ۽ اٽي لاء منٿون پيون ڪنديون آهن . ان کان علاوه ٽريفڪ سگنل تي يا ميلن ۾ درگاهن ٻاهران ، بازارن ۾ خريد  فروخت جي جاين تي ، مسجدن جي ميڙاڪن ۾ ، هوٽلن ۽ اسپتالن ٻاهران پينو فقير اچي گهيرو ڪندا آهن ، جن  ۾ ٻار  نوجوان ۽ بزرگ  وڏي تعداد ۾ شامل هجن ٿا . افسوس ته بزرگ مردن سان گڏ عورتون به هونديون آهن جيڪي صحيح طريقي سان نه ڏسي سگهن ٿيون نه ئي انهن جي جسم ۾ ايڏي طاقت هجي ٿي ته هلي ڦري سگهن .  پر ان هوندي به هو وڏو آواز ڏئي ، هٿ ڦهلائي گهرنديون رهن ٿيون .
اهو اسانجي معاشري جو هڪ وڏو  منجهيل مسئلو آهي . جئين ڪوڙيئري جي ڄار ڀت تي ور وڪڙ ٺاهي ڌاڳن کي منجهائي ٿي ، تئين ئي اهو مسئلو به اڃا تائين منجهيل ۽ سمجھ نه ايندڙ آهي . عقل اها ڳالھ تسليم ڪرڻ کان ئي لنوائي ٿي ته ڇو آخر هٿن پيرن ،  اکين ڪنن ، هواش حواس ، عقل سمجھ سان نوازيل ماڻهو ٻين اڳيان پنهنجا هٿ ٽنگي عزت و آبرو وڃائيندا رهن ٿا  . انهن کي ڪٿي ڇڙٻ ، ڪٿي دڙڪو داٻو ، ته ڪٿي ڌڪا ، ته ڪٿي گار ملندي رهي ٿي ، جيڪا هر گهڙي هر روز جي بيعزتي هوندي آهي . اهي پينو فقير نڪ جي پڪائي سان ان کي روزگار جي حاصلات لاء لازمي  سمجهندي ڪو شرم محسوس ناهن ڪندا ۽ چپ چاپ صرف انهي لاء برادشت جي مادي کي پنهنجي رويي ۾ لامحدود جڳھ ڏين ٿا ، جئين سامهون وارو اسان جي  هيڻي حال تي رحم کائي خيرات ڏئي . جيڪي ماڻهو جسماني معذور آهن خدا جي ڪنهن نعمت کان محروم آهن ، اهي لاچار ٿي اگر هر ايندڙ ويندڙ سامهون هٿ ڦهلائن ٿا ته اڃا ڪجھ سمجھ ۾ اچي ٿو پر ڪيڏي نه بُري ڳالھ آهي جو چاڪ چڱا ڀلا ماڻهو به پنندي لڄي ناهن ٿيندا .  حالانڪه معذورن  کي به گهرجي ته پنهنجي جسماني قوت آهر ڪو هُنر سکي وٺن جنهن سان عزت سان ڪمائي ڪري پيٽ گذر ڪن . اسان ٽي وي تي ٻاهرين ملڪن توڙي پنهنجي سنڌ اندر به ڏسون ٿا ته معذور ماڻهو پڻ ڪو نه ڪو هُنر سکي ، ان سان پيٽ گذر ڪري رهيا هوندا آهن ، اهڙن خوددار  ۽ خوداعتمادي رکندڙ ماڻهن تي اسانجو سماج فخر ڪري ٿو . ضلعي عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ غريب خاندان جي ڄائي آسو ڪولهي جي سپر پاور ملڪ آمريڪا ۾ ايڏي عزت افزائي نه ٿئي ها جيڪر هو معذوري کي لاچاري سمجهي پنهنجي صلاحيتن کي دٻائي ڇڏي ها . بيشڪ هو هڪ ٽنگ کان معذور هئي پر عقل سان گڏ خوداعتمادي ان جي شخصيت اندر جهجي مقدار ۾ شامل هئي ۔  اسانجي معاشري ۾ ننڍي کان ننڍي مزدوري ۽ پگهر وهائي پئسا ڪمائڻ هڪ عزت وارو مقام عطا ڪري ٿو . هر ڪنهن جي وات ۾ هوندو ته غريب سريب ئي سهي پر محنت ڪري پنهنجي حق حلال جي روزي ڪمائي پاڻ به کائي ٿو ته ، ٻچن جو به پيٽ ڀري  ٿو . پر اڄڪلھ پنڻ وارن فقيرن جي انگ اکرن ۾ اضافو آيل آهي . گهڻيون ئي عورتون يا ته پٽ ۽ ڌي جي موتمار بيماري جو ذڪر ڇيڙي روئي پننديون ، ڪي وري ائين چونديون ته سندن مڙس نشي ۾ ڌت رهي ٿو ۽ کيس ڪمائڻ وارو ڪو ناهي سو مجبوري هن کان اهو ڪم ڪرايو آهي . گهڻن ماڻهن پننڻ ، خيرات گهرڻ کي روزگار جو ذريعو پڻ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اصل معذور ۽ خيرات جا حقدار پنهنجي حق کان محروم رهجي وڃن ٿيا . آبادي جي واڌ ، ان مٿان ڌارين جي داخلا ،  وسيلن جي کوٽ ۽ تعليم جي اڻ هوند سبب جئين جاهليت پکڙي آهي تئين اسانجي سماج ۾ اها  بيماري ناسور بڻجندي پئي وڃي ، جنهنکي روڪڻ لاء ڪٿي ڪو اقدام کڄندي نظر نه پيو اچي . ٻين آڏو هٿ ٽنگڻ کان هزار دفعا سٺو آهي ته انهن پينو فقير مرد عورتن کي گهرجي پاڻ لاء ڪنهن ننڍي وڏي مزدوري جي تلاش ڪن . ڏهاڙي محنت ڪري شام جو عزت سان پئسا هٿ ۾ کڻي ، ڳاٽ اوچو ڪري هلن جئين معاشري ۾ عزت جو ڪو مقام حاصل ڪري سگهن ۽ ڪنهن کي جُرت نه ٿئي ته انهن کي ڪو دڙڪو به ڏئي  .

سنڌ صوبي ۾  جتي اڻ ڳڻت اقتصادي ، سماجي ، اخلاقي مسئلا ڪَر کنيو بيٺا آهن اتي پينو فقيرن جي پڻ هڪ وڏي تعداد روزمره جي مشاهدي ۾ اچي ٿي . عورتن مردن ۽ ننڍن ٻارن جو وڏو تعداد روڊن رستن تي هٿ ٽنگايو بيٺو هوندو آهن . ان کان علاوه صوفين ۽ بزرگن جون درگاهون هجن توڙي ميلا هجن ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو ميلو هجي يا قلندر جي دهمال هجي  ،  مارڪيٽ هجي يا ٽول پلازه هجن ،  بس اسٽاپ ريلوي اسٽيشن هجن، ٽريفڪ سگنل جي بيهڻ وارو هنڌ ، مطلب چئبو ته هر اهو هنڌ جتي ماڻهن جو ننڍو وڏو ميڙاڪو هوندو اتي پينو فقير پڻ موجود نظر ايندا .  وڏين پارڪن ۽ چڙياگهرن ٻاهران پڻ اهي پنڻا ڏسڻ ۾ ايندا . ڪجھ سال اڳ منهنجو سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي درگاھ تي وڃڻ ٿيو . يقين ڪيو ته ٻاهرين دروازي کان اندر مزار جي احاطي تائين پهچندي 10 کان وڌيڪ پينو فقيرن گس روڪيو ۽ مختلف بهانن سان پئسا گهرندا رهيا . پينو فقير انهي ذريعي سان پنهنجو اخلاقي قدر ۽ عزت پڻ وڃائن ٿا پر انهن کي پڻ چيڙائي ٿا وجهين جيڪي انهن جي لاچاري تي رحم کائيندا آهن .  جيڪو رحم انهن جي غربت لاچاري ۽ معذوري ڏسڻ سان اچي ٿو سو به هو ائين ايندڙ ويندڙ کي تنگ ڪري وڃائي ٿا ڇڏين . انهن کي ننڍن وڏن واٽهڙن جي ڏنگائي توڙي ڪاوڙ کي چپ چاپ پئيڻ  سان ڪو عار محسوس ناهي ٿيندو ، ڇوته انهن کي اهو سڀ ٻڌڻ لاء ۽ سهڻ لاء روزانه منٽ منٽ ۾ ملي ٿو . نتيجي ۾ صرف 5 رپين جو سڪو يا وڌ ۾ وڌ 10روپين جو نوٽ هٿ لڳندو آهي . باقي گهڻا تڻن کي ٺونشا ئي پلئي پوندا آهن .

