تازيون خبرون

Daily Archives: September 11, 2017

او آئي سي سربراهن جو اسلام فوبيا جي للڪارن سان منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو مطالبو

آستانه (اين اين آءِ)  اسلام تنظيم جي سربراهن مسلم دينا جي سائنس ۽ ٽينڪالوجي ۾ شاندار ترقي کي بحال ڪرڻ ۽ اسلام فوبيا جي للڪارن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته سمورن نوجوانن کي شدت پسندن ۽ دهشتگردن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ تعليم سائنس اينڊ ٽينڪالوجي کي اولين ترجيح ڏين، موجوده منظر نامي مسلمانن کي اتحاد جي ضرورت آهي علم ۽ تحقيق ۽ اسلامي تهذيب جو ميراث هئي. ڪناراڪشي اختيار ڪري اسلامي ملڪ پنهنجي شان ۽ شوڪت وڃائي ويٺو ترقي کان محروم ٿي ويو، اسان جي نوجوانن کي تعليمي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يورپي ملڪن ڏانهن وڃڻ اسانجي بدقسمتي آهي، ترڪي روهنگيا مسلمانن کي هر ممڪن  مدد فراهم ڪندو،  آچر تي آستانه ۾ سائنس ۽ ٽينڪالوجي بابت ٻن ڏينهن جي اسلامي تعاون جي تنظيم جي سربراهي اجلاس جي افتتاحي سيشن جي صدارت قزاڪستان جي صدر نورسلطان نظر بايو ڪئي. سربراهه اجلاس ۾ 56 او آئي سي ملڪن جا اڳواڻ ۽ وينز ويلا جو صدر  نيڪولس مودورو سميت عالمي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي، سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قزڪستان، پاڪستان، ترڪي ۽ ايران سميت سمورن اسلامي ملڪن جي اڳواڻن  سمورن ميمبر ملڪن کي چيو ته  هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سمورا اسلامي ملڪ نوجوان نسل کي شدت پسندن ۽ دهشتگردن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ تعليم کي سائنس ۽ ٽينڪالوجي کي پنهنجي ترجيح ۾ شامل ڪن، هنن ميمبر ملڪن کي مطالبو ڪيو ته هو سائنس ۽ ٽينڪالوجي ۾ مسلم دنيا جي شاندار ترقي ۽ وڃايل مان مرتبو بحال ڪرڻ ۽ اسلام فوبيا جي وڌيندڙ للڪارن سان منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي واضع ڪري، قزاڪستان جي صدر اسلامي فوبيا تي ضابطو  ڪرڻ ۽ غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ اولهه ۽ مسلم دنيا کي وچ ۾ ڊائلاگ جي پيش ڪش ڪئي، هن چيو ته قزاڪستان خطي ۾ امن جي خاطر پنهنجو نيوڪليئر پروگرام ختم ڪيو ۽ توقع ظاهر ڪئي ته ملڪن جا دورا به  ائين ئي ڪندو. صدر رجب طيب اردگا ن چيو ته علم تحقيق ۽ اسلام تهذيب جي ميراث هئي پر علم کان ڪنارا ڪشي ڪري  ان پنهنجي شان ۽ شوڪت وڃائي ڇڏيو ۽ ترقي کان محروم ٿي ويو، هن چيو ته بدقسمي سان ترقي يافته ملڪن جي نسبت ۾ مسلم دنيا ۾ تعليمي خرچ لاءِ جي ڊي پي جو صرف هڪ سيڪڙو رکيو ويندو آهي، جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ جي ڊي پي 5.2 سيڪڙو رکيو ويندو آهي ، اها بدقسمتي آهي ته اسان جا نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يورپي ملڪن ڏ0انهن ويندا آهن، هن وقت تايئن اسان او آئي سي ملڪن مان 9 هزار 500 شاگردن کي اسڪالرشپون ڏنيون آهن، هن گلف خطي ۾ وڌندڙ بحرانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته   موجوده منظر نامي مسلمانن کي اتحاد جي  ضرورت آهي، ترڪ صدر روهنگيا مسلمانن تي  ٿيندڙ ظلم تي ميانمار جي حڪومت سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ترڪي روهنگيا مسلمانن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، هن چيو ته ترڪي جي حڪومت بنگلاديش حڪومت جي تعاون سان روهنگيا مسلمانن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ايران جي صدر  حسن روحآني اجلاس جو خطاب ڪندي چيو ته اسلام شدت پسندي ۽ دهشتگردي جي ڪابه جاءَ ناهي، پر اسلام علم ۽ تحقيق ۽ ترقي جو سبق ڏئي ٿو.   او آئي سي جي جنرل سيڪريٽر ڊاڪٽر يوسف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي بابت پهرين انٽرا او آئي سي سمٽ جي ڪوٺائڻ تي صدر ممنون حسين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته او آئي سي هميشا جديد تعليم تي خاص ڌيان ڏنو آهي ، اجلاس کي مراڪش جي بادشاه، ازبڪستان ۽ گينيا جي اڳواڻن به خطاب ڪيو.

 

پاڪستان کي جمهوري، فلاحي ۽ لبرل رياست بڻائينداسين: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اسان کي قائداعظم جي ٻڌايل رستي تي هلڻو پوندو، هن چيو ته عسڪريت پسندي جي سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ اظهار جي آزادي کي هٿي ڏيڻي پوندي، عسڪريت پسندي جي سوچ کي رد ڪري ڇڏيو، اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان کي جمهوري، فلاحي ۽ لبرل رياست بڻائينداسين، ماڻهن جي ڀلائي قومي اتحاد ۽ ملڪي تحفظ جي ضامن آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري قائد اعظم محمد علي جناح جي يوم وفات موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته ان عهد جو عزم ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان کي جمهوري، ترقي پسند ۽ لبرل رياست بڻائينداسين، ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود قومي اتحاد، سماجي برابري ۽ ملڪ جي تحفظ جي ضامن آهي، اسان اڄ ان عهد جو عزم ٿا ڪريون ته قائداعظم محمد علي جناح جي ٻڌايل اصولن تي هلنداسين، هن چيو ته اڄ اسان کي پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي ته عسڪريت پسندي جي سوج کي رد ڪري ڇڏيون، برداشت ۽ درگذر کي اختيار ڪريون ۽ مخالفت جو آواز برداشت ڪريون، قانون جي مدد سان رياست جو متبادل بيانيو بڻائي سگهجي ٿو، هن چيو ته عسڪريت پسندي جي سوچ سان وڙهڻ لاءِ اظهار جي آزادي کي هٿي ڏيڻي پوندي.

 

وڏي وزير پاران ڪراچي شهر جو دورو، ترقياتي ڪمن ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ ڪراچي شهر جو اوچتو دورو ڪيو. ان موقعي تي مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو به وڏي وزير سان گڏ هو. وڏو وزير سيد مراد عولي شاهه صدر واري علائقي ۾ واقع جهانگير پارڪ پهتو جتي هن هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جهانگير پارڪ کي خوبصورت بڻايو ويو آهي. واضح رهي ته جهانگير پارڪ سوا پنج ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل آهي، ان جي لاڳت 220 ملين رپين ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻه آر او پلانٽس پڻ شامل آهن. هڪ آر او پلانٽ 50000 گيلن پيئڻ جو پاڻي ڏيندو ۽ ٻيو پارڪ کي پاڻي فراهم ڪندو. ان بعد وڏي وزير بوهري بازار جو دورو ڪيو. وڏي وزير روڊن ۽ گهٽين جي ترقياتي ڪمن ۾ دير ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو کي جاري ڪم جلدي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر ۾ دڪاندارن سان ملاقاتون ڪيون. دڪاندارن وڏي وزير کي هلندڙ ترقياتي ڪم ۾ فٽ پاٿ ٺاهڻ جي درخواست ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هڪ زماني ۾ هتي ٽرام هلندي هئي. وڌيڪ آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڪيترن ئي ورهين کان پوءِ صدر واري علائقي ۾ نئين نيڪاليءَ واري نظام جي پائپ لائينون وڇائيون ويون آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مير ڪرم علي ٽالپر روڊ تي واقع پراڻين ماڙين / عمارتن کي بحال ڪرڻ بابت جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شوري انهن پراڻي ماڙين جي بحالي جي حوالي سان وڏي وزير کي بريف ڪيو. چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم ٻڌايو ته پراڻين ماڙين ۽ علائقن جي بحالي لاءِ ورلڊ بينڪ جو پروگرام موجود آهي. وڏي وزير مينسفيلڊ اسٽريٽ صدر جو به دورو ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مينسفيلڊ اسٽريٽ جي بحالي تي علائقي واسين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير کي مينسفيلڊ اسٽريٽ جي مسئلن بابت اتي موجود هڪ عورت آگاهه ڪيو. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي اعجاز خان کي مينسفيلڊ اسٽريٽ جي رهواسين جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ان اسٽريٽ تي برسات دوران پاڻي ناهي بيهندو. وڏي وزير مينسفيلڊ اسٽريٽ جي رهواسين سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جو ڪراس چيڪ ڪيو.

 

سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي، ڀارت چناب درياٰءَ جو پاڻي روڪي ورتو

سيالڪوٽ(م.ڊ)  والاريل ڪشمير مان ايندڙ چناب ندي جو پاڻي ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي والاريل ڪشمير ۾ بگليهار ڊيم وٽ روڪي ورتو آهي. جنهن جي ڪري هيڊ مرالا وٽ چناب درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽجي رڳو ۲۸ هزار ۱۲۰ ڪيوسڪ رهجي ويو آهي. آبپاشي کاتي مطابق والاريل ڪشمير مان ايندڙ ٻين ٻن دريائن مناورتوي درياءَ جو هڪ هزار ۱۰۷ ڪيوسڪ پاڻي ۽ جمون توي درياءَ جو ۳۴۰۴ ڪيوسڪ پاڻي چناب ندي ۾ هيڊ مرالا وٽ داخل ٿئي ٿو جنهن جي ڪري چناب ندي جو مجموعي پاڻي ۳۲٦۲۴ ڪيوسڪ هوندو آهي. آبپاشي کاتي مطابق ڀارت سنڌ طاس معاهدي تحت روزانو ۵۵ هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جو پابند آهي.

 

عوام نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي: مريم نواز

لاهور (اين اين آءِ)  نون ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز چيو ته نيب جيترن به ڪيسن ۾ سرخرو ٿي ان کي ٻيهر نئين طريقي سان کوليو ويو، قوم ڏسي رهي آهي ته اين اي 120 جي عوام نوازشريف سان گڏ آهي.  نوازشريف جيڪڏهن ايترو ئي ڪرپٽ هيو ته الزامن کي ثابت ڪيو وڃي هان، اقامي تي نااهلي تي مطلب آهي ته نوازشريف جي خلاف ڪجھه به نه هيو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ماڊل ٽائون ۾ نون ليگ لائرز فورن جي وڪيلن جي ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي سينيٽر پرويز رشيد، طلال چوڌري سميت وڪيلن جي اڳواڻن جو وڏو انگ ساڻس گڏ هيو، مريم نواز چيو ته وڪيل نون ليگ جي آرمي آهن، وڪيلن هڪ انتهائي ڪامياب ڪنوينشن ڪرائي ثابت ڪيو ته هو نون ليگ جمهوريت سان گڏ آهن. وڪيلن جو ڪنوينشن تمام ڪامياب رهيو جنهن تي سمورن وڪيلن کي مبارڪ ڏيان ٿي، ڪامياب وڪيل ڪنوينشن ڏسي مخالف به حيران ٿي ويا. انهن پاران پروپيگنڊا ڪيو ويو ته ڪارڪنن  کي ڪارو ڪوٽ پارائي وڪيل ڪنوينشن ۾ آندو ويو. هن چيو ته ڪو اهو ٻڌائيندو ته  نوازشريف کي ڪهڙي ڳالهه جي سزا ڏني وئي. اسانجي خانداني ڳالهين کي رستن تي اڇلايو ويو، روز هڪ نئين ڳالهه ٻڌي ڏک ٿيندو هيو.  هن چيو ته ميڊيا ٽريل ڪري اسانجي خلاف مهم هلائي وئي جيڪا انساني حقن جي خلاف ورزي آهي.   ان موقعي تي وڪيلن مريم نواز  کي اين اي 120 ۾ ڀرپور همايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جي چونڊ مهم ۾ به اڳتي وڌي حصو ورتو ويندو.

 

دهشتگردي خلاف جنگ ختم ناهي ٿي، پاڪستان جون ٽنگون ڇڪڻ وارن کي بي نقاب ڪرڻو پوندو: اياز صادق

لاهور (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته هڪڙا اهي آهن، جن جا ترقياتي ڪم سوشل ميڊيا تي آهن، ٻئي طرف اسان جي ترقياتي ڪم آهن، جيڪي پاڻ ڳالهائيندا آهن، هن چيو ته اسان جي ترقي سامهون جڏهن ته ڪجهه جماعتن جي ترقي فيس بڪ تي نظر ايندي آهي، سمن آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڪجهه ماڻهو چور دروازي کان وزيراعظم بڻجڻ چاهين ٿا، جنهن کي عدالت نااهل قرار ڏنو، ان کي عوام جي دل مان ڪير نٿو ڪڍي سگهي، هن چيو ته 17 سيپٽمبر تي چور دروازي ۽ عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ ايندڙن جو فيصلو ٿي ويندو، چين ڪنهن ٻئي تي نه رڳو نواز شريف تي اعتماد ڪري سيڙپڪاري ڪئي، نواز شريف کي وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش ناهي، اهو رڳو ملڪي ترقي جو سوچيندو آهي، فحاشي جي تبديلي آڻيندا يا چور دروازي کان وزيراعظم بڻجڻ جي، پاڪستان ۽ افغانستان گڏجي امن قائم ڪري سگهن ٿا، 19 سيپٽمبر تي 28 رڪني افغان وفد پاڪستان اچي رهيو آهي، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ختم ناهي ٿي، پاڪستان جون ٽنگون ڇڪڻ وارن کي بي نقاب ڪرڻو پوندو، ادارن کي پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، مودي هجي يا ٽرمپ، پاڪستان طرف جنهن به ميري اک سان ڏٺو، ان کي نه ڇڏينداسين، اياز صادق چيو ته برما جي مسلمانن ۽ ڪشميرين تي ظلم انساني حقن جي ادارن کي نظر نٿو اچي.

 

عوامي مرڪز جي باهه ۾ سي پيڪ جو ڪو رڪارڊ ناهي سڙيو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ ريارمز ڊويزن موجب اسلام آباد جي عوامي مرڪز ۾ لڳل باهه سبب سي پيڪ جو ڪنهن به قسم جو ڪو به رڪارڊ ناهي سڙيو ۽ ان حوالي سان هليل سموريون خبرون بي بنياد آهن، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا اسلام آباد جي عوامي مرڪز ۾ لڳل باهه دوران سي پيڪ جو رڪارڊ سڙڻ وارين خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي، سندس چوڻ هيو ته پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ ريفارمز ڊويزن موجب عوامي مرڪز جي باهه ۾ سي پيڪ جو ڪو به رڪارڊ ناهي سڙيو، باهه ۾ هڪ ننڍي ريسرچ يونٽ کي نقصان پهتو آهي، جنهن جو سمورو رڪارڊ ڊجيٽل ۽ سوفٽ ويئر ۾ هيو ۽ اهو مڪمل طور محفوظ آهي.

 

 

آزاد ڪشمير ۾ گاڏي برساتي نالي ۾ لڙهي وئي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر سميت 8 ڄڻا فوت

ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ): آزاد ڪشمير جي علائقي نڪيال ۾ گاڏي برساتي نالي ۾ لڙهي وڃڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، بينظير انڪم سپورت پروگرام جو ڊائريڪٽر چوڌري اسحاق پنهنجي خاندان سان گڏ سرڪاري جيپ ۾ وڃي رهيو هيو ته ان جي گاڏي مٿراني ڳوٺ ويجهو ڌموئي آبشاري جي هنڌ تي برساتي نالي ۾ چاڙهه سبب توازن برقرار رکي نه سگهي ۽ آبشار مان هيٺ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ سمورا ماڻهو ٻڏي ويا، بارش سبب درياهه ۾ پاڻيءَ جي شدت وڌيڪ هئڻ سبب امدادي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيو پر علائقي جي عوام وڏي انگ ۾ موقعي واري هنڌ پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت 3 ماڻهن جا لاش ڪڍي ورتا آهن، جڏهن ته وڌيڪ لاشن جي ڳولا جاري آهي.

 

حاجين جي آجيان لاءِ ايندڙ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويا، سول ايويئيشن ڪراچي ايئرپورٽ تي پارڪنگ فيس 90 رپيا ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪرڻ بعد حاجي سڳورن جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي، حاجي سڳورن جي استقبال لاءِ عزيز ۽ مائٽ سڄي ملڪ جي مختلف ايئرپورٽس تي وڃي رهيا آهن، پر اهڙي موقعي تي سول ايويئيشن ڪراچي حاجي سڳورن جي آجيان لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڦرڻ جو سلسلو شروع ڪندي پارڪنگ پرچي جي فيس 90 رپيا ڪري ڇڏي آهي، تفصيلن موجب سوين ماڻهو روزانو ڪراچي ايئرپورٽ تي پنهنجي پيارن جي آجيان لاءِ ويندا آهن، جڏهن ته حج جي ڏينهن ۾ انهن جو انگ وڌي ويندو آهي، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي سول ايويئيشن عملدارن پنهنجي پيارن جي آجيان لاءِ ايندڙ ماڻهن کي پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي، پيارن جي آجيان لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ايئرپورٽ جي حدن ۾ گاڏي پارڪ ڪرڻ تي 90 رپيا ادا ڪرڻا پئجي رهيا آهن.

 

پ پ پاران دادو ۾ 16 سيپٽمبر تي جلسي جو اعلان، اڳوڻو وزير اعظم پنهنجي ڪرتون سبب گهر ڀيڙو ٿيو: نثار کهڙو

دادو (ڊ.ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي جنرل باڊي جي گڏجاڻي، ورڪر ڪنويشن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي رهائش گاهه تي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو 16 سيپٽمبر تي دادو ۾ جلسو ڪندو جنهن لاءِ اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون، هن چيو ته دادو ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، هن چيو ته ڪنهن به پارٽي جو چيئرمين جڏهن جلسو ڪندو آهي ته عوام کي ملڪ جي حالاتن بابت آگاهه ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪمت عملي، پ پ جي جدوجهد ۽ عوامي قوت اڄ به پاڪستان ۾ جمهوريتي نظام کي قائم رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ اسان خوش آهيون ته پاڪستان ۾ جمهوريت هلي رهي آهي، هن چيو ته جمهوريت تي حملا گهڻن ماڻهن ڪيا سيٽي وڄائي ايمپائر جا اشارا گهڻا ڪيا هوندا پر پوءِ به جمهوريت بچي رهي ۽ پاڪستان جي عوام جو ڏنل ووٽ قائم رهيو ۽ پاڪستان کي دنيا ۾ شرمندگي کڻڻي نه پئي، هن چيو ته وزير اعظم اگر هليو ٿو وڃي ته اهو پنهنجي غرور ، تڪبر ۽ ڪرتوت جي ڪري ويو، هن چيو ته هُن کي پهريان ئي ٻن ججن صادق ۽ امين قرار نه ڏنو ان باوجود اسان جي عدالت هن کي صفائي جو موقعو اڃا وڌيڪ ڏنو ائين ڪندي هن کي مسلسل ڏيڍ سال تائين موقعو مليو پر هو پنهنجي صفائي پيش نه ڪري سگهيو، ۽ ڪورٽ هن جي مٿان ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وزير اعظم کي ڪوڙو قرار ڏئي سڄي عمر لاءِ نا اهل ڪري ڇڏيو، ان باوجود اسان جي جمهوريت هلي رهي آهي، هن چيو ته اهو ٻن حضرات جو مان اوهان کي ٻڌايو ۽ ٽيون حضرت ته ملڪ ۾ اچي ئي نٿو، ۽ اهو پنهنجي ڌرتي ۽ ملڪ خلاف ڳالهائي رهيو آهي، هاڻي ته ان جو نالو وٺڻ وارو به ڪير ناهي رهيو، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سڀني مثيبتن جو مقابلو ڪندي اڳتي وڌي رهي آهي، 2018 ۾ مقابلو ڪري عوام کي سرخرو ڪنداسين، سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ادارن ۾ ڪوبه تڪرار نه ٿيندو عدالت فيصلو ڪيو ۽ ان تي تبصرو ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته عدالت جي ان فيصلي تي به تبصرو ٿيو هو جڏهن انهي عدالتن جنرل جي حڪومتن کي ڪنڊم ڪيو هو چئن مارشلائن کي ڪنڊم ڪيو هو ان فيصلن تي به تبصرا ٿيا هئا، عدالت يا ڪنهن اداري جي تڪرار جي ڪابه ڳالهه ناهي، هن چيو ته نواز شريف پهريان چيو هو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي اهو مونکي قبول آهي پر ان باوجود هو رويو پٽيشن ۾ ويو آهي، هن چيو ته دنيا ۾ الاهي ڪيترن ماڻهن جو نالو پاناما ڪيس ۾ آيو ۽ انهن پنهنجي پاڻ کي ڪليئر ڪرايو اگر نواز شريف انتقامي ڪاروائي جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ جي آءِ ٽي ڇو قبول ڪئي، هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ ڪوڙ ثابت ٿيو ته هاڻي سازش نظر ٿي اچي، هن چيو ته عمران خان ڦڙڪيون هڻڻ لاءِ مشهور آهي، پهريان ٽي مهينا ڌرڻو هنيو ۽ ڌرڻي جو ڪوبه اثر نه ٿيو ته ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو ۽ وري چيو ته اسلام آباد کي بند ڪري ڇڏيندس، عوام هن جي ڪري لٺيون کائيندي رهي ۽ هي پنهنجي گهر ۾ پشپ ڪندو رهيو، هن چيو ته عمران خان هميشه جلسا رات جو ڪندو آهي رات جو هن کي نظر پوندي ناهي 5 هزار ماڻهن کي 50 هزار چوندو آهي، هن چيو ته ڊان ليڪس کي روڪيو ڪنهن آهي حڪومت روڪيو آهي، چوڌري نثار جيڪو اڄ چوي ٿو ته رپورٽ ظاهر ڪئي وڃي اها پاڻ ئي ظاهر ڪري سگهي پيو، ان موقعي تي سينيٽر عاجز ڌامراهه، وقار مهندي، راشد رباني، پ پ ضلع دادو جي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ايم اين اي عمران ظفر لغاري، غلام دستگير ڳورڙ، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، سيد غلام شاهه جيلاني، ايم پي اي فياض ٻٽ، ضلع ڪائونسل چيئرمين سردار اشرف خان سولنگي،  ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو، قمبر خان لغاري، شبير احمد ابڙو، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو گل حسن قمبراڻي، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي جوهي عبدالمجيد جمالي، شاهه محمد نائچ، خليل احمد شيخ، عبدالحميد جمالي ۽ ٻيا موجود هئا.