تازيون خبرون

Daily Archives: July 29, 2017

ماهرا خان پاران رنبير سان دوستي بابت خبرن جي ترديد

ممبئي(شو بز نيوز) ناليواري پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان بالي ووڊ اسٽار رنبير ڪپور سان وڌندڙ ويجهڙائپ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان ٻنهي خلاف ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ بند ڪيون وڃن ڀارتي ميڊيا ۾ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان ۽ بالي ووڊ جي چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور بابت افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته ٻنهي وچ ۾ ڳچ عرصي کان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته ٻنهي وچ ۾ ويجهڙائپ به وڌندي پئي وڃي اهو ڪيترو صحيح آهي ۽ ڪيترو غلط ان باري ۾ في الحال رنبير طرفان ڪوبه ردعمل سامهون ناهي آيو پر اهو سلسلو ان وقت شروع ٿيو جڏهن مارچ ۾ رنبير ۽ ماهرا دبئي ۾ گلوبل ٽيچر پرائز جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ ٻنهي جي اسٽيج جي پويان ڪيل خفيا ڳالهين جي وڊيو سوشل ميڊيا تي هنگامو مچائي ڇڏيو وڊيو ۾ ماهرا رنبير سان ڪاوڙ ۾ ڪجهه چوندي نظر ائي هئي ۽ رنبير به ڪافي سنجيدا ڏسڻ ۾ اچي پيو انٽرنيٽ تي گردش ڪندڙ ان وڊيو کانپوءِ چيو پئي ويو ته ٻئي ڪيترائي ڀيرا هڪ ٻئي سان گڏ ڏسڻ ۾ آيا آهن ايستائين جو هڪ ڀارتي ويب سائيٽ مطابق ٻنهي کي گڏ پرڏيهه ۾ به ڏٺو ويو آهي جتي هو هڪ ٻئي سان گڏ وقت گذاري رهيا آهن جڏهن ته ماهرا پهريان ته انهن افواهن تي خاموشي اختيار ڪئي پر هاڻ ان جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي چڪو آهي ۽ هن ڀارتي ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ انهن ڪوڙين افواهن تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان جي ۽ رنبير بابت غلط خبرون ڦهلائڻ بند ڪيون وڃن ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته سڀ کان پهريان ته مان ڪجهه چوڻ چاهينديس ته منهنجي ۽ رنبير جي وچ ۾ ڪجهه ناهي جڏهن ته ٻي ڳالهه اها آهي ته بلڪل ڪجهه ناهي ۽ اهو پيغام سڀني لاءِ آهي. ۰۳

 

بالي ووڊ اداڪار اندر ڪمار ۴۳ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي(شوبر نيوز ) بالي ووڊ جو ناليوارو اداڪار ۽ سلمان خان جو گهرو دوست اندر ڪمار اچانڪ دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، اندر ڪمار جي عمر ۴۳ سال هئي، ڀارتي ميڊيا موجب اندر ڪمار گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بلي جي عارضي ۾ مبتلا هو، گذريل رات ممبئي ۾ هو پنهنجي رهائشگاهه تي موجود هو ته ان کي اچانڪ دل ۾ تڪليف ٿي، جنهن جي هن شڪايت ڪئي ته ان کي وارث اپستال کڻي ويا، جڏهن ته هن اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏئي ڇڏيو، اندر ڪمار جي ڳڻپ ۹۰ جي ڏهاڪي ۾ مقبول اداڪارن ۾ ٿيندي هئي، هو ۲۰ کان وڌيڪ فلمون ڪري چُڪو هو، بالي ووڊ ۾ سلمان ۽ اندر ڪمار جي دوستيءَ جا چرچا وڏا مشهور هئا، ٻنهي ۾ ايتري ته سٺي دوستي هئي جو سلمان پنهنجي فلم ۾ اندر کي ضرور شامل ڪندو هو، اندر جي اچانڪ موت تي ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ سوڳ واري لهر پکڙيل آهي.(۰۲)

 

وقار يونس ناڪام ترين ڪوچ آهي: ڪامران اڪمل

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪامران اڪمل وقار يونس کي پاڪستان ڪرڪيٽ جي تباهي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته اسپيڊ اسٽار هيڊ ڪوچ طور پنهنجي ٻنهي دورن ۾ پاڪستان ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ بهتر رهنمائي نه ڪري سگهيو پنهنجي نظرئي جي تائيد ڪندي ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته وقار يونس اهم رانديگرن کي ٽيم کان ٻاهر ڪيو جنهن سبب ٽيم عالمي ڪرڪيٽ ۾ ۲ کان ۳ سال پوئتي هلي وئي هڪ نجي چينل سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته وقار يونس هڪ ناڪام ڪوچ آهي ۽ ان جي ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي سخت نقصان ٿيو اهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن ته رانديگر پاڪستان جي اڳوڻي ڪوچ وقار يونس کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

 

ريسلر جان سينا ايندڙ سال ريسلر نڪي بيلا سان شادي ڪندو

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ڊبليو ڊبليو اي ريسلنگ جي سپر اسٽار جان سينا پنهنجي مڱيندي ۽ ساٿي ريسلر نڪي بيلا سان ايندڙ سال شادي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وومين ريسلنگ جي اهم نالي نڪي بيلا ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته منهنجي ڀاڻيجي برڊي شاديءَ جي موقعي تي گل کڻي بيٺل هوندي ۽ هن منهنجي لاءِ ڪنوار وارو وڳو به پسند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته جان سينا هلندڙ سال اپريل ۾ ريسل مينيا جي مقابلي دوران هزارين تماشائين جي موجودگيءَ ۾ نڪي بيلا کي رنگ اندر سڏائي گوڏن ڀر ويهي شاديءَ لاءَ منڊي پيش ڪئي ۽ هن آڇ قبول ڪري ورتي. نڪي بيلا جو چوڻ آهي ته في الحال اسان ٻنهي جو شيڊيول انتهائي مصروف آهي، تنهن ڪري ايندڙ سال شادي ڪنداسين.

 

سنڌ جي ثقافت ۽  ٻولي جي تاريخ : فرزانه نورمحمد چانڊيو

سنڌ ڌرتي جي رھاھڪو ۽ سنڌ ڌرتي مان جنم وٺندڙ جي حثيت سان منهنجي قلم   مون کي مجبور ڪيو ته مان سنڌ بابت ڪجھ لکان ڇو ته قلم جي طاقت جي ذريعي منهنجو فرض آهي ته مان سنڌ ڌڻين کي سنڌ جي اصل تاريخ ، اهميت ۽ سنڌ سان قديمي دور کان ٿيندڙ سازشن بابت ٻڌايان ته جيئن سنڌ ڌرتي وڌيڪ نقصان کان بچي سگھي .

سنڌ جنهن کي دنيا جي قديم تر ثقافت مڃيو وڃي ٿو تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ڌرتي جو وجود 6000 قبل مسيح کان به پراڻو آهي . روايت آهي ته سنڌ جو نالو سنڌو دريا جي ڪري پيو سنڌو سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي وڏو درياءُ يا سمنڊ . ان کان علاوه سنڌ کي مهراڻ ، سنڌو ديش ، سنڌو ۽ هند جي نالن سان پڻ سڏيو ويندو آهي ڇو ته سنڌ جا اصل رهاڪو هندو هئا . سنڌو ماٿري جي ثقافت 5000 سال پراڻي آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي ته اسان ايتري قديم ۽ تاريخي ثقافت جو حصو آهيون سنڌ جي ثقافت کي مهراڻ جي وادي جي ثقافت (The Indus Valley Civilization) سڏجي ٿو جيڪا پوري دنيا جي ثقافتن جو گھر آهي اها ثقافتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته 3000 قبل مسيح ۾ سامهون آئي جنهن وقت جا ماڻهو ان دور جي مشهور ثقافتن مصر جي ثقافت (The Egyptian Civilization) ۽ ميزوپوٽاميا (Mesopotamia) جي مقابلي ۾ وڌيڪ اڳتي هئا جنهن جو ثبوت موئن جي دڙي جي ثقافت آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت جا ماڻهو ڪيترا با شعور ۽ ڄاڻو هئا ۽ انهن جي سوسائٽي ڪيتري ته اڳتي هئي . موئن جي دڙي مان حاصل ٿيا آثار اتان جي قديم ماڻهن جا بهتر نموني ٺهيل گھر ، عبادت جون جڳهون ، آفيسون ۽ ڪم ڪرڻ جون جايون بهتر ڏيک ڏين ٿيون جيڪا ان وقت جي تهذيبن ۾ صرف موئن جي دڙي ۾ هئا .

ڪو وقت هو ته هند ۽ سنڌ دنيا ۾ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي ڪري مڃيا ويندا هئي اڄ به سنڌ جا ڦٽل ڪوٽ ، قلعا ، شهر ۽ دڙا سنڌ جي شاندار تمدن جي شاهدي ڏئي رهيا آهن جنهن وقت دنيا جهالت جي اونداهي ۾ ٻڏل هئي ان وقت به سنڌ علم ۽ دانش جي روشني سان چمڪي رهي هئي ، سنڌ علم و ادب ۽ جاگرافيائي لحاظ کان انتهائي ڪامياب هئي جيڪا اڄ پوئتي پوندي پئي وڃي ، جيڪا ڪنهن وقت ۾ پوري پاڪستان جي پکيڙ کان به وڏي هئي اها اڄ هڪ صوبي تائين محدود ٿي وئي آهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ جا اصل رهاڪو سنڌ کان پري ٿيندا پيا وڃن جنهن سبب سنڌ جي قديمي ثقافت به پٺ تي ٿيندي پئي وڃي .

سنڌ جي سک جي ٻوٽي کي ڌارين سدائين لتاڙيو آهي اهو سلسلو فرعون جي ڪاهه کان شروع ٿيو جنهن کانپوءِ ڪلدانين ، بابر ۽ اشور وارن جون ڪاهون ، تنهن کانپوءِ ايران جي ڪاهه ، يونانين جو حملو . تنهن کانپوءِ هندو حڪمرانن جي سنڌ تي مختلف دورن ۾ حڪمراني ٿي ، راءِ ، ڪرشن ، برهمڻ ، ساساني ۽ وهليڪار گھراڻن جي سلسليوار قبضاگيري ۽ حڪمراني هلندي رهي . برهمڻ گھراڻي 642ع ڌاري سنڌ تي حڪومت ڪئي جنهن کان عربن اچي 712ع ڌاري سنڌ ڦري عربن سنڌ تي 14 حملا ڪيا ، عربن جي اڍائي سئو سال قبضي کانپوءِ سنڌ تي سومرا حڪمراني ڪرڻ لڳا جيڪي سنڌ جا ڌرتي ڄاوا هئا . 1028ع ۾ محمود غزنوي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ، سنڌ جي سمن سردارن 1333ع ۾ سنڌ سومرن کان وٺي پنهنجو قبضو ڪيو ان کانپوءِ ارغونن جي حڪومت ۽ اڪبر بادشاه 1593ع ۾ فوجون موڪلي سنڌ  تي قبضو ڪيو ، تنهن کانپوءِ ڪلهوڙن سنڌ تي اصل حڪمراني ڪئي نيٺ هو سنڌ جا والي ٿيا ، 1781ع ۾ مدد خان پٺاڻ سنڌ کي ڦريو لٽيو جنهن کانپوءِ مير ٽالپر سنڌ جا ڌڻي ٿيا ، 1828ع ۾ شاه شجاع سنڌ تي چڙهائي ڪئي. پوءِ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڄ تائين اهو سلسلو ختم ناهي ٿيو .

سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارن جو انگ دنيا ۾ 17 ملين آهي سنڌي ٻولي آرين جي اچڻ کان اڳ  موئن جي دڙي وارن جي قديم تهذيبي ٻولي آهي سال 1974ع ۾ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي به قرار ڏنو ويو اها اسانجي بد نصيبي آهي جو اڄ تائين سنڌي ٻولي بابت ڪو آڳا ٽو ذخيرو نه مليو آهي . ٻولي هڪ فطرتي عمل آهي ، قدرتي نظام آهي ، ٻولين جو جنم ۽ واڌ ويجھ ٿئي ٿي ته اها تباهه به ٿئي ٿي سنڌي ٻولي جي وجود کي خطرو آهي ، تعليمي ادارن مان سنڌي ٻولي بي دخل ٿي چڪي آهي حڪمرانن جي ڪيترين دعوائن باوجود سنڌ جي خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه ٿي پڙهائي وڃي ڪيترا ڀيرا خانگي ادارن کي سنڌي ٻولي نه پڙهائڻ تي ادارن جي رجسٽريشن منسوخ ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا ان باوجود ڪنهن به اداري ان ڳالهه ڏانهن ڪن نه ڏنو جڏهن ته گذريل حڪومت دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد اندر سنڌي لئنگوئيج ٽيچر طور دهشتگردن ۽ ڀتي خورن کي (SLT) جا آرڊر ڏنا ويا جن کي سنڌي جي الف ب جي به ڄاڻ نه آهي حڪومت ٻولي جو نقصان صرف پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ (SLT) جا آرڊر ڌارين کي ڏنا جڏهن ته اڄ به ملڪ جي تعليمي ادارن جي اندر غيرن جون ٻوليون اردو ، عربي ، فارسي سميت چيني ٻولي پڙهائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته هزارين سالن کان پنهنجو وجود رکندڙ ٻولي کي ڪنڊائتو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن لاءِ مان ايئن چونديس ته سنڌي ٻولي کي تباهه ڪرڻ ۾ سنڌ جي سنڌي حڪمرانن جو هٿ رهيو آهي . سنڌي ٻولي بگاڙ جو شڪار ٿي رهي آهي ، اڪثر ڪري ، اخبارن ، ٽي وي ، ريڊيو تي سنڌي ٻولي سان دشمني وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو . اسان پنهنجي ٻولي کي وساري رهيا آهيون ، پنهنجي ثقافت اجاڙي رهيا آهيون جنهن سبب سنڌ ، سنڌين ۽ سنڌي ٻولي جي پڄاڻي ٿي رهي آهي .

ڌارين جي مسلسل ڪاهن ، جنگين ، خون ريزين ۽ ڦرلٽ سنڌ کي سياسي ، سماجي ۽ اقتصادي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي . ڪڏهن ته سنڌ دنيا ۾ تمام وڏي حيثيت رکندي هئي پر ڌارين جي ڪاهن ، حملن جي ڪري ۽ پنهنجن جي غداريءَ سبب هن جون حدون ۽ سرحدون گھٽجڻ لڳيون ، سنڌ جي واسي هر دور ۾ امن پسند رهيا آهن قديم وقت ۾ سنڌ سرسبز ۽ شاداب هوندي هئي پر هاڻي ڏينهن و ڏينهن سنڌ ويساهه گھاتين جي ڪري پٺ تي ٿيندي پئي وڃي ايئن چوڻ به غلط نه هوندو ته هن وقت سنڌ ۽ سنڌين کي ختم ڪرڻ جون سازشون زور تي آهن جنهن ڪري هر روز نوان بهانا آڻي سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ کپائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن .

سنڌ سان مختلف نالن ۾ ڪيل ويساهه گھاتين جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي گذريل حڪمران ڌر سنڌ سان ترقي ، مفاهمت ۽ خوشحالي جي نالي تي ڇا ڇا نه ڪيو 21 صدي ۾ ترقي ، جمهوريت ۽ تهذيب جي نالي تي سنڌ سان ڪيتريون ئي ويساهه گھاتيون ٿي چڪيون آهن ، سنڌ جي وسيلن ۽ ذخيرن تي هميشه دشمنن جون نظرون رهيون آهن پوءِ اهو تيل ، ڪوئلو ، ذرعي پيداوار ، سامونڊي ذريعا يا وري ٻيٽ ڇو نه هجن . ان کان علاوه ذوالفقار آباد جي رٿا ۽ ٻٽو مڪاني نظام جنهن جي ڪري به سنڌ جبر ۽ ڏاڍ جي دور مان گذري چڪي آهي . سنڌ اندر وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي نظام سنڌ ۽ سنڌين کي اونداهي ڏانهن وٺي وڃڻ کان علاوه ڪو ڪم نه ڪيو آهي ڀوتارڪي حڪمراني ۾ سنڌ پٺ تي پئجي وئي آهي پر اقتدار جي ايوانن ۾ ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءَ به نه ٿي سري .

ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي حڪمرانن سنڌ ڌرتي سان ڪا به سڄڻائپ نه ڪئي آهي ڪالهه جيان اڄ به سنڌي عوام بنيادي حقن کان محروم آهي سنڌي نوجوانن لاءِ اعلي تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن ، ڌارين جي وڌندڙ آبادڪاري ۽ هندن جي لڏ پلاڻ سبب اڄ ڄڻ پنهنجا شهر پاڻ لاءِ ئي اوپرا آهن . سنڌ ۾ امن ، امان ، تحفظ ، انصاف ، تعليم جا بهتر وسيلا ، زراعت ۾ آزادي اسان لاءِ اڄ تائين خواب ئي آهن جنهن کي پورو ڪرڻ ڪنهن مير ، پير ، وڏيري ، جاگيردار ، رهبر ، رهنما ۽ حاڪم جي وس آهر نظر نه اچي رهيو آهي . اسان وٽ ته وڏيرا ۽ جاگيردار ڪوڙي غيرت ، قبيلائي انائن جي ور ۾ چڙهي بيگناه ماڻهن جو خون وهائي رهيا آهن هر روز قبيلائي جھيڙن ۾ درجنين ماڻهون موت جو شڪار ٿين ٿا ان کان علاوه غيرت جي نالي تي قتل ته ڄڻ اسانجي ثقافت ٿي وئي آهي . ڇا اسان ايتري جهالت جي دور ۾ هليا ويا آهيون جو اسانکي پنهنجي ثقافت ، تهذيب ، تمدن ايترو وسري ويو آهي جو جهالت جي اونداهي ۾ اسان اهڙين جاهلانا رسمن کي پنهنجي ثقافت جو حصو چئي رهيا آهيون .  اصل ويري اسان پنهنجا پاڻ آهيون اسانجي ڪاهلي ۽ ڪوتاهين جي ڪري اسان پنهنجي هٿن مان پاڻ سنڌ لٽائي ۽ ڦرائي رهيا آهيون اسان پاڻ ئي پنهنجي وجود جا ويري بڻجي چڪا آهيون جيستائين اسان ڪاهلي نه ڇڏينداسين تيستائين سنڌ دشمن ايئن ئي سنڌ کي کائيندا کپائيندا رهندا.

سنڌ اڄ به ڪٺور دور مان گذري رهي آهي جنهن ۾ جاڳرتا واري مهم جي ذريعي ئي سنڌي عوام کي پنهنجي آجپي ، ترقي ۽ خوشحالي جو گس ڏئي سگھجي ٿو سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد جي ضرورت آهي . اسانکي هر پاسي کان خطرو آهي اسانجي تهذيب ، تمدن ، ٻولي ۽ ريتون رسمون اسانجو قيمتي سرمايو آهن . ائين نٿئي جو اچڻ وقت ۾ تاريخ دفن ٿي وڃي ته اسان جو ايندڙ نصل صرف ڪتاب ۾ ئي سنڌ ۽۽ سندين جي تاريخ پڙھندو رھجي وڃي  ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي ۽ ثقافت آهي.

 

موصل جي آزادي جو سهرو سيستاني جي سر: ماهم سنڌي / ميرپورخاص .

عراق جي اتر طرف واقع  ٻي نمبر وڏي ،  ملڪ جي مشهور ۽ تاريخي شهر موصل ۾ تازو ئي عراقي حڪومت ۽ فوجين پاران جشن ملهايو ويو . اهو جشن ڪنهن مذهبي تهوار جو نه بلڪه اسلامي دولت آف عراق ۽ الشام  (ISIS) يا ، (ISIL)،  داعش کان ڇوٽڪاري تي ملهايو ويو . داعش جي دهشتگرد تنظيم جيڪا دنيا جي خطرناڪ ترين انسانيت ۽ امن جي دشمن آهي ، جنهن ۾ تازو ئي فتوي جاري ڪئي وئي هئي ته اگر توهانجا ٻار زالون ۽ ٻيا گهر ڀاتي به جهاد جي راھ ۾ رڪاوٽ بنجن ته انهن جو سر به قَلم ڪري ڇڏيو . انهي داعش جي قبضي هيٺ آيل عراق جو اهم  موصل جو علائقو جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ 2 ملين تائين آهي  . موصل جو علائقو گادي واري هنڌ بغداد کان اتر طرف نينوا واري دريا جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي ۽ گهڻي وقت کان اندروني جنگ ۾ ڀوڳيندو رهيو آهي . هونئن ته عراق_آمريڪا جنگ واري صورتحال بعد هي سڄو ملڪ پوري طرح جنگ مان نڪتو ئي ناهي ، پر موصل جو پورو علائقو  داعش جي سربراھ ابوبڪر بغدادي جي ويڙهاڪن وٽ جون 2014ع کان يرغمال هيو ،  جنهن جي مرڻ واريون خبريون تازو ئي ميڊيا تي آيون هيون پر وري وقفي وقفي سان ترديد پڻ ٿيندي رهي آهي .

موصل ۾ جاري ويڙھ دوران اتي موجود قديمي النوري مسجد جنهن ۾ ويهي 2014ع ۾  ابوبڪر بغدادي خلافت جو اعلان ڪيو هيو ، اها قديمي تاريخي مسجد پڻ ويڙهاڪن طرفان ميسمار ڪئي وئي .  ان جا مينار بم ڌماڪي سان تباھ ڪيا ويا،  نه صرف اها مسجد پر اتي موجود ٻيون به ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون بم ڌماڪن سان ختم ڪيون ويون . موصل ۾ رهندڙ ماڻهن جي حالت ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هئي . انهي ويڙھ دوران ان علائقي اندر اهڙو ته ڪڙو چاڙهيل هيو ، جو ڪو به اتان جو رهائشي پنهنجي مرضي سان اتان فرار نه پئي ٿي سگهيو . اتي جي رهائشين کي داعش وارن هڪ مظبوط ڍال طور استمعال ڪيو پئي ،  سڀ جا سڀ داعش وارن جي قبضي هيٺ هيا ،    اتان جي مقامي ماڻهن جي زندگي هر وقت آزار ،  عذاب ۽ اعتاب ۾  هئي . نيٺ پوئين سال عراقي حڪومت جي فيصلي سان موصل ۾ فوجون موڪليون ويون ته فوجي آپريشن ذريعي اهو علائقو آزاد ڪرائبو .  “نينوا اسين اچون پيا “ جي نالي سان فوجي آپريشن 16 آڪٽوبر 2016ع تي فوجون موڪلي شروع ڪيو ويو . ان فوجي آپريشن دوران لاتعداد تباهڪارين بعد پوئين مهيني 9 جولائي تي  عراق جي وزيراعظم  حيدر ال آبادي اعلان ڪيو ته موصل وارو سڄو علائقو عراقي فوج جي  هيٺ آهي ۽ داعش جي قبضي کان مڪمل طور آزاد آهي . اها خوشي جي خبر موصل ۾ ٿيل تباهين کي ڏسندي معمولي لڳي پر تنهن هوندي به ان يزيدي داعش وارن جي عذابن کان ڇوٽڪارو موصل واسين لاء خوشي جي نويد هئي . جئين ته اتي پوري طرح زندگي جون رونقون بحال ٿي ناهن سگهيون اڃا به هر هنڌ  تباھ ٿيل عمارتن جا ڍير ۽ بارود جي ڌپ آبهوا ۾ مليل آهي،  پر پوء به عراقي فورسز جو اتي قيام  وڏي ڪاميابي آهي . داعش خلاف جنگ جوٽيندڙ ته بلڪل عراقي فوجي هيا ، پر اها ڳالھ تصديق سان ڪئي پئي وڃي ته انهي ڪاميابي ۾ موصل کان داعش جي ڇوٽڪاري ۾ شيعه فرقي جي وڏي عالم ايران جي آيت الله سيستاني جو وڏو هٿ آهي يا ائين چئون ته عراقي حڪومت موصل ۾ فتح جو سهرو آيت الله سيستاني جي نانُ ڪيو آهي . 9 جولائي تي عراقي وزيراعظم جئين موصل لٿو تئين واڌايون ڏيندي ان فتح جو ڪريڊٽ ايران جي وڏي عالم آيت الله سيستاني جي نالي ڪيائين  . وزيراعظم موجب ته  جون 2014 کان موصل داعش جي قبضي هيٺ هيو ۽ هاڻي وڃي جولائي 2017ع ۾ 3 سالن بعد مڪمل طور آزاد ٿيو آهي . هن شڪريو ادا ڪندي آيت الله سيستاني جي فتوا کي ساراهيو ،  اها فتوي جنهن موصل جي آزادي ۾ اهم ۽ معنائتو ڪردار ادا ڪيو . آيت الله سيستاني جي فتوي موجب ته :  “ دشمن سان وڙهڻ لاء اٿڻ جو سڏ ۽ نه جهڪڻ جو سڏ جنهن تي عراقي عوام لبيڪ چيو ۽ داعش خلاف وڙهڻ لاء اٿي بيٺي  . ان موجب جيڪي شهري دشمن سان وڙهڻ جي صلاحيت رکن ٿا اهي اٿي بيهن ۽ هٿيار کڻي دشمن کي شڪست ڏين . عوام پنهنجي تاريخي ، مذهبي عمارتن ۽ اتان جي يرغمال عوام کي محفوظ بنائڻ لاء عراقي فورسز سان گڏجي وڃن ۽ موصل جي آزادي لاء اڳتي اچن “ .  جون 2014ع  ۾ اها فتوي سيستاني جي موڪليل هڪ ماڻهو طرفان ڪربلا ۾ جمعي جي خطبي جي دوران پڙهي ٻڌائي هئي . وڌيڪ ته ان سڏ کي عوام دل سان قبوليو ۽ هزارين عراقي ماڻهو رضاڪارانه طور تي عراقي آرمي ۾ شامل ٿيندا ويا .ان فتوي بعد ٻن ڏينهن اندر هڪ تنظيم ال هشد ال شعابي نالي جُوڙي وئي ، جيڪا عراقي گهرو وزارت پاران جوڙيل هئي . ان  تنظيم ۾ شيعن جي تعداد اڪثريت ۾ هئڻ سان گڏ سُني ۽ عيسائين جي پڻ ڪافي هئي . آيت الله سيستاني جي فتوي ماڻهن کي بيدار ڪيو ته اهي اُٿي ڪري فوجين سان گڏ داعش خلاف وڙهين جنهن سبب انهن سڀن تي گهڻو اثر ٿيو . آيت الله سيستاني جنهن جا مداح ۽ مڃيندڙ نه صرف ايران ۽ عراق ۾ پر سڄي دنيا ۾ آهن، ان جي واکاڻ عراقي وزيراعظم پڻ ان فتح جي موقعي تي ڪئي . جيڪا فتح پوئين سال  کان داعش جي جهادي دهشتگردن سان وڙهي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي .

جئين ته جٿي جنگ ٿيل هجي اتي جا حالات هڪدم ۾ نارمل ناهن ٿيندا،  اتي ٿيل تباهڪارين ۽ جاني نقصانن جي زخمن کي ڀرجڻ ۾ وقت ته لڳي ٿو پر اها خوش آئند ڳالھ آهي ته موصل جو علائقو هاڻي داعش جي جبر کان آزاد آهي . پر ضرورت آهي ته اتي جي امدادي ڪارواين ۽ ان علائقي جي سڌارڻ سان گڏ عراقي حڪومت کي اڃان به پنهنجو پهرو سخت رکڻو پوندو ، جئين داعشي درندا وري موصل واسين تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهن . حڪومت موجب انهن تباھڪارين جي مرمت ڪندي 5 سال جو عرصو لڳندو پر تنهن هوندي به آزادي املھ آهي ان جي قيمت سڀن کان کان وڌيڪ آهي جيڪا موصل واسين کي وڏين قربانين ۽ سر تي عذابن سهڻ بعد ملي آهي .

 

گيلاني کان نواز شريف تائين…

سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس ۾ وزيراعظم نواز  شريف ۽ اسحاق ڊار کي کي نااهل قرار ڏيندي شريف خاندان خلاف ڪيس احتساب عدالت ۾ هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڳ به سپريم ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊيل وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي گهر ڀيڙو ڪري چڪي آهي، سپريم ڪورٽ جي  لارجر بئنچ پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو ٻڌائي وزيراعظم نواز شريف ۽ اسحاق ڊار کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي پنجن ئي ججن وزيراعظم نواز شريف ۽ اسحاق ڊار کي متفق فيصلي سان نااهل قرار ڏنو. سپريم ڪورٽ مريم نواز، حسن، حسين نواز  ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف احتساب عدالت ۾ 6 هفتن اندر ريفرنس موڪلڻ جو حڪم ڏنو.  سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وزيراعظم نواز شريف ايف زيڊ ڪمپني لڪائي، جڏهن ته پنهنجا اثاثا ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو. اليڪشن ڪميشن وزيراعظم نااهلي جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ۽ صدر نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ انتظام ڪري.سپريم ڪورٽ پنهنجي لکت فيصلي ۾ چيو ته  نيب راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ 6 هفتن اندر ريفرنس داخل ڪري. جي آءِ ٽي طرفان جمع ڪيل مواد جي روشني ۾ ريفرنس داخل ڪيو وڃي. گڏيل قانوني مشاورت کانپوءِ حاصل ڪيل مواد کي به نظر رکيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب نواز شريف، حسين، حسن ۽ ڪئپٽن صفدر خلاف ريفرنس داخل ڪيو وڃي. عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ هڪ جج کي نامزد ڪيو وڃي.وزيراعظم صادق ۽ امين نه رهيو آهي. پاناما ليڪس جي فيصلي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ٻاهران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا . سپريم ڪورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ ايف سي جي پڻ وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پ پ، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي سميت اهم سياسي پارٽين جا اڳواڻ فيصلو ٻڌڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پهتل هئا. پ پ جي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني بعد نواز شريف جو گهر ڀيڙو ٿيڻ ملڪ جي تاريخ ۾ نئون بابت ليکو ويندو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ن ليگ سميت سمورين سياسي پارٽي پوءِ اهي حڪومت ۾ هجن يا اپوزيشن ۾ دل سان قبول ڪيو آهي، ۽ تاثر اهو ته ڏنو پيو وڃي ته پانامه ليڪس جو فيصلو ملڪ ۾ نئين تاريخ رقم ڪندو ۽ ڪرپشن جو به هميشه هميشه لاءِ دروازو بند ٿي ويندو. فيصلي کان يعني گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار دونهي دار پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، جنهن ۾ هن پارٽي سان ڏک سور به سليا ته پنهنجي وفاداري جو ورجاءَ به ڪيو، هن وقت وفاقي ڪابينا تحليل ٿي چڪي آهي ۽ نئين وزير اعظم جو چونڊ جو مرحلو شروع ٿيندو جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو نالو به وزير اعظم جي ڊوڙ ۾ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، ن ليگ قيادت کي عرض رکنداسين ته وزارت عظميٰ جي لاءِ اهڙي نالي جي چونڊ ڪئي وڃي جيڪو تحليل ٿيل ڪابينا جا ڪار وهنوار ائين ئي هلائي جئين اڳئين ڪابينا هلائي رهي هئي، ان سان وقت ۽ سرڪاري ناڻي جي بچت ٿيندي.