تازيون خبرون

Daily Archives: November 4, 2017

”ٽائيگر زنده هي“ جي شوٽنگ لاءِ 40 ٽن وزني ٽرڪ جو ڌماڪو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم ”ٽائيگر زنده هي“ جي هڪ سين جي شوٽنگ لاءِ 40 ٽن وزني ٽرڪ جو ڌماڪو ڪيو ويو. ايڪشن ۽ ٿرل کان ڀرپور هن فلم جي شوٽنگ تمام شاندار طريقي سان جاري آهي. فلم ساز علي عباس ظفر عڪس بندي دوران هرممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ته فلم ڏسندڙن کي حقيقي منظر ڏيکاريا وڃن، اهو ئي سبب آهي ته فلم جي سمورن اسٽنٽس جا فرض هالي ووڊ جي مشهور اسٽنٽ ڊيزائنر ٽام اسٽروڊر انجام ڏنا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ٽام جو چوڻ آهي ته فلم جي شوٽنگ دوران 15 گاڏين کي ڌماڪي سان اڏايو ويو، جڏهن ته سڀ کان وڏو ڌماڪو ٽرڪ جو هو جنهن جو وزن 40 ٽن هو. ٽرڪ جي ڌماڪي جو آواز ايڏو ته شديد هو جو ڪجهه وقت لاءِ هر پاسي خاموشي ڇائنجي وئي تنهن هوندي هي سڀ اسٽنٽ تمام ڏکيا هئا. فلم ساز موجب فلم ۾ سڀ کان الڳ اسٽنٽس ڏسڻ لاءِ ملندا جيڪي اڄ تائين ڪنهن به بالي ووڊ فلم ۾ ناهن ڏٺا ويا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن ڪافي بهترين اسٽنٽ ڊيزائن ڪيا آهن جن کي ڏسڻ ۾ ڪافي مزو ايندو. هلندڙ سال 22 ڊسمبر تي ريليز ٿيندڙ فلم ۾ سلمان خان سان گڏ خوبصورت اداڪارا ڪترينا ڪيف به ايڪشن ۾ نظر ايندي.

 

ڪمال آر خان ٽوئٽر بحال نه ڪرڻ تي آپگهات جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪار ڪمال آر خان ٽوئٽر بحال نه ڪرڻ تي آپگهات جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. بالي ووڊ جي بدنام  ۽ تڪراري اداڪار ڪمال آر خان روزانو سوشل ميڊيا تي فلمن ۽ اداڪارن بابت پاڻمرادن تجزين ۽ تبصرن جي ڪري ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهندو هو. ڪجهه عرصو اڳ هُن بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪسنسٽ عامر خان جي فلم ”سيڪريٽ سپراسٽار“ جي ڪلائمڪس بابت ناڪاري ۽ طنز واري انداز ۾ تبصرو ڪيو هو. فلم بابت زهر اوڳاڇڻ تي عامر خان سندس خلاف شڪايت ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هن جو ٽوئٽر اڪائونٽ بند ڪيو ويو. اڪائونٽ بند ٿيڻ تي ڪي آر ڪي تمام گهڻو مڇرجي پيو ۽ ٽوئٽر انتظاميا کان اڪائونٽ بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، تنهن هوندي انتظاميا سندس مطالبي تي ڪو به رد عمل ظاهر نه ڪيو. .ان ڪري ڪي آر ڪي پنهنجي ٻئي اڪائونٽ تان هڪ طويل خط شيئر ڪيو جنهن ۾ هن لکيو آهي پهرين ٽوئٽر انتظاميا مٿس لکين رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو هو پر پوءِ اڪائونٽ ئي بند ڪري ڇڏيو. ٽوئٽر انتظاميا هن سان ڌوکو ڪيو آهي جنهن ڪري هو سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي. ڪي آر ڪي ٽوئٽر انڊيا سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته سندس اڪائونٽ 15ڏينهن اندر بحال ڪيو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته آئون آپگهات ڪندس ۽ منهنجي موت جا ذميوار اِهي سمورا ماڻهون هوندا.

 

پاور لفٽنگ جي پرڏيهي ويڙهه، پاڪستاني عورت سلور ميڊل کٽي ورتو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پشاور سان تعلق رکندڙ مريم هلندڙ سال پاور لفٽنگ جي ويڙهه ۾ سلور ميڊل حاصل ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو. پاور لفٽنگ ۾ ڊيڊ لفٽ اسڪواٽس ۽ بنچ پريس جي ماهر مريم پيشي جي لحاظ سان بينڪر آهي، هو هڪ ڏهاڪو اڳ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آسٽريليا وئي هئي. هن آسٽريليا ۾ هلندڙ سال پاور لفٽنگ جي گڏيل قومن واري ويڙهه ۾ پاڪستان لاءِ سلور ميڊل حاصل ڪيو ۽ ان راند ۾ نالو ڪمائي نئين ريت قائم ڪئي آهي. مريم هلندڙ ڏينهن دوران سالياني موڪلن  تي پنهنجي گھر پشاور آيل آهي ۽ وڌ کان وڌ وقت پنهنجي والدين سان گذارڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي. سلور ميڊل کان پوءِ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ مريم جو خواب آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستاني عورتون ڪنهن کان به گهٽ ناهن، جيڪڏهن انهن کي موقعو ملي وڃي ته هو هر ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿيون.

 

ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ تي جاويد ميانداد نجم سيٺي تي ڪڙڪي پيو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ميچن جي ميزبان لاءِ ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ تي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيئرمين پي سي بي نجم سيٺي تي ڪڙڪي پيو. جڏهن ته  جاويد ميانداد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ڪرڪيٽ جو مرڪز آهي پر سيٺي نظر انداز ڪيو، سريلنڪا  جي ٽيم تي حملو لاهور ۾ ٿيو پر ڪرڪيٽ ڪراچي مان ختم ڪئي وئي.اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته اسان جي ڪرڪيٽ گهٽين ۽ روڊن تي شروع ٿيندي آهي، اسان وٽ موجود وسيلن کي صحيح طريقي سان استعمال ناهي ڪيو ويندو.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته  يونس ۽ مصباح جي متبادل لاءِ رينجنز ۽ ضلع جي ڪرڪيٽ بهتر ڪرڻي پوندي، ان رانديگرن جا متبادل ٻاهران کان نه ايندا، هن چيو ته جونيئر سٺي ڪاڪردگي ڏيکاري مصباح ۽ يونس خان جا متبادل ٿي سگهن ٿا، ڪرڪيٽ جي هٿي لاءِ مضبوط قدم کنيا وڃن.