تازيون خبرون

Daily Archives: August 22, 2017

عمران نيازي بل ڪلنٽن ناهي، نه اهو هن ملڪ جو صدر بڻجي سگهي ٿو: عائشه گلالئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ايم اين اي عائشه گلالئي چيو آهي ته جماعت اسلامي عمران خان نيازي کي پنهنجي پٺيان لڪڻ نه ڏئي، هڪ سياسي جماعت جي قائد مون ۽ منهنجي خاندان خلاف ڳالهيون ڪيون، هن چيو ته معلوم ٿيو آهي ته جماعت اسلامي ڪميٽي جي مخالفت ڪري رهي آهي، عمران نيازي بل ڪلنٽن ناهي، نه اهو هن ملڪ جو صدر بڻجي سگهي ٿو، طاهرالقادري پاڻ يک عالم چوي ٿو، مان ان کي انتهاپسند سمجهان ٿي، طاهرالقادري 14 ماڻهن جي موت جو مذاق بڻائي رکيو آهي، عمران نيازي جلسن ۾ موجود عورتن جي لاءِ چوندو آهي اسان جون عورتون، شاهه محمود، جهانگير ترين جلسن ۾ عورتن کي ڌيئر، ڀينرون چوندا آهن، عمران نيازي جي اهو چوڻ باوجود به مرد پنهنجي عورتن کي جلسن ۾ وٺي ايندا آهن، هن چيو ته عمران نيازي ڇا اسان جي مردن کي کدڙو سمجهي رکيو آهي؟.

 

اليانا ڊي ڪروز جو مداحن تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ايندڙ فلم ”بادشاهو“ جي مک اداڪارا اليانا ڊي ڪروز کي جنسي طور هراسان ڪيو ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي من موهڻي اداڪارا اليانا ڊي ڪروز چيو آهي ته مان ڪنهن به مرد کي اهو حق نٿي ڏئي سگهان ته اهو مون سان غير اخلاقي حرڪت ڪري، جيتوڻيڪ مان هڪ اداڪارا آهيان پر هڪ عورت به آهيان ۽ ڪنهن کي حق ناهي ته مون سان بدتميزي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هن پنهنجي مداحن تي کيس جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڀارت ۾ ڪنهن اداڪارا سان غير اخلاقي حرڪت ڪئي وئي هجي، ان کان اڳ وديا بالن ۽ سوارا ڀاسڪر به اهڙا انڪشاف ڪري چڪيون آهن ته کين مداحن طرفان جنسي طور هراسان ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته اليانا ڊي ڪروز اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ”بادشاهو“ جي مشهوريءَ ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ اجي ديوگن، عمران هاشمي ۽ ايشا گپتا به اهم ڪردار نڀائيندي نظر ايندي.

 

ريشم کي طلاق جو خوف ورائي ويو، شادي کان انڪار

لاهور(شوبز نيوز)اداڪارا ريشم طلاقن ۽ عليحدگين جي خوف ۾ وٺجي شادي ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ريشم جو چوڻ آهي ته هاڻي مونکي شادي کان خوف ٿيندو آهي ڇو ته شوبز جون شاديون گهڻو وقت ناهن هلنديون. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اداڪارا ريشم چيو ته شادي سموري زندگي ساٿ نڀائڻ جو نالو آهي پر هاڻي ائين ناهي رهيو، ان ڪري مون به پنهنجا شادي وارا ارادا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريشم ڪافي عرصي کان سٺي رشتي جي ڳولا ۾ هئي، پر هاڻي لڳي ٿو ته خاموشيءَ سان شادي ڪري ڇڏيندي ان ڪري هن اهڙي قسم جو بيان ڏنو آهي.

 

خالد لطيف ٽربيونل ۾ حتمي دليل ڏيڻ تي راضي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف ٽربيونل جي ڪارروائي جي بائيڪاٽ کانپوءِ هاڻ حتمي دليل ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. پاڪستان سپر ليگ جي فڪسنگ اسڪينڊل ۾ معطل ڪرڪيٽر اوپننگ بيٽسمين خالد لطيف طرفان روز روز يو ٽرن وٺڻ جو سلسلو جاري آهي. ٽربيونل جي ڪارروائي جي بائيڪاٽ کانپوءِ هاڻ هو حتمي دليل ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سندس وڪيل بدر عالم جواب تيار ڪري ورتو آهي. خالد لطيف حتمي دليل جمع ڪرائڻ لاءِ ٽربيونل کان 2 ڀيرا مهلت طلب ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ٽربيونل ڪرڪيٽر کي 22 آگسٽ تائين دليل گڏ ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏنو آهي.

