تازيون خبرون

Daily Archives: March 2, 2017

سلمان خان ۽ جيڪولين هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اسڪرين تي گڏ نظر ايندا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان ۽ سريلنڪن سندري جيڪولين فرنانڊس هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اسڪرين تي گڏجي ڪم ڪندي نظر ايندا. سلمان خان ۽ جيڪولين فرنانڊس 2014ع ۾ رليز ٿيل فلم ”ڪِڪ“ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا هئا، جنهن باڪس آفيس تي ڳاٽي ٽوڙ بزنس ڪيو، جڏهن ته ٻنهي جي اداڪاريءَ جي پڻ ساراهه ڪئي. هاڻ اهي خبرون اچي رهيون آهن ته سلمان خان ۽ جيڪولين فرنانڊس فلم ”ڪِڪ“ جي سيڪوئل ۾ پڻ گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا.27

 

بگ بي ”سرڪار ٿري“ سان پنهنجي اينگري ينگ مين لڪ ۾ واپس اچي ويو، ٽريلر جاري، فلم مان گهڻيون اميدون آهن: اميتاڀ بچن

ممبئي (شوبز نيوز) فلم بالي ووڊ جي نالي واري اداڪار اميتاب بچن پنهنجي فلم سرڪار ٿري سان پنهنجي اينگري ينگ مين لڪ مين واپس اچي ويو آهي اداڪار جي فلم سرڪار 2005 ۾ رليز ٿي هئي ان فلم جو ٻيو حصو 2008 ۾ سرڪار راڄ جي نالي سان رليز ٿي جڏهن ته هاڻي فلم جو ٽيون حصو هلندڙ سال 14 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو. فلم ۾ اميتاب بچن سان گڏوگڏ اداڪار اميت سيد جيڪي شروف منوج واجپائي ۽ يامي گوتم اهم ڪردار ۾ نظر ايندا. اميتاب بچن ۽ جيڪي شروف به سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي فلم جي ٽريلر کي مداحن سان شيئر ڪيو ياد رهي ته فلم سرڪار ۾ اداڪار اميتاب بچن جو پٽ ڏيکاريو ويو هو جنهن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته سرڪار راڄ ۾ اميتاب بچن ٻئي پٽ جو قتل ٿيو هو جنهن کي ان جي پنهنجي پٽ اڀيشڪ بچن ادا ڪيو هو ۽ سرڪار ٿري جي ٽريلر موجب ان جي فلم ۾ اميتاب بچن جو پوٽو اهم ڪردار ادا ڪندو فلم سرڪار ٿري، سرڪار راڄ جي رليز جي 9 سالن کان پوءِ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن چيو آهي ته مون کي پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”سرڪار ٿري“ مان گهڻيون اميدون آهن. ممبئي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اميتاڀ بچن جو چوڻ هو ته مان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي سرگرم آهيان، منهنجي چاهيندڙن جو انگ به ٻين فنڪارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان اڄوڪي دور ۾ سوشل ميڊيا جو حصو آهيو ته توهان کي هر وقت سٺو ۽ خراب ٻڌڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، ڇو ته هتي ماڻهو توهان جي راءِ کي پڙهڻ بعد گهڻو ڪجهه چئي ڇڏيندا آهن.27

 

ڪراچي ڪنگز جي سهيل خان ڪامياب ترين بالر قرار

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز جو سهيل خان ڪامياب ترين بالر رهيو هن 8 مئچن ۾ 27.3 اوورن ۾ 208 رنسون ڏيئي 13.86 جي اوست سان 15 وڪيٽون حاصل ڪيون ٻئي نمبر تي اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ريمان رئيس ستن مئچن ۾ 26 اوورن ۾ 162 رنسون ڏيئي 12 وڪيٽون ورتيون ٽئين نمبر تي ڪراچي ڪنگز جي اسامه ميئر ستن مئچن ۾ 25 اوورن ۾ 202 رنسون ڏيئي 12 وڪيٽون ورتيون چوٿين نمبر تي اسلام آباد يونائيٽيڊ جي محمد سمي 9 مئچن ۾ 11 اورن ۾ 216 رنسون ڏيئي 12 وڪيٽون ورتيون پنجين نمبر تي پشاور ظلمي جي وهاب رياض 8 مئچن ۾ 26 اوورن ۾ 166 رنسون ڏيئي 10 وڪيٽون ورتيون پاڪستان سپر ليگ سيزن ٽو ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز ڪراچي ڪنگز جي بابر اعظم وٽ آهي. هن 9 مئچن جي 9 اننگز ۾ 290 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ هڪ نصف سينچري به شامل آهي. ان جو وڌ کان وڌ انفرادي اسڪور 50 رنس آهي ٻئي نمبر تي اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڊيون سمٿ 9 مئچن جي 9 اننگز ۾ 274 رنسون ٺاهيون جن ۾ ٻه نصف سينچريون شامل آهن ان جو وڌ کان وڌ اسڪور 72 رنسون آهي. ٽئين نمبر تي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو رلي روسو 9 مئچن ۾ 255 رنسون ٺاهيون جن ۾ 2 نصف سينچريون شامل آهن ان جو وڌو کان وڌ اسڪور 76 رنسون آهن چوٿين نمبر تي لاهور ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو احمد شهزاد 9 مئچن ۾ 241 رنسون ٺاهيون جن ۾ 3 نصف سينچريون شامل آهن ان جو وڌ کان وڌ اسڪور 71 رنس آهي پنجين نمبر تي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ڪيون پيٽرسن 9 مئچن ۾ 241 رنسون ٺاهيون جن ۾ 2 نصف سينچريون شامل آهن ان جو وڌ کان وڌ اسڪور 88 بغير آئوٽ ٿيڻ جي آهي.

