تازيون خبرون

Daily Archives: September 1, 2017

بينظير ڀٽو قتل ڪيس: مشرف اشتهاري قرار، خرم شهزاد ۽ سعود عزيز کي 17،17 سال سزا

راولپنڊي (اين اين آءِ) راولپنڊيءَ ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ حراست هيٺ پنج مرڪزي جوابدارن کي آزاد ڪيو ٻن پوليس آفيسرن کي غفلت ڪرڻ تي 17 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيندي ان جي جائداد ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر هڪ راولپنڊي جي جج محمد اصغر خان گذريل ڏينهن بينطير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو جيڪو خميس تي اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو ويو، فيصلو ٻڌائيندي جج پنجن جوابدارن اعتزاز شآهه، شِير زمان، حسنين گل، رفاقت حسين ۽ قاري عبدالرشيد کي ثبوت نه ڏيڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو،  راولپنڊي پوليس جي اڳوڻي سربراهه ڊي آئي جي سعود عزيز ۽ ايس پي راول ٽائون خرم شهزاد کي غفلت ڪرڻ تي 17 سال قيد ۽ 5، 5 لک روپيا جرماني جي سزا ٻڌائي آهي، عدالتي فيصلي کانپوءِ انهن ٻنهي پوليس آفيسرن کي عدالت جي اڱڻ مان ئي گرفتار ڪيو ويو ، جڏهن ته جرمانون نه ڏيڻ تي 6، 6، وڌيڪ قيد ڪاٽڻون پوندو.فيصلي موجب ٻنهي پوليس آفيسرن کي واقعي کانپوءِ واردات واري جاءِ کي ڌوئي شاهديون ختم ڪرڻ ۽ بينظير ڀٽو جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائي ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي سزا ٻڌائي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي ان جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته هو مک جوابدارن جي آزادي جو فيصلو جڏهن ته سعود عزيز خرم شهزاد جي وڪيلن فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ياد رهي ته ڪيس ۾ اٺ چالان پيش ڪيا ويا هئا 300 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون، ست جج تبديل ٿيا، ست جوابدارن مارجي ويا ۽ پنج گرفتار آهن. اهڙِي طرح گڏيل طور تي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڏهه سال لڳي ويا.  ايف آئي اي جي پراسيڪيوٽر چوڌري اظهر چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي قتل ڪيس جا 121 گواهه هيا جن مان صرف 68 جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته بينظير ڀٽو جو ڊرائيور عبدالرحمان کانسواءِ سڀني کان جاچ ڪئي وئي.

 

ڪراچي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، روڍ رستا ٻڌي ويا، پاڻي گهرن ۾ داخل، 13 فوت

ڪراچي(م.ڊ) تازي برسات رين ايمرجنسي جا پول کولي ڇڏيا،ايمرجنسي سينٽر ۾ عملو غائب رهيو، برسات جي پاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ اسيمبلي، سنڌ سيڪريٽريٽ سميت ڪيترن ئي علائين کي ٻوڙي ڇڏيو، روڊن تي ٽريفڪ بدترين جام، گاڏيون پاڻي ۾ ڦاسي پيون، ماڻهو ڊيوٽين تي پهچي نه سگهيا، تعليمي ادارا پڻ ويران رهيا، بلدياتي عملي سميت سنڌ سرڪار جو ڪو به نمائندو نه نڪتو، عوام سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳو، هوڏانهن وري ڪي اليڪٽرڪ جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ڪري وڃڻ سبب اڌ شهر اونداهي ۾ ٻڌي ويو، ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، گلشن حديد، گلشن اقبال، ڪلفٽن ۽ ملير سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪرنٽ لڳڻ سميت مختلف حادثن ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، شهر جي مُک روڊن رستن تي پاڻي بيهي ويو آهي.. ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، گلشن حديد، گلشن اقبال، ڪفلٽن، لانڌي، سلطان آباد ۽ ملير سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.. ڪرنٽ لڳڻ سميت مختلف حادثن ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.. شهر جي مُک روڊن، سنڌ اسيمبلي، سيڪريٽريٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ برساتي پاڻي داخل ٿي ويو آهي.. شهر ۾ بجلي جا 80 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.. نارٿ ڪراچي ۾ 130، ناظم آباد 122، مسرور ڳوٺ ۾ 74 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، فيصل بيس ۾ 34، صدر 40، جناح ايئرپورٽ تي 24 ۽ گلشن حديد ۾ 16 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.. برسات سبب مال پڙين ۾ جانور کڻي آيل مالوند به پريشان آهن، ڍورن ۾ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو به وڌي ويو آهي.. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ عيد ڏهاڙي به برسات جو امڪان آهي…. هوڏانهن برساتن سبب خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ سڀاڻي بدران هڪ ڏينهن اڳ ئي اڄ کان ئي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ ۾ طوفاني برسات جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، ٺٽو، سانگهڙ، مٺي، عمرڪوٽ، بدين، ٽنڊوالهيار، نوابشاهه، دادو ۽ سکر سميت ٻين شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي آهي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بهيجي ويو، بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي آهي.. حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، حيدر چوڪ، صدر، پريٽ آباد، قدم گاهه مولا علي روڊ، هالي روڊ، ڦليلي، قاسم آباد، شيدي ڳوٺ، وحدت ڪالوني، جي او آر ڪالوني، لطيف آباد، حسين آباد ۽ لطيف آباد سميت شهر جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي.. ڄامشورو، ميرپورخاص، ٺٽو، سانگهڙ، مٺي، عمرڪوٽ، بدين، ٽنڊوالهيار، نوابشاهه، دادو ۽ سکر سميت ٻين شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي آهي، هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بهيجي ويو، بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي. مورو، مٺياڻي، شهدادپور، چمبڙ، شاهپور جهانيان، ڪنڊيارو، پنگريو، ڪڍڻ، ملڪاڻي شريف، مسڻ وڏي، گلاب لغاري، سرهاڙي، بوزدار وڏا، چڪ، کهڙا، اوٻاوڙو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.. موسميات کاتي سنڌ ۾ برسات جو سلسلو سڀاڻي تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.. سنڌ ۾ امڪاني طوفاني برساتن سبب رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، پر ان باوجود حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ نالن جي صفائي ناهي ڪئي وئي، جنهن سبب برسات ۾ صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي……………

 

۲۱ ڪروڙ عوام مان جيڪڏهن ڪو صادق امين هوندو ته اهو جهنگ ۾ ئي هوندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو)  سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪنسٽرڪشن ڪمپني ٺاهي مبينه ملي ڀڳت سان اربين رپين جي ملڪيت ٺاهيندڙ ملزم طرفان ضمانت جي داخل درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن تي ملزم محمد اخلاق ميمڻ کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ڪاوڙ جوا ظهار ڪندي چيو ته بااثر ملزم کي ٻن سالن تائين عبوري ضمانت تي رکيو ويو، ڇا عدالتن مان غريبن کي عبوري ضمانت ملي ٿي؟ انصاف جي نظام تي آڱريون کڄي رهيون آهن. ملزم تي اربين رپين جي ملڪيت ڪروڙين رپين ۾ حاصل ڪرڻ جو الزام هو، هن تين تلوار واري علائقي ۾ اربين رپين جو پلاٽ ٦۰ ڪروڙ رپين ۾ خريديو پر ۴ ڪروڙ ۸۰ لک رپيا جمع ڪرائي پلاٽ پنهنجي نالي تي ڪرائي ورتو جنهن تي نيب ان خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو. جوابدار جي وڪيل لطيف کوسي موقف اختيار ڪيو ته ملزم پهريان ئي عبوري ضمانت حاصل ڪري چڪو آهي ان ڪري استدعا آهي ته سپريم ڪورٽ به منهنجي اصيل جي عبوري ضمانت منظور ڪري وٺي، جنهن تي قاضي فائز عيسيٰ کيس چيو ته جيڪڏهن عدالت ملزم کي عبوري رليف ڏنو ته هي شايد ايندڙ عيد تائين به پيش نه ٿئي، هن ملڪ ۾ وزيراعظم، وڏا وزير ۽ ٻيا وڏا ماڻهو جيل وڃي چڪا آهن، اوهان جو اصيل به هليو وڃي ته ڪا ڳالهه ناهي، پر اصل ڳالهه اها آهي ته نيب جا ڏند ۽ ڪٽڻ واري ڇري مڏي ٿي چڪي آهي. جسٽس دوست محمد خان پڇيو ته ڪراچي ۾ تين تلوار ڇا عوام کي ڪٽڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي ته وڪيل چيو ته تين تلوار عوام لاءِ نه ٺاهي وئي آهي بلڪ اها حضرت علي جي تلوار آهي ته جسٽس دوست محمد چيو ته خدا ڪري حضرت علي جي تلوار اسان جي ملڪ ۾ اچي وڃي ۽ ان سان ڪرپٽ ماڻهن جون سسيون بنا ڪنهن فرق جي لاٿيون وڃن، هي بااثر هو ان ڪري ٻن سالن تائين عبوري ضمانتن تي رکيو ويو. ساڳئي بئنچ ۾ ايراضي جي هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس دوست محمد خان وارثن جي تعين جي معاملي جي حوالي سان چيو ته اسان جي ملڪ ۾ آبادي وڌي رهي آهي جنهن جي پيشنظر هر اداري ۾ ڀرتيون ڪيون وڃن ٿيون آخر ججن جو تعداد ڇو نٿو وڌايو وڃي، حڪومت کي ججن جو تعداد وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ٽوبه ٽيڪ سنگهه ميونسپل ڪارپوريشن جي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس دوست محمد خان رمارڪس ڏنا آهن ته ۲۱ ڪروڙ ۲۰ لک عوام ۾ ڪير صادق ۽ امين آهي ۽ جيڪڏهن ڪو صادق ۽ امين ٿيو به ته اهو جهنگ ۾ ئي هوندو ۽ دنيا سان ملڻ نه چاهيندو هوندو.

 

سنڌ ۾ برسات جا راڱا، پاڪ فوج متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ميدان تي اچي وئي

راوالپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ برساتن سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ مڪمل سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سنڌ حڪومت برسات سبب سخت متاثر ٿيل علائقن ۾ حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ پاڪ فوج کان سهڪار طلب ڪيو آهي، جنهن تي پاڪ فوج پاڻي جي نيڪال لاءِ سنڌ حڪومت کي پمپ فراهم ڪيا آهن. آرمي چيفجنرل قمر جاويد باجوا ان حوالي سان پاڪ فوج کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي سميت ٻين اها متاثر شهر ۾ پاڻي جي نيڪال ۽ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو وڃي.27