تازيون خبرون

Daily Archives: December 7, 2017

اجي ديوگن  سان گڏ ڪم ڪرڻ تمام آسان آهي : ايلينا ڊي ڪروز

ممبئي  (شوبز نيوز) اداڪاره جو چوڻ آهي ته ا جي ديوگن  سان گڏ ڪم ڪرڻ فلم “بادشاهو” ۾ تمام آسان لڳو.  باليوڊ اداڪاره ايلينا ڊي ڪروز  چيو ته اجي ديوگن انهن ماڻهن مان  آهي جن سان گڏ ڪم ڪرڻ تمام آسان آهي.  ڀارتي ميڊيا جي مطابق اداڪاره ايلينا ڊي ڪروز جو چوڻ آهي ته  اجي ديوگن  سان گڏ ڪم ڪرڻ فلم “بادشاهو” ۾ تمام آسان لڳو.

 

سوناڪشي فلم “هيپي ڀاگ جائينگي2” جي شوٽنگ ۾ مصروف

ممبئي (شوبز نيوز) سوناڪشي سنها جو شمار انهن اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو  جو معاشري ۾ عورتن  کي مردن  جي برابر آڻڻ چاهين ٿيون.  تازو ئي اداڪاره هڪ  ايوينٽ ۾  جي دوران باليوڊ ۾ اداڪارائن  جي وچ ۾ ٿيڻ واري جھيڙي  جي  تي سوال ڪيو ويو  ان تي اداڪارا  بغير سوچي سمجھي نهايت ئي تنقيدي جواب ڏنو، سونا ڪشي  ان سوال جي جواب ۾  چيو ته هي سوال صرف اداڪارائن  کان پڇيو ويندو آهي.  اداڪار پاڻ کي باليوڊ ۾ وڌيڪ غير محفوظ  سمجھندا آهن،  ۽ مرد اداڪار عورتن کان وڌيڪ هڪ ٻئي جي برائي ڪندا آهن. ڪيترائي دفعا سوناڪشي جو نالو به اهڙي طرح خبرن جو حصو بڻيو آهي.  جھڙي طرح ٻين اداڪارائن  سان گڏ ٿيڻ واري جھيڙي  جون خبرو سامهون اينديون آهن.  ان جھيڙي جي شروعات ان وقت ٿيو جڏهن  ڪرينا  هڪ شو پي سونا ڪشي   کي اداڪاراه کانسواءِ گھريلو عورت ٿيڻ جو مشورو ڏنو.  دلچسپ ڳالهه هي آهي ته ان دوران سونا ڪشي سنها  جو نالو شاهد ڪپور سان گڏ جوڙيو ويندو هو.  جيڪو ڪرينه ڪپور  جو اڳوڻو بواءَ فرينڊ هيو،  جيڪڏهن فلمن جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته سونا ڪشي جي فلم “هيپي ڀاگ جائينگي2”  جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.

 

نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

هملٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ (سڀاڻي) ڇنڇر کان هملٽن ۾ شروع ٿيندي. ميزبان ٽيم نيوزيلينڊ ٽي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. بليڪ ڪيپس ويلنگٽن ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اننگز ۽ 67 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. فاسٽ بالر ٽم سائوٿي جي ٻيهر اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين بي جي وائلنگ اڃا تائين مڪمل طور تي فٽ نه ٿي سگهيو آهي. ان لاءِ هو پهرين ٽيسٽ کان پوءِ آخري ٽيسٽ کان پڻ ٻاهر ٿي ويو آهي. جڏهن ته هم فرگوسن ٻئي ٽيسٽ کان اڳ ٻيهر ڪيوي اسڪواڊ کي جوائن ڪندو.

