تازيون خبرون

Daily Archives: February 23, 2017

پاڪ فوج سڄي ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (اين اين آءِ) پاڪ فوج مطابق سڄي ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ رد الفساد جي نالي سان آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن رد الفساد جو مقصد بنا ڪنهن فرق جي ملڪ ۾ بچيل سچيل دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ آهي، اهو به چيو ويو آهي ته ان آپريشن سان سرحد جي سيڪيورٽي به يقيني بڻجندي، ان آپريشن ۾ هوائي فوج، نيوي، سول فورسز ۽ وڌيڪ سيڪيورٽي ادارا به حصو وٺندا، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت ۾ لاهور ۾ عسڪري قيادت جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، بيان موجب آپريشن رد الفساد نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي جنهن دوران پنجاب ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رينجرز وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪندي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ ۽ بارودي مواد کي قبضي ۾ وٺڻ آپريشن جا اهم جز آهن، آپريشن رد الفساد سان نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ به آهي جنهن دوران پنجاب ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رينجرز وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪندي.

 

 

گذريل ڏينهن نيب فوت ٿي ويو، حديبيه ڪيس ۾ الزام سچ هئا ته انهن کي دفنايو ڇو ويو؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس بابت آئيني درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي، اٽارني جنرل پاران ٻين ڪيسز جا حوالا ڏيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن نيب عدالت جي سامهون فوت ٿي ويو آهي، حديبيه ڪ          يس ۾ الزام سچ هئا ته انهن کي دفنايو ڇو ويو؟ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن الزام غلط آهن ته انهن تي ڀاڙيو ڇو پيو وڃي؟، اٽارني جنرل صاحب اوهان جي مشڪلاتن بابت ڄاڻ آهي، ڪنهن جي نمائندگي ڪرڻ بدران عدالت جي معاونت ڪريو. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته وفاق جي نمائندگي نه پر عدالت جي مدد ڪري رهيو آهيان، منهنجو ڪم عدالت آڏو حقيقتون آڻڻ آهي. اٽارني جنرل دليلن ۾  چيو ته اسيمبلي ميمبر جي نااهلي لاءِ طريقو آئين ۾ ڏنل آهي، وزيراعظم کي عدالت نااهل قرار نه ٿي ڏئي سگهي، درخواستگذار کي پهرين اسپيڪر سان رابطو ڪرڻ گهرجي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ پاران هڪ وزيراعظم کي گهر موڪلڻ وارو فيصلو موجود آهي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ۾ چيو ته هاڻي سوال اهو آهي ته عدالت ڪهڙي حد تائين وڃي سگهي ٿي. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس م چيو ته نيب چيئرمين ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نيب چيئرمين کان سوال آهي، ڇا هو  ٽريفڪ چالان به پڪڙي سگهي ٿو؟. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته نيب چيئرمين  جي جواب تي چئي سگهون ٿا، هو به چاهڻ واور نڪتو آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته ملڪيت ظاهر نه ڪرڻ تي افتخار ڪيس ۾ کيس نااهل قرار ڏنو ويو هو. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته اثاثا لڪائڻ تي سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو آهي، هر چونڊيل نمائيندو اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو پابند هوندوآهي.  اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته ڪيس ۾ 3 کان 5 سالن جي سزا لڳي سگهي ٿي، وزير اعظم کي اثاثن جي تفيصلن ۾ ڇوٽ حاصل ناهي.  اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته نامزدگي ڪاغذن ۾ ڦير ڦار سبب فوجداري ڪيس ٿي سگهي ٿو.  جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته وزير اعظم جي لاءِ نيب انشورنس پاليسي آهي، وزير اعظم جو هڪ دفاع گذريل ڏينهن دفن ٿي ويو هو. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ۾ چيو ته حديبيه پيپرز ۾ رياست مدعي آهي. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته حديبيه پيپرز ۽ پاناما ڪيس معاملي ۾ فرق آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو ويو ته قطري وٽ سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي.