 

شهريارخان سان ملاقات ڪري پنهنجي مستقبل جي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندس: مصباح الحق

شارجا (شوبز نيوزپاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته هو پي سي بي جي چيئرمين شيريارخان سان ملاقات ڪري پنهنجي مستقبل جي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو هڪ انترويو ۾ مصباح الحق چيو ته هو ويسٽ انڊيز سيريز کيڏڻ لاءِ تيار آهي پر ان جي ڪپتاني جي معاملي جو فيصلو پي سي بي ڪندي هن چيو ته مان هڪ ٻن ڏينهن ۾ پي سي بي جي چيئرمين سان ملاقات ڪندس ۽ ان کي پنهنجي منصوبن جي حوالي سان ٻڌائيندس مان سيريز جي لاءِ موجود آهيان پر منهنجي ڪپتاني بورڊ جي هٿ ۾ آهي ۽ چيئرمين جيڪو فيصلو ڪندو ڪراچي ڪنگز جي هٿان شڪست ٿيڻ واري معاملي تي اسلام آباد يونائيٽيڊ جي رانديگر مصباح الحق 127 جو حدف ايترو وڌيڪ نه هو هن چيو ته اسان جي بيٽنگ خراب هئي هن چيو ته ڪراچي ڪنگ جا بالر تمام سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري پر اسان جي بيٽنگ سٺي نه هئي. هن چيو ته ٻنهي گذريل سيشن ۾ سٺو کيڏيو هو ۽ هو ٻئي سٽي فام ۾ هئا. سرجيل ۽ خالد جي نڪرڻ سان اسان جي ٽيم ۽ پلانز کي وڏو متاثر ڪيو.

 

اقتصادي راهداري تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.!!:ُ غلام مصطفيٰ جمالي

