تازيون خبرون

Daily Archives: February 25, 2017

سي پيڪ تي اولهه جي سازش نظر پئي اچي: نواز شريف

انقره (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشرف چيو آهي ته خطي جون ڪجهه طاقتون سي پيڪ کي سٺو نٿيون سمجهن مخالف صرف ڳالهيون ڪري سگهن ٿا پر نئون نسل عقلمند آهي ۽ ان کي خبر آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي اسان ڪنهن جي به برائي نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ ڪنهن ٻئي کي به پاڪستان جو خيال رکڻ گهرجي ماڻهو پڇن ٿا ته توهان 2018 ۾ بجلي پوري ڪرڻ جو واعدو پورو ڪندا جڏهن ته بجلي پهريان ئي پوري ٿي ويئي آهي دهشتگردي خلاف اسان جو پهه پڪو آهي جنگ نتيجي واري نڪرندي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته موٽر وي جو ڄار وڇي رهيو آهي موٽر وي اڍائي سئو بلين جو اثاثو آهي مختلف منصوبن ۾ 100 ملين بچايا ساڍن ٽن سئو اربن جي بچت جي رستن جي منصوبن ۾ به سرگرم آهيان پاڪستان روانگي کان اڳ ناشتي تي پاڪستاني صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته هو ڪنهن جي به برائي نٿو ڪرڻ چاهي هن چيو ته ڪابل کي اندازو ٿيڻ گهرجي ته اسان ان جا خيرخواهه آهيون افغان حڪومت الزام لاڳو ڪندي رهي ٿي پر اسان ايئن نٿا ڪري سگهون وزيراعظم چيو ته اسان جي خطي جون ڪجهه طاقتون سي پيڪ کي سٺو نٿيون سمجهن هن چيو ته پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ ئي ڪرائينداسين. دهشتگردي جي خلاف جنگ بابت وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف اسان جو ارادو اٽل آهي ان لاءِ اسان جي اها جنگ ضرور نتيجي واري نڪرندي هن هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سموريون پارٽيون گڏجي ڪم ڪن ته جيئن وڌيڪ تيزي سان ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي سگهجي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان خنجراب کان چين، افغانستان ۽ قرغستان سان گڏ مواصلاتي رابطا قائم ڪنداسين ۽ ان سان گڏوگڏ ڪابل موٽر وي جي فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم هلندڙ آهي.

 

نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب صورتحال خراب ٿي: آصف زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وچ ۾ جمعي تي بلاول هائوس ۾ ملاقات ٿي آهي ملاقات ۾ فوجي عدالتن جي قيام پانامه ليڪس ۽ آپريشن ردالفساد سميت وڌيڪ معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي آصف زرداري چيو ته آپريسن رادالفساد ۾ اهم ڪاميابي ملندي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪيو وڃي ها ته امن امان جي صورتحال ايتري خراب نه هجي ها دهشتگردي هن وقت خطرناڪ شڪل اختيار ڪري چڪي آهي هن چيو ته جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿئي ها ته اڄ امان امان جي صورتحال اهڙي نه هجي ها سيد خورشيد شاهه چيو ته پ پ پ هميشه دهشتگردي جي خلاف آواز اٿاريو آهي وڏي ايوان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورين پارٽين سان گڏجي آواز اٿاريندا رهنداسين ذريعن موجب پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت پانامه ڪيس جي محفوظ فيصلي سميت دهشتگردي ۽ آپريشن ردالفساد بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي.

 

وزيراعظم اديبن ۽ شاعرن لاءِ اضافي مراعت جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي قومي تاريخي ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ته وزيراعطم نوازشريف اديبن، شاعرن ۽ قلمدانن جي لاءِ انهن سمورن اضافي مالي مراعتن جي قانوني منظوري ڏني آهي جنهن جو اعلان هن گذريل مهيني قلمندان جي چوٿين بين الاقوامي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس جي خطاب ۾ ڪئي هئي جمعي تي ڳالهائيندي عرفان صديقي ٻڌايو ته هن وقت 354 اديبن ۽ شاعرن کي لائف انشورنس جي سهولت حاصل آهي وزيراعظم اديبن ۽ شاعرن جي لائف انشورنس لاءِ انگ 354 مان وڌائي 700 ڪيو آهي هن وقت طبي موت تي هڪ لک ۽ حادثي موت جي صورت ۾ 2 لک وارثن کي بطور انشورنس رقم ادا ڪئي ويندي وزيراعظم اها رقم وڌائي 2 لک ۽ 4 لک رپيا ڪئي آهي. وزيراعظم ان وظيفن جو انگ 500 مان وڌائي هڪ هزار ڪيو آهي ان کان سواءِ وظيفي جي موجوده پنج هزار رپيا ماهوار جي رقم وڌائي 13 هزار رپيا ماهوار ڪئي ويئي آهي عرفان صديق وڌيڪ چيو ته هن وقت اديب پاڪستان جي ذريعي قومي ۽ علائقائي ٻولين جي ڪتابن تي 11 سالياني ايوارڊ ڏنا پيا وڃن وزيراعظم انهن ايوارڊن جو انگ 20 ڪيو آهي ته جيئن نوجوان ۽ عورتون قلمندانن جي به حوصله افزائي ٿي سگهي. وزيراعظم مشهور افسانو نگار ۽ ناول نگار انتظار حسين مرحوم جي نالي تي انتظار حسين ايوارڊ جي به منظوري ڏني آهي هر سال ان ايوارڊ جي حقدار اديبن کي 10 لک رپين جو انعام ڏنو ويندو هن چيو ته وزيراعظم پاران اديبن ۽ قلمندانن جي لاءِ اضافي مالي مراعتون ۽ انهن تي خرچ ٿيندڙ رقم جي منظوري کي ڀليڪار ڪندي توقع ظاهر ڪئي ته اهڙن قدمن سان نه صرف اديبن شاعرن ۽ قلمدانن جي سرپرستي ٿيندي پر علمي ۽ ادبي سرگرمين کي به هٿي ملندي.

 

اڳوڻي ڪمشنر ڪراچي سميت 118 آفيسرن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي احتساب عدالت زمينن ۾ ملوث ڪي ايم سي آفيسرن سميت 118 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي ، عدالت ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب جمعي تي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ نيب اختيارن پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زمينن ۾ ملوث ڪي ايم سي آفيسرن سميت 118 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو، ريفرنس ۾ اڳوڻو ڪراچي جو ڪمشنر سميت محمد شهزاد، صبا اسلام، محسن، محمد شڪور، سيف عباسي ۽ سهيل يار خان سميت وڌيڪ کي نامزد ڪيو ويو آهي ان کانپوءِ عدالت ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

 

ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي وڏي وزير سان ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي جي جاري لهر، سيوهڻ ڌماڪي ۽ ضوبي ۾ نئون بڻايل سڪيورٽي پلان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

پوري قوم دهشتگردي خلاف هٿياربند فوج سان گڏ آهي: اسحاق ڊار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽر چڪلالا ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ پاڪ هوائي فوج جي سربراهه سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ عزم ڪري رکيو آهي، هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف هٿياربند فوج سان گڏ آهي، اسحاق ڊار چيو ته هٿياربند فوج جي ترقياتي ضرورتن کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو ويندو.

 

ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي شهر ۾ سوئيپ ڪندي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( 24 فيبروري) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي شهر ۾ سوئيپ ڪندي، جيالا اُن عظيم الشان ڪاميابي لاءِ تياريون ڪن،پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ بلاول هائوس  ۾ ڪراچي ڊويزن جي سمورن 6 ضلعن جي عهدن لاءِ خواهشمند اميدوارن کان انٽرويوز ورتا، ان موقعي تي پارٽي جا سينئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه، فريال ٽالپر، سينيٽر شيري رحمان، سيد قائم علي شاه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه، نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، سينيٽر عاجز ڌامراه، سينيٽر سعيد غني، راشد رباني، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا،سنڌ جي 6 ڊويزنن ۽ 30 ضلعن جي نون عهديدارن جي چونڊ لاءِ اميدوارن کان انٽرويوز وٺڻ جو اڄ مسلسل ٽيون ڏينهن هو، گذريل سال اپريل ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين سموريون صوبائي تنظيمون تحليل ڪيون هيون ۽ نون عهديدارن لاءِ ضلعي سطح تي ڪارڪنن کان سندن تجويزون ۽ رايا وٺڻ لاءِ صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيون جوڙيون هيون.

 

انٽرپول ايم ڪيو ايم باني جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پاڪستان کان وضاحت طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انٽرپول ايم ڪيو ايم باني جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ايف آئي اي  انٽرپول کي ايم ڪيو ايم باني جا ريد وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي جنهن جو انٽرپول جواب ڏنو ته ڪراچي ۾ داخل ڪيل ڪيس سياسي نوعيت جو لڳي رهيو آهي جڏهن ته انٽرپول ايف آئي اي کان ڪجهه سوالن جا جواب به گهري ورتا آهن. ياد رهي ته گذريل سال ايم ڪيو ايم باني خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو هو ۽ انٽرپول هيڊ ڪواٽر فرانس کي ريڊوارنٽ لاءِ درخواست ڏني هئي.

 

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ نفرت پيدا ڪندڙ اسان جا دشمن آهن: سراج الحق

پشاور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير  سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته خطي جي پائيدار امن ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڪ افغان ۽ دوستاڻا لاڳاپا لازمي آهن، پاڪ افغانستان وٽ دوستي کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن المرڪز اسلامي پشاور ۾ افغان مهاجرين ۽ واپارين جي نمائنده وفد کي خطاب دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي بريالي ميان خيل عبدالحميد جليلي، ملڪ علي خان ۽ ٻين ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري ڪي پي ڪي عبدالواسط ۽ سينيٽر سراج الحق افغان معاملن بابت صلاحڪار شبير علي خان به ساڻس گڏ هو. سينيٽر سراج الحق افغان واپارين، شاگردن، صحافين ۽ مهاجرين کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ صوبائي وزير عنايت الله خان، مظفر سيد، عبدالواسي ۽ امان الله نصرت تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون، سراج الحق چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جيڪي طاقتون نفرت پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن اهي ٻنهي ملڪن جون دشمن آهن. هن چيو ته جڏهن به ڪو واقعو ٿيندو آهي ته بارڊر بند ڪيو ويندو آهي اهو مسئلي جو حل ناهي ۽ اها منفي پاليسي آهي ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته سٺي طريقي سان ان قسم جي مسئلي جو حل ڳولين. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت سان به ان حوالي سان ڳالهائيندو.

 

ملڪ ۾ امن جي لاءِ هڪ پيج تي آهيون، پ پ جي موقف تي حيرت آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ امن جي لاءِ هڪ پيج تي آهيون. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي فضل الرحمان چيو ته سموريون مذهبي پارٽيون ۽ مدرسا پاڪستان جي قانون، آئين ۽ جمهوريت سان گڏ آهن، فوجي عدالتن جي ضرورت وڌي رهي آهي. دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي عدالتن جي ضرورت آهي. هن چيو ته آصف زرداري سان بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو، مذهب ۽ سياست کي مقابلي ۾ آڻڻ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به تڪراري لفظ کي قانون جو حصو نه بڻائڻ گهرجي جڏهن ته مون کي پيپلز پارٽي جي موقف تي حيرت آهي.