 

دهشتگرد ۽ سندن مددگار جتي به هجن ڳولي سزا ڏني ويندي: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي باقاعده منظوري ڏني وئي آهي. منظوري جو فيصلو گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر ناصر جنجوعا ۽ گهرو سيڪريٽري کان سواءِ پنجاب  جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي آءِ جي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. رينجرز کي اختيار دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت 60 ڏينهن جي لاءِ ڏنا ويا آهن. پنجاب ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي سفارش ايپڪس ڪميٽي طرفان ڪئي وئي هئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته حڪومت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ صوبن کي هر ممڪن مدد ڏيڻ واري پاليسي تي سختي سان ڪاربند آهي. هن چيو ته دهشتگرد ۽ انهن جا مددگار جتي به هجن، ڳوليو ويندو ۽ ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. دهشتگردن خلاف جنگ ۾ مضبوطي ۽ قومي ٻڌي جي ضرورت آهي.

 

 

ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، پابندي مڙهيل تنظيم جا 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اين اين آءِ) سيوهڻ جي واقعي کان پوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڌرتي تنگ ڪئي ويئي آهي ملير جي علائقي ٻڪرا پڙي ۾ پوليس مقابلي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا مارجي ويل دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ضلعي ٽانڪ جو امير گل زمان ۽ آپگهاتي حملي آور به شامل آهي دهشتگرد ليپ ٽاپ بم سان علائقي کي اڏائڻ چاهين پيا مقابلي ۾ مارجي ويل ممڪنه دهشتگردن جا لاش کڻڻ جي معاملي تي ريسڪيو ادارن جا اهلڪار پاڻ ۾ وڙهي پيا پوليس آفيسر به خوب ٻڌايو تفصيل موجب ملير پوليس ڳجهي اطلاع تي بڪرا پڙي ۾ ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪئي ته پوليس کي ڏسندي ئي دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن کان پوءِ پوليس علائقي جو گهيرو ڪيو ۽ جوابي فائرنگ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ڪارروائي ۾ ليپ ٽاپ ۽ دستي بم سميت هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن ان ڏس ۾ ملير جي ايس ايس پي رائو انڪوار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن مان ٻن جي سڃاڻپ گل زمان ۽ تاج محمد جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ جندالله گروپ سان هو هن ٻڌايو ته ڇاپو گلزمان جي موجودگي جي اطلاع تي ئي هنيو ويو اطلاع هئا ته گلزمان پنهنجي ساٿين سان ڪراچي ۾ وڏي دهشتگردي جي ڪارروائي لاءِ موجود آهي پوليس مقابلي ۾ 16 سالن جو آپگهاتي بمبار به مارجي ويو. ايس ايس پي ملير دعويٰ ڪئي ته آپگهاتي بمبار کي پابندي مڙهيل جماعت الاحرار موڪليو هو جڏهن ته هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ لالو جي نالي سان ٿي آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ليپ ٽاپ بم به مليا اهن ليپ ٽاپ بم جيڪڏهن ڦاٽي ها ته وڏي تباهي ٿئي ها. هن ٻڌايو ته دهشتگردن جو وڌيڪ نيٽ ورڪ افغانستان مان هلايو پيو وڃي. آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو هن چيو ته حب ۽ ساڪران جي علائقن ۾ دهشتگرد موجود آهن.

 