 

ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 10 ڊسمبر تي کيڏي ويندي

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 10 ڊسمبر تي ڌرم شالا ۾ کيڏي ويندي. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. ان کان اڳ ميزبان ڀارتي ٽيم آءِ لينڊرز کي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-1 تان شڪست ڏني هئي. تفصيل موجب ميزبان ٽيم آءِ لينڊرز کي ٻي ميچ ۾ هڪ اننگز ۽ 239 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 تان سرسي حاصل ڪئي هئي جيڪا آخر تائين برقرار رهي سيريز جون ٻه ميچون بنا ڪنهن فيصلي جي ختم ٿيون هيون. ياد رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ 13 ڊسمبر تي چنڊي ڳڙهه ۾ ۽ ٽين ۽ آخري ون ڊي 17 ڊسمبر تي وشاکاپٽنم ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ 20 ڊسمبر تي ڪوٽڪ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽي 20 ميچ 22 ڊسمبر تي اندور ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 24 ڊسمبر تي ممبئي ۾ کيڏي ويندي.

 

بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ تسليم ڪندڙ ٽرمپ ڪير آهي..؟: غلام مصطفي جمالي

1099ع ۾ پهرين صليبي جنگ لڳي لڳ ڀڳ 70 هزار مسلمان مارجي ويا ۽ صليبي قابض ٿي ويا 1187ع ۾ سلطان صلاح الدين ايوبي عيسائن کي شڪست ڏني ۽  قابض ٿيو  ڊسمبر 1917ع ۾ پهرين جنگِ عظيم تي انگريزن بيت المقدس ۽ فلسطين  تي قبضو ڪري ورتو يهودين کي آباد ٿيڻ جي عام اجازت ڏئي ڇڏي 1947ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يهودين نصارا جي سازش هيٺ هڪ تاريخي ڌانڌلي سان فلسطين کي عربن ۽ يهودين ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو اهڙي طرح 14 مئي 1948 ع تي يهودين اسرائيل جي بنياد وجھڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو اهڙي طرح عرب يهودي جنگ لڳي وئي يهودين اسرائيل جي 78 سيڪڙو علائقي تي قبضو ڪري ورتو يروشلم ۽ بيت المقدس توڙي ڀرپاسي وارن علائقن تي اردن قابض ٿيو

جون 1967ع ۾ ٽين عرب اسرائيل جنگ لڳي جنهن ۾ اسرائيلين يروشلم ۽ بيت المقدس تي قبضو ڪري ورتو اهڙي نموني قبلِ اول بيت المقدس اڄ سوڌو يهودين جي قبضي هيٺ آهي ۽ اسرائيلين هتي ئي پنهنجو دارالحڪومت جوڙي ڇڏيو آهي  اسرائيل جيڪو هن وقت دنيا جي وڏي خطرناڪ طاقت بڻجي چڪو آهي جيڪو عربن کي تقسيم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي اسرائيل جي دنيا جا سمورا طاقتور ملڪ مدد ڪندا رهيا آهن هن وقت  اسرائيل اهو ٻه منهون نانگ بڻجي ويو آهي جيڪو ڪنهن جي وٺ ۾ نٿو اچي اسرائيل عرب جنگ جو رخ تبديل ڪري فلسطين اسرائيل ويڙھه  بڻايو ويو ۽ عرب هٿ ڪڍي ويا ڪيترن مسلمان ملڪن ۾ اسرائيل جا سفارتخانا پڻ موجود آهن اصل ۾ هي جنگ مسلمانن ۽ يهودين جي وچ ۾ هئي پر يهودين جي پاليسي موجب هن جنگ کي عرب ، اسرائيل بڻايو ويو ته جئين مسلمان ملوث نه ٿي سگھن عرب اسرائيلين لاءِ سولا سهنجا هئا جنهجن جو ئي نتيجو آهي مني صدي کان اسرائيل قابض آهي ۽ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو پيو وڃي فلسطين کي محدود ڪيو يو آهي انڪري ئي شايد هن وقت اسلام دشمن

