تازيون خبرون

Daily Archives: November 16, 2017

هندو انتهاپسندن دپيڪا کي ”نڪُ“ وڍڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن جي پارٽي شري راجپوت ڪرني سينا ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ” پدماوتي“ ريليز ڪئي وئي ته دپيڪا جو نڪ ڪٽي ڇڏينداسين. بالي ووڊ جي ڊمپل گرل دپيڪا پڊوڪون، اداڪار رنوير سنگهه ۽ شاهد ڪپور جي فلم ” پدماوتي“ پنهنجي آغاز سان ئي ڏکيائين جو شڪار رهي آهي ۽ ڏکيائين جو سلسلو اڃان تائين ختم ناهن ٿيون. گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته فلم ” پدماوتي“ کي ريليز ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي تنهن هوندي اهي رڳو افواه ئي ثابت ٿيا. هندو انتهاپسند پارٽيون هاڻ به فلم جي ڀرپور مخالفت ڪري رهيون آهن جڏهن ته راجپوت ذات سان تعلق رکندر ماڻهن جي پارٽي شري راجپوت ڪرني سينا ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن فلم ريليز ڪئي وئي ته دپيڪا جو نڪ وڍي ڇڏينداسين. ڪرني سينا جي سربراهه لوکيندرا سنگهه ڪالوي دپيڪا جو نڪ وڍڻ کان سواءِ فلم جي خلاف سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ان کان سواءِ هن اداڪارا دپيڪا پڊوڪون کي ” نچڻ واري“ قرار ڏيندي الزام لڳايو آهي ته انڊر ورلڊ مافيا ڀارتي تاريخ مسمار ڪرڻ لاءِ فلم تي پيسو لڳايو. هندو انتهاپسندن طرفان مليل ڌمڪين کي نظر ۾ رکندي مهاراشٽر جي رياستي حڪومت سنجي ليلا ڀنسالي کي سيڪيورٽي ڏني آهي جڏهن ته راجسٿان جي چيف وومن ڪميشن ثمن شرما ۽ سي بي ايف سي جي چيف پرسون جوشي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو آهي ته فلم جي ريليز وقت ڪنهن قسم جو حملو نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سينما ۽ فلم ڏسڻ لاءِ آيل ماڻهن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني ويندي.

 

ٽاءِ ٽينڪ فلم جي رليز کي 20 سال مڪمل: ٻيهر نمائش جو اعلان

لنڊن( شوبز نيوز ) هالي ووڊ جي مشهور فلم ” ٽاءِ ٽينڪ“ جو جادو 20 سالن کان پوءِ به وسرڻ جهڙي ناهي جنهن جو مثال هر محبت ڪرڻ وراو ضرور ڏيندو آهي. هاڻ مداحن لاءِ خوشخبري آهي ته سڄي دنيا ۾ محبت جي نئين مثال رقم ڪرڻ واري فلم ” ٽاءِ ٽينڪ“ جلد ئي ٻيهر نمائش لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي. تازو ئي فلم جي هدايتڪار جيمز ڪيمرون ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ مداحن کي آگاهه ڪيو آهي ته رومانوي فلم ” ٽاءِ ٽينڪ“ هڪ ڀيرو ٻيهر پيش ڪئي پئي وڃي جيڪا هلندڙ سال پهرين ڊسمبر تي پنهنجو جادو آمريڪن مووي ٿيٽر ( اي ايم سي) ۾ وکريندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فلم ” ٽاءِ ٽينڪ“ ٻيهر ڏسڻ ۾ به ائين لڳندي ڄڻ پهريون ڀيرو ئي ڏٺي پئي وڃي.

 

مان ڪو روبوٽ ناهيان مون کي به آرام جي ضرورت آهي:ويرات ڪوهلي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مسلسل ميچ کيڏائڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي ۽ چيائين ته مان ڪو روبوٽ ناهيان مون کي به آرام جي ضرورت آهي. 2016ع جي شروعات کان وٺي هينئر تائين ويرات ڪوهلي سڀ کان وڌيڪ بال کيڏندڙ بيٽسمين آهي ۽ گڏيل طور تي هو انٽرنيشل ڪرڪيٽ ۾ ان عرصي دوران 4 هزار 803 بالن کي منهن ڏئي چڪو آهي.تازو ئي ويرات ڪوهلي ڪرڪيٽ بورڊ کان موڪلن جي گُهر ڪئي هئي پر سندس موڪلن واري درخواست مختلف افواهن کي جنم ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا ته ايترو به چئي ڇڏيو هو ته ويرات ڪوهلي ڊسمبر ۾ موڪلون وٺي اداڪارا انوشڪا شرما سان شادي ڪندو.تنهن هوندي ويرات ڪوهلي پريس ڪانفرنس دوران موڪلن جو سبب ٻڌايو ۽ چيائين ته آئون مسلسل ڪرڪيٽ کيڏڻ ڪري ڪافي ٿڪجي پيو آهيان. هن چيو ته آئون ڪو روبوٽ ناهيان ۽ مون کي به آرام جي ضرورت آهي. منهنجي جسم کي ڪٽي ڏسي سگهجي ٿو ته جسم اندر رت اُٻرڻ شروع ٿي چڪو آهي. ڪوهلي پنهنجو نالو وٺڻ کان سواءِ چيو ته جيڪڏهن ڪو رانديگر مسلسل پرفارمنس ڪري رهيو هجي ته کيس آرام جي ضرورت پوندي آهي ۽ جسم کي ٻيهر پنهنجي اصل حالت ۾ اچڻ ۾وقت لڳندو آهي. ڀارتي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته ميچن جي انگ بدران ڪوالٽي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. گرائونڊ کان ٻاهر ويٺل ماڻهو تبصرو ڪندا آهن ته سمورا يارهن ئي رانديگر هڪ جيتري انگ ۾ ئي ميچ کيڏندا آهن پر هو اهو تجزيو نه ڪندا آهن ته هر رانديگر هڪ جيتري پرفارمنس نٿو ڪري. ويرات ڪوهلي چيو ته ٽيم ۾ يارهن رانديگر کيڏندا آهن پر هر رانديگر هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ 40 اوور نٿو کيڏي سگهي ۽ ڪو رانديگر ٽيسٽ ميچ ۾ 30 اوور نٿو ڪرائي سگهي، جيڪڏهن ائين هوندو آهي ته کيس آرام جي ضرورت هوندي آهي.

 

پي ايس ايل جي ڊرافٽنگ ۾ مسئلا آهن: شعيب اختر

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) تيز ترين بالر جو رڪارڊ رکندڙ شعيب اختر چيو آهي ته پي ايس ايل جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ پي سي بي ۽ حڪومت کي ملڻ گهجي، 8 ورهين کان ڏکئي ترين حالتن کان پوءِ ليگ جي ڪاميابي قومي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏني آهي. پي ايس ايل جي ڊرافٽنگ ۾ مسئلا آهن، ٽئين ايڊيشن جو فائنل ڪراچي ۾ جوڙڻ جو فيصلو خوشيءَ جو ڪارڻ آهي، پي سي بي ۽ فرنچائز ٽيمون پنهنجي طور تي ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪوشان آهن، مون کي سياست نه ايندي آهي، عمران خان پنهنجي نظرين لاءِ سياست ۾ آهي، انساني جيون بچائڻ لاءِ ايمبولينس رضاڪار ٿي ڪم ڪندس، جلدي ئي پنهنجو ذاتي فلاحي ادارو قائم ڪندس، ملڪ لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون ڀيٽا پيش ڪرڻ جوڳيون آهن، هن اهڙن خيالن جو اظهار فلاحي اداري امن فائونڊيشن طرفان خيريت وارو سفير نامزد ڪرڻ واري تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. شعيب اختر چيو ته پي ايس ايل جو ڪاميابي هجڻ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن آئون پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل هيس ان وقت به سموري سياست کان پري رهيس، منهنجي ماءُ پڻ سختي سان سياست ۾ شامل نه ٿيڻ جي هدايت ڪندي آهي، شعيب اختر چيو ته مون کي نوي جي ڏهاڪي دوران ڪراچي جي علاقي لالو کيت سان تعلق رکندڙ دوستن گهڻي مدد ڪئي ۽ هو مون کي موٽر سائيڪل تي ويهاري گرائونڊ تائين پهچائيندا هئا، مان انهن جو اڄ به مڃيندڙ آهيان.

 

پاڪستاني حڪمرانن عوام کي ڇا ڏنو آهي…؟؟؟:غلام مصطفيٰ جمالي  

وچ اوڀر جي حاڪمن وانگر اسانجي اندروني ۽ اصل سرڪار عوام جو ڌيان بدترين راڄ، سياسي بحران ۽ سياسي سماجي ڇڪتاڻ کان هٽائڻ لاءِ ڪنهن پرڏيهي قوت معنيٰ آمريڪا ڏانهن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پر جڏهن تيونس، مصر ۽ شام جهڙن ملڪن جو عوام سڄاڳ ٿيو ته پوءِ هنن جي اکين تان پڙدو لهي وڃي ٿو.

پاڪستان ۾ جاري ڇڪتاڻ ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته اُهو وقت ويجهو آهي غور طلب ڳالهه اِها آهي ته اسانکي اِهو ڏسڻ گهرجي ته پاڪستان جي گهرو مسئلن ۾ ڌارين جو ڪيترو هٿ آهي. انڪري اسين پاڪستان جي سڀ کان وڏن معاملن جو خلاصو پيش ڪري رهيا آهيون ۽ ڏسڻو آهي ته سمورن معاملن جو ڌارين سان ڪو تعلق آهي يا نه. پاڪستان ۾ گهرو قرض جو بار جبل جيترو آهي، هن قرض لاءِ اسٽيٽ بئنڪ نوٽ نوان جوٽ ڇاپيا ۽ هر شئي جي قيمت آسمان تائين پهچي وئي. وڌيل قيمتن معيشت جي هر سيڪٽر جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيوآهي. پاڪستان ۾ بجلي، پيٽرول، ڊيزل، گئس ۽ پاڻي اڻلڀ ٿي وئي آهي. تنهنڪري پاڪستاني صنعتن جي پيداواري لاڳت ايتري وڌي وئي آهي جو اُها عالمي منڊي ۾ ٻين ملڪن جو مقابلو ڪرڻ جهڙيون ناهن. انڪري بيروزگاري ۽ غربت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي .

پاڪستاني آبادي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي.45 سالن ۾ آبادي وڌي ٻيڻي ٿي آهي. هن سان گڏ شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جو انگ 700 سيڪڙو آهي جڏهن شهرن ۾ روڊن تي ٻين سهولتن ۾ اضافو ڪونه ٿيو آهي  جهاد، دهشتگردي، لاقانونيت، رشوت ۽ سياسي بدنظمي چوٽي تي آهي. سياست ڪجهه خاندانن جو واپار بڻجي وئي آهي، پاڪستاني رياست شهرين کي بنيادي سهولتون (علاج، تعليم) پڻ ميسر نٿي ڪري سگهي. پر ڪني پاڻي سان بيماريون ڦهلجي رهيون آهن ۽ 46 سيڪڙو عوام هيپاٽائٽس جا مريض آهن ڪنهن به ملڪ جي تباهي لاءِ ڪيترين ڳالهين مان هڪ ڳالهه به ڪافي آهي. انهن ڳالهين ۾ ڌارين جو هٿ ناهي. وري به اسين مٿي ڄاڻايل  ڳالهيون معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا جيڪڏهن ڪنهن به ڳالهه ۾ ڌارين جو هٿ آهي يا وري اسين پاڻ هنن جا ذميوار آهيون  پاڪستان تي گهرو ۽ پرڏيهي قرض جو جبل جيترو بار آهي جڏهن ته رياست جي اوتري آمدني ناهي. هنن قرضن ۾ سڀ کان وڏو هٿ غير ضروري فوجي بجيٽ، حاڪمن جي عيش، ۽ رشوت جو آهي. هن سان گڏ ملڪ جي سڀ کان امير طبقي مان 10 سيڪڙو ماڻهو به انڪم ٽيڪس نٿا ڏين. هر ملڪ ٽئڪس سان هلي ٿو جيڪو بنيادي قانون آهي. ڇا اسين ڌارين کي قرض جو ذميوار چئي سگهون ٿا ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي جو ڪارڻ اُهو معاشي ماڊل آهي جيڪو جنرل مشرف جي پيدا وار آهي ڇاڪاڻ ته مشرف دور ۾ بئنڪن کي اکيون ٻوٽي قرض ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. نوان نوٽ ڇاپڻ سان مهانگائي ڪونه وڌندي ته ٻيو ڇا ٿيندو.