خورشيد شاهه، مراد علي شاهه ۽ آصف علي زرداري ۾ ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان اربع تي بلاول هائوس ۾ پ پ پ جي اڳوڻ ۽ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال پانامه ليڪس فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي ٿيندڙ صلاح مشورو ۽ وڌيڪ معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي خورشيد شاهه آصف علي زرداري کي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان حڪومتي موقف ۽ پارلياماني پارٽين جي راءِ کان آگاهه ڪيو ذريعن موجب آصف علي زرداري چيو ته پانامه ليڪس ۽ وڌيڪ قومي معاملن تي پ پ پ سمورين پارلياماني ۽ سياسي پارٽين سان صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکندي. آصف زرداري چيو ته پ پ پ هميشه پارليامينٽ ۽ جمهوري ادارن جي بالادستي ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ جڙيل پاليسي تي پارليامينٽ ۽ پارليماني پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي ۽ جيڪا به پاليسي جڙي اها قومي اتفاق راءِ سان جڙڻ گهرجي ذريعن چيو ته ان اهم صلاح مشوري ۾ پ پ پ جي قيادت طئي ڪيو ته فوجي عدالتن واري مدي ۾ واڌ واري معاملي تي پارليامان ۽ پارليماني پارٽين جي گڏيل موقف جي حمايت ڪئي ويندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اتفاق راءِ سان جيڪا به پاليسي جوڙي ويندي پيپلزپارٽي ان پاليسي جو ساٿ ڏيندي. ذريعن چيو ته پ پ پ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي کي اڄ خميس تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيندڙ پارلياماني پارٽين جي اجلاس ۾ پنهنجي پاليسي کي واضح ڪندي ۽ پ پ پ تجويز ڏيندي ته قومي سلامتي جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي تڪڙي جوڙي وڃي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل قومي ايشن پلان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ۽ عدالتي نظام ۾ سڌارن جي لاءِ قانونسازي پارلياماني پارٽين جي صلاح مشوري سان ڪئي وڃي ۽ حڪومت ان حوالي سان پنهنجي گائيڊ لائين ڏي.

 

نواز شريف هميشه پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو، هاڻ عمران کي به پيش ٿيڻو پوندو: سعد رفيق

اسلام آباد (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف هميشه پنهنجو  پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو ۽ هاڻ عمران خان کي به احتساب لاءِ پاڻ کي پيش ڪرڻو پوندو، اربع تي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ کي هميشه نه صرف پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جي سزا ڏني وئي پر مختلف دورن ۾ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اڄ کان پهريان اها سازش جنرل پرويز مشرف ڪئي ۽ هاڻ عمران خان پاران ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ن ليگ کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته اسان جو ٽرائيل عمران خان ڪري ٿو، ميڊيا ڪري ٿي پر اسان پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، خواجه سعد رفيق چيو ته پاناما جو ڪيس هڪ سياسي ڪيس آهي، جڏهن ته عدالت ۾ آيل ڪيس عدالت جي بدران رستن تي آندو ويو ان ڪري عوام جي عدالت ۾ پاناما جو ڪيس وڙهنداسين.

 

پنهنجي سرزمين کي ڪنهن ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان پنهنجي سرزمين کي ڪنهن ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، پاڪستان جي سڪيورٽي لاءِ پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ خلاف استعمال نه ڏينداسين، ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين به پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني وڃي، هن چيو ته بهتر اهو آهي ته ملڪ دهشتگردن خلاف پاڻ ايڪشن کڻن، فوجي قيادت کي ملڪ اندر ۽ ٻاهر دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته پاڪستان پنهنجي سڪيورٽي لاءِ مجبورن ڪارروائي ڪندو.

 

اڍيالا جيل راولپندي کي دهشتگردن طرفان نشانو بنائڻ جو خطرو، جيل جي سيڪيورٽي پاڪ فوج حوالي

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڊيالا جيل کي دهشتگردن پاران نشانو بنائڻ لاءِ الرٽ جاري ڪيا ويا نجي ٽي وي موجب حساس ادارن پاران الرٽ کان پوءِ اڊيالا جيل جي سيڪيورٽي پاف فوج سنڀالي ورتي ۽ جيل ۾ دهشتگردن جي لاءِ جدا بئرڪ ٺاهيا ويا اڊيالا جيل جي حفاظت لاءِ 200 جوانن تي ٻڌل اسڪواڊ جوڙيو ويو پوليس رينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوان جيل ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪري ورتو ياد رهي ته گذريل ڏينهن چارسده تنگي ڪچهري ٻاهرا آپگهات حملي آور پنهنجو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو هو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿيا هئا.

 

اٽارني جنرل نواز ڪٽنب کي بچائڻ ۾ لڳي پيو آهي: عمران خان

بني گالا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران چيو آهي ته نيب شريف خاندان کي بچائڻ جي  ڪوشش ڪري رهي ۽ نيب کي ڪنهن تي به اعتماد ناهي ڇو ته ان جو به جنازو نڪري چڪو آهي. بني گالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته موٽو گينگ کي خبر آهي هنن وٽ دليل  ختم ٿي ويا آهن،  ڪير به نٿو چوي ته ڪي پي ڪي ۾ رينجرز جي ضرورت آهي. هن چيو ته اٽارني جنرل نواز ڪٽنب کي بچائڻ ۾ لڳي پيو آهي، اٽارني جنرل جي رويي تي شرم اچي رهيو آهي، دعا ٿو گهران ته سڀاني پاناما ڪيس جو فيصلو اچي وڃي، اٽارني جنرل نواز ڪٽنب جي وڪالت ڪري رهيو آهي.  ايف بي آر پيسا جمع ڪرڻ بدران سوديبازي ڪندو آهي.

 

پي ٽي آءِ وٽ پاناما ڪيس بابت ڪي به ثبوت ناهن، سمورا الزام بي بنياد آهن: دانيال عزيز

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان ڪي پي ڪي ۾ 120 ڏينهن دوران احتساب ڪري ڏيکاري وزيراعظم نوازشريف جو نالو پانامه پيپر ۾ نه آهي اسان مٿو جهڪائي عدالت ۾ احتساب لاءِ پيش ٿيا آهيون عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ مني ٽرائيل ۽ فارين فنڊنگ جا ثبوت جمع ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي اربع تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو اڳواڻ نيب جي ڪارروائي جي خلاف وڌيڪ بيان ڏيئي رهيو آهي جنهن پنهنجي ڪڏهن غريبان ۾ جهاتي پائي نه ڏٺي آهي نيب جي چيئرمين کي تبديل ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي نه نيب حڪومت جي اشارن تي ڪم ڪري رهي آهي هن چيو ته نيب جي چيئرمين کي تبديل ڪرڻ ۽ برطرف ڪرڻ جو اختيار نيشنل ججز ڪميشن کي آهي دانيال عزيز چيو ته نيب آزاد ادارو ۽ پنهنجي انداز سان ڪم ڪري رهيو آهي عمران خان پاران سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن کان اڳ گذريل سال سيپٽمبر ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پانامه پيپرن تي ٻڌڻي جي شروعات ڪئي ويئي هئي ۽ ان ۾ سمورا ادارا پيش ٿي رهيا آهن ۽ ان وقت عمران خان قوم کي ورغلائڻ ڌرڻا جلسا جلوس وڳوڙ ۽ لاڪ ڊائون جون ڪوششون شروع ڪيون هيون جڏهن ته ان وقت جي چيف جسٽس چيو هو ته ڪميشن جوڙي وڃي ته ان وقت عمران خان چيو ته نه ڇو ته هو سياست ۾ چور دروازي تان اچڻ چاهي پيو مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته عمران خان ڪي پي ڪي ۾ احتساب لاءِ جنرل رٽائرڊ حامد کي احتساب اداري جو سربراهه مقرر ڪيو هو جڏهن پي ٽي آءِ جي ليڊرن جا نالا آيا ته جنرل حامد کي عهدي تان هٽايو ويو احتساب قانون ۾ ترميم ڪئي ويئي هن چيو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين پاڪستان جي تاريخ جا اهي سياستدان آهن جن ڪرپشن جو اعتراف ڪيو آهي هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي سياست ۾ چور دروازي تان داخل ٿيڻ جا رستا بند ٿي ويا آهن اسان عدالتي فيصلي جو انتظار ڪنداسين ۽ انشاءالله ڪامياب ٿينداسين.