چون ٿا هر انسان ۾ ڪا نه ڪا صلاحيت هجي ٿي . جيڪي عورتون مرد جسماني طور هر نعمت سان بخشيل آهن ۽ هٿ پير توڙي ٻڌڻ ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ جي سگهه رکن ٿيون ، ته  اهي بيشڪ ان ڳالھ جا قابل آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روزگار سان لڳي وڃن . هر انسان ۾ ڪا نه ڪا تخليقي صلاحيت ۽ قابليت هجي ٿي ۽ انهي جي آڌار تي اگر اهي محنت ڪري ڪنهن ڪم سان لڳن ته انهن کي سماجي برابري ملڻ سان گڏ ، سماج ۾ عزت و آبرو به ملندي .  هٿ ٽنگائڻ بدران محنت ڪرڻ سان اهي هر روز ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان بچي پوندا . پنڻ کي ڌنڌو ٺاهڻ وارن کي ايترو ته سوچڻ گهرجي ته جيڪو ڌنڌو ڏينهن رات سواء ذلالت جي ٻيو ڪجھ نٿو ڏئي ان کي اپنائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ اگر اسان جا هٿ پير سلامت آهن ته محنت مزدوري ڪري حق حلال جي روزي ڪمائي پڻ کائي سگهون ٿا . ميڊيا جي رپورٽن موجب  پينو فقيرن جو پنڻ انفرادي نه بلڪه اجتماعي ڌنڌو هوندو آهي . پينو فقيرن جا مختلف ٽولا ۽ ٽيمون هجن ٿيون . انهن وٽ الڳ الڳ علائقا ورهايل هوندا آهن ۽ هر ڪو پنهنجي علائقي ۾ خيرات پني ۽ سڄي ڏينهن جي خواري بعد جمع ڪيل رقم هڪ هنڌ گڏ اچي رکندو . پوء  ٽولن جا سربراھ ان جي ورهاست ڪندا ۽ وڌيڪ نفعو پاڻ کڻندا . ائين پنڻا هڪ ڪاروبار طور صبح کان رات تائين ڊيوٽي سمجهي روزانه ڪندا رهندا آهن . ڪجھ هنڌن تي اهي پڻ انڪشاف ٿيا آهن ته ظالم صفت ماڻهو پئسن جي ڪمائي خاطر ننڍا ٻار اغوا ڪري انهن کي معذور بڻائي ، روڊن رستن تي ۽ بازارن ۾ ويهاري ٿا ڇڏين جئين هو ڪمائي ڪري سگهن . حقيقتن کي سامهون آڻجي ته افغان جنگ بعد پاڪستان ۾  پناھ  وٺندڙ پٺاڻ افغاني پناهگير پڻ غربت سبب وڏن شهرن ۾ ڦهلجي پنڻ کي ڪمائي جو ذريعو بنايو بيٺا آهن جنهن جو مرڪز ڪراچي  جهڙو وسيع ۽ ويڪرو شهر آهي  . سماجي اڳواڻن موجب اهي پينو فقير وڏي تعداد ۾ پنجاب کان پڻ آيل آهن ۽ گهڻو رخ ڪراچي جي شهر ۾ ڪن ٿا . چيو وڃي ٿو ته غربت بي روزگاري پنڻ جو سبب بڻجن ٿا ، پر اها ڳالھ حيرت ۾ پڪ سان نه وجهندي ته پنڻ به هڪ ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو . پينو فقيرن جا مافيا گروپ پنهنجي ورهايل علائقن جي سطح تائين هر وقت سرگرم رهندا آهن . پني ايندڙن جي روزاني جي خيرات جو  60 سيڪڙو سربراھ پاڻ کڻن ٿا . اهو ڳجهي طريقي سان وڏي پيماني تي هلندڙ ڪاروبار  آهي . ڪجھ سال اڳ جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان جي شهري آبادي ۾ 25 ملين تائين پروفيشنل پنڻا آهن جيڪي خطرناڪ حد تائين انگ اکر آهن .  شهر ڪراچي سميت پينو فقيرن جا وڏا ننڍا گروھ  هر شهر ۾ موجود آهن  . بلڪه ڳوٺاڻي آبادي ۾ به ساڳي ڪار آهي .  هاڻي ته ايتري انتها ٿي ويئي آهي جو گهر گهر تائين اهي گروھ هڪ هڪ ٿي ڪري وڃن ٿا . عورتون ته گهرن اندر وڃي پنهنجا مسئلا ٻڌائي هنجون هاري انسان جذباتن کي اڀاري پڻ پئسا گهرن ٿيون . اهي عورتون وري ڪڏهن گهرن اندر ڌاڙا  به هڻين ٿيون ۽ چوري به ڪن ٿيون . لاچار ۽ بيوس توڙي معذور انسانن کي ڏسي ته آئون رب جي آڏو توبهه ڪندس . آئون ڪنهن به طريقي سان انهن تي تنبيھ نه پئي ڪريان .  پر جيڪي لاچاري مجبوري ۽ بي وسي کي نهايت ئي ڪريل انداز ۾ استمعال هيٺ آڻين ٿا اهو انسانيت تي هڪ ڪارو داغ  آهي  . اهو هڪ عام مسئلو ناهي بلڪه  هاڻي ڪوڙهه جو مرض بڻجندو پيو وڃي ، جنهنجي روڪٿام لاء اڃا تائين ڪا واضح حڪمت عملي ٺاهڻ ته پري جي ڳالهه پر سوچ ويچار کان به پاسو ڪيو ٿو وڃي . ڪجهه پينو فقيرن مطابق اُهي پنهنجي اولاد کي به پنڻ سيکاريندا آهن ۽ ڪي ته ائين پڻ چوندا اهو پنڻ اسانجي خانداني ميراث آهي ۽ اسين پنهنجي ابن ڏاڏن کان وٺي پنندا پيا اچون ، سو مرڻ جا مري وينداسين اها روايت نه ڇڏينداسين . ڪجھ وقت اڳ ائين ئي هڪ پينو عورت  منهنجي گهر آئي . ان جي ڪلهي تي پيل ٽڪرين سان ٺهيل ڊزائين واري گودڙي ڏسي سوال ڪيم  ته : “ اوهان اها خاص ڪري پنڻ لاء گودڙي ٺاهي آهي جئين اوهان کي  اٽو يا ٻيو جيڪو ڪجهه خيرات ۾ ملي سو ان ۾ وجهندا وڃو ؟ “ ۔
ان مائي جو جواب انتهائي اچرج ۾ وجهندڙ هيو . مرڪي ٻڌائڻ لڳي  : “ اها پنڻ لاء گودڙي مونکي ڏاج ۾ مائٽن ڏني هئي ، ڇوته اسان جا وڏا ڀلي کڻي مزدوري ڪن پر پنندا ضرور آهن “ .  وڌيڪ پڇيم ڇا تون پنهنجي ڌيئرن کي ساڳي گودڙي ڏيندي ؟ چوڻ لڳي : “ هائو ! بلڪل . منهنجيون پنج ڌيئرون آهن ۽ هر ڌيءَ جي شادي تي ان کي ڏاج ۾ اها گودڙي لازمي ڏيندس . ڇوته اهو اسانجي برادري ۾ قديمي رواج آهي جيڪو آئون پڻ ادا ڪندس .“  ان مائي جو تعلق ٿرپارڪر سان هيو . ان جي ڳالهين ته منهنجي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون ته رواج ۽ رسم جي نالي ته ڪهڙي جهالت جي اونداهه امڪاني طور ٻرندڙ علم  ۽ شعور جي شمع کي آساني سان وسائي رهي آهي .  ان جو اثر فقط هڪ قبيلي تي ناهي پر ان جي ڪري هر عام انسان جيڪو روز صبح جو ٻاهر نڪري ٿو سو ڀوڳي ٿو .
پنڻن جي هڪ ٻي به بنھ خراب عادت موڊ کي بگاڙيندڙ هوندي آهي . اُهي پٽ پاراتا ۽ بد دعائون ڏئي پڻ ذهن تي منفي اثر وجهين ٿا .  ڪيڏو نه غلط آهي ته خيرات ڏيو تڏهن به مسئلو ، نه ڏيو پوء به پٽون پاراتا ۽ بدعائون جهلو .  اسان اگر ان قابل آهيون ته عزت وارو روزگار ڪمائي پيٽ پالي سگهون  ٿا ته آخر اهڙو طريقو ڇو ٿا اپنايون جنهن ۾ رڳو نفعرت ۽ بيعزتي پلئه پوي ٿي .