بنيادي ضرورت جي شئين جو بحران بيڊ گورننس ۽ آبادي وڌڻ سان پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن سرڪار نااهل هجي ۽ 1970 ۾ 6 ڪروڙ آبادي2017 انهي آبادي جو اندازو به نه ٿو لڳائي سهجگي؟

ڇا اسين ڌارين کي سرڪار جي نااهلي ۽ آبادي جي ٻوڏ جو ذميوار قرار ڏئي سگهون، پر غور طلب ڳالهه اِها آهي ته ڪراچي ۾ ملڪ جي ٻين حصن ۾ جيترا ماڻهو دهشتگردي ۾ مارجي وڃن ٿا اوترا نه پاڪ افغان سرحد تي مرن ٿا جتي جاري جنگ جو چرچو سڄي دنيا ۾ آهي. فرقه پرستي، اقتدار لاءِ رتوڇاڻ ۽ لاقانونيت جي ڪري مرندڙ ماڻهن کي شامل ڪجي ته دهشتگردي واري ويڙهه ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ ڪڻڪ جي ڍير ۾ هڪ ٻُڪ برابر آهي. توهين رسالت جو شڪار ٿيڻ، سيڪيورٽي ايجنسين تي ٿيندڙ حملن کي به شامل ڪجي ۽ آپگهاتي حملا به دهشتگردي جي خاني ۾ شامل آهن فرق اِهو آهي ته اجل جو کاج بڻجندڙ غريب عوام آهن. انڪري آمريڪا کي ملڪ ۾ جاري رتوڇاڻ جو ذميوار چوڻ سان فرق ڪونه پوندو عوام کي تعليم ۽ علاج جهڙيون بنيادي سهولتون ميسر ڪونه ٿيڻ جو تعلق پرڏيهين سان ناهي. ڇاڪاڻ ته اُهي شئيون اسانجي حڪمران طبقي جي ايجنڊا ۾ شامل ناهن.

ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي هيپاٽائٽس جو شڪار آهي پر ڪني پاڻي ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ناهي؟ اِها ڪم بهِ آمريڪي چائنيز يا روسي ڪندا،، حقيقت اِها آهي ته پاڪستان ۾ جاري بحرانن جو ڪارڻ اسانجا ڪرتوت آهن جن جو يهود هنود ۽ جن ڀوت سان ڪو به تعلق ناهي. سڀ سچ آهي پر اسانجي مبصرن، ميڊيا ۽ سياسي هستين جي ڪوشش آهي ته اسين هر ڪم جو ذميوار پرڏيهين ۽ ڌارين کي چئون. جيڪڏهن آمريڪا اسان ڏانهن رُخ ڪري کنگهي ٿو ته اسانجا سمورا ٽاڪ شوز هوڏانهن ڊوڙيندا آهن ۽ جيڪڏهن هڪ ڏينهن ۾ ويهه ڄڻا آپگهات ڪندا ته ڪير به غور نٿو ڪري پاڪستاني مبصر ۽ وڏيون هستيون خوابن جي ڏيهه ۾ رهن ٿيون جتي هر برائي جي پاڙ پرڏيهي ملڪن کي ڄاڻائي پنهنجي سماج مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي متعلق غور نٿا ڪري سگهن.