موجوده حڪومت جي ڪوششن سان چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي.جنهن تي ڪم  تيزي هلي رهيو آهي،جنهن کي”سي پيڪ”به چيو ويندو آهي.جڏهن ته اهو به وقت هو جڏهن پاڪستان بيروني سرمائيڪاري جي حساب سان پويان وڃي رهيو هو.۽ پاڪستان جي معشيت بهتر ٿيڻ جا به ڪي اثرات نظر نه اچي رهيا هئا.انهي پريشاني واري عالم ۾ پاڪستان جو ويهجو رهندڙ پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ چين جنهن کي پاڪستان جو خيرخواهه چئجي ته به ڪجهه غلط نه ٿيندو.انهي پاڙيسري ملڪ پاڪستان جي معيشت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ46ارب رپين ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪندي اقتصادي منصوني جي شروعات ڪري ڏني .جڏهن ته اها سيڙپڪاري پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي.هي اهو منصوبو انهي وقت جوڙيو ويو هو.جڏهن پاڪستان سان دنيا جا ملڪ سيڙپڪاري ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهي جو تصور ڪرڻ کان به لهرائي رهيا هئا.جڏهن ته ان وقت پاڪستان جي معيشت کي ڪرندي ڏسي ڪري.پاڪستان جو هڪ پاڙيسري ملڪ انڊيا جيڪو صدائي ٻين جي ڪلهن تي تير هلائڻ جو ماهر آهي.انهي نه رڳو پاڪستان جي معيشت کي ملڪ اندر سندس ايجنسي“را“ جي مٿان دهشتگردي ڦهلائي ڪري نه رڳو ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پر پاڪستان جي ٻئي پاڙيسري ملڪ افغانستان اندر پنهنجي ايجنسي جا اڏا قائم ڪري.پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۽ سنڌ جي شهر شهرن اندر موت جي راند کيڏي.جڏهن ته انهي دهشتگردي اندر پاڪستان هڪ  سياسي پارٽي جو شامل هجڻ جا ڪيترائي انڪشاف مليا آهن.جيڪا پاڻ کي سنڌ جي خيرخواه پارٽي سمجهي ٿي.جنهن کي دنيا وار ايم ڪيو ايم جي نالي سان سڃاڻن ٿا.هن وقت موجوده حڪومت جي ڪوشش ۽ خاص طور جي پاڪستان جي انهي دلير فوجي قيادت  جي ڪوشش جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري گهٽ آهي.ملڪي فوج نه رڳو قوم ۽ ملڪ جي امن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي آهي.پر انهي ملڪ جي معيشت ۽ پاڙيسري ملڪن جا پنهجا تعلقات بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن.۽ انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو،افغانستان پاڪستان سان پنهنجا تعلقات بهتر ڪيا آهن.پر افغانستان اندر موجوده را کي به پاڪستان اندر دهشتگردي نه ڪرڻ  جي وارنگ ڏني وئي آهي.جڏهن ته پاريسري ملڪ جا بهتر ٿيندڙ تعلقات يقينن انهي ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان پنهنجي وڌندڙ معيشت جي مشن جي سفر تي روان دوان آهي.۽ انهي پاڙيسري ملڪ جا بهتر ٿيندڙ تعلقات پاڪستان اقتصادي ارهداري کي پڻ وڏو فائدو پهچائيندا.ڇو ته ڀارت هميشه پاڪستان جي اقتصادي راهداري جي خلاف رهيو آهي.جڏهن ته اقتصادي راهدي جو منصوبو شروع ٿيڻ کان پوءِ چين پنهنجي ايجنيئرن کي انهي منصوبي جي ويجهو ڪراچي اندر رهائش ڪرائي آهي.ان ڪري انڊيا اهو منصوبو جوڙيو هو ته ڪنهن به طريقي سان ڪراچي جو امن خراب ٿي.پوءِ انهي منصوبي کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ انڊيا پنهنجي ايجنسز کي افغانستان کان پاڪستان جي صوبي بلوچستان اندر پهچائي ڪري کين ڪراچي اندر داخل ڪيو.جڏهن ته انهي ڪراچي اندر انهي ڀارتي ايجنسي “را“ کي ڪراچي اندر انهي ايم ڪيو ايم سياسي پارٽي جي هٿي ملي جيڪا ڪراچي کي پنهنجي جاگير سمجهي ٿي.جڏهن ته انهي ايم ڪيو ايم ڪراچي جي امن امان خراب ڪرڻ لاءِ ڇا ڪجهه نه ڪيو.جڏهن ته پاڪ آرمي ۽ ريجنرس جيڪي ڇاپا هڻي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن گرفتار ڪيا. انهن نه رڳو پنهنجو پنهنجو ڏوهه قبوليو پر انهي ڳالهه جو اعتراف پڻ ڪيو ته انهن جا ڀارتي ايجنسي “را“سان تعلقات آهن.۽ انهن ڪراچي اندر دهشتگردي ڦهلائڻ لاءِ ڀارتي انجنسي ”را“کان ٽرينگ پڻ ورتي هئي.جڏهن ته ڪراچي اندر ريجنرس  وڏي تعداد ۾ انهي گروهن کي گرفتار ڪري کين سزائون ڏنيون.جڏهن ته ڪيترائي دهشتگردن ڪراچي مان ڀڄي ويا.۽ ڪراچي انهي ريجنرز ۽ پاڪ آرمي جي ڪوشش سان دهشتگردي کان پاڪ ٿي ويو.ڪو وقت هو جڏهن ڪراچي اندر ڪو ڏهاڙو ملهائڻ به مشڪل هو.جڏهن ته پاڪستان جي آزادي وارو ڏينهن چوڏهن آگسٽ به ملهائڻ لاءِ ڪراچي واسي دهشتگردي جي ڊپ کان سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن کان رخ ڪندا هئا.

