تازيون خبرون

Daily Archives: September 8, 2017

ڪيرئير جي عروج تي مان سنيل گواسڪر جي ديواني هيس: ماڌوري

ممبئي (شوبز نيوز)ماڌوري ڊڪشت انڪشاف ڪيو آهي ته مان 1992 ۾ نالي واري ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر جي محبت ۾ مبتلا هيس، ماڌوري گواسڪر کي پنهنجي خوابن جو شهزادو به قرار ڏنو آهي. هڪ انٽرويو ۾ ماڌوريءَ چيو ته هوءَ 1992 ۾ ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر جي محبت ۾ مبتلا هئي. اهو ان وقت جي ڳالهه ٿي جڏهن ماڌوري پنهنجي ڪيرئير جي عروج تي هئي جڏهن گواسڪر جو ڪيريئر ختم ٿيڻ جي قريب هيو.

 

رڳو خوبصورتي ڪافي ناهي، فن جا جراثيم به لازمي آهن: صبا قمر

لاهور(شوبز نيوز)اداڪاره صبا قمر چيو آهي ته ڪو به فنڪار رڳو خوبصورتيءَ جي بنياد تي نالو نه ٿو ڪمائي سگهي پر فن جا جراثيم هئڻ لازمي آهي. هڪ انٽرويو ۾ صبا قمر چيو ته مان ڏکي وقت ۾ ڪڏهن دوستن کي نه وساريو آهي ۽ نه وري ايئن ڪري سگهان ٿي. هن چيو ته شوبز سميت ڪو به شعبو هجي جيڪڏهن توهان مهارت نه ٿا رکو ته اڳتي نه ٿا وڌي سگهو، اهو ئي نه ٿو چئي سگهجي ته شوبز ۾ خوبصورت چهرا ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا، ان جي ابتڙ فن تي عبور حاصل ڪندڙن وڌيڪ نالو ڪمايو آهي. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ماضيءَ کي ڪڏهن نه وساريندي آهيان خاص ڪري ڏکي وقت ۾ جن دوستن ساٿ ڏنو کين زندگيءَ ۾ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهان.

 

ورلڊ اليون جو دورو ڪامياب ٿيڻ ضروري آهي، ٽڪيٽن ۾ زيادتي نه ٿيندي: نجم سيٺي

لاهور(اسپورٽس  نيوز)پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته ٽڪيٽن جي معاملي ۾ ڪنهن سان زيادتي نه ٿي رهي  آهي، ورلڊ اليون جي دوري سان ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿيندي. لاهور ۾ انڊپيٽڊنٽس ڪپ سيريز جي لوگو جي نمائش کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي نجم سيٺي چيو ته ٽڪيٽون خريد ڪرڻ لاءِ هڪ اڌ ڪلاڪ انتظار ڪرڻ سان مايوس نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي دنيا اڳيان پاڪستان جو هاڪاري رخ ڏيکارڻو آهي، ناڪاري نه. سندس چوڻ هو ته اسان کي سڀني جي حمايت جي ضرورت آهي، اها اڃا پهرين وک آهي. نجم سيٺي چيو ته مسئلا ضرور آهن پر ٽڪيٽون حاصل ڪندڙن جو تعداد ۽ جذبو وڌيڪ آهي. هن چيو ته ورلڊ اليون جو پاڪستان جو دورو ڪامياب ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته انڊپيٽنڊنٽس ڪپ اسان لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ورلڊ اليون سان مقابلي لاءِ متوازن ٽيم ٺاهي وئي اهي. نجم سيٺي چيو ته اسپانسرز اسان جي ايونٽ کي ڀرپور نموني سپورٽ ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته سريلنڪن ٽيم پاڪستان ۾ هڪ ميچ کيڏندي، ڪوشش آهي ته 2 ميچون ٿي وڃن. نجم سيٺي چيو ته پي ايس ايل جون چار ميچون ڪراچيءَ ۾ به ڪرايون وينديون.

 

عبدالرزاق ۽ تمنا ڀاٽيا جي تصوير جي حقيقت سامهون اچي وئي

لاهور (اسپورٽس  نيوز)  اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر عبدالرزاق  ۽ باليووڊ اداڪاره تمنا ڀاٽيا جي تصوير جي حقيقت سامهون اچي وئي. سوشل ميڊيا تي جاري تصوير ۾ ٻنهي جي دوستي جي حوالي سان تبصره ڪيا پيا وڃن، پر حقيقت ڪجھه ٻي آهي. حقيقت ۾ عبدالرزاق کي دبئي هڪ جيولري برانڊ جي لائونچنگ تقريب ۾ دعوت ڏني وئي جتي تمنا به مهمان ٿي هئي، ٻنهي جيولري جي نمائش ڪئي ته فوٽوگرافر تصوير ٺاهي ڇڏي ۽ سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ويو  ته اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڀارتي اداڪاره تمنا ڀاٽيا کي شاپنگ ڪرائي رهيو آهي ۽ ٻنهي ۾ ويجھا لاڳاپا آهن.

 

وس وارن کي قانوني سهڪار جي اپيل : عبيدالله سلمان شيخ

ڪراچي ۾ ڄمندڙ، رهندڙ ۽ پرائمري کان سيڪنڊري توڙي ڪاليج جي تعليم پرائڻ کانپوءِ به ڌرتي ڌڻين سنڌ ڄاون جو اسانجي هن شهر ڪراچي جو ڊوميسائيل نٿو ٺهي. ڊي سي آفيس ۾ ڊوميسائيل ٺاهڻ وارا ٿا چون توهان جي سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو ڳوٺ جو لکيل آهي تنهن ڪري توهان جو ڊوميسائيل ڳوٺ مان ئي ٺهندو.

هلو سائين نادرا آفيس وياسين نادرا جي آفيس ڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو مٽرائڻ ته اتي وري انهن جون گهرجون ئي ايتريون آهن جو انهن کي پورو ڪندي ڪندي پاڻ تي به شڪ ٿيڻ شروع ٿيو وڃي ته اسان هن ڌرتي تي ڄاوا به آهيون يا آسمان مان اڇلايا ويا آهيون؟ ڄمڻ جو سرٽيفيڪيٽ هن شهر جو، پرائمري تعليم جو سرٽيفيڪيٽ به هن شهر جو، ميٽرڪ توڙي انٽر جا سرٽيفيڪيٽ پڻ هن شهر جا، پيءُ ۽ ماءُ جا سڃاڻپ ڪارڊ به هن شهر جا پوءِ به نادرا وارا چون ٿا گهر جا ڪاغذ کڻي اچو اهي ڏسي پوءِ مستقل ايڊريس ڳوٺ جي مٽائي ڪراچي جي ڪنداسين. هي وٺو گهر جا ڪاغذ به ڏئي ڇڏيا هاڻ ته سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل ايڊريس ڪراچي وارو لکو؟ هاڻ وري نئون اعتراض واري ڇڏيائون ته اوهان جو ته گهر ليز ئي ڪونهي جڏهن ته نئون قانون آهي ته مستقل پتو رڳو ليز گهر جي ڪاغذن کي ڏسي پوءِ لکبو…! سائين ڪراچي ۾ اسان جنهن گهر ۾ چوٽيهه سال رهيا سين اسان جو ته اهو ئي گهر ليز ناهي ٿي سگهيو پوءِ هاڻ ڇا ڪيون؟ ڪراچي جون اڌ سنڌي وسنديون ته ليز ئي ناهن هتان جا رهواسي جيڪي هن شهر ۾ پنهنجن اباڻن ڳوٺن مان نوڪري ۽ ڪاروبار لاءِ ورهين کان لڏي آيل آهن جن جي اولادن جا اولاد به هن شهر ۾ ڄاوا آهن، پر وڏڙن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو ڳوٺ جو آهي تنهن ڪري انهن نوجوان مرد توڙي عورن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي نادرا وارا هاڻ نئون اعتراض لڳائي مستقل ايڊريس هن شهر ڪراچي جو نٿا لکن؟ هڪ غريب وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ جنهن پنهنجي ڳوٺ مان هڪ اڌ ايڪڙ يا ڪجهه جريب زمين، يا مال مينهون، ٻڪريون کپائي ۽ پورهيو ڪري هن شهر ۾ گهر ته خريد ڪري ورتو ۽ هاڻ جيڪو مشڪل سان پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ ۾ پورو آهي اهو ڪيئن اڄ جي مهانگائي واري دؤر ۾ گهر جا ڪاغذ پورا ڪري، ليز ڪرائي سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل ايڊريس شهر ڪراچي جي لکرائي جنهن کان پوءِ وڃي پنهنجي اولاد لاءِ ڪراچي شهر جو ڊوميسائيل ٺهرائي؟

ڪنهن به قوم يا ٻولڳ جو نالو کڻن کانسواءِ اوهان کي ٻڌائجي ٿو ته سڄي ملڪ توڙي پرڏيهي ڌاريا ۽ غير سنڌي اچي هن شهر ۾ سوسائٽيز جي نالن سان ڪالونيون ۽ فليٽس ٺاهي انهن کي ليز ڪرائي هن شهر جا مالڪ بڻجي ويا پر اسان سنڌي اڃا به اُن ڀوتارڪي ذهنيت مان نه نڪري سگهياسين، اڄ به وڏيرا ۽ رئيس سنڌ جي مختلف شهرن مان اچي هن شهر ڪراچي ۾ سنڌين کي آباد ته ڪرائين ٿا پر حيرت ان ڳالهه جي آهي ته هتي به ڳوٺن جيان سنڌي وسندين کي ڪچي آبادي ۽ ڳوٺ آباد اسڪيم ۾ جوڙائي انهن ڳوٺن ۾ رڳو پنهنجا بنگله پنج، پنج سو ۽ هزار هزار گز تي اڏي ڳوٺن جيان اوطاقون ٺاهي وڏيرڪي سوچ رکي هن ميٽروپوليٽن شهر ڪراچيءَ ۾ به رڳو پنهنجي واه واه ڪرائي ان ۾ خوش ٿيو ويٺا آهن، غريب مسڪين ساڳيو سورن ۾. جيتوڻيڪ هن شهر ۾ ڪو اڄ به کير جون نديون ته نٿيون وهن تنهن هوندي به سڄو ڪراچي گهمي ڏسو آئون دعوا سان ٿو چوان جتي جتي به سڀ کان وڌيڪ گند ڪچري جا ڍير، ڪچيون گهٽيون، بنيادي سهولتن ۾ پاڻي بجلي گئس جي کوٺ، نڪاسي جو نظام تباه يا ناڪاره ڏسڻ ۾ ملي پڪ سان سمجهو يا مون کان لکي وٺو اُهي آباديون اُهي وسنديون سنڌين جون يا سنڌي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت جون هونديون. سمورن وس وارن دوستن کي اپيل آهي ته ذاتي طور دلچسپي وٺي هن مسئلي کي وڏي پئماني تي کڻي مستقل طور حل ڪرايو وڃي، هي مسئلو رڳو اسانجي گهر جو نه پر سمورن سنڌ واسين جو آهي جيڪي هن شهر ۾ ورهين کان رهن ٿا انهن سان هيءَ تمام گهڻي ذيادتي ٿي رهي آهي.

 

 

سنڌ کي برما نه بڻايو..!!: صاحب خان ڀٽ

برما ۾ ٿيندڙ ظلم تي سڄي دنيا جي مسلمانن کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي ها پر افسوس جو ايئن نه ٿيو، سمورا مسلمان ملڪ صرف بيان ڏيڻ ۾ پورا آهن، سعودي عرب جيڪو سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن جو وڏو سڏيو ويندو آهي، ان به هن وقت تائين برما جي مسلمانن کي پنهنجي ملڪ ۾ ترسائيڻ جو ڪو به اعلان نه ڪيو آهي ۽ آخر اهو ڪندو به ڪين؟ ڇاڪاڻ ته سعودي عرب جيڪو پاڪستانين کي به ڊي پورٽ ڪري ڇڏيندو آهي، اهو ڪيئن آخر برما جي مسلمانن کي پناهه ڏيندو، ايتري قدر جو بنگلاديش به انهن برما جي مسلمانن کي ملڪ ترسائڻ بدران ڪيمپين ۾ ترسائي رهيو آهي، جيئن هن بنگلاديش 1973ع ۾ اتي پناهه وٺي رهندڙن کي ترسايو هو ۽ هاڻ به اهو پنهنجو ڪم جاري رکيو پيو اچي، جيڪو ظلم برما ۾ ٿي رهيو آهي، ان جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي،

هن وقت تائين سعودي عرب کان ويندي ترڪي تائين ڪنهن به مسلمان ملڪ برما سان سفارتي لاڳاپا ختم نه ڪيا آهن، صرف بيان وڏا وڏا ڏنا پيا وڃن، جن کي ٻڌي مسلمان ملڪن جا ماڻهو ڏاڍو خوش ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن ملڪن کي برما تي ٿيندڙ ظلم جو احساس هجي ها ته اهي پنهنجي فوج موڪلين ها يا وري سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن ها پر اهو ڪجهه به نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا خاص مذمت ڪئي وئي آهي.  برما ۾ جيڪو هي ظلم ٿي رهيو آهي،  اهو ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، جنهن تي سڄي دنيا خاموس آهي پر هاڻ جڏهن برما ۾ ٿيندڙ ظلم سوشل ميڊيا تي ڪُر کنيو آهي ته سڄي دنيا جا مسلمان جاڳي پيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تمام گهڻي وڻي رهي آهي، سمورا ملڪ سوشل ميڊيا کي سچ به سمجهي رهيا آهن پر جڏهن انهن ملڪن خلاف سوشل ميڊيا تي اهڙي قسم جون خبرون هلنديون آهن ته انهن وقت چيو ويندو آهي ته ان سوشل ميڊيا جي خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي،

بهرحال برما ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم کان ڪير به انڪاري نه آهي، ڇاڪاڻ ته مختلف وقتن تي اهڙيون ته وڊيو فيس بڪ تي شيئر ڪيون ويون جو ڏسندي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو. هي برما اهو ئي ملڪ آهي، جنهن 4 جنوري 1948ع ۾ برطانيا کان آزاي حاصل ڪئي هئي ۽ هن ملڪ جا ست صوبا ۽ ست ڊويزنون آهن،

هن ملڪ جون رياستون، شان، ڪايان، ڪڇين، ارڪان، ڪرين، مون ۽ ڇين آهن. جڏهن ته هن ملڪ جي ڊويزن ۾ مانڊلي، مگوي، پيگو، ايراودي، رنگون، تناسرم ۽ سنگائن شامل آهي، تاريخ ۾ لکيل آهي ته 1287ع ۾ جڏهن برما تي حملو ڪيو ويو ته برما ڪيترن ئي حصن ورهائجي ويو هو جن تي شان قبيلي جي ماڻهو حڪومت ڪندا هئا، 16هين صدي ۾ ٽنگو خاندان جي حڪومت قائم ٿي هئي، جڏهن ته 18هين عيسوي صدي ۾ مون قبيلي پنهنجا پير ڄمايا هئا.1784ع ۾ برمي راجا  ٻڌپيا  ”ارڪان “ تي  حملو ڪري قبضو ڪيو  هو، ان کان “ارڪان“ آزاد ۽ خودمختيار رياست هئي. 1826ع ۾ ”ارڪان” ۽ ”تناسرم“ برٽس انڊيا جي ماتحت اچي چڪو هو، جڏهن ته 1885ع ۾  شان رياست تي انگريزن قبضو ڪيو هو.

ڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي ته 8 صدي ۾ جڏهن خليفي هارون الرشيد  برما ۾ واپار سلسلي پهتو ته ان وقت مسلمان اچي آباد ٿيا هئا. جيڪڏهن سنڌ جي حالت ڏسنداسين ته 1947ع کان صوفين جي هن سرزمين تي ڌارين جي لوڌ جو سلسلو جاي آهي، جيڪو هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي، هزارين احتجاجن باوجود نه ته ڪنهن دانهن ٻڌي ۽ نه ئي وري سنڌ جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي، بلڪه جڏهن به احتجاج ٿيو ته سنڌ سان پيار ڪندڙن کي مختلف خطاب ڏئي انهن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،

بنگلاديش به هن ملڪ کان الڳ ٿيو ته اتي پناهه وٺي ترسيلن کي به تڙي سنڌ ڏانهن ڌڪيو ويو ۽ اهو سلسلو  اُتي ختم نه ٿيو، جڏهن نائين اليون کان پوءِ آمريڪا افغانستان تي دهشتگردن خلاف حملو ڪيو ته ان وقت به هن ملڪ جي ڏاڍ مڙسن انهن کي ترسائڻ جي حامي ڀري ۽ انهن سمورن افغان پناهگيرن جو رخ سنڌ ڏانهن موڙي ڇڏيو ۽ سنڌ جي عوام جو ووٽ وٺي اقتدار  ۾ ايندڙ وزيرن ۽ ڪامورن خاموشي اختيار ڪئي پر سنڌ سان محبت ڪندڙ  خاموش نه ويٺا ۽ جيڪو ٿي سگهيو، هنن احتجاج ڪيو، ان کي به سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندڙ پارٽي رد  ڪري ڇڏيو، جن ماڻهن افغان پناهگيرن کي سنڌ ۾ ترسائڻ جي خلاف احتجاج ڪيا، انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ انهن کي جيلن ۾ به وڌو ويو، هن وقت ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين ڌارين جي لوڌ آهي، جيڪا سنڌ جي سڀ کان وڏي پارٽي جيڪا هميشه سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي آهي، ان کي نظر نٿو اچي، باقي قومپرست، سڃاهه وند ڌريون ڏسي رهيون آهن، جيڪي هر وقت ڳڻتي جو اظهار به ڪنديون رهيون آهن پر افسوس جو سنڌ هن وقت عالمي يتيم خانو بڻجي چڪي آهي،

جنگ افغانستان ۾ لڳي يا ٻئي هنڌ انهن متاثرن کي صرف سنڌ ۾ ئي ترسايو ويندو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سڄي دنيا جا ملڪ پناهگيرن کي صرف ڪيمپن ۾ ترسائيندا آهن پر افسوس جو هن ملڪ وٽ هڪ ته وسيلا نه آهن ٻيو وري مهمان نوازي جو به وڏو شوق آهي، هن ملڪ جو عوام بک پيو مري، ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ ملڪ قرضي بڻجي چڪو آهي، جيڪڏهن ايئن کڻي چئجي ته ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي بڻجي چڪو آهي ته  ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، اهو قرض لهندو يا نه ؟ پر جيڪا ڌارين جي لوڌ هن ملڪ ۾ آباد ڪئي وئي آهي، اها ڪڏهن به هن ملڪ مان نه ويندي، هڪ ته هت بيروزگاري،بک ۽ بدحالي ته مٿان وري ڌارين جي لوڌ جي اچڻ سبب ملڪ ۾ دهشتگردي، آپگهاتي  حملا  ۽ بدامني پکڙجي وئي آهي،

ايترو قدر جو نه ته ڪا مسجد محفوظ رهي  آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن امام بارگاهه کي تحفظ آهي، ايتري قدر جو درگاهون به محفوظ نه رهيون آهن، ڪڏهن دهشتگرد قلندر جي نگري کي رت سان ٿا وهنجارين ته ڪڏهن وري جلسن جلوسن ۾ ڌماڪا ٿا ڪن. سنڌ جي زمين کي ڳڙڪائي کائيندڙ به اعلان ڪري رهيا آهن ته اهي ڌاريا سنڌ ۾ آباد ڪندا، جيڪڏهن  ڌارين تي ٿيندڙ ظلم جو انهن سنڌ دشمنن کي ايڏو احساس آهي ته پوءِ انهن کي سرحدن تي ڪيمپون لڳائي ترسائي وڃو ۽ ڌارين جي لوڌ کي هن ملڪ آباد ڪري هن ملڪ ۾ وڌيڪ بار نه وڌو وڃي، جيڪي به  ڌاريا هن ملڪ ۾ آباد ڪيا ويا آهن، ان سان هن ملڪ جون حالتون خراب ئي ٿيون آهن، اڳ ۾ هن ملڪ جي فوج سرحدن تي هوندي هئي پر جڏهن  کان افغانستان مان پناهگيرن ملڪ ۾ ڀريا ويا آهن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته فوج سرحدن سان گڏ  هن ملڪ جي اندر به آپريشن ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي آهي، جنهن سان هن ملڪ جا دشمن روزاني سرحدن تي فائرنگ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن پناهگيرن کي سرحدن تي ئي ڪيمپن ۾ رکيو وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه هجن ها ۽ نه ئي ايڏي بدامني هجي ها، هاڻ ته اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته جن پناهگيرن کي هن ملڪ ۾ ترسايو ويو هو، ان جو رڪارڊ به موجود نه آهي، سنڌ جو عوام ته ان وقت به اهي دانهون ڪري رهيو هو ته جيڪا لوڌ هن ملڪ ۾ داخل ڪئي پئي وڃي، اها هن ملڪ ۾ بدامني جو ڪارڻ بڻبي پر مجال آهي جو ان وقت ڪنهن سنڌين جي احتجاج تي ڌيان ڏنو هو،

هن وقت به سنڌ جا دشمن ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ کي برما بڻائڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهن، جنهن کي سنڌ جو سجاڳ عوام رد ڪري چڪو آهي پر افسوس جو جن سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي اقتدار ماڻيو، اهي ئي ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيا  آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جا ماڻهو ڪوئلو، گيس ۽ پيٽرول هوندي به بک ۽ بدحالي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. يونيورسٽين ۾دهشتگردن ۽ پناهگيرن کي ته داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون پر ڌرتي ڌڻين کي ڌڪا ڏنا پيا وڃن ۽ اقتدار ۾ ويٺل سنڌي ڪامورا خاموش تماشائي بڻيل آهن، جن جي وات مان هڪ لفظ به نه ٿو نڪري، جيڪي اقتدار جي لالچ ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ تيار ويٺا آهن. جن کي سنڌ ڌرتي سان پيار نه پر ڪرسي سان پيار آهي. هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر ڌارين جي لوڌ کي ڊوميسائيل ۽ نادرا جا ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي اعلان ڪيا پيا وڃن، جيڪا هن ملڪ سان دشمني جي برابر آهي، جيڪڏهن اهي ناانصافيون ٿينديون رهيون ته هن ملڪ ۾ امن ڪڏهن به قائم نه ٿيندو ۽ ڌارين جي لوڌ سنڌ سميت سڄي ملڪ کي اهڙي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيندي جنهن کي ڪڏهن به وسائي نه سگهبو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

ورلڊ ڊو مور….!!!

يوم دفاع جي اهم تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي گذري، شهيدن جي يادگار تي گل نڇاور ڪيا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته آمريڪا کان امداد نه پر عزت گھرجي، هو پنهنجي ناڪامين جو بار اسان تي نه وجهي، دهشتگردي ختم ڪنداسين، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ايتريون قربانيون ڏيڻ باوجود به ”ڊو مور“ جو مطالبو  ڪيو پيو وڃي، هاڻي اسان جي نه پر دنيا جي پر دنيا جي “ڊو مور“ جو وقت آهي. عالمي طاقتون هٿ مضبوط نه ٿيون ڪري سگهن ته پنهنجي ناڪامين جو ذميدار به نه قرار ڏين، پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪجھ ناهي ڪيو ته ڪنهن به ڪجھ ناهي ڪيو. شهيدن جو رت اسان مٿان قرض آهي، جيڪي قومون شهيدن کي وساري ڇڏينديون آهن، اهي اڳتي ناهن وڌي سگهنديون،  ياد رکو ته پاڪ فوج دهشتگردن کي ختم ڪري سگهي ٿي پر دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته وطن جو هر فرد ردالفساد جو سپاهي هجي، اسان جي دين ۾ حڪم آهي ته جهاد رياست جي ذميداري آهي ۽ اهو حق رياست وٽ ئي رهڻ گهرجي، اسان کي قومي جهنڊي جي سائي ۽ اڇي رنگ ٻنهي تي فخر آهي، قومي اتحاد اڄ وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان نه چاهينداسين ته ڪو به رنگ، نسل، زبان ۽ قوميت جي بنياد تي ويڇا وجهي، اسان جا دشمن ڪو به حربو استعمال ڪن پر اسان هميشه متحد رهنداسين، اسان پنهنجي ملڪ جو دفاع پنهنجي رت سان ڪنداسين، پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، پاڪستاني اها قوم آهن، جن 40 سالن جي بدامني باوجود حالتن کي منهن ڏنو، قومي اتحاد اڄ وقت جي اهم ضرورت آهي، يقين ڏياريان ٿو ته رت جي حرمت جو مان رکنداسين، ويجهي ماضي ۾ گهڻو نقصان کڻي ورتو، وطن جي بنيادن ۾ لکين شهيدن جو رت شامل آهي، اسان جو دشمن ڄاڻي وٺي ته اسان ڪٽجي مري وٺنداسين پر هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪنداسين، هاڻي دنيا کي چوان ٿو ته ورلڊ ڊو مور، عالمي طاقتون هٿ مضبوط نه ٿيون ڪري سگهن ته پنهنجي ناڪامين جو ذميدار به نه قرار ڏين، بلوچستان جي غيرت مند عوام تي فخر آهي دهشتگردن، عليحدگي پسندن کي رد ڪري ڇڏيو، سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جو سرمايو ۽ امن جي ضمانت آهي، دشمن ڪو به حربو آزمائي وٺن اسان هميشه متحد رهنداسين، اسان کان وڌيڪ وسيلن وارا ملڪ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي چڪا آهن، اسان جنگ خلاف ۽ برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا، لائن آف ڪنٽرول تي هٿين خالي ڪشميرين کي نشانو بڻائڻ جو عمل بند ڪيو وڃي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ملڪ ڪردار ادا ناهي ڪيو، پاڪستان کي امن جو گهوارو بڻائڻ تائين جنگ جاري رهندي، عالمي طاقتون جيڪڏهن اسان جو ساٿ نه ٿيون ڏئي سگهن ته اسان تي الزام به نه مڙهين، الله نه ڪري پاڪستان ناڪام ٿيو ته خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويندو، پاڪستان ذميدار ملڪ آهي، افغانستان کي پنهنجي بساط کان وڌيڪ سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان دشمن جي تدبيرن تي به نظر رکيون ويٺا آهيون، دشمن بلوچستان جون حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿو، بلوچستان کي انهيءَ ريت رت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جيئن ان جي پٽن ڏنو آهي، اسان جنگ ۽ دهشتگردي جي خلاف آهيون، ڀارت کي سمجهي وٺڻ گهرجي ته والاريل ڪشمير جي جدوجهد درانداز جي محتاج ناهي، ڪشميرين جي حمايت کان اسان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، آمريڪا کان امداد نه عزت سان گڏ لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان جي سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکڻو پوندو. ادارا مضبوط هوندا ته پاڪستان مضبوط ٿيندو.ايندڙ نسلن جو اسان تي قرض آهي ته اسان انهن کي دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ڏيون، پاڪستان جي اصل طاقت جو سرچشمو اسان جا نوجوان آهن، فوج قوم جي سهڪار ۽ حمايت کانسواءِ ڪجهه به ناهي، قوم جو سهڪار ۽ مدد رهي ته تمام جلد دهشتگردي کي پاڙئون پٽي اڇلائينداسين.