ڏکڻ ڪوريا اسان کان وڌيڪ آمريڪا جي چاڪري ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هتي آمريڪي فوجون موجود هجڻ باوجود اُهو صنعتي ملڪ بڻجي ويو آهي. اسان ۽ ڪوريا ۾ اِهو فرق آهي ته هنن جاگيرداري ۽ وڏيرائپ جو خاتمو آڻي پنهنجي ملڪ کي ترقي جي رستي تي هلڻ جو موقعو ڏنو. پر اوڀر ايشياء جي ڪيترن ئي ملڪن ساڳيو ڪم ڪندي صنعتي ميدان ۾ ترقي ڪئي آهي. هاڻي سمورا مسئلا سمجهڻ ۽ نبيرڻ جو وقت آهي نه ته صورتحال ويتر خراب ٿيندي.

 

تحقيق مطابق سگريٽ  موت جو ڪارڻ ۽ ايندڙ نسل جو بگاڙ…..!!: فرزانه نورمحمد چانڊيو

عام طور تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه پوري دنيا ۾ وڌ کان وڌ تماڪ ، سگريٽ  ۽ حوڪي جو استعمال فيشن جيئان ٿي ويو آهي  ، جيئن فيشن ۾ مختلف دل کي موھيندڙ رنگ برنگي ڪپڙا  ، جوتا ، ۽ ڪجهه ٻيون شيون اچن ٿيون  ، ايئن ئي اڄڪلهه سگريٽ  جا مختلف رنگين دٻا ۽ ان ۾ پيل مختلف ڪلرن جا رنگ برنگي سگريٽ  مارڪيٽ ۾ رکيل شوڪيسن جي سھون تي ضرور وڌائين ٿا پر  پيئندڙ کي به پاڻ ڏانهن متوجه ڪن پيا ۔ پيئندڙ تي بغير صيحت جو سوچيندي ڏينهن ۾ ٽي  ، چار  ، پاڪيٽ به پيئي پيا وڃن  ۔ ڄاڻ ھوندي به تي سيگريٽ ڪينسر جو سبب آهي  ۔  پوء به سگريٽ جو عام وڪرو ۽ وري ان جو استعمال آخر ڇو  ؟؟

ريسريچ جي مطابق ۔۔   آمريڪا ۾ هر سال 480،000 کان وڌيڪ سگريٽ سگريٽ پيدا ڪري ٿو. اهو تقريبن پنجين ۾ هڪ هزار آهي ..

سگريٽ نوشي جي ڪري  هر سال وڌ کان وڌ ماڻهن جي  موت جو ڪارڻ  وڌيڪ پيماني تي سگريٽ جو استعمال آهي ۔

انساني امونڊيڊريشن واري وائرس (ايڇ آئي)

غير قانوني دوا جو استعمال،

شراب جو استعمال،

موٽر گاڏي جي زخمي

باهه سان لاڳاپيل واقعا،

امريڪا پاران وڙهندي سڀني جنگين ۾ سگريٽ  نوشي جي ڪري  10 ڀيرا وڌيڪ آمريڪي سگريٽ نوشي ڪري  مري ويا آهن.

سگريٽ نوشي 90٪ (10 مان 9 يا 10 مان) سڀني جي ڦڦڙن جي ڪينسر جي موت جو سبب. عورتن ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي ڪري ۔

سگريٽ نوشي جي ڪل 80٪ (يا 10 کان 10 مان) جي دائمي رکاوٽ پذيرائي بيماري (COPD) کان مڙني موت جو سبب آهي.

وڌ ۾ وڌ     مردن ۽ عورتن جي مرڻ جو سبب سگريٽ  ، تماڪ  نوشي آهي  ۔دل جي  بيماري  ، ڦڦڙن  جي بيماري  ڪينسر ، ٽي بي  ،   مختلف بيمارين جو ڪارڻ۔ ھر ڄاڻ ھوندي به سگريٽ جو استعمال عام ڇو ؟