نانگ کان به وڌيڪ مسلمانن لاءِ زهر اوڳاڙيندڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي دٻاءُ هجڻ جي باوجود به اربع جي ڏينهن مقبوضه بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ تسليم ڪري ورتو آهي نه رڳو تسليم ڪري ورتو آهي پر بيت المقدص اندر پنهنجو سفارتي خانو کولڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.هن وقت آمريڪا دنيا جو اهو پهريون ملڪ آهي جنهن بيت المقدص کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو آهي.اهڙي اعلان کانپوءِ سندس بيان سامهون آيو آهي ته اهو ڪرڻ تمام ضروري هوُ.مان سمجهان ٿو ته هي آمريڪا پاران ڪيل اهڙو اعلان آهي جنهن پوري امت مسلمه کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي.آمريڪا جي اهڙي اعلان کانپوءِ مسلمان ملڪ جنهن ۾ پاڪستان سعودي عرب ايران ترڪي اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته آمريڪا پنهنجو ڪيل فيصلو جلد کان جلد واپس وٺي.ٻئي پاسي فلسطين چئي رهيو آهي ته آمريڪا جي ڪيل فيصلي اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ وڌيڪ ڪشيدگيون وجهي ڇڏيون آهن جنهن سان گهرو ويڙهه ٿيندي جنهن اندر ڪيتريون انساني زندگيون تباهه ٿي وينديون.فلسطين جي صدر محمود عباس جو چوڻ هو ته بيت المقصدس فلسطين جي گادي جو هنڌ آهي جنهن کي اسرائيل جي گادي هنڌ تسليم ته پري جي ڳالهه آهي تصور به نه ٿو ڪري سگهجي.

آمريڪا ۽ اسرائيل جي اهڙن خطرناڪ ارادن کانپوءِ حماس پاران اهڙا بيان جاري ڪيا ويا آهن جنهن اندر حماس ويڙهاڪ تنظيم پاران چيو ويو آهي ته آمريڪا جي فيصلي جهنم جا دروازا کولي ڇڏيا آهن.۽ انهن آمريڪا تي حملن جي ڌمڪي به ڏئي ڇڏي آهي.ٻئي پاسي برطانيه جي وزيراعظم ٿهريسامي ٽرمپ جي فيصلي کانپوءِ چيو آهي ته هو اهڙي فيصلي تي اتفاق نه ٿو جڏهن ته اهڙا فيصلا ڪرڻ سان آمريڪا کي ڪو به فائدو ۽ ان سان دنيا اندر امن ڪوششون ناڪام ٿينديون.ٻئي ايران به آمريڪا جي اهڙي فيصلي جي خلاف پنهنجو رد عمل ڏيکاريندي چيو آهي ته اهو فيصلو عالمي قانونن جي خلاف آهي ٻئي پاسي اردن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جو ڪيل فيصلو غلط آهي جنهن سان مسلمان ملڪن جي عوام جي دلين اندر آمريڪا جي خلاف نفرتن جو آڙاهه ڀڙڪي اٿيو آهي جيڪو شعلو بنجي کيس تباهه ڪري ڇڏيندو.جڏهن ته ٽرمپ جي فيلصي تي پاڪستان جي پاڪستاني دفاعي وزير چيو ته آمريڪا جي نظرياتي سوچ هميشه مسلمانن جي خلاف هوندي آهي.هر دفعي اهڙو اعلان ضرور ڪندو آهي جنهن سان پوري مسلمانن اندر تڪليف ڏيندڙ ماحول پيدا ٿي ويندو آهي آمريڪا جو اسرائيل جي گادي جي هنڌ کي بيت المقدس جو نالو ڏيڻ مسلمانن کي چڙ ڏياريندڙ بيان آهي جنهن کي آمريڪا خطي ۾ امن ڏسڻ چاهي ٿو ته جلد کان جلد پنهنجو فيصلو واپس وٺي.