پر پاڪ آرمي ۽ ريجنرز جي امن ڪرائڻ کان پوءِ انهي دفعي ڪراچي اندر وڏي ڌام ڌوم سان قومي ڏهاڙو ملهايو ويو.هر گلي هر چوڪ تي جشن آزادي جا نعرا گونجڻ لڳا هئا.نه رڳو قومي آزادي وارو ڏهاڙو ملهايو ويو هو پر هن ڀيري سنڌ جي ثقافت جو ٽوپي اجرڪ وارو ڏهاڙو ملڪ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو هو.هر طرف سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا رنگ نمايا نظر آيا هئا.جڏهن ته اهڙي آزادي واري ماحول کي ڏسي ڪري نه رڳو اسان جي دوست چين ملڪ خوشي جو اظهار ڪيو پر اقتصادي راهدي جي منصوبي جي شروعات ڪرڻ ۾ ڪا دير نه ڪئي..هن وقت بلوچستان جي بندرگاه گوارد اندر گهري سمونڊ اندر اهم ترين بندرگاهه جو ڪم شروع ڪيو ويندو.جنهن ڪري پاڪستان جي علائقي تجارت کي پڻ تمام گهڻو فائدو ٿيندو.جڏهن ته ان سان گڏ چين،افغانستان، ۽ ٻين ايشائي ملڪن کي پڻ تمام گهڻو فائدو ٿيندو.جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ گوادر جي اهائي حيثيت هوندي.جيڪا دبئي ۽ سينگاپور جهڙن ملڪ کي عالمي حيثت آهي.اقتصادي راهدي منصوبي تحت انفراسٽرڪلچر جو پورو نظام ٺاهيو ويندو.جنهن ۾ موٽرويز، ايڪپسپريس ويز، جي اعليٰ ٻيا به جديد منصوبا جوڙيا ويا آهن.جڏهن ته انهن منصوبن ۾ هڪ اهم منصوبو انڊسٽريل زونز منصوبو ٺاهيو ويندو.۽ ريلوي جو جديد نظام شروع ڪيو ويندو.جيڪي ريلوي في 160ڪلوميٽر جي رفتار سان هلايون وينديون.جيڪي موجوده هلندڙ ريلويز کان ٻه حصا وڌيڪ تيز رفتار هوندي.ان کان اعلاو پاڪستان کي توانائي جي بحران مان ڪڍڻ کان30ارب رپين ڊالرڊ جي ماليت جو پروجيڪٽ پڻ شروع ڪيو ويندو.جنهن سان پاڪستان مان لوڊشيٽنگ جو خاتمو ٿي سگهندو.جڏهن ته توانائي جي بحران جي ختم ڪرڻ لاءِ قدرتي گئيس جا اهم منصوبا به اقتصادي راهدي ۾ شامل ڪيا ويا آهن.انهي ڪري انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي به اقتصادي راهدي پاڪستان جي عوام جي تقدير بدلائي سگهي ٿو.انهي ڪري جڏهن ته اهڙا موقعا ايندا آهن ته زنده دل قومون پاڻ اندر سمورا اختلاف وساري ڪري انهي منصوبن تي هڪ تي انهي جي ڪامياب ڪرائڻ جون ڪوششون ڪندا آهن.پر پاڪستان اندر اهڙي صورتحال تمام گهٽ نظر اچي رهي آهي.جڏهن ته اقتصادي راهداري جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.ان ڏينهن کان وٺي پارٽين جا پاڻ ۾ اختلاف به وڌي ويا آهن.۽ هر پارٽي پنهنجي پنهنجي نظري سان اقتصادي راه داري کي ڏسي رهيو آهي.۽ پنهنجي پنهنجي نظرياتي سوچ مطابق انهي اقصادي راهداري جي باري ۾ بيان ڏئي رهيو آهي.جڏهن ته اها به هڪ حيقيت هئي ته پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان وٺي انهي دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيوآهي.جيڪا دهشتگردي پاڪستان حڪومت جي معيشت کي خاصو نقصان پهچايو ٻيٺي هئي.جڏهن ته انهي دهشتگردي جنگ ۾ پاڪستان جي جاني توڙي مالي تمام گهڻو نقصان پهتو هو.جڏهن ته 60هزار کان وڌيڪ پاڪستاني اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن،جڏهن ته پاڪستان جي ماليت جو اندازو لڳائجي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿيندو.جڏهن ته ان کان اعلاو پاڪستان اندر ڪرپشن جي بازار به خاصي گرم آهي جنهن جي پاڪستان جو خاصو پيئسو انهي ڪرپشن جي ڪري مڊي لارڊنگ ڪري ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويو آهي.جڏهن ته جنگ جي صورتحال اندر دنيا جي ملڪ جو جائزو وٺو ته ٻئي عالمي جنگ ۾ پورو يورپ تباه ٿي چڪو هو.۽ ان وقت آمريڪا يورپ کي اقتصادي  بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ مارشل پلان عمل ۾ آندو.جنهن سان تباهه ٿيل مغربي يورپي ملڪ1948۾13ارب ڊالر جي سرمائڪاري ڪئي.جيڪا هن وقت موجوده دور اندر150ارب ريپن ڊالرن تي وڃي پهچي ٿي.ان وقت آمريڪا،۽سوويت يونين جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي چڪي هئي. ان ڪري اهو پلان صرف مغربي يورپ جي لاءِ هو،جيڪو آمريڪا جي بلاڪ جو حصو هو.جڏهن ته مشرقي يورپ سوويت جو حصو هو.ان ڪري ان جي بحالي کي زميواري سوويت جي حصي ۾ آئي.جڏهن ته انهي جنگ جو اختتام1980سال جي آخر ڏهاڙي ۾ ٿيو.جنهن اندر سوويت وکرجي ويو ۽ آمريڪا دنيا جو ٺيڪدار بنجي ويو.ان وقت آمريڪا هن وڏي غلطي ڪئي.جنهن ڪري هن افغانستان ۽ فرنٽ لائين ملڪ پاڪستان ۽ فراموش ڪري ڇڏيو هو.جڏهن ته اهو موقعو هو جنهن ۾ آمريڪا کي گهجرجي ها ته افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ مارشل پلان جي طرزتي بحالي جنگ جو منصوبو پيش ڪري ها.انهي ته ان وقت جي صدر جارج بش جي انهي غلطي کي سزا کي پورو دينا ڀوڳي رهي آهي.پر ان کانپوءِ ڪو وقت آيو جڏهن انهي صدر جا جارج جوئينير دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪرڻ چاهي.جڏهن ته هو پنهنجي پيءِ کان به وڌيڪ غلطين ۽ خامين جو انسان بڻيو، جنهن جي ڪري.پوري خطي ۾ سندس اهميت نفرت ۾ تبديل ٿي وئي.جڏهن ته ان جي جڳهه چين ولاري ورتي. ۽ انهي پارو واري ملڪ چين پنهنجي چئني طرف پنج اقصادي راهدايون شروع ڪيون.۽ پاڪستان اقصادي راهدي انهي راهدارين جو حصو آهي.جنهن سان چين کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو.۽ پاڪستان خوشحالي ۽ تريقي جي دور ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪندو.ان ڪري اقصادي راهداري جي ڪاميابي لاءِ هر پاڪستاني عوام جي هر ماڻهو جي انهي جي اختتام پهچڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.جڏهن ته اقصادي راهداري کي وچ ۾ آڻي ڪري ڪنهن به سياسي پارٽي کي انهي جي نالي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.پاڻ اندر جيڪي سياسي پارٽين اندر اختلاف آهن انهن کي ختم ڪرڻ گهرجن ۽ اقصادي راهداي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪرڻ گهرجي

 

 

سنڌ ۾ بيڊ گورننس ۽ ڪراچي ۾ داعش جي مضبوط نيٽ ورڪ هئڻ جي تصديق…..!!

پاڪستان جي حساس اداري سنڌ ۾ بيڊ گورننس، سياسي تنظيم ۾ ٽوڙ ڦوڙ ۽ جامع آپريشن نه ٿيڻ، پوليس ۾ سياسي مداخلت جي ڪري ڪراچي ۾ داعش جي مضبوط نيٽ ورڪ هجڻ جي تصديق ڪندي ان دهشتگرد تنظيم جي هڪ دفعو ٻيهر اڀرڻ جو خطرو ظاهر ڪندي داعش جي سڏ تي شام ۽ عراق ۾ وڙهندڙ پاڪستاني نوجوانن جي واپس اچي دهشتگردي ۾ ملوث ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي قومي سلامتي جي صلاحڪار کي جامع رپورٽ موڪلي ڇڏي آهي. حساس اداري پاران موڪليل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڏي سياسي پارٽي ۾ ٽوڙڦوڙ کانپوءِ ٽڪراءُ ۽ آپريشن ۾ نرمي سبب شهر ۾ داعش جي اڀرڻ جو خطرو آهي جڏهن ته ڪالعدم، القاعده، تحريڪ طالبان داعش سان گڏجي افغانستان ۾ ٻيهر منظم ٿي رهي آهي ۽ ان سان دهشتگردي وڌڻ ۽ ڀارت ۽ افغانستان طرفان سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ سازشون تيار ڪيون ويون آهن. حساس اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته صفوران ڳوٺ سانحي ۾ ملوث جوابدار داعش سان رابطي ۾ هئا جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ داعش جو فعال نيٽ ورڪ موجود آهي ۽ آپريشن ۾ نرمي سبب داعش هڪ دفعو ٻيهر پوري سگهه سان اڀري سگهي ٿي. گورننس جي مسئلن، غيرقانوني رهندڙ پناهگيرن ۽ پوليس ۾ سياسي مداخلت شهر جي امن لاءِ وڏو خطرو آهي، پوليس کي مڪمل اختيار ملڻ تائين شهر جي سيڪيورٽي صورتحال بهتر نه ٿي ٿي سگهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته داعش جي سڏ تي شام ۽ عراق وڃي وڙهندڙ پاڪستاني نوجوان واپس اچي دهشتگردي خاص طور تي فرقيواريت ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا. ان کانسواءِ ازبڪستان اسلامي تحريڪ جي داعش ۾ شموليت به پاڪستان جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي ڇو ته پاڪستان ۾ به اهڙا ڪيترائي دهشتگرد گروهه متحرڪ آهن جيڪي داعش ۾ شموليت اختيار ڪري سگهن ٿا جڏهن ته رپورٽ ۾ بلوچن جي باقي گروپن کي به پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي.

 

ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽريڪچر کان سواءِ اقتصادي ترقي ممڪن ناهي، سي پيڪ سان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا وارو خطو گڏجي ويندو: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ)وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته سي پيڪ سان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا وارو خطو گڏجي ويندو اقتصادي تعاون تنظيم کي هڪ طاقتور اقتصادي بلاڪ بنائڻ ۽ ترقي ڏانهن اڳڀرائي لاءِ موثر ادارا بنائڻ جي گڏيل ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان وٽ بينادي ڍانچو موجود آهي پاڻ ۾ رابطن کي هٿي ڏيئي ان انگن اکرن ۾ واڌ ڪري سگهون ٿا ايشيا جي اقتصادي ۽ واپاري مقصد هجڻ جي پنهنجي تاريخي ڪردار کي زنده ڪرڻ وقت اچي ويو آهي ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽريڪچر کان سواءِ اقتصادي ترقي ممڪن نه آهي اربع تي اقتصادي تعاون تنظيم جو تيرهون سربراهه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جو وزيراعطم نوازشريف کي تنظيم جو چيئرمين چونڊيو ويو اجلاس ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن آزربائيجان قزاخستان قرغستان ايران تاجڪستان ترڪي ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جي ملڪن جي سربراهن ۽ حڪومت کان سواءِ چين جي خصوصي نمائندن شرڪت ڪئي پاڪستان ۾ افغانستان جي سفير سربراهي اجلاس ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪئي اقتصادي تعاون تنطيم 1985 ۾ قائم ڪئي ويئي شروعاتي طور تي ايران پاڪستان ۽ ترڪي ان تنظيم جا ميمبر هئا جنهن جو مقصد ميمبر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ٽيڪنيڪي ۽ ثقافتي تعاون کي هٿي ڏيڻ هو اها تنظيم علائقائي تعاون ترقي جو تسلسل آهي جيڪو 1964 کان 1979 تائين قائم رهيو 1992 ۾ ايڪو ۾ 7 نون ميمبرن جي واڌ ڪئي ويئي جنهن ۾ افغانستان، آزربائجان قزاخساتان ڪرغستان تاجڪستان ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن شروعاتي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان سڀني ملڪن جي صدرن سميت وڌيڪ شريڪ ٿيندڙن کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ چيو ته اجلاس ۾ چين ۽ گڏيل قومن جي نمائندن جي شرڪت تي ٿورائتو آهيان وزيراعظم نوازشريف چيو ته هي بهترين وقت آهي جو اڳتي طرف اڳڀرائي ڪئي وڃي علائقائي خوشحالي لاءِ رابطن جي پنهنجي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ان کان وڌيڪ مناسب وقت پهريان ڪڏهن به نه آيو اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهن اجلاس ۾ سمورا 10 رڪن ملڪن جي 8 مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهه موجود آهن وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان جو محل وقوع بهترين آهي ملڪ ۾ سياسي استحڪام آهي ۽ اقتصادي تعاون تنظيم کي هڪ طاقتور بلاڪ بنائڻ ۽ ترقي ڏانهن اڳڀرائي لاءِ ان کي هڪ موثر اداري بنائڻ جي گڏيل ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان وٽ بنيادي ڍانچو موجود آهي هن چيو ته اقتصادي تنظيم تعاون جو 13هون سربراهي اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن تنظيم جي واڌ جي 25هين سالگرهه آهي اها اقتصادي تعاون تنظيم جي بنيادي اصولن ۽ نظريات جي تجديد جو پرمسرت موقعو آهي هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جو ايجنڊا هميشه عوام سبب ئي ٿيو آهي هن سربراهه ڪانفرنس ۾ اسان ميمبر ملڪن ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ واپاري رستن تي ڌيان ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيئن اقتصادي تعاون تنظيم خطي جي عوام ترقي ڪري سگهي وزيراعظم چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جو خطو غير اهم جاگرافيائي علائقو نه آهي هي هڪ وسيع علائقو آهي جيڪو دنيا جي آبادي جو ڇهون حصو آهي هن خطي ۾ لاتعداد موقعا موجود آهن ۽ دنيا جي آبادي ۾ 16 سيڪڙو ايڪو ملڪن جو آهي جڏهن ته دنيا جي واپار ۾ ان جو حصو صرف 2 سيڪڙو آهي اهڙي طرح ايڪو ملڪن جو دنيا سان واپار ۾ وڏو معمولي حصو آهي وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان ايشيا جي اقتصادي ۽ واپاري مرڪز ٿيڻ واري پنهنجي تاريخي ڪردار کي زنده ڪيون هن چيو ته ان ڪانفرنس جو علائقائي خوشحالي لاءِ رابطن کي هٿي ڏيڻ جو موضوع اسان جي گڏيل ماضي ۽ خوشحال مستقبل لاءِ اسان جي گڏيل ارادن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اقتصادي تعاون تنطيم جي علائقائي تعاون جو هڪ وڏو مثال بڻائي سگهجي ٿو اسان جي عوام جون زندگيون ان زريعي سنواري سگهجن ٿيون هن چيو ته خطي جي ملڪن سينٽرل ايشين ٽرانس يورايشين لينڊ برج جي ذريعي تيزي سان اڀري رهي آهي ٿر ۽ جابلو علائقن کي پار ڪندي تيل ۽ گئس پائپ لائينون مارڪيٽ تائين پهچي رهيون آهن ۽ ريل روڊ نيٽ ورڪس رابطن کي وڌائڻ جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي هن چيو ته اسان کي ڀرپور طريقي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. اها اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته ڏکڻ ايشا ۽ وچ ايشا ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري هاڻي توانائي بنيادي ڍانچي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ رابطن ۽ واپار کي وڌائڻ جو بنيادي منصوبو تسليم ڪيو پيو وڃي هن چيو ته پاڪستان 20 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل صارفين جي منڊي آهي جيڪا وڌندڙ طبقي تي ٻڌل آهي ۽ اسان تمام جلد وچ مشرق آفريڪا ۽ يورپ جي مارڪيٽن تائين آسان تيز ترين ۽ سستي بنيادي ڍانچي کي پهچائينداسين هن چيو ته اي سي او کي هڪ طاقتور اقتصادي بلاڪ ۽ ترقي جو مرڪز بنائڻ جي حوالي سان اسان جي گڏيل ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو محل وقوع سياسي استحڪام ۽ هاڻي وڌندڙ بنيادي ڍانچو اهميت وارو آهي وزيراعظم چيو ته سربراهه اجلاس دوران اعلان اسلام آباد ۽ اي سي او ويزن 2025 جي منظوري عصري اقتصادي چئلينجن سان گڏجي منهن ڏيڻ جي اي سي او جي ميمبر ملڪن جي اتفاق راءِ ۽ عزم جي عڪاسي ڪندي. هن چيو ته اعلان اسلام آباد ۾ واپار ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جهڙن بنيادي شعبن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي جيڪو خطي ۾ تبديلي جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته امن ۽ ترقي لاءِ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي جڏهن ته اي سي او اجلاس دوران گڏيل رابطن کي موثر بنائڻ تي زور ڀريو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اجلاس خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مشاورت جو بهترين موقعو فراهم ڪيو مختلف ملڪن جي سربراهن جي شرڪت اجلاس کي ڪامياب بڻايو هن چيو ته اي سي او کي دنيا جو هڪ متحرڪ ۽ فعال بلاڪ بنائڻو آهي ۽ ان جي حڪومت ويزن پرامن همسائڪي کي يقيني بنائڻ آهي پائيدار ترقي ۽ ان لاءِ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي.

 

ڌمال وقت لوڊشيڊنگ سمجهه کان ٻاهر آهي، سنڌ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين: وڏو وزير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سيوهڻ جي درگاهه ۾ ڌمال واري ڏينهن بجلي جي لوڊشيڊنگ سمجهه کان مٿي آهي، ان جي وزيراعظم سان به شڪايت ڪئي آهي ۽ سڄي سنڌ مان دهشتگردي جو خاتمو آندو ويندو. ملير ۾ هيلٿ سينٽر جي افتتاح کانپوءِ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته سينٽر ۾ پاڻي ۽ بجلي نه آهي، اها سهولت فراهم ڪئي ويندي، خوشي آهي ته 22 سال اڳ جنهن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو هو، ان هيلٿ سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. ملير جي آسو ڳوٺ ۾ تعمير ٿيل هيلٿ سينٽر 4 ڪروڙ 80 لک رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي، هيلٿ سينٽر 36 بسترن تي ٻڌل آهي، جنهن جي پيڙهه جو پٿر 22 سال اڳ رکيو ويو هو. هن چيو ته سيوهڻ شريف درگاهه تي بجلي جي بندش جي معاملي تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو آهي،ڌمال واري ڏينهن لوڊشيڊنگ سمجهه کان مٿي آهي، سڄي سنڌ ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو. وڏي وزير صحت واري وزير سڪندر منڌرو جي آفيس ۾ نه ويهڻ ۽ ڊاڪٽرن جي خوار ٿيڻ ۽ اسپتالن ۾ سهولتون نه ملڻ واري سوال تي چيو ته هو ان تاثر سان اتفاق نه ٿو ڪري صحت وارو وزير سڄي سنڌ جي اسپتالن جو دورو ڪري رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ملير ۾ واٽر بورڊ جي ڊويزن ٺاهي ڇڏي آهي، پاڻي جي وڏي اسڪيم شروع ڪئي پئي وڃي، سڄي سنڌ جي ماڻهن جي بنا فرق خدمت ڪئي ويندي.

 

پي ايس ايل فائنل لاءِ ڀرپور سيڪيورٽي ڏني ويندي: آرمي چيف

لاهور(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف جي ٽيليفون جي ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چيف ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته پاڪ فوج ۽ انٽيليجنس ادارا پنجاب پوليس جي مدد جي لاءِ تيار  آهي ۽ پي ايس ايل فائنل جي لاءِ ڀرپور سيڪيورٽي ڏني ويندي. آرمي چيف يقين ڏياريو ته پي ايس ايل ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو. شهباز شريف ڀرپور سهڪار، حمايت ۽ مدد تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا.

 

ڪراچي آپريشن ۾ نرمي سان داعش جي اڀرڻ جو خدشو، رپورٽ جاري

ڪراچي (اين اين آءِ) گهرو وزارت جي ماتحت حساس اداري جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر کي موڪليل رپورٽ ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ وڏي سياسي پارٽي جي مختلف ڌڙن ۾ تقسيم کان پوءِ تڪرار ۽ آپريشن ۾ نرمي سبب شهر ۾ عالمي دهشتگرد تنظيم داعش جي اڀرڻ جو خطرو آهي جڏهن ته پابندي مڙهيل القاعده تحريڪ طالبان ۽ داعش جو افغانستان ۾ ٻيهر منظم هجڻ سان ممڪنه طور تي دهشتگردي وڌڻ ۽ ڀارت ۽ افغانستان پاران سي پيڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن جي به نشاندهي ڪئي ويئي رپورٽ ۾ چيو ويو ته سفوران ڳوٺ واقعي ۾ ملوث ماڻهن جا داعش سان رابطا هئا ان سان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ داعش جو فعال نيٽ ورڪ موجود آهي جيڪو آپريشن ۾ نرمي کان پوءِ ٻيهر اڀري سگهي ٿو. گورننس جا مسئلا غير قانوني طور تي رهيل پرڏيهي ۽ پوليس ۾ سياسي مداخلت شهر جي امن لاءِ خطرو آهي. پوليس کي مڪمل اختيار ملڻ تائين شهر جي سيڪيورٽي صورتحال بهتر نه ٿي سگهندي رپورٽ موجب داعش جي سڏ تي شام ۽ عراق ويندڙ پاڪستاني نوجوان واپس اچي ملڪ ۾ دهشتگردي خاص طور تي فرقيواريت ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا. ان کان سواءِ ازبڪستان اسلامي تحريڪ جي داعش ۾ شموليت به پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي آهي ڇو ته پاڪستان ۾ به ڪيترائي اهڙا دهشتگرد گروهه موجود آهن جيڪي داعش ۾ شموليت اختيار ڪري سگهن ٿا.