سروي جي مطابق وڌيڪ ريشو سگريٽ  ، حوڪي جي استعمال ۾ نوجوانن جو آهي  ۔ جڏهن ته نوجوان جو ئي معاشري کي سڌارڻ ۾ اھم ڪردار آهي ۔ نوجوان معاشري ۾ روشن ڏيئي جيئان آهي  ۔ ان جو سٺو ڪردار نه صرف ھڪ گهر اندر پر پوري معاشري ۾ تمام ضروري آهي۔

جڏهن توهان ماڻهن جي وچ ۾ ويھي سگريٽ پيئندا آھيو ، ان وقت توهان کي بلڪل به احساس نه ھوندو ته توهان پنهنجي صحت ته ضرور تباھ ڪريو پيا پر توهان سان گڎ ويٺل به دونھين سبب متاثر ٿئي پيو  ۔ توهان سگريٽ  ، پيئي معاشري ۾ ڪھڙو پيغام پيا ڏيو ،  ايندڙ نسل کي جيڪي اسان  جي سماج جو حصو ھوندا ۔ توهان پنهنجي دوستن ، مٽن  ، مائٽن ، ننڍن ڀائرن ، ڀيئڻ ، پيٗ  ، ماءٗ  ، استادن کي ڪھڙو پيغام پيا ڏيون.

توهان کي شايد ان ڳالهه جو احساس بلڪل به نه ھجي پر ممڪن ٿي پيو سگهي ته ڪوئي توهان جي نقشي قدم تي ھلندو ھجي ۔ نوجوانو ھن سماج کي توهان جي ضرورت آهي  ۔ ھن سماج جو حصو ٿئي  ، پنهنجي responsibilities کي سٺي نموني نڀايو. پنهنجي صحت بچايو  ، ھن سماج کي سنڀاليو ۔

مون اڪثر تقريبن چوڏهين  ، پندرهن سالن جي معصوم ٻارن کي سگريٽ پيئندي ڏٺو آهي  ، جڏهن مون ان ٻارن کان سوال پڇيو ته انهن جو جواب ھيو ۔ اھيو انهن پنهنجي دوستن ، وڏي ڀاُ  ، سوئٽ ، ماسات کي پيئندي ڏٺو  ۔ ھنن معصوم ٻارن جو ذميوار ڪير ؟؟؟؟؟؟

 

 

بلوچستان ۾ٿيندڙ قتل عام ۽ حڪومت  جي ڪارڪردگي: صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ دهشتگرد تنظيمن سبب امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، ڪڏهن دهشتگرد مزارن کي نشانو بڻائن ٿا ته ڪڏهن وري امام بارگاهن ۽ مسجدن کي نشانو بڻائي وڃي ٿو ۽ اهو سلسلو افغانستان ۾ شروع ٿيل جنگ کان پوءِ  شروع ٿيو آهي، اڳ ۾ دهشتگرد افغانستان ۾ ڪارروايون ڪندا  هئا پر هاڻ انهن جو رخ هن ملڪ ڏانهن ٿيو آهي، جنهن سبب نه صوفين جون مزار محفوظ آهن ۽ نه ئي وري مسجدون ۽ امام بارگاهون محفوط آهن، هونئن ته دهشتگرد سڄي ملڪ ۾ ڪارروايون ڪندا رهيا آهن پر بلوچستان جون حالتون ٻين صوبن جي ڀيٽ تمام گهڻو تبديل ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب سيڪيورٽي فورسز پاران آپريشن به ڪيو پيو وڃي ته اتي اڄ تائين امن قائم نه ٿي سگهيو آهي،

ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي جون به اهڙيون حالتون هيون پر  بلوچستان جي حالتن ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو آهي، حڪومت پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي چڪي آهي پر ان باوجود اتي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو پيو وڃي، بلوچستان جي اصل حالتن بابت نه وفاقي سرڪار ٻڌائڻ چاهي ٿي ۽ نه ئي بلوچستن جي سرڪار ڪجهه ٻڌائڻ پسند ڪري ٿي، هن وقت بلوچستان جون اهڙيون حالتون ٿي چڪيون آهن جو اتي ماڻهو ڪمائڻ  جي لاءِ راضي نه ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت کان بلوچستان ۾ پورهيتن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو پيو وڃي، ڪيترائي لاش سنڌ به اچي چڪا آهن، خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر مزدورن کي ڪير قتل ڪري رهيو آهي، هونئن ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي  آهي پر ان باوجود ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جنهن بابت حڪومت صرف مذمت ڪري رهي آهي،