 

ڇا نواز شريف نيب اڳيان پيش ٿيندو..؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جو سڀ کان گهڻو وڄندڙ ادارو نيب جنهن پاڪستان اندر ٿيندڙ بدعنوانين جي ڪيسن ۾ سال 2017ع تائين 3لک 43 هزار 3 سئو 56شڪاتيون وصول ڪري ورتيون آهن،جن تي قانون جي مطابق ڪاروايون جو عمل جاري ڪيو ويو آهي،جڏهن ته نيب بدعنوانين جي ڪيسن جون 11581ڪاروايون ڪري چڪي آهي،جڏهن ته 7587آيل درخواستن جي ڪارواين جي تحقيقات جاري ڪري ڇڏي آهي.جڏهن ته نيب پنهنجي قيام کان وٺي ڪري 2017ع تائين 2805ريفرنس داخل ڪرائي چڪي آهي،جنهن اندر ملڪ جي مختلف عدالتن اندر هن وقت به نيب جا ڪيس هلندڙ آهن،۽ نيب 2017ع تائين پاڪستان جي قومي خزاني ۾ 278ارب رپيا جمع پڻ ڪرائي چڪي آهي،جڏهن ته نيب پنهنجي اداري مظبوط ۽ معياري رکڻ لاءِ 2015ع گريڊنگ سسٽم پڻ شروع ڪيو آهي.جنهن سسٽم اندر کيس سموري سال جي ناڻي جي ڄاڻ ملي ويندي آهي،جيتري قدر نيب ايڏو فاسٽ ڪري ڪري رهي آهي اتي نيب اندر ڪيترين خوفين سان گڏ خاميون پڻ آهن،جنهن ۾ وڌ جا وڌ ڪاڪردگي کي عملي جامو نه پارائڻ آهي.ڇو ته هن وقت نيب پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي احتساب جو ڪم ڏنو ويو آهي پر ميان نواز شريف  سندس باربارپڪارڻ تي به اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت شريف خاندان جو ڪو به ڀاتي نيب اڳيان پيش نه ٿي سگهيوآهي ۽ ميان نواز شريف پيش ٿيڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي

وزيراعظم نواز شريف، سندس پٽن حسن، حسين نواز ۽ طارق شفيع کي نيب طرفان طلب ڪيو ويو هو.جنهن ته ميان نواز شريف پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شريف خاندان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب آفيس ٻاهران سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو . نيب لاهور ۾ معمول جي ڪيسن جي ڪارروائي جي ڪارروائي روڪي وئي  ۽ ان ڏينهن پيشيءَ تي ايندڙن کي پوءِ جي تاريخ ڏني  وئي هئي. ٻي طرف وقت پورو ٿيڻ باوجود ڪو به نيب اڳيان پيش نه ٿي سگهيوهو. هوڏانهن  قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سنڊو ۽ ناڻي واري وزير  اسحاق ڊار ۽ سندس ڪٽنب جا سمورا اڪائونٽس ۽ استعمال هيٺ لاڪرز جا سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.  نيب اڪائونٽس جي تفصيلن لاءِ مختلف بئنڪن کي خط لکي ڇڏيا آهن جنهن ۾ ڊار خاندان جي استعمال هيٺ لاڪرز جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن.  نيب اسحاق ڊار جي گهر وارن جا مالي تحفصيل حصل ڪرڻ لاءِ به سرگرم ٿي وئي آهي، ۽ لاڳاپيل ادارن کي چيو آهي ته ناڻي واري وزير جا اثاثا 90 ملين مان 831 ملين تائين ڪيئن پهتا ان حوالي سان سمورو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي

نيب سڪيورٽيز ايڪسچينج ڪميشن ايس اي سي پي آف پاڪستان کان اسحاق ڊار، سندس گهر واري، ڀينرن ۽ سندن ٻارڙن جي ستن ڪمپنين جا جو رڪارڊ به 23 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي.انڪري مان سمجهان ٿو ته  نيب جي ڪاررواين جو اهم مقصد ڪرپشن ڪرپٽ مافيا کان ملڪ ۽ عوام کي ڪرپشن جي ناسور بچائڻ ڪرپٽ مافيا کان ناجائز طريقي سان لٽيل رقم واپس ڪرائڻ ۽ ان سان گڏ ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به ڌر کي قانون موجب سزاڏيڻ به آهي.ڪرپشن جو ناسورجنهن ملڪي ادارن کي مڪمل طرح کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي پاڪستان ۾ وڌنڌڙ ڪرپشن تي عالمي برادري کي به حيرانگي ۽ تشويش آهي ڪرپشن جي جڙ ختم نه ٿيڻ سان ملڪ ۽ عوام جي ترقي خوشحالي ممڪن نه آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن ڪرپٽ مافيا خلاف نيب جو ادارو عملي ڪارروائي ڪندي نظر اچي رهيو آهي.ڪرپشن ڪرپٽ مافيا نيب جي ڪاررواين تي سخت ذهني دٻاءُ جو پڻ شڪار آهن .ڪرپشن جي زد ۾ آيل ادارن جو جائزو وٺجي ٿو ته ڪرپشن جي ناسور ادارن کي اڏيهي وانگر تباهه ڪري ڇڏيو آهي،۽ عوام کي ڪنگلو بڻايوويو آهي.ملڪ جا اڪثر ادارا ڪرپشن جي زنگ ۾ وٺجي وياآهن هرسال ڪرپشن جو گراف تيزي سان وڌي رهيو آهي. هرسال300ارب جي ڪرپشن ٿئي ٿي.اهو به معلوم ٿيو آهي ته نيب اڄ کان28سال اڳ جي ڪيسن جا فائل به کولڻ جي تياري ڪري ورتي آهي جنهن سبب ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا ۾ وڏو ٿرٿلو متل آهي.مختلف ادارن ۾ ٿيل ڪرپشن جا ڪيس نيب جي زيرنگراني سماعت آهن نيب جي ڪارواين ٿيڻ کان پوءِ وڏو تعداد ڪرپٽ مافيا جو ملڪ کان فرار به ٿي چڪو آهي فرار ٿيل حڪومتي وزير بيروڪريٽ ڪامورا شاهي به شامل آهن

ڪرپٽ مافيا خلاف ڪاروائي بنا ڪنهن فرق جي سفارش ڪئي وئي آهي موجوده حالاتن ۾ سياسي ڌرين جو  نيب جي معاملي تي  لفظي جنگ ۽ گرما گرمي پڻ وڌنڌي رهي ٿي. نيب جي معاملي تي ڪرپشن ڪرپٽ مافيا خلاف نيب جون ڪاروايون اثر انداز ٿي سگهن ٿيون جيڪڏهن معاملو بهتر جي طرف وڃي رهيو آهي ته ان جي حمايت جاري رکڻ گهرجي. خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ اصلاح جو عمل بهترين ڪرڻ لاءِ ڌرين جي سنجيدگي ضروري آهي.نيب پاران واضع ڪيو ويو آهي ته ماضي ۾ نيب جي ڪارڪردگي بهترين رهي آهي ڪرپشن ڪرپٽ مافيا خلاف قانون جي دائري ۾ رهي ڪري نيب ڪاروايون ڪري رهي آهي انهي جي تصديق نيب ڪيترائي ڀيرا وضاحت ڪئي آهي. نيب جي ڪارڪردگي جو  تفصيل ڪجهه هن ريت آهي ٿوقومي احتساب بيرو1999۾ وجود ۾ آيو قانون اصولن جي پاسداري نظم ضبط جو پابند بڻايو ويو.ڪرپشن جي خاتمي جي ذميواري (نيب )تي سونپي وئي نيب آرڊينس تحت1999 کان ڪم ڪرڻ لڳو آهي.قومي اداري نيب جو دائرو پوري ملڪ ۾ پکڙيل آهي ان کان سواءِ فاٽا گلگت بلستان تائين نيب جو وجود برقرار آهي. هن وقت قومي احتساب بيرو جو چيئرمين قمرزمان چوڌري آهن.نيب جو وجود اچڻ کان پوءِ ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا کان هن وقت تائين اربين رپيا وصول ٿي چڪا آهن. جيڪي قومي خزاني ۾ جمع ٿيا .قومي احتساب بيرو کي هن وقت تائين پهتل درخواستن جو تعداد به لکن آهي .ڪرپشن ڪرپٽ مافيا ۽ بدعنواني ۾ ملوث ماڻهن جي جاچ 5872 ٿي جڏهن ته 2908مليل درخواستن جي روشني ۾ جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.مختلف احتساب عدالتن ۾ 2159ريفرنس داخل ٿيا.عوام جو قومي احتساب بيرو تي 42سيڪڙو اعتماد رهيو آهي جڏهن ته حڪومت جي ٻين ادارن تي 29۽ 30 سيڪڙو رهي ٿو.

ٽرانسپيرلسي انٽرنيشنل گذريل سال جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته پاڪستان ڪرپشن 175ملڪن ۾ شمار جڏهن ته هاڻي 126۾آهي .احتساب عدالتن جوو قت 10مهينا مقرر ڪيو ويوآهي جڏهن ته نيب وڌيڪ پنهنجا تفصيل به ظاهر ڪيا آهن جنهن جوپڻ ڊگهو تفصيل آهي. قومي احتساب بيرو پنهنجي فرض شناس سان ڪم ڪري رهيو آهي سنڌ ۾ جيڪڏهن نيب ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف ڪاروائي جو آغاز ٿئي ٿو ته صوبائي حڪومت مونجهاري جو شڪار رهي ٿي.ردعمل ۾بار بارنشاهدي ڪري ٿي ته سنڌ کان سواءِ ٻين صوبن ۾ به ڪرپشن ٿي رهي آهي. رڳو سنڌ کي وفاقي ادارا نشانو بڻائي رهيا آهن ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف جيڪڏهن بنا ڪنهن فرق جي عملي آغاز ٿئي رهيو آهي ته شروعات ڪهڙي به صوبي مان ٿئي ٿي ته ان جي مڪمل حمايت ۽ تائيد ڪرڻ گهرجي. ڇا سنڌ حڪومت کي اهو نظر نه اچي رهيو آهي ته 8سالن کان سنڌ جاماڻهون مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن.سنڌجا تاريخي شهر موهن جو دڙو ۾ ڪيئن بدلجي ويا. ان جو وڏو سبب ڪرپش ۽ بدعنواني آهي  حڪومتي ادارن ۾ وڌنڌڙ ڪرپشن جي ناسور ادارن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ادارن ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ اصلاح جو نشان به نظر نه اچي رهيو آهي ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا لاڳاپا سياسي ڌرين سان هجڻ ڪري هميشه محفوظ رهيا آهن سرڪاري اسپتالن جو جائزو وٺبو ته بدعنواني ڪرپشن سبب غريب عوام سستي دوابه نه ٿي ملي ميڊيڪل اسٽور کان عوام دوا خريد ڪري ٿو. سرڪاري آيل دوائون اسٽورن تي وڪرو ڪيون وينديون آهن اسپتالن جا اڪثر آلات ناڪارا ۽ ڊاڪٽر انهن کي ذاتي استعمال ۾ آڻيندا آهن. نيب جنهن جو ادارن ۾ صاف شفاف جاچ ۽ ڇاپو لڳي ٿو ته ڪروڙن جي ڪرپشن ظاهر ٿئي ٿي پوليس ٿاڻا وڪرو ٿين ته اتي انصاف جي ڪهڙي اميد ڪري سگهبي. غريب عوام جوحق سرڪاري نوڪرين جي ٻولي لکن ۾ هجي ته يقينن غريب عوام لاءِ سرڪاري نوڪريون خواب رهنديون. پوليس جي محڪمي ۾ ڪرپشن ڪنهن کان ڳجهي ۽لڪيل نه آهي لکين رپيا ڏيئي من پسندي پوسٽون ورتيون وڃن ته انهن ۾ ڪيتري عوام جي خادميت هوندي دهشتگردن ۽ ڏهارين سالاڳاپورکندڙ پوليس آفيسر عوام کي ڪيترو فائدو ڏيئي سگهن ٿا ڇا عوام کي انهن کان انصاف ملي سگهندو؟

جيڪڏهن سياسي ڌرين جو جائزو وٺجي ته هو ڪرپشن جي مسئلي تي هميشه خاموش تماشائي بڻيل هوندا آهن پ پ نواز ليگ تحريڪ انصاف جي يو آءِ  ايم ڪيو ايم سميت ٻيون سياسي ڌريون پنهنجي صفن کان ڪڏهن احتساب جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو بهتر جواب عوام به ڏيئي سگهي ٿو .پ پ جي وزيرن توڙي عوامي چونڊيل نمائدن تي ڪرپشن جا الزام آهن  پ پ جا نظرياتي ڪارڪن ان جي تصديق به ڪن ٿا اهي طرح نوازليگ جي اڳواڻ تي به ڪرپشن جا پنهنجا ئي مقامي اڳواڻ ۽ ڪارڪن الزام لڳائن ٿا ته ان جو ازالو ڇو نه ٿي سگهيو؟ سرڪاري نوڪريون وڪڻندڙن خلاف ڪاروائي ۽ لکين رپيا ڏيئي سرڪاري نوڪريو حاصل ڪندڙ کي رقم واپس ڏياري وئي؟،قومي احتساب بيرو نيب عوامي اميدن جو مرڪز آهي. ڪنهن به سياسي ڌر کي قومي احتساب بيرو نيب خلاف ڪنهن به قسم جو ثبوت آهي ته سپريم ڪورٽ جا در سڀني لاءِ کليل آهن نيب کربين رپيا واپس ڪرايا آهن جيڪي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا.سياسي ڌرين جي ڪرپشن خلاف پاڻ مرادو ڪهڙي ڪاروائي آهي ان جي به عوام ۽ ميڊيا اڳيا کليل وضاحت ڪرڻ گهرجي. وقت جي اهم ضرورت آهي ته قومي احتساب بيرو کي وڌيڪ خودمختياربڻايو وڃي نيب جي معاملن ۾ سياست چمڪائڻ بند ڪئي وڃي حساس معاملن کي سياست جي رخ نه چاڙهيو وڃي ،قومي مفادن خاطر ڪرپشن ڪرپٽ مافيا خلاف متحد ٿي عملي ڪم جو آغاز ملڪ ۽ عوام جي خوشحالي ترقي جو فارمولو ثابت ٿيندو..

 

ڪردار زنده رهندا آهن: حميد رمضان چانڊيو    

جڏهن ماڻهو پاڻ ڪنهن پيڙاھ مان گذرندو آهي، تڏهن انهي کي ٻين جي پيڙاھ جو قدر ٿيندو آهي، اها فطرت آهي ته توهان جي اندر جي ڪنهن  به خاني ۾ احساس اوتيل هوندو ته توهان ازخد ٻين کي احساس جي نگاھ سان ڏسندا چاهي اهو ڪهڙي به رنگ ۾ هجي دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ڪردار آهن  جيڪي بنا ڪنهن فرق جي انسانيت جي مدد ڪندا رهندا آهن هنن لاءِ اهوئي سڀ ڪجھ  هوندو آهي  اهيو فطري عمل آهي جڏهن به ڪو فرد ڪنهن چڳائي طرف قدم کڻندو آهي ته انهي جي تنقيد گھڻي ئي ٿيندي آهي  ڏسجي ته تنقيد ڪاميابي جو حصو آهي

اجائي تنقيد ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن جي ڪم ته نه ايندا آهن پر جيڪي انساني خدمتن ۾ اڳڀرا هوندا آهن ته هنن کي به پنهنجي مقصد تا هٽائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن جي ڪري ئي چڳا ماڻهو پٺيرا ٿي ويندا آهن

محنت ۽ انساني خدمت ضرور رنگ لاهئندي آهي بنا ڪنهن فرق جي هر وقت غريبن جي مدد ڪندڙ اقبال ولي ميمڻ  چاچا اسماعيل ميمڻ جي گھر ۾ سن 1978ع  سال جي ٻئي مهيني 23 فيبروري  تي سجاول شهر ۾ جنم ورتو اقبال ولي ميمڻ سردي گرمي چاهي ڪجهه به هجي مسڪين مظلوم بي ساراهه ماڻهن جي مدد لاءِ هر دم حاضر هوندو آهي پاڻ خد هڪ غريب گھر ۾ جنم ورتو اٿس وارڊ نمبر ڏهه جي گلين ۾ سندس بچپن گذريو آهي جواني جوڀن ۾ جڏهن پير پاتائين جنهن جو  جواني جا هزارين ڪنوارا خواب تمام گھڻيون حسرتون الهڻ جواني جا سڀ شوق ماري  سوشل ورڪر ٿي شهر واسين اڳيان ظاهر ٿيو  ته اقبال ولي جڏهن وائيس چيئرمين ٽائون ڪميٽي سجاول ٿيو آ ته سوچيم شايد اقبال ولي اهو ساڳيو نه رهيو هجي انسان جو فطري عمل آهي جڏهن پاور ۾ اچڻ کان پوءِ ماڻهو ماڻهن  کي وساري ويهندا آهن  پر نه ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن انهي اقبال ولي سان ملاقات ٿي ته سندس طبيعت ۾ اها ئي سادگي سمايل هئي ۽ اڳوڻي کان به گھڻون انساني خدمت ۾ سرگرم نظر آيو  اهڙي چڱي انسان جي ڪردار تي لکندي  لفظ قلم  جي نوڪ مان طوفاني برسات وانگي ڪرندا ڪاغذ جي سجاوٽ بڻجدا ويا

اهڙا ڪردار تاريخن ۾ ڳڻيا ويندا آهن ا اقبال ولي چڳا ڪم ڪري رهيو آهي انهي جا ڪجهه سڄڻ ته ڪجهه دشمن ته ڪنهن وري منهن جا مٺا ۽ اندر جا ڪارا  ماڻهون به ملندا آهن جيڪي ڀائرن وانگي ڀاڪر پائي پٺيرا وار ڪندا رهندا آهن ڪنهن جي به ڪاميابي تي ڪاوڙ جو اظهار نه ڪجي جنهن جي عزت رب پاڪ ڪرائي تنهن کي منافقي واري سوچ رکندڙ ماڻهو ڪهڙي ذلت ڏئي سگھندا دشمن جي ته خبر هوندي آهي ته هي ظاهري منهنجو دشمن ۽ ڪنهن جي ڪاميابي کان جيلس آهي پر سچي ماڻهو کي نقصان اهي ڏيندا آهن جيڪي سچي انسان جي صفعت ۾ دوست ٿي ڪري به بزدلاڻي سوچ سوچيندڙ ئي تمام گھڻون نقصان ڏيندا آهن اهڙن دوستن جي ڪري ئي سچا انسان دل شڪستاهه ٿيندا آهن

جهڙو ڄائو تهڙو مرڻ ڪهڙي ڪم جو ماڻهون  جڏهن هن ڌرتي تي آهيو آهي ته  انهي جو مقصد اهيو هجي ته مون کي ڪجهه ٿيڻو آهي ڪجهه اهڙا ڪم ڪري مري ته دنيا به چڱن لفظن ۾ ياد ڪري مرندا ماڻهون آهن پر ڪردار هميشه زنده رهندا آهن  اقبال ولي ميمڻ کي الله پاڪ وڏي حياتي ڏي ۽ هو مسڪين مظلوم ماڻهن جي مدد ڪندو رهي رب پاڪ کيس پنهنجي مقصد ۾ ڪاميايون ڏيندو رهي ۽ اقبال ولي مسڪينن جي مدد لاءِ هميشه اڳڀرو رهي

اقبال ولي ميمڻ جو جنهن پارٽي سان تعلق آهي انهي سان سوين اختلاف آهن لازمي ناهي ته جنهن پارٽي سان منهنجا اختلاف آهن انهي ۾ ويٺل ڀلي ڪردار سان ناانصافي ڪيا سنڌي ۾ چوڻي آهي ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي اقبال ولي ميمڻ ۾ اهي صلاحيتون آهن انهيءَ ڪري  لفظن جي چونڊ ڪيم

HAMEEDRAMZANCHANDIO@GMAIL.COM

 

 

24 ڏينهن بعد منظر تي آيل اڳوڻو گهرو وزير..

گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته هنن ڏينهن ۾ مون ڪو بيان ناهي ڏنو، ڪا خبر ليڪ ناهي ڪئي، 24 ڏينهن بعد ڪجهه نه ڪجهه وضاحت ڪرڻي هئي، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس بعد ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون آيون، بند ڪمري جي ملاقاتن ۾ منهنجي تقرير جي باري ۾ ڪو ڳالهه ڪري ته تصديق ڪري وٺو، ڪابينا ۾ شامل نه هئڻ جو سبب اوهان جي سامهون آهي، مون ڪڏهن پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريف ناهي ڪيو، ڪيترين شين جو چوڻ کانسواءِ ذڪر ضرور ڪيو، ڪيترن ماڻهن کي گهرو وزارت جي پاور جو اندازو ناهي، گهرو وزارت وٽ ڪا ايگزيڪيوٽو اٿارٽي ناهي، سوا چار سالن ۾ گهرو وزارت جو ڪم ٿيو، اهو رڪارڊ سامهون رکندس، ڪڏهن پنهنجي منهن ميان مٺو ناهيان بڻيو، قانون نافذ ڪرڻ مڪمل طور تي صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، سٺو ڪم ٿئي ته ان جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ سڀ اچي ويندا آهن، اسلام آباد ۾ هڪ شخص آيو، ان جي ذميداري به مون تي وڌي وئي، جڏهن به ڪو واقعو ٿيو گهرو وزارت تي ذميداري وڌي وئي، صوبن ۾ جڏهن به امن امان جو مسئلو ٿيو ته ذميداري مون تي وڌي وئي، سٺو ڪم ٿيو ته ان جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ سڀ ماڻهو تيار هندا آهن، باشعور ماڻهن کي گهرو وزارت جي اختيارن جو علم ناهي، مون تي تنقيد ڪندا رهيا، ننڍيون وڏيون غلط فهميون دور ڪرڻ چاهيان ٿو، مان وزيراعظم وٽ ويس ۽ چيو ته سينٽرل انٽرنل سيڪيورٽي جو اعلان ڪرڻ گهرجي، سياسي جماعتن ۾ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، اي اين پي ڳالهين لاءِ تيار هيون، طالبان سان ڳالهين ۾ جنرل ڪياني ۽ جنرل ظهيرالاسلام آن بورڊ هيا، ڪراچي آپريشن بعد سڀ شيون واضح ٿي ويون، ملٽري آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو، اڄ پاڪستان ۾ دهشتگردي جو گراف هيٺ آيو آهي، اسان کي ثابت قدمي سان دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، اڄ پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪو نيٽ ورڪ ناهي، پٺين اڍائي ٽن سالن ۾ ملڪي حالتن ۾ گهڻي تبديلي آئي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ آخري مرحلي ۾ آهي، ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي بعد فوجي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، اڄ ڪراچي آپريشن جا ڪيترائي دعويدار بڻيل آهن، وزيراعظم جي منظوري سان 27 آگسٽ تي ڪراچي آپريشن جو اعلان ڪيو، پرڏيهين جا حاصل ڪيل 32 هزار پاڪستاني پاسپورٽس منسوخ ڪيا، 2 لک کان وڌيڪ منع ڪيل بور جا لائسنس منسوخ ڪيا، پنهنجي دور ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا، ڪيترن ماڻهن جا نالا 30 سالن کان اي سي ايل ۾ هيا، عسڪريت پسندن ڊبل گيم کيڏي، اربين رپين جي لاڳت سان پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائي وئي، هاڻي ويزا سڪيورٽي ڪليئرنس بعد جاري ڪيا ويندا آهن، اسلام آباد ۾ رهندڙ سمورن پرڏيهين جو رڪارڊ گهرو وزارت وٽ آهي، پرڏيهين جا 400 گهر اسلام آباد ۾ اهڙا هيا، جيڪي پنهنجو پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ نه پيا چاهين، چيو پيو وڃي ته اسلام آباد ۾ بليڪ واٽر يا خبر ناهي ڪير ڪير رهائش پذير آهن، 24 ڪلاڪن جي نوٽيس تي اسلام آباد ۾ اڻ رجسٽر گهرن کي خالي ڪرايو ويو، پاڪستان بنانا ريپبلڪ ناهي، هاڻي ڪنهن کي ايئرپورٽ تي ويزا نٿو ملي سگهي، پهرين ايئرپورٽ تي سفارش سان ويزا ڏني ويندي هئي، ڪراچي آپريشن صوبائي، وفاقي حڪومت، سياسي جماعتن جي گڏ ٿيڻ سان ڪامياب ٿيو، 4 سالن ۾ ملڪ کي اندروني سڪيورٽي بڻائڻ لاءِ ايمانداري سان ڪم ڪيو، سول آرمڊ فورسز، پوليس جون وڏيون قربانيون آهن، اڄ ڪراچي هڪ شخص جي هٿن ۾ يرغمال ناهي.