ٽرمپ جي اهڙي فيصلي کانپوءِ پوري دنيا اندر آمريڪا خلاف مظاهرن جو سلسلو جاري ٿي ويو آهي.استبمول اندر آمريڪا جي سفارخاني اڳيان احتجاج ڪندي ٽرمپ جي تصويرن واري پوسٽرن کي پڻ ساڙيو ويو،فلسطين جي ڪيترن ئي شهرن اندر ماڻهو روڊن تي نڪري آيا جڏهن ته غزه اندر به ماڻهو مظاهرو ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا،۽ اسرائيل جي جهنڊي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته مقبوضه شهر الخليل ۾ اسرائيل فورس ۽ فلسطين مظاهرو ڪندڙن وچ ۾ چڪريون  پڻ ٿيون مصر  پڻ انهي آمريڪي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانس به آمريڪا جي اهڙي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي،

اها ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي ته آمريڪا ائين ڇو ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي انڪري مان سمجهان ٿل ته اها سڀني کي خبر آهي ته ٽرمپ مسلمان جي خلاف اتنهاپسندي واري سوچ رکندڙ انسان آهي ۽ انهي سوچ جي ڀيٽ ۾ هوُ اسلام دشمن ملڪن جي حق ۾ پڻ آهي.۽ اها ڳالهه به واضع آهي ته رڳو ڊونلڊ ٽرمپ نه پر ريپبلڪن پارٽي جي هر اميدارو هيمشه  مسلمان جي خلاف تمام گهڻو سخت نظريو اختيار ڪيو آهي.جڏهن ته پاڪستان لاءِ ڪيترائي سال پريشانيون پيدا ڪندڙ ظالم صفت انسان چارج بش ڪنهن کان ڳجهو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي اهو به چيو پيو وڃِي ته هوُ انهي کان وڌيڪ زهريلي سوچ رکندڙ انسان آهي. ۽ سندس سوچ صرف پاڪستان لاءِ به پر پوري دنيا لاءِ تشويش آهي،جڏهن ته پاڪستان جي سياست سان به ريپبليڪن پارٽِي جا تعلقات همِيشه خراب ئي رهيا آهن ڇو ته سندس جنگي ايجنڊا ۽ نيوورلڊ آرڊر کي پاڪستان اندر هيمشه هڪ ڊڪٽيٽر موزون رهيو آهي.جڏهن ته دنيا جي ڪمروز ملڪن تي ڪاهه ڪري انهي معيشت تي قبضو ڪري ۽ انهي قوم کي غلام بڻائي ڪري انهي عوام تي حڪمراني ڪرڻ هميشه ريپبليڪن پارٽي جو منشور آهي.

انهن هميشه ملڪن کي ڪمزور ڪري انهن مان فائده وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جهڙي ريت انهن پروزيرمشرف ۽ جنرل ضياءُ جي دور اندر فائدو ورتو.جڏهن ته ٽرمپ جي کٽڻ کانپوءِ پاڪستان کي ملندڙ فنڊ  پڻ بند ٿيڻ جا امڪان صاف ۽ چٽا بنجي ويا آهن..۽ ٽرمپ جي پاليسي ۽ انڊيا جي پالسي سان گڏ اسرائيل جي پاليسي پڻ پاڪستان لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي.۽ اهو صاف ظاهر آهي ته ريبپليڪن پارٽي مان ڪابه سٺائي جي اميد نٿي رکي سگهجي. هُو صرف ۽ صرف پاڪستان لاءِ مشڪلاتون پيدا ئي ڪري سگهي ٿي.پر رڳو پاڪستان نه پر خد آمريڪا جي وڏي تعداد اندر آمريڪي عوام ٽرمپ جي اليڪشن کٽڻ جي ڪري پريشان حال نظر اچي رهي آهي.انڪري آمريڪي صدر ڊونلڊ پرمپ جنهن جي باري ۾ شايد ئي ڪنهن کي ڄاڻ هجي ته ڊونلڊ ٽرمٽ اصل ۾ ڪير آهي ۽ هوُ ماضي ۾ ڇا ڪندو هوُ،14جون1946 ۾ نيويارڪ شهر جي ۾ پيدا ٿيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو ننڍڙي هوندي کان تعليم سان وابسته رهيو.جنهن 1968اندر يونيورسٽي آف پينسلوانيا مان اڪنامس اندر گريجوشن ڪئي.جڏهن ته سندس تربيت جمائڪا اسٽيئس جي امير ترين گهر ۾ ٿي. هوُ ريئل اسٽيٽس جي تعمير ۽ ترقي سان پڻ وابسته رهيو.هيمشه سندس رويو حاڪمن وارو رهيو.جڏهن ته 1970ع جي ڏهاڙي اندر کاتي انصاف اندر(ٽرمپ) تي آرگنائيزِشن تي فئير هائوسنگ ايڪٽ جي خلاف وزري ڪرڻ جو الزام پڻ لڳو.جنهن جي ذريعي اقليت کي سندس جايون ڪرائي تي وٺڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو هوُ.جڏهن ته اهڙي عدالتي فيصلي کان پوءِ ٽرمپ عدالت کان ٻاهر اهو فيصلو طعه ڪيو جنهن کانپوءِ ٽرمپ(سينٽرل اسٽيشن) مان ملي ڪري هڪ هوٽل خريد ڪئي.جيڪا ديواليه قرار ڏني وئي هئي.تنهن کانپوءِ ان ست ڪروڙ ڊالر اڌار کئنين ۽ پوءِ نيويارڪ سٽي کان ٽيڪس گهريو. انهي جي تعمير ٿي ته ٽرمپ انهي هوٽل جو نالو(گرينڊ هائٽ هوٽل) رکيو.۽ 1971ع ۾ ان پنهنجي والد فريڊ ٽرمپ جي رئيل اسٽيس ۽ ڪنسٽرڪشن ڪمپني جو ڪنٽرول سنڀاليو جنهن جو نالو بعد ۾ تبديل دي ٽرمپ آرگنائيزيشن رکيو.،ڊونلڊ ٽرمپ(دي ٽرمپ آرگنائيشن جي صدر ۽ چيئرمين به آهي.جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ذاتي ملڪيت جو اندازو 4ارب ڊالر تائين لڳايو وڃِي پيو..جڏهن ته هوُ مختلف ڪئپپمنين جي تعميراتي ڪمن ۽ منصوبن جي اشتهارن مهم اندر پنهنجو نالو استعمال ڪرڻ جو پڻ معاضو وٺندو آيو آهي.،جڏهن ته ٽرمپ ٽاور نالي عمارت به ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ سڃاڻپ آهي. جيڪا ويهه ڪروڙ ڊالر جي ملڪيت آهي جيڪا اپارٽمينٽ ۽ جي ٻين ڪاروبار لاءِ استعال ڪئي ويندي آهي..جنهن جي تعمير لاءِ گلابي رنگ جي سنگ مر مر جو استعال ڪيو ويو آهي،جيڪا 58منزلن تي مشتمل آهي.انکان علاوا  آمريڪا ۾ هلندڙ ڪيترن ئي ڪيسنو جو مالڪ هجڻ ڪري به ڊونلڊ ٽرمپ گهڻو مشهور آهي.پر اهڙو به سندس زندگي موڙ آهي جڏهن سندس ملڪيت اندر 1990اندر ڪرِيش ٿي.ان وقت سندس ملڪيت اندر1.7ارب ڊالر ڪري وئي هئي.۽ سندس ملڪيت صرف ۽ صرف 50ڪروڙ ڊالر باقي رهي هئي.۽ اهڙي ماحول اندر ڊونلڊ ٽرمپ تي اهو به وقت آيو جڏهن کيس پئسا اڌارا کڻڻا پيا ۽ نئي سر سرمائيڪاري شروع ڪرڻي پئي.

 

فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ ڳڙهي خدابخش ۾ ڌرڻي جو اعلان: حسن ناز سومرو

فضيله سرڪي جو نالو ٻڌندي ئي سنڌ جو هر ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويندو آهي ته ساڍن يارنهن سال اڳ ۾ هڪ ستن سالن جي نياڻي کي اغواءَ ڪيو ويو هو پر هن مهل تائين هو ملي نه سگھي آهي، عبرت ۾ وجھندڙ هي واقعو ساڍا يارنهن سال اڳ ۾ ٺل شهر جي علائقي ڳڙهي حسن سرڪي ۾ پيش آيو هو، اهو واقعو ڇو پيش آيو…….؟؟ اهو واقعو ڪنهن ڪرايو….؟؟ ان واقعي کي پيش ڪرائڻ ۾ ڪهڙا هٿ ملوث آهن ان باري ۾ پوري سنڌ جي ميڊيا آواز اٿاريندي رهي آهي پر ساڍا يارنهن سال گذري ويا آهن پر هن مهل تائين فضيله سرڪي جي ڪا خبر پئجي نه سگھي آهي.

فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ هزارين سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سندن والدين سان ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيا پر فضيله سرڪي جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگھيو.

فضيله سرڪي جو والد عبالرزاق سرڪي، والده سڪينه سرڪي ۽ سندس ناني حڪيمان سرڪي يارنهن سالن کان پريس ڪلب ٺل آڏو احتجاج ڪندا رهيا آهن پر هنن مسڪين ماروئڙن جي حال تي ڪنهن کي به ترس نه آيو آهي.

سنڌ پوليس پاران به ڪجھ وقت لاءِ آٿٿ ۽ آسرا ڏنا ويندا رهيا آهن پر وري ڪجھ ڏينهن ۾ پوليس به خاموشي اختيار ڪري ويهي رهندي هئي ۽ ائين ئي ساڍن يارنهن سالن کان هي ڪيس رولڙي جو شڪار آهي.

اهو سمورو تماشو سرڪي برادري جو چيف سردار غلام سرور سرڪي به ڏسي رهيو پر ڪجھ ڳالهين جي ڪري چيف سردار غلام سرور سرڪي صاحب ان مسئلي ۾ هٿ نه وجھي رهيو هو پر جڏهن چيف سردار غلام سرور سرڪي پريس ڪلب ٺل پهچي صحافين کي ٻڌايو ته هو هاڻي فضيله سرڪي کي بازياب ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو، جنهن تي صحافين کيس سوال پڇيو ته سردار صاحب ايترا ڏينهن توهان خاموش ڇو هئا ۽ هينئر وري ڪيئن توهان کي فضيله سرڪي جو خيال آيو آهي……؟؟ چيف سردار غلام سرور سرڪي انهيءَ وقت فضيله سرڪي جي والد عبالرزاق سرڪي ڏانهن اشاروڪندي چيو توهان ان باري ۾ فضيله سرڪي جي والد صاحب کان پڇا ڪيو ته جڏهن فضيله سرڪي کي اغواءَ ڪيو ويو هو ته مون عبالرزاق کي چيو هو ته بابا توهان لڏي ڪري منهنجي ڳوٺ ديرا سرڪي ۾ اچي ويهو ۽ پوءِ آءُ پاڻ ئي فضيله سرڪي کي ڳولي وٺندس پر فضيله سرڪي جي والدين منهنجي هڪ به ڳاله نه ٻڌي ۽ ڪوڙن ۽ ٺلهن آسرن تي ويهي هنن پنهنجو وقت ضايع ڪري ڇڏيو آهي سو هاڻي به مان هنن کي چوان ٿو ته منهنجو ساٿ ڏين ۽ آءٌ پاڻ ئي فضيله سرڪي کي ڳولي وٺندس، جنهن تي فضيله سرڪي جي والد عبالرزاق سرڪي حامي ڀريندي چيو ته اسين چيف سردار غلام سرور سرڪي جو ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪريون ٿا، جنهن تي چيف سردار غلام سرور سرڪي پريس ڪلب ٺل ۾ ويهي پڻ اهو واعدو ڪيو هاڻي اسين فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ ڌرڻن جي سلسلي کي وڌائڻ چاهيون ٿا سو ٺل پريس ڪلب کان پوءِ هاڻي اسين 10 ڊسمبر 2017 تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج  ريڪارڊ ڪرائينداسين ۽ اميد ٿا ڪريون ته آصف علي زرداري، بلاول زرداري ڀٽو، بختاور زرداري ڀٽو، آصفه زرداري ڀٽو اسان جي مدد ڪري اسان کي فضيله سرڪي بازياب ڪرائي ڏيندا جي نه ته اسين اڃان به اڳتي وڌندا سين ۽ اسان جو ٽيون ڌرڻو ڪراچي پريس ڪلب آڏو هوندو پر جي اتي به اسان کي فضيله سرڪي بازياب ڪرائي نه ڏني ويئي ته اسين هزارين سنڌ واسي وٺي سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هڻنداسين.