هڪ طرف دهشتگرد  هن ملڪ ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري شرپسند، مطلب ته حڪومت  هن وقت تائين قتل عام کي روڪي نه سگهي آهي. جيئن ته بلوچستان هن ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ انهيءَ صوبي جي عوام پاران مايوسي جو اظهار به ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف تنظيمون رياست خلاف به ڪم ڪري رهيون آهن، ايتري قدر جو بلوچستان ۾ لاش ملڻ جو سلسلو هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي، ڪڏهن پورهيتن جا لاش  ملن ٿا ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، اهڙو هڪ واقعو  ڪجهه  ڏينهن بلوچستان جي علائقي تربت ۾ پيش آيو آهي،  جتان پندرنهن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، جن جي سڃاڻپ پنجاب واسين طور ڪئي وئي، ان کان اڳ جڏهن بلوچستان مان لاش هٿ آيا هئا ته اهي پورهيتن جا هئا ۽ انهن جو تعلق سنڌ سان هو. بهرحال هن ڀيري جيڪي تربت مان لاش هٿ آيا آهن ۽ نه انهن  مان ڪجهه جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو ويو، ليويز اهلڪارن پاران چيو ويو آهي ته پندرنهن ئي ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، بلوچستان جي ترجمان انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته جن ماڻهن جا لاش هٿ آيا، اهي ايران رستي نار ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن کي اغوا ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي.

بهرحال بلوچستان ۾ هي ڪو پهريون ڀيرو  واقعو پيش نه آيو آهي، ان کان اڳ به لاش هٿ آيا آهن، پر حڪومت صرف مذمت ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، جيڪڏهن واقعي ماڻهو روزگر سانگي پرڏيهه وڃي رهيا هئا ته انهن جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا فراهم ڪيا وڃن ها ته اهي نوجوان پرڏيهه وڃڻ جو سوچين ئي نه ها، نه ئي انهن کي بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ها.

وفاقي حڪومت کي گهرجي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ۽ بلوچستان ۾ جيڪي محروميون جنم وٺي رهيون آهن، انهن کي به ختم ڪري، باقي رهي ڳالهه امن امان جي صورتحال جي ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻ گهرجن ته جيئن سمورين پارٽين جو ڌيان ملڪ جي امن امان جي صورتحال ڏانهن وڃي، جيڪڏهن  هن وقت به سموريون پارٽيون اختلافن جو شڪار رهيون ته بلوچستان جي حالتن سان گڏ سڄي ملڪ جون حالتون ساڳيون ئي رهنديون.

عوام جي جان ۽مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، جيڪڏهن هن وقت به عوام جي جان ۽مال محفوظ نه رهيو ته آخر اهڙي حڪومت جو هئڻ جو ڪهڙو فائدو آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين هن ملڪ جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي، خاص طور  طور  بلوچستان ۾ غريب پورهيتن جي قتل کي روڪڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن ته جين جيڪو خوف صوبي ۾ پيدا ٿي چڪو آهي، اهو ختم ٿي سگهي. جيڪي  پورهيت بلوچستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي تحفظ جي ذميواري به حڪومت جي آهي. جيڪڏهن بلوچستان مان لاش ملندا رهيا ته اسان ڪهڙي ريت  چئي سگهنداسين ته هن ملڪ کي امن جو گهنوارو بڻايو ويو آهي.

