تازيون خبرون

Daily Archives: August 17, 2017

اڪشي ڪمار ريئلٽي شو ۾ فٽنس جو مظاهرو ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي کلاڙي اڪشي ڪمار ريئلٽي شو دوران پنهنجي فٽنس جو مظاهرو ڪندي حاضرين کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق اڪشي ڪمار پنهنجي فلم جي تشهير جي سلسلي ۾ هڪ ڊانس ريئلٽي شو ۾ شريڪ ٿيو جتي مقابلي لاءِ آيل هڪ نوجوان اڪشي ڪمار کان فرمائش ڪئي ته هو اسٽيج تي ڪا انوکي شئي ڪري ڏيکاري. اڪشي ڪمار نوجوان جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي پهتو ته ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هو ڇا ڪرڻ وارو آهي. 49 سالن جي اڪشي ڪمار اسٽيج تي اوچتو ڊوڙندي پنهنجا ٻئي هٿ زمين تي رکي ٽنگو مٿي ڪيون، اڪشي ڪمار کي پنهنجي هٿن تي بيٺل ڏسي حاضرين دنگ رهجي ويا جڏهن ته اڪشي گهني دير تائين پنهنجي هٿن تي بيٺل رهيو ۽ ان جو توازن ٿوري دير لاءِ به بيلنس کان ٻاهر نه ٿيو. ياد رهي ته اڪشي ڪمار کي بالي ووڊ ۾ بهترين فٽنس رکڻ وارن اداڪارن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي ۽ 49 سالن جي عمر ۾ به ان پاڻ کي فٽ رکيو آهي. ويجهر ۾ ئي ان جي فلم ٽوائلٽ: ايڪ پريم ڪٿا رليز ٿي آهي جيڪا شاهه رخ خان جي جب هيري ميٽ سيجل کان سٺو بزنس ڪري رهي آهي.

 

 

استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙي ۲۰ سال گذري ويا

ڪراچي(شوبز نيوز)سُرن جي شهنشاهه قوال استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙي ۲۰ سال گذري ويا، پر ان جي آواز جو جادو اڄ به ڇانيل آهي، ۱۹۴۸ع ۾ فيصل آباد جي ناليواري قوال فتح علي خان جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ نصرت فتح علي خان قوالي ۽ لوڪ موسيقي ۾ پنهنجي سڃاڻ پاڻ ٺاهي، نصرت فتح علي خان جو پهريون تعارف خاندان پاران ڳايل قوالي “”حق علي مولا علي“ ۽ ”دمادم مست قلندر“ سان ٿيندو هو، موسيقي ۾ نون سُرن جي ڪري هن جي شهرت پاڪستان کان نڪري پوري دنيا ۾ ڦهلجي وئي، بين الاقوامي سطح تي ان جا ڳايل گيت پسند ٿيڻ لڳا، هن جو شهڪار ۱۹۹۵ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”ڊيڊ مين واڪنگ“ هو، جنهن کانپوءِ ان بالي ووڊ جي هڪ فلم ”دي لاسٽ ٽيمپٽيشن آف ڪرائسٽ“ به ۾ موسيقي ترتيب ڏني.نصرت فتح علي خان ۱۹۹۵ع ۾ يونيسڪو ميوزڪ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ هن کي گريمي وارڊ به ڏنو ويو، ۲۰۰٦ع جي ايشين هيروز جي فهرست ۾ به ان جو نالو شامل هو، هو ۱٦ آگسٽ ۱۹۹۷ع تي اسان کان وڇڙي ويو

 

چيئرمين ٽرافي جي فتح تاريخ جو حصو بڻجي چُڪي آهي: سرفراز احمد

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ۲۰۱۹ اسان جو حدف آهي، هن چيو ته چيئرمين ٽرافي جي فتح تاريخ جو حصو بڻجي چُڪي آهي هاڻي مسلسل بهتري طرف وڃڻ جو سفر جاري رکيو پيا اچون، جڏهن ته نوجوان سُٺو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هڪ انٽرويو ۾ سرفراز احمد چيو ته چيئرمين ٽرافي هڪ تمام وڏي ڪاميابي هئي، شادار فتح تي دنيا جي شائقين ڀرپور داد ڏنو آهي، جنهن سان منهنجو ۽ ٽيم جو اعتماد وڌي ٿو

 

مردان ۾ بال لڳڻ سان ڪرڪيٽر فوت، پي سي بي پاران ڏک جو اظهار

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مردان ۾ مٿي تي بال لڳڻ سان نوجوان رانديگر جي فوت ٿيڻ واري خبر تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پي سي بي ڪرڪٽر زبير احمد جي گهروارن سان تعزيت ڪندي چيو ته زبير احمد جي فوت ٿيڻ سان ثابت ٿيو آهي ته ميچ کيڏندي حفاظتي سامان ۽ هيلمٽ پائڻ ڪيتري قدر ضروري آهي، زبير احمد گذريل ڏينهن خيبرپختون خواهه جي ضلع مردان ۾ پريڪٽس ميچ دوران مٿي ۾ بال لڳڻ سان فوت ٿي ويو

 

آئين بدلائڻ واري ڳالهه ۽ ملڪي صورتحال…: غلام مصطفيٰ جمالي

ميان نواز شريف سري عام اهو اعلان ڪري چڪو ته پاڪستاني آئين کي بدلائڻو پوندو،ميان نواز شريف اهو به چئي رهيو آهي ته سندس ڪهڙو ڏوهه هو جنهن تحت کيس نااهل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته نواز صاحب اهو به چئي رهيو آهي ته سندس نااهلي جو فيصلو پهرين کان طعه ڪيو ويو هو.جڏهن ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ پهرين کان ئي تيار ڪئي وئي هئي.۽ مونکي صرف انهي بنياد تي گهر موڪليو.۽ هاڻ هو چين سان نه  وهيندو.برحال هن وقت ملڪ هن وقت جهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي ان مان اها ڳالهه ته واضع ظاهر آهي ته پاڪستاني جي سياست هڪ اندروني ويڙهه بنجي چڪي آهي جنهن اندر هر ڪوئي هڪ ٻئي جا سياسي ترا ڪڍڻ ۾ پورو آهي،ميان نواز شريف هجي يا عمران خان يا وري ڪو ٻيو پر مان سمجهان ٿو ته هر ڪوئي پنهنجي مفاد تي سياست ڪري رهيو آهي جنهن م صرف صرف سندن ئي فائدو آهي،ان جي ڀيٽ ۾ عوام ويچاري ته رڳو سياسي اڳواڻن جا ڄونڊا پٽ ڏسي رهي آهي،جڏهن ته انهي جي ڀيٽ اندر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بلڪل به ائين ناهي،رڳو پاڪستان اندر ئي اهڙي سياست آهي جنهن اندر عوام خاصو ڀوڳي رهي آهي،هر صرف عوام هڪ وڏن مئسلن اندر گهيري پئي آهي،جنهن اندر عوام جا بنيادي مسئلا وڏي اهميت رکن ٿا.

آوچ اوڀر جي حاڪمن وانگر اسانجي اندروني ۽ اصل سرڪار عوام جو ڌيان بدترين راڄ، سياسي بحران ۽ سياسي سماجي ڇڪتاڻ کان هٽائڻ لاءِ ڪنهن پرڏيهي قوت معني آمريڪا ڏانهن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پر جڏهن تيونس، مصر ۽ شام جهڙن ملڪن جو عوام سڄاڳ ٿيو ته پوءِ هنن جي اکين تان پڙدو لهي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ جاري ڇڪتاڻ ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته اُهو وقت ويجهو آهي.غور طلب ڳالهه اِها آهي ته اسانکي اِهو ڏسڻ گهرجي ته پاڪستان جي گهرو مسئلن ۾ ڌارين جو ڪيترو هٿ آهي.انڪري اسين پاڪستان جي سڀ کان وڏن معاملن جو خلاصو پيش ڪري رهيا آهيون ۽ ڏسڻو آهي ته سمورن معاملن جو ڌارين سان ڪو تعلق آهي يا نه؟1: پاڪستان ۾ گهرو قرض جو بار جبل جيترو آهي، هن قرض لاءِ اسٽيٽ بئنڪ نوٽ نوان جوٽ ڇاپيا ۽ هر شئي جي قيمت آسمان تائين پهچي وئي. وڌيل قيمتن معيشت جي هر سيڪٽر جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو.2: پاڪستان ۾ بجلي، پيٽرول، ڊيزل، گئس ۽ پاڻي اڻلڀ آهي. تنهنڪري پاڪستاني صنعتن جي پيداواري لاڳت ايتري وڌي وئي آهي جو اُها عالمي منڊي ۾ ٻين ملڪن جو مقابلو ڪرڻ جهڙيون ناهن. انڪري بيروزگاري ۽ غربت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي.3: پاڪستاني آبادي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. 40 سالن ۾ آبادي 4 ڀيرا وڌي آهي. هن سان گڏ شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جو انگ 700 سيڪڙو آهي جڏهن شهرن ۾ روڊن تي ٻين سهولتن ۾ اضافو ڪونه ٿيو آهي.4: جهاد، دهشتگردي، لاقانونيت، رشوت ۽ سياسي بدنظمي چوٽي تي آهي. سياست ڪجهه خاندانن جو واپار بڻجي وئي آهي ۽ اِهو سڀ ڪجهه فوج جي شموليت سان ٿي رهيو آهي.5: پاڪستاني رياست شهرين کي بنيادي سهولتون (علاج، تعليم) پڻ ميسر نٿي ڪري سگهي. پر ڪني پاڻي سان بيماريون ڦهلجي رهيون آهن ۽ 46 سيڪڙو عوام هيپاٽائٽس جا مريض آهن.ڪنهن به ملڪ جي تباهي لاءِ 5 ڳالهين مان هڪ ڳالهه به ڪافي آهي. 5 ڳالهين ۾ ڌارين جو هٿ ناهي. وري به اسين مٿي ڄاڻايل 5 ڳالهيون معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا جيڪڏهن ڪنهن به ڳالهه ۾ ڌارين جو هٿ آهي يا وري اسين پاڻ هنن جا ذميوار آهيون.

1: پاڪستان تي گهرو ۽ پرڏيهي قرض جو جبل جيترو بار آهي جڏهن ته رياست جي اوتري آمدني ناهي. هنن قرضن ۾ سڀ کان وڏو هٿ غير ضروري فوجي بجيٽ، حاڪمن جي عيش، ۽ رشوت جو آهي. هن سان گڏ ملڪ جي سڀ کان امير طبقي مان 10 سيڪڙو ماڻهو به انڪم ٽيڪس نٿا ڏين. هر ملڪ ٽئڪس سان هلي ٿو جيڪو بنيادي قانون آهي. ڇا اسين ڌارين کي قرض جو ذميوار چئي سگهون ٿا؟ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي جو ڪارڻ اُهو معاشي ماڊل آهي جيڪو جنرل مشرف جي پيدا وار آهي ڇاڪاڻ ته مشرف دور ۾ بئنڪن کي اکيون ٻوٽي قرض ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. نوان نوٽ ڇاپڻ سان مهانگائي ڪونه وڌندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟2: بنيادي ضرورت جي شئين جو بحران بيڊ گورننس ۽ آبادي وڌڻ سان پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن سرڪار نااهل هجي ۽ 1970 ۾ 6 ڪروڙ آبادي 2017 تائين 24 ڪروڙ ٿي وڃي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ ڇا اسين ڌارين کي سرڪار جي نااهلي ۽ آبادي جي ٻوڏ جو ذميوار قرار ڏئي سگهون ٿا؟3: آبادي جي ٻوڏ فوج جي مذهبي بنياد پرستي وڌڻ سان آئي آهي. سر حڪومت مولوين جي خوشنودي خاطر اِهو مسئلو نبيرڻ بدران چپ رهي ٿي. اسين پنهنجي ملڪ ۾ پرڏيهي پاليسي کي ڏوهه چئي سگهون ٿا پر اِها ڳالهه مناسب ناهي.4: دهشتگردي ۾ مارجي ويلن مان وڏي انگ جي موت جو ذميوار آمريڪا کي چئي سگهون ٿا. پر غور طلب ڳالهه اِها آهي ته ڪراچي ۾ ملڪ جي ٻين حصن ۾ جيترا ماڻهو دهشتگردي ۾ مارجي وڃن ٿا اوترا نه پاڪ افغان سرحد تي مرن ٿا جتي جاري جنگ جو چرچو سڄي دنيا ۾ آهي. فرقه پرستي، اقتدار لاءِ رتوڇاڻ ۽ لاقانونيت جي ڪري مرندڙ ماڻهن کي شامل ڪجي ته دهشتگردي واري ويڙهه ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ ڪڻڪ جي ڍير ۾ هڪ ٻُڪ برابر آهي. توهين رسالت جو شڪار ٿيڻ، سيڪيورٽي ايجنسين تي ٿيندڙ حملن کي به شامل ڪجي ۽ آپگهاتي حملا به دهشتگردي جي خاني ۾ شامل آهن فرق اِهو آهي ته اجل جو کاج بڻجندڙ غريب عوام آهن. انڪري آمريڪا کي ملڪ ۾ جاري رتوڇاڻ جو ذميوار چوڻ سان فرق ڪونه پوندو.5. عوام کي تعليم ۽ علاج جهڙيون بنيادي سهولتون ميسر ڪونه ٿيڻ جو تعلق پرڏيهين سان ناهي. ڇاڪاڻ ته اُهي شئيون اسانجي حڪمران طبقي جي ايجنڊا ۾ شامل ناهن. ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي هيپاٽائٽس جو شڪار آهي پر ڪني پاڻي ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ناهي؟ اِها ڪم بهِ آمريڪي چائنيز يا روسي ڪندا؟حقيقت اِها آهي ته پاڪستان ۾ جاري بحرانن جو ڪارڻ اسانجا ڪرتوت آهن جن جو يهود هنود ۽ جن ڀوت سان ڪو به تعلق ناهي. سڀ سچ آهي پر اسانجي مبصرن، ميڊيا ۽ سياسي هستين جي ڪوشش آهي ته اسين هر ڪم جو ذميوار پرڏيهين ۽ ڌارين کي چئون. جيڪڏهن آمريڪا اسان ڏانهن رُخ ڪري کنگهي ٿو ته اسانجا سمورا ٽاڪ شوز هوڏانهن ڊوڙيندا آهن ۽ جيڪڏهن هڪ ڏينهن ۾ ويهه ڄڻا آپگهات ڪندا ته ڪير به غور نٿو ڪري.

پاڪستاني مبصر ۽ وڏيون هستيون خوابن جي ڏيهه ۾ رهن ٿيون جتي هر برائي جي پاڙ پرڏيهي ملڪن کي ڄاڻائي پنهنجي سماج مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي متعلق غور نٿا ڪري سگهن. ڏکڻ ڪوريا اسان کان وڌيڪ آمريڪا جي چاڪري ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هتي آمريڪي فوجون موجود هجڻ باوجود اُهو صنعتي ملڪ بڻجي ويو آهي. اسان ۽ ڪوريا ۾ اِهو فرق آهي ته هنن جاگيرداري ۽ وڏيرائپ جو خاتمو آڻي پنهنجي ملڪ کي ترقي جي رستي تي هلڻ جو موقعو ڏنو. پر اوڀر ايشياء جي ڪيترن ئي ملڪن ساڳيو ڪم ڪندي صنعتي ميدان ۾ ترقي ڪئي آهي. هاڻي سمورا مسئلا سمجهڻ ۽ نبيرڻ جو وقت آهي نه ته صورتحال ويتر خراب ٿيندي.

 

تفتان پاڪ-ايران سرحدي دنگ تي ڦاٿل زيارتين جي دانهن .!:مسرورسيال

ايران عراق مقدس زيارتن لاءِ ويندڙ زيارتين تفتان ايران پاڪستان سرحدي دنگ تان دانهيو آهي ته کين پاڪستاني سرحد تي روڪيو وڃي ٿو انتظام نه هئڻ سبب زيارتين کي ڪيترائي ڏينهن لڳي وڃن ٿا هڪ زيارتي موجب ته ڪيترائي قافلا هڪ  کان ٻن مهينن تائين  به روڪيا ويا  آهن جڏهن ته بارڊر تي ڪي به سهولتون ناهن نه ئي اتي ڪو مناسب کاڌ خوارڪ جو انتظام هجي ٿو نه وري علاج جي سهولت هجي ٿي  ان سان گڏ رهائش جو ڪو خاص انتظام نٿو هجي جنهن ڪري وڏي تڪليف سان منهن ڏيڻو پوي ٿو زيارتين ۾ عورتن ، ٻارڙن ۽ پيرسن جو تعداد به وڏو هجي ٿو سندن چوڻ آهي ته کين ان وقت روڪيو ويندو آهي جڏهن زيارتون ڪري واپس وطن اچجي ٿو سهولتون نه هئڻ سبب اڪثر ماڻهو بيمار ٿي پون ٿا  ٻيو ته سندن پيارن کي به انتظار رهي ٿو وڏو مسئلو ته سندن وٽ موجود کاڌ خوراڪ جو ذخيرو ختم ٿي وڃي ٿو پئسا ڏوڪڙ به ختم ٿي وڃن ٿا ۽ کين وڏي پريشاني سان منهن ڏيڻو پوي ٿو پاڻي پئيڻ جو ڇا وضو لاءِ به نٿو رهي ….  هي دانهن ته انهن زيارتين جي آهي جيڪي  هن وقت تفتان بارڊر تي ڦاٿل آهن پر سوال اِهو آهي ته هن دانهن کي ڪير ٻڌڻ وارو به آهي يا نه ……؟ ڀلا هي دانهن هاڻي جي رڳو  ته ناهي پر  اڳ به دانهون  ٿينديون رهيون آهن ته پوءِ اسان جي حڪومت ايڏي بي حس ڇو ٿي ويون آهن پنهنجي ملڪ جي شهرين جي سار سنڀار ڇو نٿا وٺن هي ڪو ايڏو وڏو مسئلو به ناهي جيڪو حل نه ٿي سگھي ڇا حڪومت زيارتين جي قافلن جي حفاظت ۽ انهن کي پنهنجي سرحد تي سهولتون مهيا ڪري نٿي سگھي …..! ڪري سگھي ٿي پر ڇا ڪجي اسان جا حڪمران ڪرپشن جي دنيا ۾ ايترا ته مصروف آهن جو کين رڳو پنهنجي اقتدار جو فڪر رهي ٿو عوام جو کين ڪوبه الڪو ناهي مقدس جاين جي زيارت ڪندڙن جو جڏهن احترام نٿو ڪيو وڃي ته باقي عام شهرين جو احترام ڪهڙو هوندو جيڪو ملڪ پنهنجي شهرين جا مسئلا حل  نه ڪري سگھي  اُهي حڪومتون ملڪ جو دفاع ڪهڙي طريقي سان ڪري  سگھنديون اُهو ئي سبب آهي جو حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب ملڪ ڪمزور ٿيندو پيو وڃي عوام غير محفوظ  ۽ حڪمران طبقو محافظن جي وڏن جٿن سان محفوظ ٿيندو پيو وڃي هي حڪمرانن جي پروٽوڪول تي مقرر فورس جيڪڏهن ملڪ جي شهرين جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا وڃن ۽ زيارتين جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا وڃن ته ملڪ ۾ امن قائم ٿي وڃي پر ڇا ڪجي جو اسان جي ملڪ ۾ اسان جي ئي  حڪمران کي حفاظت جي ضرورت آهي ۽ جتي حڪمران پنهنجي حفاظت لاءِ  سمورا وسيلا ڪتب آڻيندا هجن ۽ عوام غير محفوظ هجي اُهو ملڪ دهشتگردن جي ور  چڙهيل رهي ٿو جئين اسان جو ملڪ پاڪستان آهي خير ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسين جنهن حالتن مان گذري رهيا آهيون اُهي خطرناڪ حالتون آهن ۽ اُهي خطرناڪ حالتون به حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب آهن جنهن جو نتيجو وري عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو اِها ڳالھه به مڃجي ٿي ته هن وقت پاڪستان ايران ويندڙ رستو ڪنهن خطري کان خالي ناهي هوندو اڳ به ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن ۽ پر ان جو اِهو به حل ناهي ته اوهان رستا محفوظ ڪرڻ بجاءِ بند ڪري ڇڏيو جڏهن ٻن ملڪن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويندا ته ان جو معاشي طور وڏو نقصان ٿئي ٿو ان ڪري ئي هي رستا کليل رکيا ويندا آهن پر انهن کليل رستن کي محفوظ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي پاڪستان جي ڪا سرحدي دنگ آهي ته ايران واري آهي جتان قافلا وڏي انگ ۾ اچن وڃن ٿا جيڪي به زيارتين جا هجن ٿا ۽ قانوني طريقي سان هجن ٿا ته پوءِ قانون موجب انهن زيارتين کي تحفظ سان گڏ سهولتون به مهيا ڪرڻ حڪومتن جي ذميوارين ۾ شامل  هجي ٿو جيڪي نظر نٿيون اچن ………! جيسيتائين حڪومت جي دماغ ۾ ڪا ڳالھه  سمجھه ۾ اچي ۽ قانوني تحفظ سان گڏ سهولتون مهيا ڪري ، تيسيتائين ڦاٿل زيارتين کي وطن آڻڻ جوبندوبست ته ڪيو وڃي جيڪي لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان ٻن مهينن تائين اتي ڦاٿل آهن سو زيارتين جي هن دانهن تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ کين پنهنجن پيارن سان جلد ملايو وڃي ان ڪري به ته اُهو هڪ ملڪ جي شهري جي حيثيت ۾ هنن زيارتين جو قانوني ۽ آئيني حق آهي حڪومت کي گھرجي ته ايران عراق پاڪ هستين جي زيارتن لاءِ ويندڙن جي قافلن جي حفاظت ۽ انهن جي بر وقت واپسي لاءِ مستقل ڪي اپاءُ وٺي ته جئين مسلسل ايندڙ اهڙين شڪايتن جو ازالو ٿي سگھي  هڪ ملڪ جو شهري جڏهن ٻئي ملڪ خاص ڪري سياحت خاطر يا زيارتن خاطر وڃي ٿو ته اُهو ان ملڪ جي هڪ سفير جو ڪردار نڀائي ٿو ۽ پنهنجي ملڪ جي  نمائندگي ڪري ٿو انهن قافلن جي هٿن ۾ ملڪ جو قومي پرچم هجي ٿو ملڪي ثقافت کي اجاگر ڪري ملڪي لباس سان اتي تعارف پيش ڪري ٿو ۽ وڏي ڳالھه اِها آهي جيڪا هڪ وڏي سعادت کان گھٽ ناهي ته مظلومن جي امام مظلومِ ڪربلا امام حسين عليه السلام ، اسلام جي پرچم جي علمدار حضرت ابوالفضل العباس علمدار عليه السلام ۽ ڪائنات جي  مولا امام علي عليه السلام ، ان کان اڳ غريب الغربا مولا امام علي رضا عليه السلام ، معصومه قم سلام الله عليها جي پاڪ روضن تي قومي پرچمن سان حاضري ڀرين ٿا ۽ ملڪ جي ترقي ۽ بقا لاءِ دعاڳو ٿين ٿا ڪائنات جي عظيم دربارن تي حاضري جيڪا عظمت ۽ سعادت هجي ٿي اتي پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪن ٿا جڏهن اُهي انهن ملڪن ۾ هجن ٿا ته انهن زيارتين کي امام جو مهمان قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ انهن جو احترام ڪيو وڃي اتان جا ماڻهوءُ انهن جي ٿڪاوٽ لاهڻ لاءِ سندن پيرن کي مهٽڻ جو ڪم به ڪن ٿا انهن مان بيمارن جي تيمارداري ڪن ٿا انهن جي کاڌي مان هڪ گرھه به ان نيت سان کڻن ٿا ته هي امام عليه السلام جا مهمان آهن هنن جي هٿن جو تيار ڪيل کاڌو برڪت وارو آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ وري ڏسجي ٿو جڏهن اُهي زيارتي واپس پنهنجي ملڪي سرحد وٽ پهچن ٿا ته انهن سان ڪهڙو حشر ڪيو وڃي ٿو پنهنجي ملڪ جا رستا انهن لاءِ بند هجن ٿا انهن کي تحفظ نٿو ڏنو وڃي انهن جي ڪابه سار سنڀار نٿي لڌي وڃي  ويتر کين تڪليفن مان گذاريو وڃي ٿو ۽ اذيتن سان منهن ڏياريو وڃي ٿو … خير هي آهن ئي مظلومن جا زيارتي اِها تڪليف اُهي برداشت ڪري وٺندا هوندا پر حڪومت جي نااهلي ۽ ناانصافي  ته برداشت کان ٻاهر هجي ٿي ۽ ناانصافيون به ايتريون جو انسان جي سوچ واري سگھه به کسي وٺن ، ان ڪري زيارتين کي وڌيڪ اذيتن مان گذارڻ بجاءِ سندن درد کي سمجھيو وڃي ۽ سندن واهر ڪئي کين عزت ، احترام سان پنهنجي گھرن ڏانهن موڪليو وڃي .  جئين هو پنهنجن پيارن سان ملن ۽ خدا جي پيارن جي زيارتن وارن منظرن کان کين آگاھه ڪن جيڪو سفر نامهو انهن دل جي تختي تي تحرير ڪيو آهي منظر ڪشي پنهنين اکين ۾ سانڌي رکي آهي ۽ لفظن کي ذڪر جي صورت ۾ زبان مان اچارڻ لاءِ سنڀاري رکيا آهن ته مظلومن جي امامن جون بارگاهون اڄ به مظلومن جي رهنمائي ڪئين ڪري رهيون آهن .

 

 

سنڌ مان جبري گمشدگين تي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڳڻتي، وارثن جو سينيٽ چيئرمين کي به خط…..!

ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن جي اڳواڻ ۽ وائيس فارمسنگ پرسن آف سنڌ جي ڪنوينر پنهل سارئي جي کنڀجڻ جو نوٽيس وٺندي پاڪستان سرڪار تي زور ڀريو آهي ته کين آزاد ڪيو وڃي يا سندس موجودگي ۽ قانوني ڪارروائي بابت سندس خاندان کي آگاهه ڪيو ڃي. ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب پنهل ساريو کي حيدرآباد ۾ خانابدوش ڪيفي کان ٻاهران ايندي زوري کنڀيو ويو، سندس دوست ڊاڪٽر سريش ڪمار هن واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي، جنهن موجب پنهل ساريو کي سول ڪپڙا پهريل ماڻهن ۽ پوليس وردي پاتل اهلڪار زوري کنڀي ويا. پنهل ساريو کي ان وقت کنڀيو ويو جڏهن ٻئي ڏينهن تي گم ٿيلن بابت اديبن ۽ قلم ڪارن جي ڪانفرنس رٿيل هئي. پنهل ساريو جو هن وقت تائين ڪو پتو ناهي. مٿس سخت تشدد ۽ قتل جو به خدشو آهي. رپورٽ موجب سنڌ ۾ هن وقت 60 کان مٿي سياسي ڪارڪن گم آهن، انهن جي آزادي لاءِ هو احتجاج ڪري رهيو هو. صابر چانڊيو، خادم آريجو، هدايت لوهار ۽ بخش علي مغيري کنڀجي چڪا آهن، جن جو تعلق جيئي سنڌ قومي محاذ سان آهي. هنن حڪومت تي زور ڏنو آهي ته پنهل ساريو سميت سرڪاري حراست هيٺ جيڪي به ماڻهو آهن، انهن جو کليو عدالت ڪيس هلائي سندن وارثن سان ملاقات ڪرائي وڃي. ايمنسٽي انٽرنيشنل سفارتڪارن سميت صدر، وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن به اپيل جون ڪاپيون اماڻيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڏهاڪي کان ماڻهو کنڀجڻ جو سلسلو جاري آهي پر فيبروري 2017ع کان سلسلو تيز ٿي ويو آهي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا مان ماڻهو گم ڪيا ويندا رهيا آهن پر پنجاب ۾ به اهي ڪارروايون شروع ٿيون. آگسٽ 2015ع ۾ پنجاب ۾ هڪ صحافڻ زينت شهزادي کي لاهور مان کنڀيو ويو،زينت شهزادي اڃا تائين گم آهي. هن کي ڀارتي شهري حامد انصاري جي گم ٿيڻ بابت رپورٽنگ ڪرڻ تي زوري کنڀيو ويو آهي. جنوري 2017ع ۾ سلمان حيدر، عاصم سعيد ۽ ٻيا بلاگر انساني حقن جا اڳواڻ اسلام آباد ۽ پنجاب مان کنڀيا ويا، پاڪستان جي گڏيل قومن جي قانون تي صحيح ڪيل آهي انساني حقن جو احترام ڪري.

جسقم چيئرمين ڊاڪٽر مير عالم مريءَ سنڌ مان گم ڪيل  قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ  سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  زرداري ۽ وزيرِ اعليٰ مراد علي شاهه کي الڳ الڳ خط لکيا آهن، جن ۾ کين گم ڪيل قومي ڪارڪنن جا تفصيل پڻ موڪليا ويا آهن. سنينٽ چيئرمين رضا رباني ڏانهن لکيل خط ۾ اهو حوالو ڏيندي لکيو ويو آهي ته اڳ ۾ پ پ سينيٽر تاج حيدر سنڌ مان کنڀي گم ڪيل پُرامن قومي ڪارڪنن جي لسٽ پيش ڪري چڪو آهي پر ان کان پوءِ به ڪيترائي قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن. کيس پنهنجا فرض ۽ اختيار ياد ڏياريندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته گم ڪيل بي گناهه قومي ڪارڪنن جي جلد آزادي لاءِ ڪو خاطر خواهه ردِعمل ظاهر ڪيو وڃي. ٻي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي لکيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪيترائي قومي ڪارڪن گم ڪيا ويا آهن. سنڌ جي اقتداري پارٽيءَ جي چيئرمين هئڻ جي ناتي کانئس مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي ايوانن ۾ ويٺل نمائندن جي ذريعي هڪ ڀرپور ٺهراءُ پيش ڪرائي قومي ڪارڪنن جي زندگي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.جڏهن ته وڏي وزيرِ مراد علي شاهه ڏانهن لکيل خط ۾مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاسن ۾ادارن کان سوال ڪيو وڃي ته آخر ڪهڙي ڏوهه عيوض سون جي تعداد ۾ بيگناهه سنڌي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي.