تازيون خبرون

Monthly Archives: September 2017

قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن ليڊر جي تبديلي جي معاملي تي پي ٽي آئي اختلافن جو شڪار. اڳواڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آئي جي شاهه محمود قريشي کي قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن ليڊر آڻڻ جي معاملي تي اختلافن جو شڪار ٿي وئي، ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جي شاهه محمود قريشي کي قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ تي پارٽِي آڳواڻ ٻن هصن ۾ ورهائجي ويا ۽ پارٽي گروپ بندي جو شڪار ٿي وئي  آهي ان ۽ فيصلي تي ڪجهه قومي اسيمبلي جا ميمبر سخت ناراض ٿي ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ٿيل اجلاس ۾ عمران خان آپوزيشن ليڊر بنائن جو فيصلو ڪيو ويو هو جڏهن ته شاهه محمود قريشي جي گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ان جي مرڪز تي ملاقات سان کيس آپوزيشن ليڊر بنائڻ  جو تاثر ڏنو ويو جنهن تي ڪراچي جي مقامي قيادت ۽ ڪي پي ڪي جي ڪجھه ميمبرن اعتراض ڪيو آهي. پي ٽي آئي جي اهم اڳواڻ عمران اسماعيل شاهه محمود کي آپوزيشن ليڊر بڻجن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان ملڻ تي ڪارڪنن جو سخت رد عمل ايندو، جنهن سان پارٽِي قيادت ۽ ورڪرن ۾ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت ٿيندي جيڪو پارٽِي لاءِ نقصان آهي انهي خدشن جو اظهار  ڪي پي ڪي  جي اسميبلي مان چونڊيل ميمبرن به ڪيو آهي جيڪي شاهه محمود سان خوش ناهن.  انهن جو مطالبو آهي ته عمران خان پاڻ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

 

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين محرم تي موبائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين محرم تي موبائل فون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن دهشتگردي جي خدشن کي گهٽ مان گهٽ ڪيو وڃي، ميڊيا موجب  نائين ڏهين محرم الحرام  تي موبقائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڄاڻ موجب هي فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ ۾ وڏي پيماني تي نڪرندڙ جلوسن جي سڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي کي روڪيو  وڃي، ته جيئن جلوس پر امن طريقي سان پنهجي جڳهن تي پهچن ۽ دهشتگردن کي ڪاميابي نه ملي سگهي، ياد هجي ته محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ٽن ڏينهن جي لاءِ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي.

 

سرگوڌا ڀرسان مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب ٦ پورهيت اجل جو شڪار

سرگوڌا(م.ڊ)  سرگوڌا ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٦ پورهيت فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ مطابق سرگوڌا ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پورهيت معمول مطابق پٿرن جي ڪرشنگ واري ڪم ۾ مصروف هئا جو ان دوران جبل مان مٽي جي ڇپ انهن جي مٿان اچي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ اتي ڪم ڪندڙ ۸ پورهيت مٽيءَ جي ڇپ هيٺان دٻجي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسيڪو ٽيمن واقعي واري هنڌ تي پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون، امدادي ٽيمن ٦ مزدورن جا لاش ڪڍي ورتا جڏهن ته ٻن پورهيتن کي شديد زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ٻنهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

”ريس ٿري“ جي اسڪرپٽ پسند نه آئي ھئي: سڌارٿ ملهوترا

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار سڌارٿ ملهوترا فلم ”ريس ٿري“ جو اسڪرپٽ پسند نه اچڻ تي فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق سلمان خان جي فلم ”ريس ٿري“ لاءِ اداڪار سان رابطو ڪيو ويو جڏهن ته هن کي فلم جو اسڪرپٽ پسند نه آيو، ان لاءِ هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اڳ ۾ اهي خبرون سامهون آيون هيون ته سڌارٿ فلم ”ريس ٿري“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار مصروف شيڊول سبب ڪيو هو. جڏهن ته هاڻي اداڪار جو چوڻ آهي ته هن کي فلم جو اسڪرپٽ پسند نه آيو آهي. ان لاءِ فلم ۾ ڪم نه ڪندو.

 

سلمان خان دنيا ۾ ٽي وي جو مهانگو ترين ميزبان بڻجي ويو

ممبئي (شوبز نيوز)باليووڊ جي سلطان  فلمن  کان پوءِ ننڍي اسڪرين تي به سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺڻ وارو ميزبان بڻجي ويو. ڀارتي   ميڊيا جي مطابق امريڪي جريدي فوربز ڪجھه عرصو پهريان هڪ  رپورٽ شايع ڪئي جنهن ۾ باليووڊ جي شاهه رخ خان کان پوءِ سلمان خان کي سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺڻ وارو قرار ڏئي ڇڏيو جنهن سال 2017 ۾ 236 ڪروڙ روپيا ڪمايا هئا جڏهن ته ايندڙ سال ان جي ڪمائي ان کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ ٿيڻ جو خدشو آهي.  سلمان خان پردي جي اسڪرين سان گڏ وگڏ ننڍي اسڪرين تي جلوو ڏيکاريندو آهي، سلو ميان ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو  بگ   باس  جي 4، 5 ۽ 6 سيزن تائين هڪ قسط جو معاوضو اڍائي ڪروڙ وصول ڪندو هو، پر ايندڙ سيزن جي لاءِ هن اها رقم ٻيڻي ڪري ڇڏي ۽ پوءِ هر سيزن جي لاءِ ان جي رقم ٻيڻي ٿيندي وئي. ڀارتي ميڊيا جي مطابق دبنگ خان بگ باس 11  جي هڪ قسط جو معاوضو 11 ڪروڙ روپيا وصول ڪندو جڏهن ته ان جو پروگرام ٽن مهينا  جي لاءِ آن ايئر هوندو آهي جيڪو هفتي ۾ ٻه ۽ مهيني ۾ 8 ڀيرا نشر ڪيو ويندو سلوميان پروگرام جي آخر ۾ 264 ڪروڙ روپيا کڻي گھر هليو ويندو.  بگ باس   سيزن جي هڪ قسط  جي معاوضي  کي نظر ۾ رکندي سلوميان جو شمار دنيا جي  مهانگي ترين ميزبان ٿئي ٿو. ڇو ته جم پرسنس، جوني گاليڪي، ڪيلي ڪوڪو،  ڪونال نائير ۽ سائمن هلبرگ جو شمار  دنيا جي مهانگي ترين ٽي وي ميزبانن ۾ هوندو آهي جو بگ بينگ ٿيوري جي هڪ قسط جو معاوضو 5.75 ڪروڙ روپيا وصول ڪندا آهن.

 

جو روٽ کي ون ڊي ڪيريئر جون 4 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ 60 رنسون گھربل

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ٽيم جي بيٽسمين جو روٽ کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون 4 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ 60 رنسون کپن، جيڪڏهن روٽ ويسٽ انڊيز خلاف چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ڪيريئر جون چار هزار رنسون مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته اهو اعزاز حاصل ڪندڙ ڏهون نمبر بيٽسمين بڻجي ويندو. اميد آهي روٽ ويسٽ انڊيز خلاف شيڊول چوٿين ون ڊي ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. روٽ هيستائين 95 ميچن ۾ 10 سينچرين جي مدد سان 3940 رنسون ٺاهيون آهن. انگلينڊ پاران اين بيل 5416 رنسون ٺاهي سڀ کان اڳيان آهي.

 

ڀارتي عورت ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مٿالي راج تي بالي ووڊ فلم ٺاهي ويندي

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي عورت ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مٿالي راج تي بالي ووڊ فلم ٺاهي ويندي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اڄ ڪلهه بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ اسپورٽس فلمون ٺاهڻ جو ٽرينڊ عروج تي آهي. ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مٿالي راج جي حقيقي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان سامهون آيو آهي. وائيا ڪوم موشن پڪچرز پاران ميٿالي راج کان ان جي زندگي تي فلم ٺاهڻ ۽ فلمي حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪمپني ان سان ملاقات ڪئي آهي.

 

نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيش، فرد جرم لاءِ تاريخ مقرر، سندس اولاد ۽ ناٺي جا وارنٽ جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف نيب رفرنسز ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِٰ 2 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪندي ان جي پٽ حسن ، حسين نواز، مريم نواز ۽ رٽائر ڪيپٽن صفدر نواز جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته حسن، حسين ، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي 2 آڪٽوبر تي پيش  ٿيڻ جو حڪم ڏيندي 10، 10 لک جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي،  اڱاري تي احتساب عدالت ۾ نوازشريف جي خلاف نيب رفرنس جي ٻڌڻي ٿي ، نوازشريف  سخت سيڪيورٽي ۾ اسلام آباد ۾ پنجاب هائوس کان احتساب عدالت ۾ پهتو جتي کيس حاضري لڳائن  کانپوءِ واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. احتساب عدالت ۾ رفرنس 18، 19 ۽ 20 جون ڪاپيون نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث کي فراهم ڪيون ويون. ان کانپوءَ احتساب عدالت ۾ ڪاروائي دوران وڪيل خواجا حارث اپيل ڪئي ته نوازشريف کي عدالت ۾ پيشيءَ کان رعائت ڏني وڃي، ڇو ته هو اڳوڻون وزيراعظم رهي چڪو آهي ۽ کيس سيڪيورٽي خدشا آهن ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هيو ته نيب رفرنس جي حوالي سان پاڪستان ۾ موجود واحد جوابدار نوازشريف آهي انڪري کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۽ نه ئي کيس پيشي کان رعائت ملڻ گھرجي. نيب جي پراسيڪيوٽرن نيب جي قانون جو حوالو ڏيندي چيو ته  بيمار ڪلثوم نواز جي سار سنڀال جي لاءِ نواز شريف جا سمورا  ٻار لنڊن ۾ موجود آهن انڪري کيس وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ رفرنسز جو ڪيس رڪڻ نه گھرجي. نوازشريف جي حاضريءَ تان رعائت جي درخواست تي عدالت چيو ته ان تي فيصلو فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويندو، نيب جي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباس عدالت ۾ شڪايت ڪئي ته اسلام آباد پوليس اسانکي نيب عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان  هر جڳهه تي روڪيو. رائيونڊ تي سيڪيورٽي اهلڪار حسن، حسين نواز جي ثمن کان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نيب عدالت جي جج محمد بشير  نيب جي پراسيڪيوٽر کي لکت ۾  درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي، نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته پاڪستاني سفارتخاني جي سيڪنڊ سيڪريٽري حسن  نواز کي ثمن وصول  ڪرائي حسن نواز شريف فيملي بالغ ميمبر آهي. سيڪيورٽي اهلڪار چيو ته حسن ، حسين ۾ پرڏيهه ڍ۾ رهن ٿا ثمن اوڏانهن موڪلي ته حسين نواز ثمن وصول ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش نه ٿيو اها عدالت جي توهين آهي ، احتساب عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

نشانو اسان پر سزا سڄي قوم ۽ ايندڙ نسلن کي ملي رهي آهي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مان اڳ به سنگين حالتن کي منهن ڏنو آهي ۽ اڄ به ڏئي رهيو آهيان، ڪڏهن آمريت اڳيان جهڪيا ناهيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته اڄ عدالت ۾ جيڪو واقعو پيش آيو، ان تي ڏُک پهتو آهي، عدالتن مان فرار ٿيڻ اسان جو طريقو ناهي، مان سدائين عدليا جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيس. سندس چوڻ هو ته ملڪي تاريخ ۾ پاناما پهريون ڪيس آهي، جنهن جي بچاءَ ۾ سڀ آئيني ۽ قانوني حق صلب ڪيا ويا. کليل اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته انصاف ۽ قانون جا تقاضا خراب طريقي سان پامال ٿي رهيا آهن پر اسان ڪارروائي ۾ شامل رهياسين، جڏهن فيصلو آيو ته هڪ پائي جي ڪرپشن، بدعنواني يا اختيارن جي غلط استعمال جو ڪو نڪتو سامهون نه آيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي آءِ ٽي اڳيان ڪيترائي ڀيرا پيش ٿياسين، جن کي واٽس ايپ ڪالز ذريعي چونڊيو ويو، جي آءِ ٽي ۾ اهي هيرا به هئا، جن خلاف جاچ هلي رهي آهي ۽ سپريم ڪورٽ به انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته هاڻ به اميد آهي ته ڪٿي نه ڪٿي انصاف ضرور آهي، ظاهري طور نشانو مان ۽ منهنجو خاندان آهي پر سزا سڄي قوم ۽ انهن جي ايندڙ نسلن کي ملي رهي آهي.27

 

پاڪستان خطي ۾ گڏيل سهڪار جون ڪوششون جاري رکندو: آرمي چيف

راولپنڊي  (اين اين آءِ)  پاڪ  فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا  سان پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير سن ويڊانگ الوداعي ملاقات ڪئي ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي عام تعلقن (آئي ايس پي آر )  جي مطابق چيني سفير آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  سان الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي   تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . آئي ايس پي آر جي مطابق  چيني سفير خطي م امن ۽ استحڪام جي  لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي جڏهن ته آرمي چيف پاڪستان ۾ خدمتون سر انجام ڏيڻ تي چيني سفير جو شڪريو ادا ڪيو.