هي ڪو پهريون ڀيرو نه آهي جو بلوچستان ۾ لاش نه مليا هجن،  ڪجهه عرصو اڳ سنڌ مان لاش ملي رهيا هئا پر بلوچستان ۾ انسانيت جو قتل عام  جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، هونئن ته بلوچستان ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن کي ٻڌي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچا جهڪي وڃي ٿو.  بلوچستان ۾ ڪڏهن پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو وڃي ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا وڃن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ته سياسي جماعتن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن ۾ بلوچستان جي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

ڌارين جي نيڪالي لاءِ پوليس کي اختيار ڏيڻ جي سفارش

سنڌ ايپڪس ڪميٽي دهشتگردن، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ زمينن تي قبضن ۾ ملوث مافيا خلاف آپريشن جو فيصلو ڪندي دهشتگردن جا 28 ڪيس فوجي عدالتن کي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ ۾ موجود 25 لک غيرقانوني پرڏيهي مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ گهرو وزارت کي پوليس کي اختيار ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي،   مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ڪنهن جي به سياست تي اعتراض نه آهي پر شهر ۾ ڏڦيڙ ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ان معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.ڪراچي سيف سٽي رٿا لاءِ نگران ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون، ان ڪميٽيءَ ۾ رينجرز، پوليس ۽ ٻين ادارن مان ميمبر چونڊيا ويندا، جيئن ئي سمورا نالا ملندا ته اسان آگاهه ڪري ڇڏينداسين. سائبر ڪرائيم تمام سنگين مسئلو آهي، ان حوالي سان پوليس ۽ رينجرز پنهنجون سفارشون پيش ڪن. گهرو وزارت سان ڳالهه ٻولهه ڪري ان بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي.  اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پوليس ۽ رينجرز اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ  لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي ۽ ان آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي ويندي. رينجرز ترجمان اجلاس کي ٻڌايو ته هڪ ڀيرو اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهارين کي سنگين سزائون ڏنيون وڃن ته معاملو ضابطي ۾ اچي ويندو ۽ هن وڌيڪ ٻڌايو  ته گذريل ايپڪس ڪميٽيءَ جي فيصلي مطابق چوٿين شيڊول جي لسٽ اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي. هاءِ پروفائيل قيدين جي ڪيسن کي بدين جي عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ اهي ڪيس منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جيئن ئي ڪيس منتقل ٿي ويندا ته هاءِ پروفائيل قيدي بدين جي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا ويندا. آءِ جي پوليس مدرسن جي رجسٽريشن، تعمير وغيره لاءِ قانوني مسودو تعليم، صنعت ۽ اوقاف کاتن ڏانهن موڪليو آهي، جيئن ئي اهو قانوني مسودو تيار ٿيندو ته وڏي وزير جي منظوريءَ سان ان کي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ترميم ڪري، ان ترميم سان چوٿين شيڊول ۾ شامل ماڻهن جي بينڪ اڪائونٽس مان ٽرانزيڪشن رڪجي ويندي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ قانون وارو وزير، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ گهرو سيڪريٽري تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي . وڏي وزير ڪميٽيءَ کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان لاڳاپيل عدالتون بڻائڻ لاءِ کين حڪومت جي درخواست پهچائي وڃي. ڪميٽي اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيسن ۽ درجي بنديءَ جي تفصيلن تي ڪم ڪري چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ۽ ايندڙ ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ان بابت ٿيل اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ زمينن تي قبضي جو مسئلو به بحث هيٺ آندو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته  شهر ۾ پروفيشنل قبضو ڪندڙ موجود آهن ۽ اهي جعلي پيپرز بڻائڻ جا به ماهر آهن. سچل ڳوٺ، منگهوپير، سرجاڻي ٽائون، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ منظم طريقي سان زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن،  جعلي ڪاغذ ٺاهي سرڪاري زمين تي ماڻهو قبضو ڪندا آهن ۽ جڏهن سرڪاري يا خانگي مالڪ اصلي ڪاغذات کڻي عدالت پهچندا آهن ته جعلي پيپر وارن جي فائيل ايتري ته ٿلهي هوندي آهي جنهن کي ڏسي ڪيس مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو آهي. وڏي وزير چيو ته اهو تمام سنگين ڏوهه آهي ۽ ان خلاف زبردست حڪمت عملي جوڙي ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته قبضن ۾  دهشتگرد، منظم گروهه ۽ پروفيشنل قبضي مافيا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم دهشتگردي ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي.