تازيون خبرون

Daily Archives: February 20, 2017

ملڪي گھرو وزارت ۽ پرڏيهي پاليسي ناڪام، گھرو وزارت پابندي پيل تنظيم جي وڪالت پئي ڪري: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته دشمن پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت پابندين وارين تنظيمن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي ۽ وزيراعظم نواز شريف به ان جو اعتراف ڪيو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي. جڏهن ته گهرو معاملن جي صورتحال به سڀني جي اڳيان آهي. موجوده صورتحال ۾ گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي کي هڪ ئي پيج تي رکي جوڙڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته دنيا اسان کي نيو ڪليئر پاور سمجهي ٿي ۽ انهيءَ خوف سبب دشمن اسان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو جن کي پاڪستان جي ترقي پسند ناهي اهي به پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ڪيترن ئي کي اهو به خوف آهي ته پاڪستان ۾ خوشحالي آئي ته هتي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ هي ملڪ اڳتي وڌي دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويندو. دهشتگردي جي پويان ملوث ماڻهن جي خبر لهڻي پوندي پاڙيسري ملڪن جو پاڪستان جي حوالي سان خدشا ڄاڻڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيو پيو وڃي مسجدن، اسڪولن ۽ آفيسن ۾ نه وڃن ۽ اسان جا پاڙيسري ملڪ به اهوئي چاهين ٿا ته پاڪستاني قوم انهيءَ خوف ۾ مبتلا رهي.

 

توهان همٿ نه هاريو الله بهتر ڪندو:آصف زرداري جي ڊاڪٽر عاصم کي آٿت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ ڊاڪٽر عاصم سان ملاقات ڪري ڊاڪٽر عاصم کان خيريت معلوم ڪئي، ڊاڪٽر عاصم حسين آصف علي زرداريءَ کي ٻڌايو ته هڪ ٻئي پويان بيمارين جو شڪار ٿي رهيو آهيان، گردن ۾ به تڪليف آهي، توهان کان سواءِ ڪو به اڳواڻ ملڻ ناهي ايندو، ان موقعي تي آصف علي زرداريءَ جو چوڻ هو ته توهان همٿ نه هاريو، الله بهتر ڪندو.36

 

اولهه جون پاليسيون دهشتگرديءَ ۾ واڌ جو سبب آهن: خواجا آصف

ميونخ (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اولهه جي الڳ رهڻ واري پاليسي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ تمام وڏي رڪاوٽ آهي، اولهه جي پالسين سبب دهشتگرديءَ ۾ واڌ ٿيندي، ميونخ ۾ عالمي سڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف اولهه جي نمائندن کي سڌيون ٻڌايو، اجلاس دوران سندس چوڻ هو ته اولهه ۽ يورپي ملڪن دهشتگرديءَ خلاف پنهنجي پاليسين تي نظر ثاني نه ڪئي ته اها ڳالهه دهشتگرديءَ کي هٿي ڏيڻ برابر هوندي، خواجا آصف جو چوڻ هو ته يورپي ملڪ ۽ اولهه جي الڳ رهڻ واري پاليسي دهشتگرديءَ خلاف جنگ اڳيان وڏي ڀت بڻيل آهي، اولهه جون دهشتگردن خلاف پاليسيون دهشتگرديءَ ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيون آهن.36

 

عوام بنيادي سهولتن کان به محروم آهي پر سياسي پنڊت عياشيون پيا ڪن: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو ۽ ملڪ کي پرامن ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته ظلم ۽ جبر جي نظام جو خاتمو ڪيو وڃي. ناڻي جي غير منصفاڻي ورڇ معاشري کي تقسيم ڪري ڇڏيو آهي، هڪ طرف ڪجهه سياسي اڳواڻ ۽ برهمڻ آهن جيڪي عياشي ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي طرف 20 ڪروڙ عوام آهي جيڪو ڪيڙن ماڪوڙن وانگر رزق ڳولي ٿي پر انهن کي زندگي جي بنيادي صرورتن کان به محروم رکيو ويو آهي. جماعت اسلامي 2018 جي چونڊن ۾ ڪرپٽ ۽ لٽيرن جو رستو روڪڻ لاءِ ديانتدار ۽ باصلاحيت اميدوار ميدان ۾ لاهيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي صوبائي ۽ ضلعي ذميوارن پارٽي جي ٽن ڏينهن واري ليڊرشپ ٽريننگ ورڪشاپ جي پڄاڻي کي سيشن کي خطاب دوران چئي. ان موقعي تي نائب امير محمد حفيظ ادريس، اسدالله ڀٽو ۽ جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ سميت چئني صوبن جا امير ۽ سڄي ملڪ جا ضلعي امير به ساڻس گڏ هئا. سينيٽر سراج الحق جو چوڻ هو ته عوام تبديلي چاهي ٿو ۽ ملڪ جو هر ماڻهو دهشتگردي، بدامني جي نظام کي ختم ڪرڻ جي خواهش ڪري ٿو. هن چيو ته 70 سالن ۾ جمهوريت جي نالي تي عوام جو بدترين ورتاءُ ڪيوويو. حڪمرانن صرف قومي ناڻي کي لٽيو پر آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ کان سوين ارب ڊالرز قرض وٺي هڙپ ڪيا آهن. ملڪ ۾ شريعت لاڳو ڪرڻ لاءِ جيستائين عوام وڏي پئماني تي گڏ نه ٿيندو اهڙن ماڻهن جي غلام ۽ اسٽيٽس جي حامي قوتن ۽ اقتدار تي قابض رهندا ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف جي نظام  ۾ رڪاوٽ رهندا.

 

چترال ۾ سخت برف پوڻ سبب برفاني ڇپون ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت

چترال (اين اين آءِ)چترال ۾ سخت برف پوڻ سبب برفاني ڇپون ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت، اسڪردو ۾ برف پوڻ سبب طبي سهولتون نه هجڻ سبب پنج ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب چترال ۾ لنواري ٽنل جي ويجهو برف جون ڇپون مزدورن جي ڪئمپ تي ڪرڻ سبب 15 ڄڻا دٻجي ويا، صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب ڇپن مان ڇهن ڄڻن جا لاش ۽ انهن سان گڏ 7 کي زنده ڪڍيو ويو آهي. ضلعي انتظاميه موجب ڇپن مان ڪڍيل 7 ماڻهن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهچايو ويو آهي. مقامي ميڊيا موجب 20 ڏينهن کان وڌيڪ علائقن مان رابطا ڪٽجڻ سبب ڳوٺن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آحن جڏهن ته انهن علائقن جا رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن متاثر علائقن ۾ طبي سهولتن جي گهٽتائي، اسپتال تائين نه پهچڻ ۽ ريسڪيو ٽيمن جي پهچ کان پري هجڻ سبب اڃا تائين پنج ڄڻا فوت ۽ ڪيترن ئي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.