چيف سردار غلام سرور سرڪي جي ڳوٺ ديرا سرڪي ۾ سندس جي دعوت تي آيل سنڌ جو اڳوڻو چيف منسٽر ارباب غلام رحيم به اچانڪ ديرا سرڪي پهتو، جڏهن صحافين سوال ڪيوته چيف سردار غلام سرور صاحب فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي ته توهان ان باري ۾ ڇا چوڻ چاهيندا ….؟؟ جنهن تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته اسان کي پهريان اها خبر ڪونه هئي ته فضيله سرڪي کي ڪنهن اغواءَ ڪرايو هو پر هاڻي اسان کي معلوم ٿي چڪو آهي، سو اسين فضيله سرڪي جي اغواءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ حڪومت کان گھر ڪريون ٿا ته فضيله سرڪي کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي سندن والدين ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪرائي وڃي.

ياد رهي ته ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ چيف سردار غلام سرور سرڪي صاحب سندس صلاحڪار رهيو هو جنهن جي نتيجي ۾ چيف سردار غلام سرور سرڪي تنگواني تعلقي کي چمڪائي ڇڏيو هو ۽ ريڪارڊ ڪم ڪرايا هئا سو گذريل ڏينهن ارباب غلام رحيم صاحب سندس دعوت ۾ اچي مان مٿانهون ڪري ويو جنهن تي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، تنگواني جي عوام ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي آهي ان موقعي تي چيف سردار غلام سرور سرڪي صاحب پريس بيان جاري ڪندي چيو ته مان ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، تنگواني، ٺل، ڳڙهي خيرو، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ پوري سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو 10 ڊسمبر 2017 تي پريس ڪلب ٺل ۾ گڏ ٿين ۽ اتان اسان جو هي قافلو ڳڙهي خدابخش ڀٽُو تائين ويندو سو عوام کي گھرجي ته هو اسان سان گڏ هلي اسان جي ڌرڻي کي ڪامياب بڻائين.

فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ ٿيندڙ هن ڳٺ جوڙ ۾ ضرور عوام شرڪت ڪندي ۽ هنن مظلومن جو ساٿ ڏيندي ۽ اهو ڌرڻو پوري سنڌ سان گڏ پورو پاڪستان به ڏسندو پر جي سنڌ سرڪار همٿ ڪري ڌرڻي کان اڳ ۾ ئي فضيِله سرڪي کي بازياب ڪرائي وٺي ته جيڪر هي ڏمر مٿان نه اچي،  جنهن سان نه فقط پاڪستان پيپلز پارٽي جي ساک کي وڏو ڌڪ رسندو پر عوام جي دلين پي پي پي جي محبت گھٽجي ويندي ۽ اها گھٽجندڙ محبت پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڏو ڇيهو رسائيندي سو ان لاءِ سنڌ سرڪار کي گھرجي ته فضيله سرڪي کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي سندن خلاف اٿندڙ آڱرين کي روڪيو وڃي.

 

m.hassannazsoomro@gmail.com

 

 

ڇا وڏو وزير عوام کي ملندڙ پاڻي پاڻ پيئندو؟ 

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجادعلي شاهه تي ٻڌل  ٽي رڪني بينچ سنڌ  ۾ پيئڻ جوصاف پاڻي نه ڏيڻ  ۽ پاڻي جي نيڪالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ، صحت جو سيڪريٽري،ماحوليات کاتي جو سيڪريٽري، آبپاشي جو سيڪريٽري، صنعت کاتي جو سيڪريٽري، مڪاني کاتي جو سيڪريٽري ،گهرو کاتي جي سيڪريٽري ، ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم  مصطفيٰ ڪمال،ايم ڊي واٽر بورڊ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، وفاقي پلاننگ ڪميشن سيڪريٽري، انيس قائم خاني، رضا هارون ۽ ڊاڪٽر صغير سميت ٻيا پيش ٿيا.  عدالت جي ڪمري ۾ خراب پاڻي بابت درخواستگذار شهاب اوستو طرفان پيش ڪيل دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سي ايم صاحب دستاويزي فلم ڏسي احساس ٿيندو آهي، ڇا توهان کي ناهي ٿيندو؟ هن زمين تي سڀ کان وڏي نعمت ئي پاڻي آهي ۽ شاهه صاحب اسان ماڻهن کي صاف پاڻي به ناهيون ڏئي رهيا، ان ڪيس کي مخالفاڻو نه ورتو وڃي، اسان وڏي عزت ۽ احترام سان توهان کي گهرايو آهي.توهان جتي چئو اتي وڃي ان پاڻي جي هڪ هڪ بوتل پيئون ٿا، جيڪڏهن توهان چئو ته اسان به مٺي وڃي ندي مان هڪ گلاس پاڻي پيئون. ڇا اوهان تيار آهيو؟ اسان ۽ توهان گڏجي مسئلي جي حل لاءِ ڳولا ڪيون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جي مدد جي ضرورت آهي ته اسان کان مدد وٺو.توهان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منهنجن ٻارن جيان آهي ۽ هو ڏسي ته لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن جا ماڻهو ڪهڙو پاڻي پي رهيا آهن، خواهش هئي ته بلاول به هتي هجي ها ۽ صورتحال ڏسي ته ان کي به خبر پوي ها ته لاڙڪاڻي جي ڪهڙي صورتحال آهي. جسٽس فيصل عرب چيو ته توهان کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام چونڊيو آهي، انتظاميا جي ناڪامي کان پوءِ ماڻهو عدالتن ڏانهن منهن ڪندا آهن، پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ڪو به معاملو عدالت تائين نه آيو.عدالت کي انتظاميا جي اختيارن کي استعمال ڪرڻ ڪو به شوق نه آهي . عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي موجود سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪا ويڊيو عدالت ۾ ڏيکاري وئي آهي اها درخواستگذار جي بڻايل آهي،  صورتحال ايتري سنگين ناهي، موقعو مليو ته جلد سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ويڊيو پيش ڪندس. چيف جسٽس چيو ته شاهه صاحب توهان ان ويڊيو کي ڇڏيو پر ڪميشن جي رپورٽ به ڏسي وٺو ۽ ان جي سنگيني جو جائزو وٺو، ڪميشن جي رپورٽ مسئلي جي حل تائين پهچڻ جو ذريعو آهي ۽ رپورٽ ۾ جيڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي ان کان مدد وٺو. جيڪا ويڊيو ڪورٽ ۾ ڏيکاري وئي آهي ميڊيا جا نمائندا پنهنجن پنهنجن چينلن تي ڏيکارين ته جيئن عوام کي خبر پئي، سپريم ڪورٽ پنهنجا ڪلها توهان کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر شاهه صاحب توهان کي به ڪم مڪمل ڪرڻ جي گارنٽي ڏيڻي پوندي، توهان هن قوم جا چونڊيل اڳواڻ آهيو، علم، ليڊر شپ ۽ قانون تي عمل ڪندڙ قومون ئي ڪامياب ٿينديون آهن. ماضي ۾ جيڪو اسان ٻئي مرحلي ۾ ذميوارن جي ڳولا به ڪنداسين، پيئڻ جو صاف پاڻي صوبائي معاملو آهي، توهان ئي حل ڪندا، شاهه صاحب ٻڌي ڇڏيو ته هاڻ اهو مسئلو حل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن خراب پاڻي کان ڇوٽڪارو نه ڏياريو ويو ته پنهنجن ٻارن کي ڪهڙو مستقبل ڏينداسين.