تازيون خبرون

Daily Archives: April 12, 2017

عائشا ٽاڪيا جي ٽوئٽر تي پنهنجي پٽ جي تصوير جاري

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره عائشا ٽاڪيا ٽوئيٽر تي پنهنجي پُٽ ميڪائيل جي تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن فلم ”وانٽڊ“ جي اداڪاره عائشا ٽاڪيا سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پٽ ميڪائيل جي تصوير جاري ڪئي آهي. اداڪاره پنهنجي زندگيءَ بابت تصويرون شيئر ڪري پنهنجن مداحن سان مسلسل رابطي ۾ رهندي آهي

 

آئون پنهنجي زندگيءَ بابت نٿو لکي سگهان: سلمان خان

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان چيو آهي ته هو پنهنجي زندگيءَ بابت نٿو لکي سگهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪار سلمان خان سپر اسٽار اداڪار آشا پاريک جي ڪتاب جي لانچ جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته هو اداڪاري ڪري سگهي ٿو، گانو ڳائي سگهي ٿو ۽ ڊانس ڪري سگهي ٿو پر هو پنهنجي زندگيءَ تي ڪجهه نٿو لکي سگهي. هن ان موقعي تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي يو ته پنهنجي آٽو بايوگرافي تي ڪتاب لکڻ تمام بهادريءَ جو ڪم آهي پر آئون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو ڪڏهن به نه ٿو ڪري سگهان.

آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ 2018ع ۾ گڏيل طور تي ٽه ملڪي ٽي-20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز جي ميزباني ڪندا

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ 2018ع ۾ گڏيل طور تي ٽه ملڪي ٽي-20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز جي ميزباني ڪندا، سيريز ۾ ٻنهي ميزبانن کان علاوه انگلينڊ جي ٽيم ايڪشن ۾ نظر ايندي. آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل شيڊيول مطابق ٽه ملڪي ٽي-20 سيريز جي شروعاتي ٽن ميچن جي ميزباني آسٽريليا جڏهن ته فائنل سميت آخري 4 ميچون نيوزي لينڊ ۾ کيڏيون وينديون. سيريز جي شروعات 3 فيبروري تي آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ ميچ سان ٿيندي، 7 فيبروري تي ڪينگوز جو مقابلو انگلينڊ سان ٿيندو، 10 فيبروري تي آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون راند کيڏنديون، 14 فيبروري تي نيوزي لينڊ جو مقابلو انگلينڊ سان ٿيندو، 16 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ ڪينگروز ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون. سيريز جي ڇهين ۽ آخري ميچ 18 فيبروري تي نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فائنل 21 فيبروري تي ٿيندو.ا

انڊين پريميئر ليگ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي هڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي

پوني(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) اربع ۽ خميس ڏينهن هڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي. تفصيل مطابق ڀارت ۾ انڊين پريميئر ليگ جو ڏهون ايڊيشن شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ سخت مقابلن جو سلسلو جاري آهي. ميگا ايونٽ ۾ (اڄ) اربع ڏينهن هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ ممبئي انڊينز ۽ سن رائزر حيدرآباد جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون جڏهن ته ميگا ايونٽ ۾ سڀاڻي خميس ڏينهن هڪ ميچ کيڏي ويندي، ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ـ۽ ڪنگز اليون پنجاب جون ٽيمون ايڊن گارڊنز ڪولڪتا جي هنڌ آمهون سامهون ٿينديون.

 

ڀُٽو : امر ۽ عوامي سياست ماٺي: امتياز  عالم

هماليا بند وهايا هئا يا نه، پر سوليءَ چڙهي 38 سال گذرڻ باوجود اڄ به لکين اکيون هن لاءِ روئن ٿيون. ڀلي رجعتي قوتون هن جو نالو ڪهڙي به نموني ميسارين، پر سندن مرد مومن جنرل ضياءُ الحق لاءِ دعا گهرڻ وارو شايد ڪو ملي. جن ججن هن جو عدالتي قتل ڪيو، تن جو فيصلو اڄ به اسان عدالتي تاريخ جي چهري تي بدنم داغ آهي. جيڪو ڌوپجي ئي نه ٿو بهرحال ڀٽو تاريخ ۾ اَمرُ ٿي ويو آهي. ڇا ته دور هو، پنجاههُ سال اڳ 1967ع ۾ هن فوجي آمريت کي لت هڻي هن پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو ته 1968ع ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي عوامي تحريڪ جنم ورتو. ڀٽو جيڪو اڳ ئي عوام جي نظرن ۾ اچي چُڪو هو، هو اولهه پاڪستان ۾ ان عوام اڀارُ جو وڏو اڳواڻ ٿي سامهون آيو، زمين تي پير رکيائين ته عوام کيس ڪلهن تي کڻي ورتو. روايتي سياست پاسو اٿلايو ۽ عوامي تحريڪن مان اڀري آيل انقلابي ۽ سڌاراپسند ماڻهو عوامي خوابن جي تعبير لاءِ ميدان ۾ لهي پيا. ڪهڙا ڪهڙا نه ماڻهو هئا، جيڪي سياست جي آسمان تي ستارن وانگر چمڪيا، ڊاڪٽر مبشر حسن، شيخ رشيد، معراج محمد خان، حفيظ پيرزادو، محمد علي قصوري، مختيار رانا، حيات محمد شيرپائو ۽ اهڙا سوين ماڻهو جيڪي ذاتي مفادن کان مٿانهان ٿي پاڪستان کي عوامي جمهوري بڻائڻ واري عزم سان ڀٽو جا همسفر ٿيا، اهو دور، دنيا ۾ انقلابي تحريڪن جو دور هو.

ويٽنام ۾ آمريڪي سامراج کي شڪست ملي، ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ سماجي آزاديءَ واريون تحريڪون عروج تي هيون، نوجوان هٿن ۾ انقلابي ڪتاب کنيو پراڻي استحصالي نظام ۽ جبر ۽ غلاميءَ کان بيزاري ظاهر ڪندي سڄي دنيا ۾ روڊن تي هئا. پاڪستان ۾ به ايئن ئي ٿيو. شاگرد ٻاهر نڪتا ته مزدور ۽ هاري به هٿوڙا ۽ ڏاٽا هٿن ۾ کڻي ميدان ۾ لهي پيا. ڏهن سالن جي ايوبي آمريت جي خلاف ڪهڙا جمهوري ۽ انقلابي مطالبا هئا جيڪي سامهون نه آيا، ووٽ جو حق، جمهوريت ۽ انساني حق، عورتن جي آزادي، صوبائي خودمختياري، ثقافتي ۽ شناختي خوداراديت، مزدورن ۽ هارين جا معاشي حق، جاگيردار ۽ دلالن واري سرمائيداريءَ جو خاتمو ۽ سوشلزم سان ٺهڪندڙ آجپي وارو منشور، اهو دور هو، هوچي منِ، مائوزي تنگ، ڪاسترو، پيٽرس لمبا، نيلسن منڊيلا، سوئيڪارنو، امليڪار ڪيبرال، آلندي، ياسر عرفات ۽ جديد عوامي تاريخ جي معمارن جو، ڀٽو به انهن جي جلون سان سرشار نظر ايندو هو، ان عالمي انقلابي اُڀارَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه شاعر، اديب، موسيقار، فلم ساز ۽ انقلابي فڪر کڻي سامهون آيا جو تاريخ انهن تي فخر ڪرڻ بنا رهي نه ٿي سگهي. اسان وٽ به انهن جي ڪمي نه هئي، جوش مليع آبادي، فيض احمد فيض، استاد دامن، حبيب جالب، احمد نديم قاسمي، اجمل خٽڪ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ليکڪ ۽ مصنف جن ظلم ۽ استعمال کان پاڪ سماج ۽ عوام جي حڪمرانيءَ جا گيت ڳايا.

ڀٽو ۾ جتي بي شمارُ حيران ڪندڙ خوبيون هيون، اتي گهڻيون گهٽتايون به هيون پر ان جو ڪاميابيون ۽ ڪارناما ۽ خوبيون هن جي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کان تمام گهڻيون هيون. پاڪستان جي تاريخ ۾ هن کان وڏو سياستدان اڃان تائين پيدا ناهي ٿيو ۽ هن جا همعصر به ڇا ته زبردست ماڻهو هئا، مولانا ڀاشاني، شيخ مجيب الرحمان، خان عبدالولي خان، غوث بخش بزنجو، مفتي محمود، غلام غوث هزاروي، مولانا مودودي، افضل بنگش، سي آر اسلم، ميجر اسحاق، رسول بخش پليجو ۽ گهڻا ئي ٻيا به.

1970ع وارين چونڊن ته تاريخ ئي ڄڻ تبديل ڪري ڇڏي. پراڻي سياست جا بت ڊهي پيا، پر آمريت ۽ رجعت واريون قوتون عوام جو مينڊيٽ قبولڻ کان انڪاري ٿيون ته رت جون نديون وهي ويون ۽ جنرل يحييٰ خان جي آمريت کي اهڙي شڪست ٿي جو اوڀر پاڪستان آزاد بنگلاديش بڻجي ويو، ۽ اولهه پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ طور سامهون آيو. جيڪي ماڻهو اڄ به ڀٽو کي پاڪستان جي ٻه اڌ ٿيڻ جو ذميوار قرار ڏين ٿا، سي اهي ئي آهن جيڪي جنرل يحيٰ خان جي خوني ٽولي سان گڏ هئا ۽ اوڀر پاڪستان تي فوج ڪشيءَ جا حامي. مجيب الرحمان ۽ ڀُٽي جي وچ ۾ ڪيئي قسم جا آئيني منصوبا غور هيٺ هئا، جي فوج ڪشي نه ڪئي وڃي ها ۽ ملڪ جي ٻنهي پاسي جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي ها ته ڪو نه ڪو جمهوري رستو نڪري اچي ها، پوءِ ڀلي اهو هڪ نيم وفاق يا پرامن ۽ دوستاڻي علحدگيءَ جي صورت ۾ ئي نڪري اچي ها، پر فوجي حل تي اصرار ڪيو ويو. ڀُٽي تي اهو اعتراض ته واري سگهجي ٿو ته هو ان فوج ڪشيءَ خلاف سينو تاڻي نه بيٺو. توڙي جو اولهه پاڪستان ۾ به شاگردن سياسي ڪارڪنن ۽ مزدور اڳواڻن کي ڪوڙا هنيا ويا هئا ۽ کين جيلن ۾ وڌو ٿي ويو. جڏهن ڀُٽي صاحب کي ڀڳل ٽٽل ۽ شڪست کاڌل پاڪستان جي واڳ سنڀالڻ لاءِ آندو ويو ته هن پاڪستان کي پيرن تي بيهاري ڪمالُ ڪري ڏيکاريو. 90 هزار فوجي ۽ سول قيدين جي ڀارتي قيد مان باعزت واپسي ٿي ۽ شملا معاهدو ٿيو، جنهن ۾ ڪشمير ٻطرفو مسئلو هئڻ کي تسليم ڪيو ويو.

ڀُٽي صاحب قومي اتفاق راءِ سان 1973ع جو آئين ڏنو جمهوريت ۽ وفاقيت جو رواج وڌو، زرعي سڌارا آندا، مزدور دوست پاليسي ڏني، سول ۽ انتظامي سڌارا آندا سرڪاري شعبي ۾ لاتعداد منصوبا شروع ڪيا، بندرگاهه، اسٽيل مل، هيوي مڪينڪل ڪمپليڪس وارو آرڊيننس فيڪٽري، پاڻيءَ جا وڏا منصوبا روڊ رستا، يونيورسٽيون، ڪارخانا، آرٽ ڪائونسلن ۽ نه ڄاڻ ڇا ڇا آهي، جيڪو هن نه ڏنو ۽ ٽين دنيا کي متحد ڪيو.

آرگنائيزيشن آف اسلامي ڪانفرنس جو بنياد وڌو، ايٽمي طاقت حاصل ڪئي، ۽ عوامي سلامتيءَ جو نظريو ڏنو، جيڪو اڳتي هلي پاڪستان لاءِ عوامي سلامتيءَ بدران فوجي سلامتيءَ جو نظريو بڻجي ويو، ڀُٽي جي سڀ کان وڏي خامي هن جي آمراڻي روش هئي ۽ ساڄي ڌر جي مذهبي قوتن سان ٺاهه ڪرڻ باوجود ملان، ملٽري ۽  بازار جي سازش کان محفوظ رهي نه سگهيو. ۽ اهو سڀ ڪجهه هو پنهنجي يارنهن سالن جي سياسي زندگيءَ ۾ ڪري سوليءَ تي چڙهي ويو.

جنهن شان سان هو مقتل گاهه ڏانهن ويو، سو شانُ آزاديءَ کانپوءِ گهٽ ئي نظر آيو، هزارين لکين ڀٽا پنهنجو ڀٽو بچائڻ لاءِ نڪتا ۽ سالن جا سال قيد ۽ بند جون صحوبتون برداشت ڪندي گل جي خوشبوءَ وانگر پاڻ پنهنجي پيغام تان فدا ٿي ويا.

جنرل ضياءُ الحق جو دور وحشت جو اهڙو خوفناڪ دور هو جو وڏا وڏا نالا ڀڄي ويا ۽ قومي اتحاد جا نَوَ ستارا جنرل ضياءُ الحق جي سياسي حرم ۾ شامل ٿي خوارُ ٿيا، جڏهن جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته بيگم نصرت ڀٽو سامهون آئي، ۽ پوءِ بينظير ڀٽو قيادت سنڀالي مَٿن مورثي سياست جو الزام هڻڻ آسان آهي پر ڀٽو خاندان آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حڪمرانيءَ لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو، ڪو ان جو مثال ته پيش ڪري. بينظير ڀٽو سميت سمورو ڀٽو خاندان جمهوري ۽ عوامي مزاحمت ۾ ڪم آيو، سياسي وارثيءَ جو حق جي ڪنهن ادا ڪيو ته اها صرف بينظير ڀٽو هئي پر هاڻي دور تبديل ٿي چڪو هو،  سوشلسٽ بلاڪ سوويت يونين جي خاتمي سان گڏ ختم ٿي ويو ۽ سرد جنگ جي خاتمي تي هڪ سپر پاور جو هڪ هٽيءَ وارو نظام دنيا تي مڙهيو هيو، بينظير ڀٽو، ڀُٽي جي نظريي کي، نين حالتن جي مطابق بڻايو ۽ ان جي آمراڻن پاسن کي رد ڪندي هڪ جمهوري انسانيت دوست، امن پسند ۽ سماجي آزاد خياليءَ جو نظريو اختيار ڪيو.

نظريي جي هيءَ سياسي جدوجهد وڌيڪ صبر واري ۽ ڊگهي هئي ۽ هن ٻن آمريتن کي شڪست ڏني، هن جي ٻنهي حڪومتن کي ضياءَ جي آمراڻي باقيات ۽ آمريت پسند قوتن هلڻ نه ڏنو، پيپلزپارٽي جيڪا پنهنجو پراڻو نظريو وڃائي چُڪي هئي، تنهن کي بينظير ڀٽو هڪ روشن خيال، عوام دوست نظريو ڏنو، ۽ هن مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ خلاف نظرياتي ۽ فڪري محاذ جوڙي پ پ  کي هڪ نئون نظرياتي بنياد فراهم ڪيو، برطانيا جي نئين ليبر پارٽي وانگر هن هڪ اصلاحي سوشل ڊيموڪريسيءَ لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ انتهاپسنديءَ خلاف هڪ ترقي پسند پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪندي هوءَ مذهبي انتهاپسندن، دهشتگردن ۽ آمراڻين قوتن جي ڳٺ جوڙ خلاف ٿي بيٺي ۽ مزاحمت جي ميدان ۾ شهادت ماڻيائين. ڀُٽن جو ڇا ته سحر آهي، جيڪو اڄ به عوام جي دلين ۾ آهي، پر ڀُٽن جي سياسي روايت هاڻي ماٺي ٿي وئي آهي. هر حالت ۾ اقتدار ۾ اچڻ ۽ هر قيمت تي اقتدار ۾ رهڻ واري روش پيپلزپارٽي کي ان جي عوامي حمايت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.

آصف علي زرداري جيڪو هڪ نهايت هوشيار ۽ چالاڪ سياستدان آهي، تنهن طاقت ۽ اميري جي ڍانچن کي پنهنجي سياست جو محور بڻائي ڇڏيو آهي، هو عبوري جمهوري دور کي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌائڻ ۾ به ڪامياب رهيو ۽ هن صدارتي محل مان اختيار پارليامينٽ ۽ صوبن کي منتقل ڪيا پر پيپلزپارٽيءَ جي عوامي سڃاڻپ کي ڊاهي ويٺو. هاڻي جڏهن سماجي ۽ طبقي يا قوت ۽ امير ۽ غريب وچ ۾ تضاد اڃا به وڌي ويو آهي، ۽ امير پنهنجون شاندار آباديون قائم ڪري زندگيءَ جا مزا ماڻي رهيا آهن، غريبن جو ڪو حال ڀائي ڪونهي تڏهن پيپلزپارٽي فقط سنڌ جي وڏيرن جي پارٽي بڻجي وئي آهي، اها جمهوري انساني آزادين، عورتن ۽ اقليت جي حقن لاءِ آواز ته اٿاري ٿي پر عوام جي معاشي ۽ سماجي خواهشن کان منهن موڙي چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ نوجوان بلاول ڀٽو زرداري ڪري ته ڇا ڪري اهڙي ناني جي عوامي سياست ۽ سوشل ڊيمو ڪريسيءَ جو رستو اختيار ڪري يا پنهنجي والد محترم جي فقط اقتدار جي سياست جو خوبصورت ۽ بيوس مُهرو بڻجي وڃي، ڪاش آصف زرداري پٺتي هٽي ها ۽ پٽ کي اڳتي اچڻ ڏئي ها، هو جيڪڏهن بلاول کي اڳتي اچڻ ڏئي ۽ هن کي پنهنجو رستو وٺڻ ڏئي، جيئن بينظير ڪيو هو ته پوءِ ڏسو ته اهو خال ڪيئن ڀرجي ٿو، جيڪو خود پيپلزپارٽي پيدا ڪيو آهي، هڪ ڀيرو پيپلزپارٽي چونڊن واري تڪ تي پنهنجي عوامي سياست جي معيار  کي بحال ڪري ۽ پنهنجون ٽٽل عوامي پاڙون بحال ڪري وٺي ته پوءِ شطرنج جي راند به کيڏي سگهجي ٿي ۽ زرداري صاحب کان وڌيڪ شطرنج جو رانديگر ٻيو ڪهڙو رانديگر هوندو. ڏسجي ته پ پ خاتمي ڏانهن وڌي ٿي يا عوامي بحاليءَ ڏانهن پر ان جي ڳچيءَ ۾ پيل سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ وارو ڳُٺ ڪير لاهيندو؟ هڪ دوست ڇا ته ڀيٽ ڪئي آهي ته بينظير ڀٽو کي هڪ عظيم پيءُ جي شهادت جو ورثو مليو ۽ بلاول کي عوامي سياست جي خاڪ تي تعمير ٿيل محل، ڇا هو عوام کان لاتعلقي جي محلن مان نڪرڻ جي جرئت ڪندو؟ پيپلزپارٽيءَ جو مستقبل غير يقيني سهي پر ڀٽو هميشه اَمر رهندو.

 

قومي ورثا بچايو…!

دنيا جا ملڪ ۽ قومون پنهنجي نسلن کي پنهنجي تاريخ کان باخبر رکڻ لاءِ پنهنجو قومي ورثو نه رڳو محفوظ بڻائي رکنديون آهن پر ان تي کوجنا جا موقعا به فراهم ڪنديون آهن ته جيئن ان جي رازن، رمزن ۽ حقيقتن کي عوام لاءِ وائکو ڪري سگهجي، پر لوڪ وهي لهنوارو اسان اوڀارا، الائي ڇو اسان تعمير، اڏڻ ۽ ٺاهڻ بدران ڊاهڻ ۽ ميساري ڇڏڻ جي اهڙي ته پاليسي اختيار ڪري ڇڏي آهي، جيڪا اڳتي هلي اسان کان هن ملڪ ۽ سماج کان حقيقي سڃاڻپ کسجڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.سنڌ اندر هڪ اندازي موجب 5 هزار اسڪول بند آهن، جن مان اڌ اسڪول هلندڙ سال جون تائين کولڻ لاءِ سنڌ جي وڏي  وزير لاڳاپيل ادارن کي ڊيڊ لائين ڏني آهي. چوڻ جو مطلب ته هڪ طرف بند اسڪول کولي، اتي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سهولت لاءِ گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ جون ڪوششون پيون ٿين ته ٻئي پاسي وري ڪنهن ڏورانهين ۽ پٺتي پيل نه پر سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ هڪ هلندڙ اسڪول بلڊر  مافيا طرفان مسمار ٿئي ته ان کي ڇا چئجي؟هيءُ واقعو ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي اک پٽي آهي ۽ معاملي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، معاملي جي ايف آءِ آر به ڪٽجي چڪي آهي، ۽ ايف آءِ اي جو جيڪو انسپيڪٽر اسڪول ڊاهڻ جو ذميوار آهي.تنهن جو نالو به ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو آهي ته جيئن ملڪ کان ٻاهر فرار ٿي نه وڃي. تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر ڊاٿل اسڪول جو دورو ڪري ان کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو به چيو آهي.سرڪار طرفان هن معاملي تي اک پٽڻ چڱي ڳالهه آهي پر بلڊر هن قومي ورثي واري عمارت کي ڊاهي سنڌ جي هن قديم تاريخ کي ميسارڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي عمارت جي قديم اڏاوتي شين کي جيڪو ڊاٿو آهي، ان جي اصل حالت جيڪا تباهه ۽ برباد ڪئي آهي تنهن جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟ ڪنهن به عمارت ۽ هنڌ کي قومي ورثو قرار ڏيڻ کانپوءِ ان کي اصل حالت ۾ برقرار رکڻ جي صورت ۾ ئي ان جي قومي ورثي واري حيثيت بحال رکي سگهجي ٿي. هيءُ اسڪول جيڪو قومي ورثو قرار ڏنل هو، سو جڏهن ترقيءَ جي نالي ۾ ڊهي ته ان کي تعليم جي تباهي نه سڏجي ته ٻيو ڇا سڏجي! سنڌ ۾ مُهين جو دڙو هجي يا مڪليءَ وارو تاريخي قبرستان، يا وري قديم آثارن جا اهي هڪ سئو اڻٽيهه ماڳ، جيڪي ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق کان سنڌ کي منتقل ٿيا آهن، تن جي تحفظ جو جوڳو بندوبست نه ان وقت هو، جڏهن اهي وفاق جي هٿ هيٺ هئا، نه ئي وري هن وقت آهي، جڏهن اهي پنهنجي هٿ ۾ آيا آهن، اسان وٽ قديم آثارن واري کاتي جي ڪارڪردگي نالي ماتر ئي نظر ايندي، هي کاتو جيڪو سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت جيترو حساس ۽ الرٽ هجڻ گهرجي اوترو ئي لاپرواهه ۽ غير ذميوار نظر ايندو نه رڳو آرڪيالاجي پر ارڙهين ترميم کانپوءِ انهن قديم آثارن جي سار سنڀال ۽ تحفظ جي ذميوار سمورن ادارن جو ڪردار بس وقت گذارڻ وارو ئي نظر ايندو. اهو ئي سبب آهي جو مُهين جي دڙي جي زمين تي قبضا ۽ پوکي ٿيندي رهي آهي، چوڪنڊي ۽ مڪليءَ جي قبرستان تي قبضا ٿيندا رهيا آهن.اهي قديم ماڳ ۽ قديم عمارتون سنڌ جي قديم تاريخ جا ساکي آهن، جيئرا جاڳندا ثبوت آهن، جيڪي جنهن حالت ۾ آهن ان ۾ محفوظ رهڻ گهرجن، جي ايئن نه ٿيو ته اها سنڌ جي قومي سڃاڻپ لاءِ هڪ وڏي چيلينج  ٿي سامهون اچي سگهي ٿي، مثال طور قائد اعظم ننڍي کان وٺي پڙهندي پيا اچون ته جهرڪن ۾ ڄائو پر تاريخ سان تاريخ جي ڪتابن سان ۽ نصاب سان هٿ چراند ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي ته قائد اعظم جهرڪ نه پر ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو.ايئن لاڙڪاڻي جي قديم گيان باغ جو نالو تبديل ٿيو، مُهين جو دڙو سرڪاري طرح ”موئن جو دڙو“ بڻايو ويو. مطلب ته قومي ورثي سان هٿ چراند ٿيندي ته اها تاريخ سان هٿ چراند هوندي ۽ هٿ چراند واري اهڙي هٿ ٺوڪي تاريخ نئين نسل کي صحيح دڳ لائڻ بدران غلط راهه جو راهي ڪري سگهي ٿي.