ان حوالي سان ملڪ جي قانون ۾ ڏسون ته پڻ حل ڏنل آهي ۽ ڪجھ نقطا اهڙا آهن جن تي عمل جي ضرورت آهي  . پر هتي قانون انڌو ئي نه بلڪه ٻوڙو گونگو ۽  معذور به آهي جنهنڪري اهو ڪجھ ڪرڻ کان لاچار آهي . خانه بدوش ۽ بي گهر ماڻهن جي ايڪٽ 1958 جي سيڪشن 7 ۾ صاف ڏنل آهي ته مقامي پوليس کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو پينو فقيرن کي رش وارن جڳهين تي بيهڻ کان روڪڻ جو قدم کڻي . سنڌ چائلڊ ايڪٽ 1955 جي سيڪشن 49 موجب  اگر ٻارن کان مزدوري ڪرائي وئي يا زوري پينو فقير بڻائي رستن تي بيهاريو ويو ته ان تي سزا لاڳو ٿيندي . پنڻ تي ٽي سالن تائين جي سزا پڻ مقرر ٿيل آهي .
ان پنڻ جي ڪم لاء پنجن کان 10 سالن تائين جا معصوم ٻار وڏي تعداد ۾ استمعال ٿين ٿا .  انهن ٻارن مان گهڻا تڻا زبردستي ويهاريا وڃن ٿا . اغوا ڪرڻ وارن جا گروھ لالچ ۾ انڌا ٿي انسانيت جي حدن جا ستئي سمنڊ پار ڪري ٻار کي جڏو ڪري ٿا ڇڏين ۽ پوء ان ڌنڌي سان لڳائي ٿا ڇڏين . پاڪستان ۾ وڌنڌڙ دهشتگردي سبب اهي پڻ حقيقتون ظاهر   ٿيون آهن  ته دهشتگرد  پينو فقير جو روپ وٺي خاص ڪري رش ۽ پيھ پيهان واري  هنڌ معائنو ڪري رسائي حاصل ڪن ٿا ۽ پنهنجا ناپاڪ مقصد پورا ڪن ٿا . سنڌ حڪومت هلندڙ سال جي جون مهيني ۾ فقيرن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ جو پڻ چيو ته جئين اهو پتو لڳائي سگهجي ته اها مافيا ڪيتري قدر سگهاري آهي ،  ان جو ڄار ڪيتري پيماني تائين ڦهليل آهي پر نتيجا تاحال سامهون ناهن آيا .

هٿن کان معذور ماڻهو  مون ۽ اوهان پيرن جي آڱرين سان اسان ڪم ڪندي ڏٺا آهن . اکين جي نور کان محروم ماڻهو مختلف ڪمن ۾ مصروف ڏسون ٿا . چوڻي آهي ته  “ هُنر وڏي دولت آهي“ . اگر اسانجي سماج ۾ سجاڳي وارو سج اڀري پئي ته اهي الميا باقي نه رهن ۽ سڀ ماڻهو عزت واري روزي ڪمائڻ ۽ محنت ڪرڻ کي اوليت ڏين .  هر انهي ڌنڌي ڪرڻ کان ڪيٻائين جيڪا رنج جو سبب بڻجي ٿي .
انساني خدمتگذار ۽ سماجي ورڪر به ان جي روڪٿام لاء اڳيان اچي رهيا آهن . مرحوم عبدالستار ايڌي پڻ ايڌي فائونڊيشن ذريعي رستن تي ويٺل ڪيترن ئي پينو فقيرن کي روزگار سان لڳايو پر تنهن هوندي به تعداد جئين جو تئين وڌي رهي آهي .  سماجي بهبود وارو کاتو  ، لوڪل پوليس ، ٽرئفڪ پوليس ، انساني حقن واريون تنظيمون ، سماجي ورڪر اگر سڀ گڏ ويهي ان مسئلي جو مستقل حل ڳولين ته ڪا اميد پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ انهي گداگري جي پيشي جي روڪٿام ٿي سگهجي ٿي . روزمره اهي پينو فقيرن کي ڏسي دل رنج به ٿئي ٿو . پر پوء به اها ڌڻي در دعا آهي ته شل ڀٽڪيل انسان راھ تي اچي وڃن ۽ پنڻ کي روزگار بنائڻ وارا پنڻ ۾ شرمساري محسوس ڪن . اها شرمساري انهن جي وڃايل آبرو لازمي موٽائيندي . هنن ۾ محنت ڪرڻ جو جذبو جاڳي پوندو . ائين اهي زندگي جون بنيادي ضرورتن جي پورائي لاء اٽي لٽي جي حاصلات لاء ڪنهنجي در تي يا رستي تي سڏ  نه ڏيندا  ، بلڪه انهن جي محنت جو اجورو پاڻهي انهن جي هٿ تي رکيو ويندو .

 

سنڌين جي ووٽ جو اي ٽي ايم ڪارڊ!: عاجز جمالي

سنڌ واسي ڳچ سالن کان ترقي ۽ تبديليءَ جو خواب اکين ۾ سجائي ويٺا آهن. پاڪستان جي ستر سالن ۾ هِن ملڪ جي جوانيءَ ۾ جن خواب ڏٺو، اُهي حياتيءَ کان موڪلائي ويا يا حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ جيئرا هوندا پر اُهي پنهنجو خواب نئين پيڙهيءَ ڏانهن منتقل ڪري سُک جي ننڊ سُتا ته سنڌ ۾ تبديلي ضرور ايندي، اُهو خواب هاڻي ٽين پيڙهيءَ ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي. ڇو جو اسان جي پيڙهيءَ پنهنجي وڏڙن کان ورثي ۾ مليل خواب کي سانڍي سانڍي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ جي اکين ۾ اوتي ڇڏيو. اسان جي نسل به پنهنجي گذريل نسل وانگر ”سُک ڀري سنڌ“ جو سپنو پنهنجي نئين پيڙهيءَ ڏانهن منتقل ڪري جهڙوڪر فرض نڀائي ڇڏيو، پر مان ڏسان پيو ته گذريل اڌ صديءَ کان اسين ترقيءَ جي نالي تي تنزليءَ ڏانهن وڃون پيا. ائين پيو لڳي ڄڻ اسين ”خواب نگر“ ۾ رهندڙ هڪ اهڙي قوم هُجون جيڪا شهزادن ۽ شهزادين جي روپ ۾ خوشحاليءَ جا سپنا ڏسندي هجي پر سچ ڏاڍو ڪڙو آهي، حقيقتون ڏاڍيون تلخ آهن، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ آهي پر سچ اِهو آهي ته اسين سڀ ڪوڙ جي پاسي آهيون، جيڪو سچ جي پاسي آهي اُهو اسان جي نظر ۾ ڪوڙو آهي. سنڌين جي نمائنده سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي جوش ۽ ولولي سان پنهنجي پنهنجي سالگرهه ملهائي رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي ٽين نسل ۽ سنڌ جي عوام جي ٽين پيڙهي گڏجي نوان خواب ڳولي رهي آهي پر بادشاهن جي خوابن ۽ رعايا جي خوابن ۾ فرق هوندو آهي. غريبن جا خواب به ته غريب هوندا آهن ۽ بادشاهن جي اکين ۾ ”بادشاهتون“ هونديون آهن، ان ڪري سنڌ جي بادشاهن، سنڌ جي حاڪمن، سنڌ جي اميرن جا سپنا هميشه ساڀيان ٿي پوندا آهن ۽ غريب جا سپنا اڪثر بادشاهن جي گاڏين هيٺان چيڀاٽجي ويندا آهن، پر مرڻ کان بچي ويندا آهن. گهايل سپنا ڪجهه سالن تائين پنهنجا ڦٽ چڪائي ٻيهر ڪنڌ کڻندا آهن ۽ جيئڻ جي آس سان گڏ سماجي تبديليءَ لاءِ پنڌ شروع ڪندا آهن.

پنجاهه سالن کان سنڌ جي ڦٽيل خوابن جو اهو پنڌ جاري آهي. هڪ سپنو جيڪو اسان جي وڏڙن ”پاڪستان“ جي صورت ۾ ڏٺو هو، مون گذريل پنجويهه سالن دوران پنجويهه لک ڀيرا 1940ع جي ٺهراءَ بابت سياسي بازيگرن کان ٻڌو هوندو ته 1940ع جي ٺهراءَ تي عمل ڪونه ٿيو. اها خبر ته اسان کي 1947ع ۾ ئي پئجي وئي هئي ته هي اهو ملڪ ئي ڪونه هو، جنهن جا نيڻ نقشا ٻڌايا ويا هئا. هي ته اُهو ٻار هو جيڪو پينگهي ۾ ئي پڌرو هو. اسان جي اک ته 1970ع ۾ بنگالين کولي هئي، تيستائين ته اسان سنڌ جي آزاديءَ بابت سوچيو به ڪونه هو، اهو خواب به ڄڻ اسان پراين اکين کان چورايو هُجي، ان قوم جي اکين کان چورايو جنهن قوم پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان مُهاڏو اٽڪائي پنهنجي آزاديءَ جي جنگ شروع ڪئي هئي. ڇا ٿي ويو جو لکين ماڻهو مارجي ويا، باقي بچيل ته سکيا ستابا رهجي ويا، سنڌي قوم ته سڄي سوليءَ تي ٽنگيل آهي. ڪو ٻڌائي سگهندو ته ستر سالن ۾ ڪيترا سنڌي ماريا ويا، ساڙيا ويا، تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهيا ويا، زهر پيئاريا ويا، چوٽيءَ تان اڇلايا ويا يا جيئرا گهرن مان کڻي مٽيءَ ۾ پُوريا ويا؟ هي اهڙو سوال آهي جنهن جو خواب ڪنهن به ”ڊيٽا بيسڊ سسٽم“ ۾ نه ملي سگهندو نه هن سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ ڪڏهن سنڌ جي حاڪمن کي ”زحمت گوارا“ ٿي. ڇو ته حاڪم سدائين ”زحمت“ جا فرشتا بڻيا هوندا. آزاديءَ جو خواب پاسيرو رکي اسين انقلاب جو سپنو اکين سان گڏ سينن ۾ سانڍيو. جنون جي حد تائين اسين ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ جي ڌن ۾ انقلاب جو پيڇو ڪندا رهياسين. هٿين خالي پٿر کڻي توپن جو مقابلو به نه ڪري سگهياسين ۽ چوندا رهياسين ته نظريو اُتم آهي، نظرئي جو هٿيار مضبوط آهي، اسان اُهو وساري ويٺا هئاسين ته اسان جو مقابلو ان جرنيلي اسٽيبلشمينٽ سان آهي جن جو نظريو صرف ڏاڍ هوندو آهي، جن جي طاقت صرف بندوق هوندي آهي، اسان تڏهن به سبق ڪونه سِکيو جڏهن بنگالين کي سيکت ڏني ٿي وئي ۽ اسين پُرامن سنڌ جا گيت ڳائيندي صوفين جي درگاهن تي ڌمال هڻندا رهياسين.

اسين پُرامن قوم آهيون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي، اسين امن ۽ آشتيءَ جو سڏ ڏيندا آهيون، اسين صوفين جا پرچارڪ آهيون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي پر اسين ساڳي وقت ”ڌمالي قوم“ به آهيون، هر قسم جي ڌمال ۾ خوش ٿي ويندا آهيون، آزاديءَ جي نالي تي ڌمال هڻندا رهياسين، انقلاب جي نالي تي ڌمال هڻندا رهياسين، جمهوريت جي نالي تي اسين پنجاهه سالن کان ڌمال هڻي رهيا آهيون. ديشي ڌمال، انقلابي ڌمال، جمهوري ڌمال، ڌمال رڳو مزارن تي هُجي ها ته مڃون ها ته سماج جي هڪ طبقي کي ورغلايو ويو پر هتي ته سڄي قوم کي ستر سالن کان پاڪستان جي نالي تي ۽ پنجاهه سالن کان جمهوريت جي نالي تي ورغلايو پيو وڃي. اسين پنجاهه سال اڳ وڌيڪ سُکيا ستابا هُئاسين، اڄ سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي به نه ٿو ملي. جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، درياهه جو پاڻي گدلو ٿي ويو آهي، سڄي سنڌ سِم بڻجي رهي آهي، ڪلر بڻجي رهي آهي، اُٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا. اسان ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي جو ماتم تڏهن به ڪيو هو جڏهن هي منصوبا شروع ٿي رهيا هئا پر بادشاهن کي ڪير سمجهائي. بادشاهه جڏهن ڊالر ڏسندا آهن ته انهن جي گگ ڳڙي پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪراڙن چرئي لاءِ بادشاهه جو لفظ ڪتب آندو. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ڪو وڏو ماڻهو ڪو خراب ڪم ڪندو آهي ته ان لاءِ چوندا آهن فلاڻو ته بادشاهه آهي، مطلب ته چريو آهي. سو سنڌ جا بادشاهه جيڪڏهن سياڻا هُجن ها ته اڄ سنڌ به خوشحال هجي ها. سنڌي عوام جي ووٽن تي بادشاهت ماڻيندڙ پيپلز پارٽي منهنجي هم عمر آهي، جڏهن هالا ڪنوينشن ٿيو هو ته ان کان ڪجهه مهينا اڳ مان ٻانڌيءَ جي شهر ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم وٺي چُڪو هئس. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي چونڊ مهم تي هو ته اسان جي تڪ تي تلوار جي نشان تي چونڊ وڙهندڙ اميدوار حاڪم علي زرداري هو. بابا سائين ٻڌائيندو هو ته ان زماني ۾ نوابشاهه جو سيد گهراڻو سياست ۾ سگهاري ڌر طور سُڃاتو ويندو هو. ان سان گڏ غلام مصطفيٰ جتوئي جو وڏو نالو هو. اسان جي خاندان جو خيال هو ته ووٽ نه حاڪم زرداري کي ڏبو نه غلام مصطفيٰ جتوئي کي ڏبو. خاندان جو ڀروسو رئيس سومر خان جمالي تي هو، جنهن جو خيال هو ته نذر شاهه کي ووٽ ڏبو. امان ٻڌائي ٿي ته ان چونڊ ۾ تلوار بدران اسان ”هوائي جهاز“ جي نشان تي ٺپو هنيو هو. هوائي جهاز شايد نذر شاهه جو چونڊ نشان هو. خير حاڪم علي زرداري چونڊ کٽي ويو هو ۽ بعد ۾ مرحوم سومر خان جمالي به پيپلز پارٽيءَ جو حامي بڻيو هو (پيپلز پارٽي ضلعي نوابشاهه جو هاڻوڪو صدر رئيس اڪبر خان جمالي سندس خاندان مان آهي) ان ساڳي سيٽ تي هن وقت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ايم اين اي آهي. مون ڏهه سالن جي عمر ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ريل گاڏيءَ ۾ ويندي ڏٺو جڏهن هزارين ماڻهو ريلوي اسٽيشن تي کيس ڏسڻ لاءِ گڏ هئا، جڏهن 1977ع ۾ سندس سرڪار ختم ڪئي وئي هئي، پري کان کيس هٿ لوڏيندي ڏٺو هو، پر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ کانپوءِ سنڌي ماڻهوءَ جو ووٽ هڪ اهڙو اي ٽي ايم ڪارڊ بڻجي چُڪو آهي، جنهن مان هميشه پاڪستان جي اقتدار لاءِ ڪيش ڪڍرائي ويندي آهي. اهو ووٽ واقعي به ڏاڍو قيمتي ووٽ ثابت ٿيو. پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ کانپوءِ اڄ تائين ڀُٽي کان جان ڇڏائي نه سگهي آهي نه سنڌي عوام سياست ۾ ”ڀٽو ازم“ کان ٻاهر نڪري سگهيو آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست ۾ سحر طاري هو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي سياست ۾ وڏي تبديلي آندي. جيتوڻيڪ ڀٽو نه آزادي پسند هو نه انقلابي هو پر ڀٽو پنهنجي دور جو تبديلي پسند ماڻهو هو. پنهنجي حالتن کان باغي هو، جاگيرداراڻي طبقي سان واسطو رکندڙ ڀُٽي جڏهن زرعي سُڌارن جو اعلان ڪيو ته ان جي شروعات ”ڀٽو جاگير“ جي زمينن کان ڪئي ته سڄو ڀٽو خاندان کيس چريو چوڻ لڳو. خود ذوالفقار علي ڀٽو جي صِفن ۾ ويٺل جاگيردار پريشان ٿي ويا، چوڻ لڳا ڀٽو سوشلزم پيو آڻي. حالانڪه اسلامي سوشلزم صرف هڪ نعرو هو. ذوالفقار علي ڀٽو نه سوشلزم پئي آندو نه انقلاب پئي آندو پر هُن هڪ بهتر سماج جو سپنو ضرور ڏٺو هو. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي وفاقي ادارن جا بند پيل دروازا سنڌين لاءِ ضرور کوليا هئا. ڪسٽم، پي آءِ اي، بندرگاهه، نيشنل هاءِ وي، واپار ۽ صنعت، فوج، پي ٽي وي، ريڊيو، ايف سي ۽ ٻين ادارن ۾ سنڌي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون مليون. ذوالفقار علي ڀُٽي سنڌ ۾ ترقي ۽ تبديليءَ جو سفر شروع ڪرڻ چاهيو پر کيس اندازو نه هو ته ساڻس کاٻي ساڄي بيٺل سمورا ڀوتار، چوڌري، سردار، مير، پير، مُلان، سندس خواب جا قاتل هُئا. ڀٽو جا سپنا ان خواب نگر ۾ ئي مارجي ويا، جنهن خواب نگر جو ڀٽو شهزادو هو. ڀٽو جيڏو وڏو عقلمند هو اوڏو وڏو کلاڙي هو پر ان سان گڏ هٺ به هوس. کيس اندازو نه هو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ساڻس ئي گڏ بيٺل جاگيردارن ۽ سرمائيدارن ذريعي سندس تڏا ويڙهه جي ڪوشش ڪري رهي هئي. خود عالمي سامراج آمريڪا کي به اهو خطرو هو ته ڀٽو چين، روس ۽ عرب ملڪن سان گڏجي ايشيا ۾ سندس لاءِ وڏا مسئلا کڙا ڪري رهيو آهي. شاهه فيصل، ياسر عرفات، ڪرنل قذافي، شاهه حسين سميت اسلامي بلاڪ جي ڳالهه ڪندڙ سمورا مسلمان حڪمران آمريڪا جي اڻ وڻندڙ لسٽ ۾ شامل هئا. ڀٽو سان گڏ بيٺل سندس يار وفادار نه هئا. هونئن به سنڌ جي وڏيرڪي ڪلاس جي اها وڏي بيماري آهي، سندن وفاداري صرف اقتدار سان هوندي آهي. ڀٽو کي اندازو ئي نه هو ته مولانا ڪوثر نيازي، غلام مصطفيٰ کر، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ ٻيا جاگيردار ڪهڙي طرف وڃي رهيا هئا. هوائن جو رخ بدلجي رهيو هو. سوشلسٽ ڀُٽي کان اسلامي قانون منظور ڪرايا ويا، قاديانين کي غير مسلم قرار ڏياريو ويو، بلوچستان ۾ آپريشن کي جاري رکيو ويو، نيشنل عوامي پارٽيءَ جي سرڪار ختم ڪرائي وئي، سانگهڙ ۾ حُرن خلاف آپريشن ڪرايو ويو، هر طرف ڀٽو جا دشمن وڌڻ لڳا. پاڪستان قومي اتحاد ٺهرايو ويو. 1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي بنياد تي هنگاما ڪرايا ويا ۽ نيٺ 5 جولاءِ 1977ع تي مارشل لا لڳائي وئي. ڀٽو ازم جو اي ٽي ايم ڪارڊ بعد ۾ 1988ع کان وٺي 2013ع تائين وفاقي سرڪار جي اي ٽي ايم مشين ۾ استعمال ٿيندو رهيو ۽ ڀٽو جي پارٽيءَ کي اقتدار تائين سنڌين جو اي ٽي ايم ڪارڊ پهچائيندو رهيو. اڄ به سنڌ ۾ سنڌين جي اي ٽي ايم ڪارڊ (ووٽ) تي سرڪار هلي رهي آهي ۽ سنڌي ايڏا سخي آهن جو اکيون بند ڪري ڌمال هڻڻ ۾ پُورا آهن. ان جو ڪارڻ اِهو آهي ته هرطرف بي ايمانيءَ جو راڄ آهي، هرڪو ئي اسان کي لُٽڻ، ڦرڻ ٿو چاهي، فريب ڪرڻ ٿو چاهي، دوکو ۽ دولاب ڪرڻ ٿو چاهي، اسان جي اکين ۾ ڪوڙا خواب ٿو ٽنبڻ چاهي، ڇو ته هُو اسان کان اسان جو اي ٽي ايم ڪارڊ وٺي استعمال ڪرڻ ٿو چاهي. سنڌين جا اي ٽي ايم ڪارڊز ورهائجي رهيا آهن، ڪجهه بلاول جي کيسي ۾ ته ڪجهه عمران خان جي پرس ۾، ڪجهه پير پاڳاري جي جهوليءَ ۾ ته ڪجهه وري ٻين وٽ.

سنڌين کي اندازو ئي ناهي ته هر ڌر سندس اي ٽي ايم ڪارڊ جو ”پاس ورڊ“ (ڪوڊ) چورائڻ چاهي ٿي، سڀني ڌرين جي منزل ساڳي آهي. سنڌ ۾ ترقي ۽ تبديليءَ جو خواب هاڻي کوٽيل رستن جهڙو سفر بڻجي چُڪو آهي، جنهن جا کڏا وڏا ٿي رهيا آهن، پر گذريل ويهارو سالن کان اهو رستو اڻ پورو آهي، سفر ٿڪائيندڙ پيو بڻجي. ڪرڙ ۽ ڪانڊيري جي اکين ۾ سپنا هميشه لاءِ پُورجي ويا، ڇو ته اهي اکيون ئي پُورجي ويون، نه اسپتال ۾ علاج مليو، نه اسڪول ۾ علم مليو، نه گهر تائين پڪو رستو مليو نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مليو نه اڇو اُجرو اٽو، لٽو، اجهو مليو نه آزادي آئي نه انقلاب آيو. جمهوريت جي نالي تي مليو ته فراڊ مليو. تبديليءَ جي نالي تي ڪوڙ جا قصا مليا. سنڌي ماڻهوءَ جي قسمت جي ڊڪشنريءَ ۾ ڪوڙ جي معنيٰ واري خاني ۾ رڳو ڀوتار ئي نه مليا پر دوکيباز دانشور، ليڊر، مُلان، عالم، اديب، اسڪالر، جڳاڙي جمهوريت پسند، قومپرست، آفيمي انقلابي ۽ مفادپرست ميڊيا جا لکيل لفظ مليا. سنڌي عوام جي ڊڪشنريءَ ۾ سچ کي ڳولجي ٿو ته ڪوڙ لکجي اچي پيو. جديد سيٽلائيٽ جي زماني ۾ سنڌين جي گوگل سرچ ۾ به ڪٿي سچ نه ٿو اچي، ڳولي ڳولي ٿڪجي پونداسين ته به سچ بدران ڪوڙ ملندو. هر شعبي ۾ ڪوڙ، هر اداري ۾ ڪوڙ، هر ماڻهو ڪوڙ جو سهارو وٺي ڪم ڪڍڻ ٿو چاهي. وزير، مشير، حڪمران ڇڏيو، امير ڇڏيو، آفيسر ڇڏيو، غريب وٽ به ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نه بچيو.

هن سڄي پٽاڙ کانپوءِ ذهن ۾ سوال اڀريو جيڪو هر سڄاڻ ماڻهوءَ جو سوال هوندو ته آخر ان سڀ ڪجهه هوندي به ڪرڻ ڇا گهرجي؟ آخر سمورن مسئلن جو حل ڇا آهي؟ آخر سنڌ لاءِ آجپي، انقلاب، ترقي ۽ تبديليءَ جو سپنو ساڀيان ڪيئن ٿيندو؟ اچو ته گڏجي ننڍڙي سطح تي تبديلي آڻيون. پنهنجي گهر ۾، پاڙي ۾، ڳوٺ ۾، شهر ۾ موجود اسڪول، اسپتال، هنرمند مرڪز، نياڻين جي اسڪول، ڪميونٽي سينٽر تي نظر ضرور وجهون. سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي ئي ڪجهه نه ڪجهه آواز ضرور اٿاريون. سنڌ ۾ ايماندار ۽ فضيلت ڀرين ماڻهن جو قدر ڪرڻ ضرور سِکون. ووٽ جو اي ٽي ايم ڪارڊ سوچي سمجهي استعمال ڪريون، ان ڪارڊ جو ڪوڊ نمبر پنهنجي اندر ۾ ئي محفوظ رکون. سنڌ ۾ سُٺا ماڻهو، سنڌ دوست ماڻهو، انسان دوست ماڻهو ضرور موجود آهن پر اليڪشن جو ڪاروبار حرام جي پئسن جو ڪاروبار بڻجي ويو آهي. اليڪشن جوئا جو مثال آهي، هرڪو ئي ڇڪو هڻڻ ٿو چاهي، پئسو ڪمائڻ ٿو چاهي، پر اچو ته گڏيل سوچ، گڏيل فهم ۽ گڏيل صلاح سان سنڌ جو ڀلو سوچيون، اجتماعيت جي ادراڪ سان اڳتي وڌون.

aajizjamalijamali@yahoo.com

 

پ پ سرڪار جي آبادگارن ۽ هارياڻين سان ارهه زورائي…!

گذريل ڏينهن آبادگارن پاران سنڌ سرڪار جي ڪمند جي اگھن بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي شگر مِل مالڪن پاران عمل نه ٿيڻ، پوڇڙي جي زمينن تي پاڻي نه پهچڻ، زراعت بابت واضح پاليسي نه هئڻ، نقلي دوائن جي وڪري خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سميت 14 مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ ايڪريڪلچر ريسرچ ڪائونسل (سارڪ) فارمر آرگنائيزيشن ڪائونسل ۽ ننڍن وڏن آبادگارن توڙي هاري عورتن پاران علي پَلهه، جاويد جوڻيجو، ڊاڪٽر شڪيل پلهه، مير مرتضيٰ اوٺو، عباس علي ڪالرو، ولي محمد ٿيٻو، ايڊووڪيٽ نهال لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بوٽ بيسن بينظير پارڪ کان بلاول هائوس تائين مارچ ڪيو ويو. جنهن کي پوليس بوٽ بيسن وٽ بلاول هائوس پهچڻ کان اڳ ئي روڪي ورتو. بلاول هائوس ويندڙ سمورا رستا رڪاوٽون رکي سِيل ڪيا ويا هئا. آبادگارن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ پوليس آبادگارن مٿان لٺبازي ڪري ڏني ۽ واٽرڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال به ڪيو ويو. پوليس جي بدترين تشدد سبب علي خاصخيلي سميت 10 ڄڻا زخمي به ٿي پيا. جڏهن ته پوليس احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ علي پلهه، جاويد جوڻيجو، ولي محمد، غلام محمد ناگور سميت 100 کان مٿي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪري ورتو. جن کي آرٽلري ميدان، بوٽ بيسن، صدر سميت ٻين مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو. ان حوالي سان آبادگار اڳواڻن شڪيل پَلهه ۽ ٻين چيو آهي ته پرامن احتجاج ڪري رهيا هئاسين. سنڌ سرڪار ڪمند جو سرڪاري اگھه 182 روپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي پر ان تي شگر مِل مافيا عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن ڪري آبادگارن جو مسئلو اگھه مقرر واري نوٽيفڪيشن بعد به حل ناهي ٿي سگھيو. آبادگار پنهنجو ڪمند ساڙڻ تي مجبور آهن پر حڪومت شگر مِل مافيا جي ونگار وهڻ بند نه ٿي ڪري. بلاول هائوس اسان 14 نڪاتي چارٽر آف ڊمانڊ کڻي وڃي رهيا هئاسين جنهن ۾ مطالبا هئا ته ڪمند جي آبادگارن لاءِ هر سال پيش ايندڙ مسئلو حل ڪيو وڃي، ۽ آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير مقرر ڪيو وڃي. زراعت بابت ڪا به پاليسي ناهي ان ڪري مستقل پاليسي جوڙي وڃي. نقلي دوائن جا بااثرن جي آشيرواد سان دڪان هلي رهيا آهن نقلي دوائون کپائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪڻڪ جي بارداڻي جي هر سال منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي. جيئن ننڍن آبادگارن کي به ڪڻڪ جو بارداڻو ملي سگھي. هنن الزام هنيو ته ڪڻڪ جو بارداڻو هر سال ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ٿو. جنهن جا ثبوت اسان عدالت ۾ به جمع ڪرائي چُڪا آهيون. اسان جا مُک اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن، جن جي آزادي بعد اڄ اسان ايندڙ لائحه عمل بابت اهم اعلان ڪنداسين. احتجاج کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي.

 

سپريم ڪورٽ حديبيه پيپر ڪيس بابت لائيو شوز تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ)   سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  حديبيه پيپر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نيب جي التوا جي اپيل  جي درخواست رد ڪندي واضع ڪيو آهي ته پراسيڪيوٽر نيب جو عهدو خالي ٿين ڪيس جي التوا جو ڪوئي بنياد ناهي ۽ پراسيڪيوٽر جي مقرري سان اسان جو ڪو واسطو ناهي، ڪيس ملتوي نه ٿيندو،  عدالت سان مذاق نه ڪئي وڃي اسان لاءِ هر ڪيس هائي پروفائيل آهي. ڇو نه اوهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي ڪيون، جڏهن ته سپريمڪورٽ حديبيه پيپر ملز ريفرنس کولڻ جي نيب جي درخواست جي ٻڌني دوران حديبيه  پيپر جي حقيقتن بابت  لائيو شو تي پابندي هڻي ڇڏي. سومر تي سپريمڪورٽ جي جج جسٽس مشير عالم قاضي  جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي فائض عيسيٰ ۽ جسٽس مظهر عالم خان تي ٻڌل سپريمڪورٽ جي ٽن ججن تي ٻڌل  بينچ حديبيه پيپر ملز ريفرنس کولڻ جي نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي نيب جي وڪيل چيو ته نيب پراسيڪيوٽر جو عهدو خالي آهي. تنهن ڪري مناسب ٿيندو ته هن اهم ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر پاڻ پيش ٿئي. جسٽس مشير عالم رمارڪس ڏنا ته پراسيڪيوٽر نيب جو عهدو خالي ٿيڻ ڪيس جي التوا جو ڪوئي بنياد ناهي ۽ پراسيڪيوٽر جي مقرري سان اسانجو ڪو تعلق ناهي. ڪيس ملتوي نه ٿيندو. جسٽس قاضي فائض عيسيٰ چيو ته عدالت سان مذاق نه ڪئي وڃي اسان لاءِ هر ڪيس هائي پروفائيل آهي ڇو نه اوهان جي خلاف توهين عدالت ڪاروائي ڪئي  وڃي. جسٽس قاضي فائض عيسي نيب جي وڪيل کان پڇا ڪئي ته التوا جي درخواست جي هدايت ڪنهن ڏ ني جنهن تي وڪيل ٻڌايوته التوا جي درخواست جو  فيصلو نيب جي چيرمين جي سربراهي جي اجلاس ۾ ٿيو، جنهن  تي جسٽس   فائض عيسيٰ چيو ته پوءِ ڇو نه  اسان نيب جي چيرمين کي گھرايو جنهن تي و ڪيل چيو ته پراسيڪيوٽر نيب جي ثمري اماڻي وئي آهي جيڪا جلدي منظرو ٿي ويندي، ان کانپوءِ عدالت نيب جي وڪيل جي دليلن کانپوءِ ڪيس  ملتوي ڪرڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب عدالت  کي ٻڌايو ته 10 ڊسمبر 2000 تي نوازشريف جلا وطن ٿيو هو ج نهن تي جسٽس فائض عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ان وقت پاڪستان کي ڪهڙي حڪومت هلائي رهي هئي ، جنهن تي و ڪيل چيو ته ان وقت چيف ايگزيڪٽو پرويزمشرررف هيو، جسٽس مشير عالم چيو ته جوابدار اٽڪ ۾ هيو ته جھاز هائيجيڪ ڪيس ڪراچي ۾ ڪيئن هليو. جڏهن ته جسٽس قاضي فائض عيسيٰ چيو ته روپوش جو  ته ٻڌو هو جلاوطني جو حڪم ڪيئن آهي نيب جي وڪيل ٻڌايو ته معاهدي تحت نوازشريف کي ٻاهر اماڻيو ويو ۽ هو پاڻ ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو، جنهن جسٽس قاضي عيسيٰ چيو ته خود ٻاهر ويو هو ته روپوش قرار ڏيڻ جي ڪاروائي ٿيڻ گھرجي ها، ڇا جلاوطن جي ڪائي  قانوني حيثيت آهي؟ ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن تي ٻڌل بينچ چيو هو ته حديبيا جو تعلق  پاناما سان آهي جنهن تي جسٽس قاضي فائض عيسيٰ چيو ته توهان پنهنجي داري کي آپگھاتي حملو ڪري رهيا آهيو، توهان جيڪو مثال قائم ڪري رهيا آهيو اهو خطرناڪ آهي پاناما ۾ آبزرويشن نه اچي هان ته اوهان اپيل داخل نه ڪيو ها، جسٽس قاضي فائض عيسيٰ ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب کي چيو ته اوهان جيڪا ڳالهه ڪري رهيا آهيو ته اهو هڪ  اقليتي موقف آهي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريمڪورٽ جي آڏو جڏهن معاملو ايندو ته پوءِ ڏسنداسي، خانگي ٽي وي موجب عدالت حديبيا پيپز جي حقيقتن بابت لائيو شو تي پابندي مڙهيندي چيو ته حديبيا پيپر ملز ريفرنس ڪيس جي رپورٽ جي اجازت هوندي تبصرن جي نه هوندي . جنهن کان پوءِ عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻِي اڄ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

لاڙڪاڻي جو پاڻي گندو آهي ته سرگوڌا جو به ٺيڪ ناهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ هائوس ۾ سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشنيءَ ۾ سنڌ اندر صاف پاڻيءَ مهيا ڪرڻ لاءِ اهم اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ ڪراچيءَ سميت سڄي صوبي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ صنعتي پاڻيءَ جي ٽريٽمنٽ وارن مامرن تي غور ويچا ڪيو ويو . اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ڄام خان شورو، فياض ٻٽ، محمد علي ملڪاڻي، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، سيڪريٽري آبپاشي سيد جمال شاهه، سيڪريٽري بلديات، ايم ڊي واٽر بورڊ، وائس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اجلاس جو مقصد سپريم ڪورٽ جي حڪن تحت صاف پاڻي کي پهچائڻ، ميونسپل جي گندي پاڻي کي ڪينالن ۾ نه وهائڻ، ڪي فور ۽ ايس ٿري جي منصوبن جي تڪميل وارو مدو مقرر ڪرڻ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ اسانجي مدد ڪري رهي آهي اسانکي انهن مسئلن کي سنجيدگي، سچائي ۽ پنهنجو ڪم سمجهي صاف پاڻي عوام کي مهيا ڪرڻ آهي ۽ گندي پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ آهي. وڏي وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڏيندي چيو ته لاڳاپيل آفيسر وزيرن جي نگرانيءَ ۾ بهترين طريقي سان ڪم ڪن. هن چيو ته سمورا ادارا جن تي پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪالي جون ذميواريون آهن اهي پنهنجو قبلو درست ڪن. وڏي وزير چيو ته بهتر پاڻي جي فراهمي بابت ايندڙ هفتي ۾ مان هڪ ٻيو اجلاس سڏرائيندس جنهن ۾ سمورا لاڳاپيل آفيسر پنهنجي ڊيٽ لائن ٻڌائيندا. وڏي وزير سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي واضح نياپو ڏيندي چيو ته مان هر ضلعي جو هدف وٺن چاهيان ٿو ۽ هر ضلعو پنهنجو پنهنجو هدف ٻڌائي. هن سختيءَ سان هدايت ڪندي چيو ته صاف پاڻيءَ جي پهچ ۽ گندي پاڻيءَ جي الڳ فراهمي، پاڻيءَ کي صاف ڪري گندي پاڻيءَ کي واهن ۾ وهائڻ، ڪوٽڙيءَ وٽان گندو پاڻي واهن ۾ وهائڻ کي روڪڻ اهڙا ڪم آهن جن ۾ ڪا غفلت برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته مان ذاتي طور تي سڀني ضلعن جو دورو ڪندس. وڏي وزير چيو ته مون کي صاف پاڻيءَ وارو مسئلو هر صورت حل ڪرڻو آهي، مان پاڪستان نيوي، ڪي پي ٽي، صنعتڪارن سميت سمورن ادارن کان ان مسئلي کي حل لاءِ مدد وٺندس، شهر کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ وهاست جي نظام کي به پروفيشنل بنيادن تي اپ گريڊ ڪرڻ آهي. هن چيو ته مون کي پاڻيءَ جي ورهاست وارو نظام، بحالي ۽ وڌيڪ علائقن کي نيٽورڪ ۾ آڻڻ لاءِ به ٽائم فريم گهرجي. بلديات واري وزير وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست واري نظام ۾ ڪيترائي مسئلا آهن. وڏي وزير چيو ته جڏهن اسان ورهاست واري نظام کي بحال ڪري رهيا آهيون ته ان کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقي سان بڻايو وڃي ۽ ان ڪم ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي اسان جي مدد ڪن. هن چيو ته علائقي وار پاڻيءَ جي ورهاست واري نظام کي به اپ گريڊ ڪرڻ چاهيان ٿو. هڪ هڪ علائقي، جهڙوڪ گلشن اقبال، يونيورسٽي روڊ، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪم شروع هئڻ گهرجي ۽ مونکي اهو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪرڻو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڄام خان شوري کان سوال ڪندي پڇيو ته ان منصوبي تي ڪيتري لاڳت ايندي ۽ ڪيتري عرصي ۾ مڪمل ٿيندو؟ ۽ ان منصوبي بابت مون کي فوري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ هڪ الڳ انجنيئرنگ يونٽ مقرر ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته ان مسئلي کي پروفيشنل بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي. ڄام خان شوري وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته 446 ملين رپيا پاڻيءَ ۾ ڪلورين ملائڻ ۽ ليب جي ساز ۽ سامان لاءِ مختص ڪيا ويا آهن جن تي ڪم شروع ڪيو ويندو. 58 ملين رپيا فلٽر پلانٽن جي بحاليءَ ۽ فزيبلٽي لاءِ 3500 ملين رپيا مختص آهن. 6025 ملين رپيا 65 ايم جي ڊي منصوبي جي ٽرينڊر کولڻ لاءِ مختص آهن جيڪو ٽرينڊر 22 ڊسمبر تي کلندو ۽ اهو منصوبو جون 2020ع ۾ مڪمل ٿيندو. 1620 ملين رپيا 100 ايم جي ڊي منصوبي تي ڪم جي رفتار وڌائڻ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته منهنجو مقصد آهي ته پاڻي گهرن ۾ ايئن پهچي جنهن کي اُٻاري پي سگهجي ۽ اهو ڪم انهيءَ ريت هئڻ گهرجي. وڏي وزير ڪراچي واٽر بورڊ کي هدف ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر ڪراچي واٽر بورڊ پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ته اهي ڪيترو پاڻي شهر کي مهيا ڪندا، فلٽريشن جو معيار ڇا هوندو ۽ پاڻيءَ جي ورهاست ۾ بهتري ڪهڙيءَ ريت ممڪن آهي؟. هن چيو ته جيڪڏهن سمورا ڪم ايندڙ ٻن سالن تائين مڪمل ڪيا ويندا ته ان لاءِ ڪيترو فنڊ گهربل هوندو. وڏي وزير هدايت جاري ڪندي چيو ته سنڌوءَ ديارهه مان ڪراچيءَ جي هر شهريءَ جي گهر تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ (1) وڏي تعداد ۾ پاڻيءَ جي فلٽريشن، (2) هاڻوڪي نظام جي اپ گريڊيشن (3) فلٽر پلانٽ جي اپ گريڊيشن ۽ نوان پلانٽ لڳائڻ (4) ڄاڻايل ڪمن جي تڪميل جو مدو (5) ان تي ڪيتري لاڳت ايندي. اها رپورٽ مون کي هفتي اندر گهرجي. هن چيو ته واٽر بورڊ سان گڏجي اين اي ڊي يونيورسٽي سهڪار ڪندي ۽ پاڪستان نيوي کي درخواست ڪئي ويندي ته اهي به ان ڪم ۾ مدد ڪن. واٽر بورڊ اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته 500 ايم جي ڊي نيڪاليءَ جو پاڻي ايندو آهي، اسان وٽ ٽي ٽريٽمنٽ پلانٽ آهن. ٽريٽمنٽ پلانٽ (ون) جي اپ گريڊيشن جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ٽريٽمنٽ پلانٽ (ٿري) جا ٽي پمپ مرمت ڪيا پيا وڃن جنهن جو ڪم هلندڙ آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته 700 ايم جي ڊي ايندڙ ٻن سالن ۾ ٽريٽ ٿيڻ گهرجي. ان جي تياريءَ جي رٿابنديءَ بابت مون کي آگاهه ڪيو وڃي. هن سوال ڪندي پڇيو ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ موهن جي دڙي ۾ نيڪاليءَ وارو نظام بڻايو ويو هو، پوءِ اڄ ڇو واٽر بورڊ شهر ۾ موثر نيڪالي جي نظام کي بڻائڻ کان قاصر آهي؟. بلديات واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته ايس ٿري تحت هڪ مربوط نظام بڻائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 33320 ملين رپين جي لاڳت سان آر سي سي انٽر سيپٽر لياري، 22741 ملين رپيا آر سي سي انٽر سيپٽر ملير ندي وارا منصوبا تعمير ڪيا ويندا. ايس ٽي پي (ون) جي اپ گريڊ ٿيڻ سان روزاني 51 ايم جي ڊي کان 100 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي ٽريٽمنٽ ٿيندي. ايس ٽي پي (ٿري) جي گنجائش 54 ايم جي ڊي کان وڌائي 180 ايم جي ڊي ٿي ويندي، جڏهن ته ايس ٽي پي (فور) جنهن جي گنجائش 180 ايم جي ڊي هوندي اهو ڪورنگي ۾ تعمير ڪيو ويندو. هن وقت ياسين آباد کان ميرپور تائين گندي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جي لائن تعمير هيٺ آهي. ياسين آباد منصوبي تي 90 سيڪڙو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ جون 2018ع ۾ اهو مڪمل ٿيندو. ٽريٽمنٽ پلانٽ (ون) ۽ ٽريٽمنٽ پلانٽ (ٿري) جي اپ گريڊيشن جون 2018ع تائين مڪمل ٿيندي. وڏي وزير ڪراچي واٽر بورڊ کي هدايت ڏيندي چيو ته مون کي شهر جي نيڪاليءَ واري پاڻي جي نظام تي هڪ جامع ۽ مربوط پلان تيار ڪري ڏيو. مان چاهيان ٿو ته صنعتن جو گندو پاڻي واٽر ٽريٽ ڪري ٻيهر صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. جرمنيءَ ۾ صنعتن جو پاڻي ٻيهر استعمال ڪيو ويندو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اهو ڪم هتي ڪري سگهجي ٿو پر اهو تمام مهانگو پوندو. ان تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪا سستي ٽيڪنالاجي خريد ڪئي وڃي، اسان پنهنجو پاڻي ڇو ضايع ڪريون؟. اسپتالن جي گند ڪچري کي سائنٽيفڪ ريت ضايع ڪيو وڃي. اسپتالن جي مايع گند به اهم نالن ۾ وهندو آهي جيڪو صحيح نه آهي، ان لاءِ ضروري اپاءِ ورتا وڃن. سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهي اجلاس کي ٻڌايو ته ٻه ٽريٽمنٽ سسٽم ڪراچيءَ لاءِ، هڪ نوابشاهه ۽ هڪ سکر جي اسپتالن لاءِ لڳائڻ وارو منصوبو حتمي مرحلي ۾ آهي. لاڙڪاڻي جي ٽريٽمنٽ پلانٽ تي ڪم هلندڙ آهي. وڏي وزير صحت واري وزير کي هدايت ڪئي ته مون کي انهن مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن جو حل بشمول متوقع لاڳت ۽ ٽائم فريم بڻائي، هفتي اندر تفصيل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ايم ڊي واسا وڏي وزير کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ 60 ايم جي ڊي پاڻي دستياب آهي، 30 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي فراهمي جو فلٽر پلانٽ ڪنهن حد تائين ڪم ڪري رهيو آهي، ان پلانٽ لاءِ 4 نيون ڪلورين ڀتون لڳائي رهيا آهيون (نيئن ليب تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي). حيدرآباد ۾ ٽي ٽريٽمنٽ پلانٽ آهن، نادرن سيوريج ٽريٽمنٽ پلانٽ 9 ايم جي ڊي، سدرن پلانٽ 7 ايم جي ڊي، ويسٽرين پلانٽ 2.50 ايم جي ڊي آهن، انهن جي ڪل ٽريٽمنٽ جي صلاحيت 18.50 ايم جي ڊي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته حيدرآباد ۾ مهراڻ يونيورسٽي شهر ۾ پاڻيءَ جي ٽريٽمنٽ، ڊسٽريبيوشن ۽ انڊسٽريل ايفليوئنٽ  جي ٽريٽمنٽ ۾ واسا جي مدد ڪري.

 

استثنيٰ جي درخواست رد، احتساب عدالت اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي احتساب بيورو پاران اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ داخل آمدني کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جي ريفرنس ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير کي اشتهاري قرار ڏيندي 3 ڏينهن ۾ 50 لک رپيا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، سومر تي عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي شروع ٿي ته اسحاق ڊار پاران سندس وڪيل عدالت ۾ نئين ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي، اسحاق ڊار جي وڪيل قوسين فيصل مفتي نئين ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪندي عدالت کي اپيل ڪئي ته اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار نه ڏنو وڃي، هن چيو ته ميڊيڪل رپورٽ لاءِ اسان کي اسحاق ڊار جي ايم آءِ آر جي رپورٽ جو انتظار هو، سندس سيني ۾ اڃا به تڪليف آهي، دل جي شريان ۾ معمولي مسئلو آهي، هن چيو ته اسحاق ڊار جون وڌيڪ ٽيسٽون ٿيڻو آهن، جڏهن ته نيب گذريل رپورٽن جي اڃاتائين تصديق نه ڪرائي آهي، نيب جي گواهه عمران شفيق عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کي سموري عدالتي ڪارروائي جي خبر آهي تنهنڪري اسان کي وارنٽ لنڊن موڪلڻ جي ضرورت نه آهي، هن چيو ته هر ميڊيڪل رپورٽ ٻي رپورٽ کان مختلف آهي، اسحاق ڊار کي دل ۾ ڪا به تڪليف نه آهي، عدالت جي جج محمد بشير ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اسحاق ڊار جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، ان کانپوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏنو.