تازيون خبرون

Daily Archives: April 1, 2017

عاليه بٽ ۽ ورون دهون جي نئين فلم ”بدريناٿ ڪي دلهنيا“ باڪس آفيس ۾ تهلڪو مچائڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي( شوبز نيوز)عاليه بٽ ۽ ورون دهون جي نئين فلم بدريناٿ ڪي دلهنيا باڪس آفيس ۾ تهلڪو مچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، بالي ووڊ فلم همٽي شرما جي دلهنيا جي سيڪوئل بدريناٿ جي دلهنيا پنهنجي رليز کان هن مهل تائين ڀارت ۾ 157 ڪروڙ جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 33 ڪروڙ جو بزنس ڪري 190 ڪروڙ ڪمائي ورتا آهن، فلم ۾ ورون دهون ۽ عاليه بٽ جي اداڪاري کي شوقينن طرفان بي حد پسند ڪيو پيو وڃي، ششانڪ کيتن جي هدايتڪاري ۽ ڪرن جوهر جي پروڊيوس ڪيل ان فلم ۾ عاليه بٽ ۽ ورون دهون مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته فلم جي ٻين ڪاسٽ ۾ گوهر خان، موهت مروه ۽ شويتا باسو شامل آهن، ميڊيا رپورٽس موجب فلم بدريناٿ  جي دلهنيا شوقينن کي ڪافي حد تائين متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان کي بزنس ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

 

ڪرينا ڪپور جيان جلد شادي ڪرڻ جي خواهشمند آهيان: عاليه ڀٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ بيبو گرل ڪرينا ڪپور جي وڏي مداح آهي، جنهن جو اظهار هوءَ هر جاءِ تي ڪندي آهي، جڏهن ته هاڻ عاليا ڀٽ چيو آهي ته هوءَ به ڪرينا ڪپور جيان جلد شادي ڪرڻ جي خواهشمند آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عاليا ڀٽ جو چوڻ هو ته مان به ڪرينا ڪپور جيان جلد شادي ڪرڻ ۽ سندس جي نقش قدم تي هلڻ چاهيان ٿي. مان اهو نٿي چاهيان ته منهنجي شادي دير جو شڪار ٿئي، جنهن سان مسئلا وڌي ويندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو مان ان معاملي تي گهڻو سوچڻ به شروع ڪري ڏنو آهي. هن چيو ته اڳ ماڻهو ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا ته ڪنهن به اداڪارا جي شادي ٿئي ته ان جو ڪيريئر ختم ٿي ويندو آهي پر هاڻ ائين ناهي، جنهن جو چِٽو مثال منهنجي آئيڊيل ڪرينا ڪپور آهي.27

 

اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل: ايف آءِ اي ۽ پي سي بي رپورٽ گهرو وزرات کي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ جي حوالي سان ايف آءِ اي ۽ پي سي بي پنهنجي پنهنجي جاچ رپورٽ گهرو وزارت کي ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن موجب ايف آءِ اي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل تي رانديگرن کان ورتل جاچ جي رپورٽ گهرو وزارت حوالي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ نامزد رانديگرن جي بيانن جي ڪاپي به موجود آهي، جڏهن ته رانديگرن جي بڪيز سان ڳالهه ٻولهه کي به رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.27

 

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف ٽربيونل اڳيان پيش، الزام مڃڻ کان انڪار

لاهور (اسپورٽس نيوز)اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف ٽربيونل جي اڳيان پيش ٿيو جتي ان مٿان لڳايل الزام پڙهي ٻڌايا ويا گذريل ڏينهن خالد لطيف پنهنجي وڪيل سان جسٽس رٽائرڊ اصغر حيدر جي سربراهي ۾ قائم ٿيل ٽربيونل جي اڳيان پيش ٿيو ان موقعي تي ٽربيونل جي ميمبرن اڳوڻي چيئرمين توقير ضياء ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر وسيم باري اينٽي ڪرپشن يونٽ جي سربراهه سميت بورڊ جي ليگل ٽيم جا ميمبر به موجود هئا خالد لطيف تي پي سي بي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جون 6 شقن جي خلاف ورزي جو الزام آهي ٻڌني دوران خالد لطيف اسپاٽ فڪسنگ جي حوالي سان لڳايل الزامن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ٽربيونل ڌرين جي صلاح مشوري سان طريقيڪار طئي ڪيو پي سي بي 14 اپريل تي ڪرڪيٽر جي خلاف لڳايل الزامن جي تفصيل ۽ شاهديون پيش ڪندو جنهن تي خالد لطيف کي 2 مئي تي جواب جمع ڪرائڻو پوندو. ڪيس جي حتمي ٻڌڻي 19 مئي کان روانو جي بنياد تي ڪئي ويندي.

 

پاران چنار ۾ دهشتگردي، زيان ٿيل اُ ملهه حياتيون: صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ دهشتگردي سبب ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي به نيويارڪ ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اهو به چيو هو ته جڏهن به ڀارت سان ڳالهيون شروع ٿينديون آهن ته دهشتگرد ڪا نه ڪا ڪارروائي ڪري وٺندا آهن جنهن سان ڳالهيون معطلي جو شڪار ٿي وينديون آهن، هن ڀيري ڀارت سان لاڳاپن بابت ڪي خاص ڳالهيون ته نه ٿي رهيون هيون پر ان باوجود ملڪ اندر پارا چنار جي وچ شهر ۾ امام بارگاهه سامهون زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شهري شهيد ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، اهڙي دهشتگرد ڪارروائي جي هر طرف کان مذمت به ڪئي وئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪا پهريون ڀيرو دهشتگرد ڪارروائي نه ٿي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردن سيوهڻ ۾ آپگهاتي ڌماڪو ڪيو هو، جن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ان آپگهاتي حملي ۾ به ڪيترائي معصوم ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا ۽ سوين ماڻهو زخمي به ٿيا هئا. ان کان علاوه لاهور، ڪوئيٽا ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ به دهشتگرد ڪارروايون ٿي چڪيون آهن. سڪيورٽي ادارن تي به دهشتگرد حملا ڪندا رهيا آهن، سرحد وٽ به دهشتگردن چيڪ پوسٽن تي به حملا ڪيا ويا هئا، جڏهن سيوهڻ ۽ لاهور ۾ ڌماڪا ٿيا هئا ته ان وقت طورخم سرحد کي بند ڪيو ويو هو جنهن کي 32 ڏينهن بعد کوليو ويو هو،

هڪ طرف طالبان دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري داعش جو ذڪر به ٿيندو رهي ٿو، هونءَ ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نٿار به داعش جي موجودگي کان انڪار ڪندو رهيو آهي پر گذريل ڏينهن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته سنڌ ۾ داعش مضبوط نه آهي، ڪجهه ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، بهرحال هن وقت ملڪ اندر دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ايترو ته مضبوط ٿي چڪو آهي ته جتي هو چاهين پيا اتي حملو ڪري ڏيکارين پيا، سيوهڻ ۾ دهشتگردن آپگهاتي بم ڌماڪو ڪري 80 کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ان کان علاوه لاهور ۾ به ڌماڪا ڪيا ويا پر هن وقت تائين اهي دهشتگرد ڪارروايون ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيون آهن، ايتري قدر جو دهشتگرد سڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي به بخش نه ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏنهن اڳ افعان بارڊر وٽ دهشتگردن چيڪ پوست تي حملو ڪيو هو. جنهن ۾ به پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿيا هئا، ان سان گڏ ڀارت سان به به وقفي وقفي سان سرحد وٽ ڇڪتاڻ هلندي رهي آهي، پاڪستان به گڏيل قومن کي ڀارتي اڳرائن کان آگاهه ڪندو رهيو آهي.  گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي چيو هو ته هو برابراري جي بنياد تي پاڙيسري وارا لڳاپا چاهين ٿا،

جيڪڏهن ڀارت جي بيانن تي نظر ڦيرائي وڃي ته ان معلوم ٿيندو ته ڀارت پاڪستان سان مختلف وقتن تي تڪرار پيدا ڪندو رهيو آهي، هونءَ ته ٻنهي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪتاڻ ڪشمير مسئلي جي سبب هلي رهي آهي پر ڀارت هن ڀيري سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪري  ڪشمير مسئلي کان وڌيڪ هڪ ٻيو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب هڪ طرف ڪشمير مسئلو ته ٻي طرف وري پاڻي جي ورهاست وارو معاملو آهي، جنهن سبب هن وقت پاڪستان دهشتگردي سميت سرحد وٽ ڇڪتاڻ کي به منهن ڏئي رهيو آهي. هونءَ ته ملڪ اندر ضرب عضب آپريشن کانپوءِ ردالفساد آپريشن به شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ۽ گرفتار به ڪيو ويو آهي پر ان باوجود دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندي پنهنجي موجودگي جو ثبوت ڏيندا رهيا آهن. گذريل ڏينهن به پارا چنار ۾ دهشتگردن ڪار بم ڌماڪو ڪيو جنهن جي نتيجي ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ زخمين کي اسپتالن به پهچايو آهي، ايتري قدر جو ڌماڪي کانپوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي به لاڳو ڪئي وئي هئي،

اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به اهي خبرون هلي رهيون هيون ته جيڪي به ماڻهو زخمي ٿيا آهن، انهن جي حالت ڳنتي جوڳي آهي. اهڙي ڌماڪي جي سياسي، سماجي ڌرين طرفان مذمت به ڪئي وئي هئي، جيتونيڪ هن وقت ملڪ اندر دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ ردالفساد آپريشن جاري آهي پر ان باجود دهشتگرد معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ کان نه لنوائي رها آهن. هونءَ ته وزيراعظم نوازشريف به ڪيترائي ڀيرا  پنهنجي خطاب ۾ چئي چڪو آهي ته هنن ملڪ اندر امن امان قائم ڪرائي ڇڏيو آهي پر پارا چنار دهشتگردي حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته پارا چنار ڌماڪي ۾ به ڪيترائي معصوم شهري  شهيد ٿي چڪا هئا، ڪجهه عرصو اڳ نوراني نور درگاهه تي به ڌماڪو ڪيو ويو هو، جنهن دوران به ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿي ويا هئا. جيڪڏهن مجموعي طور تي دهشتگردن جي ڪاررواين جو اندازو لڳائجي ته هزارين معصوم ماڻهو دهشتگردن هٿان شهيد ٿي چڪا آهن.جنهن سبب ڪيترائي گهر اجڙي چڪا آهن پر افسوس جو ڪو ماڻهو انهن وٽ لڙي نه ويو آهي جن جا پيارا ڌماڪن ۾ شهيد ٿي چڪا آهن. هونءَ ته ملڪ اندر دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري آهي پر ان باوجود دهشتگرد معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن هڪ وزير چيو هو ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب دهشتگرد آسان حدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

هڪ طرف دهشتگرد ملڪ اندر ڪارروايون پيا ڪن ته مٿان وري سرحد تي ڇڪتاڻ معمول بڻجي وئي آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته دهشتگردن ملڪ کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، هڪ سانحي مان اڃا قوم ٻاهر نڪري ئي نه ٿي ته مٿان وري دهشتگرد هڪ ٻي ڪهري ڪارروائي ڪري وٺن ٿا، جنهن سان ڪيترائي گهر اجڙي  چڪا آهن. جيڪڏهن هن وقت به حڪمران هڪ ٿي دهشتگردي کي مات نه ڏني ۽ سرحدن کي محفوظ نه بڻايو ته سيوهڻ، لاهور ۽ پارا چنار جهڙا سانحا پيش ايندا رهندا ، جنهن سان معوصم ماڻهن جون حياتيون زيان ٿينديون رهنديون. ان ڪري سمورين سياسي پارٽين کي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جئين اهڙن دهشتگردن کي سندن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏيجي. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن سموريون جماعتون عوام سان گڏجي دهشتگردن خلاف هڪ آواز بڻبيون. اڄ ملڪ تمام ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، دهشتگرد ڪڏهن سيوهڻ ۾ڌماڪا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري لاهور  ۽ ڪوئيٽا ۾ بي گناهه ماڻهن کي شهيد ڪن ٿا، ڪڏهن ته وري سڪيورٽي اهلڪارن کي به نشانو بڻائن ٿا. ان ڪري وفاقي سرڪار کي سرحد وٽ چرپر کي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا ته جئين ملڪ اندر دهشتگردن کي داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي، جيڪڏهن دهشتگردن جي اچ وڃ ملڪ ۾ بند ٿي ويندي ۽ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويندا ته هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي مضبوط ٿي ويندي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

ڇا هن سياست مان عوام کي فائدو ٿيندو؟: تحرير. شيرمحمد سولنگي (اچيورس)

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چوڌري نثار 2016 ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ڊيل جو ذڪر ڪيو، ايان علي ڇٽي وئي، زرداري به واپس اچي ويو، شرجيل ميمڻ تي 5 ارب جي ڪرپشن هئي، اهو به واپس اچي ويو، ايان علي تي 5 ڪروڙ رپيا مني لانڊرنگ جو الزام هو، عمران خان چيو ته نواز شريف کي سنڌ ياد اچي ويو، منصوبي تي منصوبي جو اعلان ڪري رهيو آهي، نورا ڪشتي ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته نواز شريف پاناما ڪيس تي ڊڄ کان آصف زرداري سان ڊيل ڪئي آهي، منصوبن لاءِ پسئا ڪٿان ايندا، ڪجهه خبر ناهي، اڄ اهو ئي ٿيو، جڏهن ماضي ۾ نواز ليگ پيپلز پارٽي جي دور ۾ خاموش ويٺي رهي، جمهوريت بچائڻ لاءِ زرداري ۽ نواز گڏ ٿي ويا، زرداري بيان ۾ چيو آر او اليڪشن سبب نواز ليگ کٽي، عمران خان چيو ته جڏهن مون چيو ته ان وقت ٻئي جمهوريت بچائي رهيا هئا، اهو سڀ ڊرامو ٿي رهيو آهي، نواز شريف کي به جڏهن مسئلو ايندو آهي، ٻئي گڏ ٿي ويندا آهن، آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻنهي تي مني لانڊرنگ جا الزام آهن، نواز ۽ زرداري نوراڪشتي ڪندا آهن، هڪ ٻئي کي نقصان نه ٿيڻ ڏيندا، جيستائين وزيراعظم ڪرپٽ رهندو ادارا ٺيڪ ٿيڻ نه ڏيندو، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته زرداري ڪيئن چيو ته نيب جي مجال آهي جو انهن کي هٿ لڳائي، قوم پاناما ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪري ٿڪجي پئي آهي، دعا ٿا ڪريون ته جلدي پاناما ڪيس جو فيصلو اچي، آصف زرداري ۽ نواز شريف ملي چيئرمين نيب لڳايو، آصف زرداري ۽ نواز شريف جا مفاد ساڳيا آهن، ڊيل تحت شرجيل ميمڻ واپس پاڪستان آيو، عمران خان چيو ته ڊيل تحت ڊاڪٽر عاصم حسين کي آزاد ڪيو پيو وڃي، ڊيل تحت ايال علي کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو ويو، ن ليگ به پيپلز پارٽي جي دور ۾ چار سالن تائين خاموش ويٺي رهي، جڏهن مون چيو هو ته ڌانڌلي ٿي تڏهن ته هي انهن سان گڏ بيٺا هئا، انهن ٻنهي جا مفاد هڪ آهن، نيب چيئرمين ڪيئن آصف زرداري ۽ نواز شريف کي پڪڙي سگهي ٿو، ڪرپٽ وزيراعظم ڪنهن کي پڪڙيندو ناهي، ڊيل ڪندو آهي ۽ اڄ به ڊيل ٿي، چوڌري نثار 12 سيپٽمبر 2016 جي پريس ڪانفرنس ۾ ان ڊيل جو ذڪر ڪيو هو، نواز شريف ۽ آصف زرداري گڏجي نيب چيئرمين مقرر ڪيو، واضح ٿي ويو ته ڪرپٽ وزيراعظم سمورن ادارن کي ڪرپٽ ڪندو آهي، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ايان علي به بچي ويندي ۽ ڊاڪٽر عاصم به، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته اتحاد ان جماعت سان ٿي سگهي ٿو، جنهن جو منشور ملندو هجي، عدالت جو فيصلو پروسيڪيوشن تي ڀاڙيندو آهي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي اها ڊيل نه ٿا چاهين، پنجاب ۾ پيپلز پارٽي نه ٿي چاهي ته زرداري واپس اچي، خبر ناهي ڊاڪٽر عاصم جي معاملي تي حڪومت ڪيئن ڊيل ڪري ورتي، اسلام آباد جي پارڪن ۾ قبضن کي ڪوئي نٿو روڪي، عمران خان چيو ته پيپلز پارٽي تي تنقيد جو پروگرام نه هيو ڇو ته نواز شريف سان پاناما جو مقابلو ٿي رهيو آهي

سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو چيو آهي ته آصف علي زرادري جي ڪرپشن جي ڪري 2 ڀيرا بينظير جون حڪومتون هٽايون ويون. اڳوڻي صدر جي ڪرپشن جو ازالو بينظير کي ادا ڪرڻو پيو. ڀٽو جا حقيقي وارث اسان آهيون، اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي رت جو بدلو گهرجي. نئين ديري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو چيو ته ڀٽو جي ڦاهي تي حاڪم زرداري مٺائي ورهائي هئي، حاڪم پارٽي کي پارٽي جي ٽڪيٽ نه ملي ته ٻي پارٽي ۾ هليو ويو. آصف علي زرادري ڳڻڻ کان وڌيڪ دولت ڪمائي. هن چيو ته عوام زرادري کي هن وقت تائين نٿي مڃي. سنڌ ۾ افسر شاهي جي دور ۾ عوام ان سان گڏ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ وڌڻ نه ڏني جڏهن ته آصف زرداري 5 سالن تائين صدر رهي به بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ ڇو نه ڪرائي.؟

سياست رڳو سياستدان ئي هڪ ٻئي سان نه پيا ڪن پر اهڙي ڪارروائي زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ جاري ۽ ساري آهي. اسڪولن ۾ ماستر هڪٻئي سان سياست ڪري رهيا آهن، بلڪه معمارن جي مستقبل سان سياست ڪري رهيا آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيا اسٽاف  وارا هڪٻئي سان  گڏ مريضن جي صحت ۽ زندگيءَ سان سياست ڪري  رهيا آهن. مارڪيٽن ۾ واپاري هڪٻئي سان سياست ڪري رهيا آهن. مطلب توهان  زندگي جي ڪهڙي به شعبي ۾ هليا وڃو  توهان کي هڪٻئي سان سياست ٿيندي ئي نظر ايندي. سياست جنهن جو اصل مقصد ماڻهن جي خدمت ڪرڻ  ۽ انهن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ آهي، هينئر ان جو مفهوم بلڪل ئي تبديل نظر اچي رهيو آهي. هاڻي  سياست جو مطلب ڄڻ ته ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ، ايڪسٽرا سياڻپ جو مظاهرو ڪرڻ، ڪنهن کي ڌوڪو ڏيڻ رهجي ويو آهي. جيڪو سچ پچ پاڻ واري سماج جو هڪ وڏو الميو آهي. هن رويي جيڪي مجموعي  طور تي نقصان ڏنا آهن، اهي اسان جي سامهون آهي. هڪ عجيب قسم جو خوف آهي، هڪ عجيب قسم جي افراتفري آهي، جيڪا چئني ڏسائن ۾ جاري آهي. حالت اها آهي جو پيءُ پٽ تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پٽ ماءُ تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، زال مڙس تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هر ڪو پاڻ کي ڄڻ ته ٻئي کان لڪائيندو ڦري رهيو آهي. شيون کسجي وڃڻ جو خوف هر ماڻهو جي مٿان حاوي ٿي ويو آهي، ڪجهه نه هجڻ جي باوجود ڪجهه ٿي وڃڻ جو خوف سڀني جو سڪون بردباد ڪري رهيو آهي. سياري جي باهه ته هرڪو پاڻ ڏي سوريندو آهي پر پاڻ وٽ صورتحال ڪجهه اهڙي قسم جي ٿي وئي آهي جو  ڪير اونهاري جي باهه به ٻئي کي سورڻ ڏيڻ پسند نه ٿو ڪري ۽ ان جي تپش ۾ سڙندي به ان کان پري ٿيڻ نه ٿو چاهي.

ميان صاحب جو زور سنڌ طرف آهي. ميان صاحب هڪ مهيني اندر سنڌ جا ٽي دورا ڪري چڪو آهي ۽ پرڪشش پئڪيجز جو اعلان به ڪري ويو آهي  ۽ زرداري صاحب جو زور وري پنجاب طرف آهي ۽ گهڻو ڪري لاهور ۾ ئي لڏو لاهي ويهي رهيو آهي. ٻئي همراهه مفاهمت کي مزاحمت ۾ تبديل ڪري ڀير تي ڏونڪو هڻي چئي رهيا آهن ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان ئي ميدان مارينداسين، ٻئي پاسي خان جي آهي جيڪو وري خبرون ئي اور ڪري رهيو آهي ۽ ائين محسوس ڪرائي رهيو آهي ته ايندڙ وزيراعظم ته هي ڪليئر آهي، باقي چئني صوبن ۾ وڏا وزير ڪهڙا مقرر ڪرڻا آهن

هاڻي ته ننڊ جا اکين مان کيپ ختم ڪري منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي سستيءَ جي ڳهر مان نڪرڻ گهرجي، حق جي راهه جو راهي بڻجڻ گهرجي، من ڪو بلو ٿي پوي، باقي رڳو سوشل ميڊيا تي دل جي باهه اُجهائڻ سان وسيلن تي حق ڪو نه ملندا. صحت، تعليم، نوڪريون، ترقياتي منصوبا هي بادشاهي سوچ رکندڙ حاڪم پاڻ در تي اچي ڪو نه ڏيندا. هاڻي جڏهن چوڌري، وڏيرا، سردار، سيد، سياستدان توهان جي در تي ووٽ وٺڻ لاءِ اچن ته انهن کان هڪڙو سوال ضرور ڪجو ته توهان جي تڪ، علائقي ۾ هنن ڪهڙي ترقي ڪرائي آهي؟ جيڪڏهن مطمئن ڪندڙ جواب ڏين ته ووٽ ڏيو نه ته جلسن ۾ تقريرن، اسيمبلين جي تقريرن کان متاثر ٿي پنهنجو ووٽ وري نه وڃائجو خدارا ووٽ جو صحيح استعمال ڪجو.

 

ملڪ ۾ ٿيندڙ آدمشماري: گوگل ميپ ۾ نظر نه ايندڙ ٻهراڙين وارا علائقا ڳڻپ مان خارج

شماريات کاتي گوگل ميپ ۾  نظر نه ايندڙ سنڌ جي  ٻهراڙين وارن علائقن کي ڳڻپ واري مرحلي مان ڪڍي ڇڏيو ، سينسز ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڇو نه ڀلي ڪنهن غير ملڪي جو اين آءِ سي ٺهيل هجي ان جي ڳڻپ ڪنداسين، ذميوار نادرا آهي اسان ناهيون، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڳڻپ کي تڪراري نه بڻائي. شماريات کاتي کي گهرشماري ۽ آدمشماري جو  پهريون مرحلو ختم ٿيڻ کان پوءِ بريفنگ جو خيال اچي ويو، پهرين مرحلي ۾ گهر شماري توڙي آدمشماري ۾ 50 سيڪڙو ڳڻپ  رهجي وئي آهي اها ڳڻپ ان جي ڪري رهجي وئي آهي جو استاد کي مليل ٻن بلاڪن مان فقط هڪ بلاڪ هن مڪمل ڪيو آهي ۽ ٻيو بلاڪ ٻئي مرحلي ۾ هاڻي مڪمل ڪندو. ڪراچي جي ڇهن ضلعن جا ٽوٽل 14552 بلاڪ آهن جن مان 7276 بلاڪس تي هاڻي گهر ۽ آدمشماري ٿيندي. اهڙي طرح حيدرآباد جي 2069 بلاڪن مان 1034،گهوٽڪي جي 1294 مان 647 بلاڪ ۽ سيوهڻ تعلعو  جنهن کي ميلي جي سبب ڪري پهرين مرحلي ۾ شامل ڪيو ويو ان جي 246 بلاڪن مان 123 بلاڪ رهجي ويا آهن جن کي پڻ پهرين مرحلي جي ٻئي حصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جيڪي سنڌ جي ٻهراڙين جا علائقا گوگل ميپ ۾ نٿا اچن انهن کي ڳڻپ واري مرحلي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو جڏهن اهي ميپ ۾ شامل ٿيندا ته انهن کي به ڳڻيو ويندو، غير ملڪين کي ملڪي شهريت نادرا کاتي ڏئي ڇڏي آهي اها نااهلي نادرا جي آهي ان ۾ اسان جو ڪو به ڏوهه ناهي پهرين مرحلي ۾ شڪايتي سيل کي ٽوٽل 567 شڪايتون موصول ٿيو جن ۾ گهڻيون شڪايتون ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جون هيون جڏهن ته ٻين شڪايتن ۾ پينسل جي استعمال ٿيڻ، فوٽو ڪاپي استعمال ڪرڻ  به هو، ملندڙ شڪايتن بابت فوري طور تي ڪاروائي ڪئي وئي ۽ ان دوران پينسل استعمال ڪرڻ ۽ فوٽو ڪاپي استعمال ڪرڻ ۾ ملوث ڳڻپ کاتي جي عملي مان هڪ عورت سميت 6 ڄڻن تي ڪاروائي ڪئي وئي ۽ انهن کي معطل ڪيو ويو. ڳڻپ دوران ڪراچي مان هڪ انڊين کي گرفتار ڪيو ويو ٻئي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جڏهن ته افغان بستين کي ڳڻپ واري مرحلي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ڳڻپ جو ٻيو مرحلي ۾سنڌ جي ٽوٽل 20838 بلاڪن تي شروع ٿيندو جنهن ۾ لاڙڪاڻو جي 5007 بلاڪ،،سکر ۾ 2785 بلاڪ،شهيد بينظيرآباد ۾ 3550 بلاڪ، حيدرآباد 6633 بلاڪن ۽ ميرپورخاص ڊويزنل جي 2863 بلاڪن کي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جتي  31 مارچ کان 2 اپريل تائين گهر شماري جڏهن ته 3 اپريل کان 12 اپريل تائين آدمشماري ڳڻپ ڪئي ويندي،جڏهن ته بي گھر ماڻهن لاءِ 13 اپريل ۽ کدڙن فقيرن جي ڳڻپ لاءِ 14 اپريل  وارو ڏينهن مقرر ڪيو ويو آهي. پهرين بلاڪ ۾ ڳڻپ کان رهجي ويل گهر شماري 25 اپريل کان 27 اپريل تائين ٿيندي، جڏهن ته پهرين بلاڪ مان آدمشماري ۾ رهجي ويلن جي ڳڻپ 28 اپريل کان 7 مئي تائين ڳڻپ ڪئي ويندي.جڏهن ته ٻئي مرحلي مان رهجي ويل بي گهر ماڻهن جي ڳڻپ 8 مئي تي ڪئي ويندي، ۽ کدڙن فقيرن جي ڳڻپ 9 مئي تي ٿيندي،  اهڙي طرح  ٻئي مرحلي ۾ رهجي ويل  گهر شماري جي ڳڻپ 11 مئي کان 13 مئي تائين ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻئي مرحلي جي آدمشماري ڳڻپ کان رهجي ويل جي ڳڻپ 14 مئي کان 23 مئي تائين ڪئي ويندي،