تازيون خبرون

Monthly Archives: August 2017

خيبر فور آپريشن مڪمل، ڊان ليڪس رپورٽ حڪومت کي کولڻي آهي فوج کي نه: آصف غفور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته خيبر فور آپريشن اڄ مڪمل ٿي ويو آهي، هن چيو ته راجگال ۽ وادي شوال ۾ زميني هدف حاصل ڪيا ويا، آپريشن تمام ڏکيو هيو، 2 سپاهي شهيد ۽ 6 زخمي ٿيا، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته خيبر 4 آپريشن 15 جولاءِ کان شروع ڪيو ويو هيو، آپريشن خيبر فور ۾ 253 ڪلوميٽر علائقو ڪليئر ڪرايو، خيبر ويلي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، هن چيو ته 31 دهشتگرد زخمي، هڪ گرفتار، 4 پاڻ کي حوالي ڪيو، هن چيو ته آءِ اي ڊي بڻائڻ جي هڪ مواد تي ميڊ ان انڊيا جو ليبل آهي، آپريشن دوران 52 دهشتگرد مارجي ۽ 31 زخمي ٿيا، آپريشن ۾ تيار آءِ اي ڊيز به مليون آهن، راجگال ۽ شوال ۾ هڪ هڪ دهشتگرد اسان جي نشاني تي هيو، هن چيو ته آپريشن دوران سوين بارودي سرنگون ناڪاره بڻايون ويون، راجگال وادي ۾ 91 چيڪ پوسٽ بڻايون ويون آهن، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته خيبر فور آپريشن لاءِ افغان سڪيورٽي فورسز کان به مدد ورتي وئي، هيل تائين 124 هزار آپريشن سڄي پاڪستان ۾ ڪري چڪا آهيون، 2017 ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ واقعو پيش آيو، پوليس مضبوط هوندي ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ وقت سان گڏ گهٽتائي ايندي، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پنجاب ۾ انٽيليجنس اطلاعن تي 1728 آپريشن ڪيا ويا، خيبر فور آپريشن ۾ افغان فورسز سان مشاورت به ڪئي وئي، هن چيو ته آپريشن ردالفساد تحت سڄي ملڪ ۾ 3300 آپريشن ڪيا ويا، فاٽا جا ڪيترا ڪيڊٽس پاڪ فوج ۾ تربيت وٺي رهيا آهن، فاٽا ۾ نوجوانن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي، فاٽا ۾ 147 اسڪول، 17 هيلٿ يونٽس، 27 مسجدون قائم ڪيون ويون آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب آپريشن شروع ٿيو ته فاٽا جا ڪيترائي ماڻهو آءِ ڊي پيز بڻجي ويا، راولپنڊي ۾ 2013 دوران مسجد تي حملي جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو، راولپنڊي ۾ مسجد ۾ باهه لڳائيندڙن جو مقصد فرقيواريت کي هوا ڏيڻ هيو، هن چيو ته راولپنڊي مسجد تي حملو ڪندڙ انهيءَ ئي مسلڪ جا هيا، 95 سيڪڙو آءِ ڊي پيز پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن، هن وقت پاڪستان ۾ ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو ڪو انفرااسٽرڪچر ناهي، ڪنهن به آءِ ڊي پيز کي زبردستي واپس ناهي اماڻيو ويو، پاڪستان سڀني جو آهي، ڪيترن پرڏيهين پاڪستانين لاءِ ڪم ڪيو، پاڪستان جي سرحد کان ٻاهر اسان سڀ هڪ آهيون، هن چيو ته اڳوڻو جنرل پرويز مشرف سياسي بيان هڪ سياسي اڳواڻ جي حيثيت سان ڏيندو آهي، سياسي سرگرميون هلنديون رهنديون آهن، هلنديون رهڻ گهرجن، پاڪستان ۾ ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو منظم نيٽ ورڪ موجود ناهي، فاٽا ۾ سڌارا تمام ضروري آهي، سياسي نظام ۾ ان جو طريقيڪار هوندو آهي، پاڪ فوج طرفان فاٽا ۾ سڌارن جون تجويزون حڪومت کي ڏنيون ويون آهن، ڪشمير ۾ جيڪا به تحريڪ ٿئي ڀارت ان کي دهشتگردي قرار ڏئي ڇڏيندو آهي، ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن ۾ آهي ۽ اتان جي تحريڪ آزادي جي آهي، آمريڪي وفدن کي واضح ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ بنا فرق آپريشن ڪيا ويا آهن، اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ان کي سول ملٽري لاڳاپن سان نه جوڙيو، سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪي اختلاف ناهن، اسان هڪ پيج تي آهيون، ڊان ليڪس انڪوائري رپورٽ منظر عام تي آڻڻ جو اختيار حڪومت جو آهي، ڊان ليڪس رپورٽ حڪومت کي کولڻي آهي، فوج کي نه، افغانستان سان ڳالهين ۾ ڀارت جو معاملو به غور هيٺ ايندو آهي، حقيقتون ڄاڻڻ عوام جو حق آهي، ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن جا ٺهراءَ موجود آهن، حقاني نيٽ ورڪ سميت سمورن دهشتگردن گروپن خلاف ڪارروائي ڪئي، پرڏيهي مداخلت جون سموريون شاهديون شيئر ڪيون وينديون آهن، جيڪو پاڪستان جو جهنڊو ساڙيندو آهي، ڇا اهو پاڪستاني آهي؟، پاڪستان جو جهنڊو ساڙيندڙ پاڪستاني ناهي، هن چيو ته سولين جنهن ماحول ۾ رهندا آهن، اتي سياست آهي ۽ الزام تراشي آهي، مان جنهن بيڪ گرائونڊ کان آهيان، مون کانسواءِ سڀ سويلين آهن، ريٽائرڊ ٿيڻ بعد مان به سويلين ٿي ويندس، سويلين ۽ ملٽري ۾ ڪو فرق ناهي، ٻئي هڪ آهن، پاڪستان ۾ سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪو مسئلو ناهي.

 

وزير اعظم جي صدارت ۾ ن ليگ جو اجلاس، نواز شريف جي پاليسين کي اڳتي وڌائڻ جو عزم

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي پارلياماني پارٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي قيادت ۽ پاليسين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪندي اهو پڪو پهه ڪيو اهي ته نوازشريف جي پاليسين ۽ منصوبن تي عمل درآمد جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪوششون جاري رکيون وينديون. سومر تي پاڪستان مسلم ليگ نون جي پارلياماني پارٽِ اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم جي آفيس ٿيو، پارلياماني پارٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف قيادت ۽ پاليسن کي ڀرپور خراج تحسين  اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو، قراداد م چيو ويو ته ملڪ ۾ نون ليگ سڀ کان وڏي پارٽي آهي ان جي پاليسين پاڪستان کي اقتصادي، معاشي لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي مان ڪڍي  ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي آندو آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري ممڪن بڻائي روشن پاڪستان جو بنياد رکيو آهي سي پيڪ جي ذريعي پاڪستان جي مستقبل روشن ٿيندو. پاڪستان مسلم ليگ نون ملڪ جي خوشحال مستقبل امن ۽ عوام جي حڪمراني جي سفر کي هر صورت ۾ جاري رکندي. اجلاس محسوس ڪري ٿو ڪجھه مايوس سياستدان جمهوري ميدان  ۾ شڪست سبب مايو س ٿي ملڪ ۾ قومي ادارن ۾ وڳوڙ ڪري پنهنجا ناپاڪ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين . اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان کي جن للڪار سان منهن ڏيڻون پوي ٿو انهن جو مطالبو صرف مضبوط جمهوريت قانون جي حڪمراني ۽ عوامي جي حَق حاڪميت جي احترام جي ذريعي ڪري سگهجي ٿو. ايندڙ عام چونڊن ۾ انشاءَ الله پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ملڪ جي چئني صوبن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.

 

پاڻ کي ليڊر چوندڙ مصنوعي سياستدانن جي چهرن تان چمڪ لهي چڪي آهي: آصف زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي قوم کي هڪ ڀيرو ٻيهر نوجوان قيادت ڏني آهي ۽ عوام بلاول ڀٽو کي اميد جي ڪرڻ سمجهي ٿي. ميان صاحب اڄ تائين ڪشمير تي ڳالهه ناهي ڪئي، هن چيو ته جي ٽي روڊ تي ڏهه هزار پوليس اهلڪار موجود هئا، پيپلز پارٽي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جا ڪيترائي ماڻهو مون سان رابطي ۾ آهن، نواز شريف پوري پنجاب ۾ بزنس ڪرڻ چاهي ٿو، خيبر پختونخواهه ۾ سونامي ختم ٿي ويو آهي. بلاول هائوس لاهور ۾ آصف زرداري سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نيلم جبار، بشير رياض، عبدالقادر شاهين، قيوم سومري، عزيز الرحمان چن ۽ ٻين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته قوم جو هر طبقو بلاول ڀٽو جي قيادت تي اعتماد ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڻ کي ليڊر چوندڙ مصنوعي سياستدانن جي چهرن تان چمڪ لهي چڪي آهي. هن چيو ته نواز شريف ملڪي معيشت تباهه ڪئي، هاري ۽ مزدور تباهه ٿي ويا، پنهنجا کيسا ڀرڻ جي لاءِ مسلم ليگ ن جي حڪومت ڊالر جي مصنوعي قلت پيدا ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جمهوريت کي مضبوط ۽ نواز شريف کي ڪمزور ڪيو، اسان ميثاق جمهوريت تي عمل ڪندا آهيون.

 

نواز شريف خطرناڪ راند پيو کيڏي، فوج کي به گرفتاري جو حڪم ملي سگهي ٿو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شآهه چيو آهي ته نوازشريف تمام خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، نيب پاران طلب ڪرڻ باوجود نوازشريف ۽ انجو خاندان پيش نه ٿي رهيو آهي، پيش نه ٿيڻ جو سلسلو جاري رهيو ته نيب گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي، عدالت فوج کي شريف خاندان جي گرفتاري جو حڪم ڏئي سگھي ٿي. قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن اڳواڻ چيو ته عدالت وٽ آرٽيڪل 190 نافض ڪرڻ جو اختيار آهي. جيڪڏهن اهو نافض ٿيو ته تمام خطرناڪ  هوندو. آپوزيشن ليڊر نوازشريف کي عدالتن ۾ پيش  ٿيڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون سڀني جي لاءِ بربر آهي، پ پ پ ليڊرشپ عدالتن جي اڳيان پيش ٿيندي رهي آهي. نوازشريف تمام خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي. ڊان ليڪس ۽ ماڊل ٽائون واقعي جي رپورٽ ٻئي سامهون اچڻ گھرجن. هن چيو ته پنجاب هائوس مان چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس جي اهميت هوندي جڏهن ته چوڌري نثار علي خان آسٽريليا جي طوطي وانگر صرف پنهنجي باري ۾ ڳالهائيندو رهيو.

 

بينظير ڀٽو قتل ڪيس: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ٻڌڻي روزاني بنياد تي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (اين اين آءِ)دهشتگردي خاتمي واري عدالت اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي روز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. راولپنڊي جي عدالت پراسيڪيوٽر کي سڀاڻي کان آخري بحث شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جج پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪيس ۾ وڌيڪ دير ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي. ياد رهي ته بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي جي تاريخي  هنڌ لياقت باغ  ۾ قتل ڪيو ويو ان سان گڏ پ پ پ جا 23 ڪارڪنن جي فوت ٿي ويا ۽ 117زخمي ٿيا. بينظير ڀٽو جي قتل جو ڪيس دهشتگردي خاتمي واري عدالت ۾ داخل ڪيو ويو. اٺن سالن ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ ست جج تبديل ٿيا ۽ ٽي پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿي ويا پر ڪوئي به ان ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل نه ڪري سگھيو.

 

سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي حڪومت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ هيٺ صحت جون بهترين خدمتون مهيا ڪري رهي آهي. تنهن ڪري پ پ پ موڊ هيٺ سمورن رنڊڪن جو تدارڪ ڪندي ان کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻايو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڄ صوبي ۾ پ پ پ موڊ هيٺ شروع ڪيل صحت جي خدمتن بابت ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، ناڻي کاتي جو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال بدين جيڪا انڊس اسپتال جي انتظاميه کي ڏني وئي هئي، هوءَ اسپتال کي بهترين طريقي سان هلائي رهيا آهن. سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو چيو ته 111 صحت جي سهولتن جون صحت جي خدمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت خانگي ڀائيواري هيٺ ڪاميابي سان صحت جي خدمتون مهيا ڪري رهي آهي تنهن ڪري هن کي وڌيڪ سٺي نموني ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن انهي ڀائيواري کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڌيڪ لاڀائتو بڻائي سگهجي. وڏي وزير صحت ۽ ناڻي کاتن کي هدايتن ڪئي ته اهي خانگي ڀائيوارن جي خاص طور بجيٽ بابت زير التوا مسئلن کي حل ڪن. وڏي کي جي هدايتن تي ناڻي کاتي  ڊي ايڇ ڪيو بدين کي ويٽنگ ايرياز، واش رومن جي تعمير، مسافرن ۽ مريضن لاءِ ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ 354 ملين رپيا جاري ڪيا آهن. سنڌ حڪومت سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ امن فائونڊيشن جي ڀائيواري هيٺ پيپلز ايمبولينس سروس هلائي رهي آهي. وڏي وزير بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن لاءِ ايمبولينس سروس جي فراهمي جي پڻ منظوري ڏني. وڏي وزير صحت واري صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته هو ايڇ آئي ايس هيٺ هلندڙ 111 صحت جي سهولتن جو جائزو وٺي ۽ انهيءَ حوالي سان ٿيندڙ پيش رفت بابت سندن رپورٽ پيش ڪري. اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته صحت کاتو خانگي شراڪت دارن کي سندن خدمتن ۾ واڌ بابت سڀئي سهولتون مهيا ڪندو.

 

طب جي شعبي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: سيد ناصر شاهه

ڪراچي  (اين اين آءِ) طب جي ميدان ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو جن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار سڌ سماءَ جي وزير سيد ناصر حسين شاهه پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي ۽ سي سي آفيسر مئنيجمينٽ سنڌ جي تعاون سان پنهنجي مان ۾ ڏنل جي آجياڻي ۽ ايوارڊن جي ورڇ واري تقريب ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي نئين چونڊيل عهديدارن کان قسم کڻائڻ واري تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي نعمان شيخ، عبدالله بلوچ، فريد انصاري، ناز بلوچ سميت ٻيا عهديدارن پڻ خطاب ڪيو. صوبائي وزير چيو ته سوشل سيڪيورٽي جا ملازم، آفيسر پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسنگ اسٽاف پورهيتن جو معياري علاج طبي سهولتون ۽ دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين، هن اهو به چيو ته سوشل سيڪيورٽي جي سنڌ جي وڏن اسپتالن سميت وڌيڪ طبي مرڪزن ۾ پورهيتن جي علاج لاءِ دوائون پاڪستان جي مشهور ۽ بهترين ڪمپنين مان خريد ڪيون وڃن، جڏهن ته معيار تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي، صوبائي وزير چيو ته اڄ جي تقريب ۾ جيترا مطالبا پيش ڪيا ويا آهن انهن جو جائزو ورتو ويندو، انهن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت آهي ته اهڙن سمورن ادارن جو جن جو تعلق سڌو سنئون پورهيتن سان آهي ان جو خاص خيال رکيو وڃي، ناصر شاهه چيو ته عبدالله بلوچ جي سي سي لاءِ وڏيون قربانيون آهن جنهن ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن کي عملي جامو پهرايو، هن چيو ته سعيد غني جيڪڏهن ڪجهه عرصو ليبر جو وزير رهيو ته هن ٿورڙي عرصي ۾ بهترين ڪم ڪيو. ڪوشش هوندي ته سعيد غني جي جوڙيل ٽريڪ تي هلان. حڪومت جي نيڪ نامي ۽ پورهيتن جي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته پورهيتن جا ٻچا اسان جا ٻچا آهن، صوبائي وزير چيو ته اداري کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا. هن چيو ته سي سي ملازمن جي سن ڪوٽا، اپ گريڊيشن، سينيارٽي لسٽ، هائوسنگ اسڪيم، پينشن، پروموشن سميت ٻين مطالبن جو گورننگ باڊي ۾ همدردي سان جائزو ورتو ويندو. هن عهديدارن کي قسم کڻايو ۽ انهن کي مبارڪ ڏني.

 

اليڪشن ڪميشن نواز شريف ۽ راجا ظفر الحق کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) الڪيشن ڪميشن آف پاڪستان  مسلم ليگ نون  جي اڳوڻي سربراهه نوازشريف جي خلاف داخل ٿيل درخواستن  تي ٻڌڻي کان پوءِ نون ليگ کي نوٽيس جاري ڪندي پارٽي چيرمين راجا ظفر الحق کان 13 سپيٽمبر تائين جواب طلب ڪيو. تفصيل موجب اڳوني وزيراعظم جي خلاف پي ٽي آئي، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ اسلام آباد جي رڪن نياز انقلابي درخواستون داخل ڪيو هيون، جن ۾ موقف ڏنو ويو ته نااهلي کانپوءِ نوازشريف مسلم ليگ نون جي وصدر نه ٿو رهي سگھي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي گڏ ڪري ڇڏيو هو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بينچ نوازشريف جي خلاف داخل ٿيل درخواست تي ٻڌڻي شروع ڪئي، پي ٽي آئي اڳواڻ ياسمين راشد پاران ۽ ان جي وڪيل بابر اعوان اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ، بابر اعوان چيو ته نوازشريف جي نااهلي کانپوءَ مسلم ليگ نون نوازشريف جو نالو به استعمال نه ٿي ڪري سگھي. پر نوازشريف پارٽي اجلاس ۾ ويهي فيصلا به ڪيا، هن چيو ته پارٽي اجلاس گھرائڻ کان اڳ ئي نون ليگ جو وقتي صدر جو نالو سامهون اچي ويو هو ۽ چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ۾ به اهي اعتراض ڪيا هئا. هن چيو ته پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر جي تحت وقتي صدر جي ڪابه گنجائش ناهي.  جڏهن الڪيسن ڪمشنر بابر اعواڻ کان پڇيو ته توهان اها درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڇچو نه ٿا ڪيو جنهن تي بابر  اعواڻ چيو ته اسانکي صرف هڪ رستو ئي پار ڪرڻون آهي، اسان سمجھو پهريان توهان وٽ اچڻ گھرجي. چيف الڪشن ڪميشنر چيو ته اڄ ته الڪشن ڪمشن جو دائري ڪار تمام وڌي ويو آهي جنهن کانپوءَ اليڪشن ڪميشن کي ٽنهي درخواستن تي نون ليگ کي نوٽيس جاري ڪندي پارٽي چيرمين راجا ظفرالحق کان 13 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

 

سمورا ننڍا وڏا ادارا ڪرپشن جي لپيٽ ۾ آهن:سراج الحق

اسلام آباد(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سمورا ننڍا وڏا ادارا ڪرپشن جي لپيٽ ۾ آهن، قومي دولت لٽينڊڙ ججز، بيوروڪريٽس ۽ جنرلن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، سراج الحق جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 رڳو سياستدانن تي نه سڀني ماڻهن تي لاڳو ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان سڀ احتساب چاهيون ٿا، حقيقي جمهوريت جي لاءِ سڀني جو احتساب ٿيڻ ضروري آهي، احتساب جي لاءِ هڪ جامع نظام تمام ضروري آهي، هن چيو ته قومي دولت لٽيندرن جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي، احتساب جي لاءِ اسلام آباد طرف مارچ ڪنداسين، هن مطالبو ڪيو ته ماڊل ٽائون سانحي تي ڪميشن حڪومت ٺاهي هئي رپورٽ سامهون آندي وڃي، ۽ ان کي  عوام اڳيان آندو وڃي.

 

جج صاحب ۽ وڪيل ڌريون بڻجي ويا آهن، وڪيلن جي پرتشدد احتجاج تي ڏک ٿيو، پنجاب حڪومت تماشائي بڻيل آهي: اعتزاز احسن

لاهور(ويب ڊيسڪ) اعتزاز احسن چيو آهي ته جهيڙو نبيرڻ لاءِ وڪيلن جي چونڊيل نمائندن کي سامهون اچڻ گهرجي، هن چيو ته وڪيلن جو نمائنده ڪنوينشن گهرائڻ گهرجي، جيڪو هن صورتحال تي غور ڪري، بار ليڊرشپ کي موجوده صورتحال کي سنڀالڻ گهرجي، هن چيو ته نئون اصطلاح شروع ٿي ويو آهي وڪيل گردي، هن چيو ته جج صاحب ۽ وڪيل بدقسمتي سان ڌريون بڻجي ويا آهن.  پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر بيرسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي وڪيلن جي پرتشدد احتجاج تي ڏک ٿيو، ججن جي بحالي جي لاءِ اسان مظاهرا ڪيا پر اسان مظاهرن دوران هڪ شيشو به نه ٽٽو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته وڪيل اڳواڻن کي اڳتي وڌي احتجاج کي روڪڻ گهرجي ۽ تشدد وارن واقعن ۾ ملوث وڪيلن کي گرفتار ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته سموري صورتحال ۾ پنجاب حڪومت بڻيل ويٺي آهي، حڪومت ته چاهي ئي اهو ٿي ته هنگامن ذريعي ججن تي وڌ کان وڌ دٻاءُ وڌي ۽ انهن کي آزاداڻن فيصلن جي حوالي سان پريشرائزڊ ڪيو وڃي.