تازيون خبرون

Daily Archives: February 18, 2017

سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ وڌي 88 ٿي ويو، 55 لاش وارثن حوالي، 15 لاش اڃان به اسپتال ۾ پيل

سيوهڻ (اين اين آءِ) سيوهڻ ۾ لال شهباز قلندر جي مزار تي ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 88 ٿي ويو آهي جڏهن ته 55 لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن 15 لاش اڃا به اسپتال سيوهڻ ۾ موجود آهن جڏهن ته پنجن لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي جا ٽيسٽ ورتا ويا آهن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ 15 ڄڻا تعلقي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 41 سخت زخمي ڪراچي حيدرآباد ۽ نوابشاهه منتقل ڪيا ويا اهن حضرت لال شهباز قلندر جي مزار ۾ گذريل ڏينهن آپگهاتي ڌماڪي ۾ 80 ڄڻا شهيد ۽ 250 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. 155 زخمين کي طبي امداد ڏيئي فارغ ڪيو ويو آهي صحت کاتي جي اختيارين تصديق ڪندي ٻڌايو ته سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 88 ٿي ويو آهي جن مان 67 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي اختيارين موجب 75 ماڻهن جا لاش سيوهڻ جڏهن ته 5 جا لاش نوابشاهه اسپتال آندا ويا. هوڏانهن سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب جو چوڻ آهي ته ممڪنه طور تي حملي آور مرد هو. ڌماڪو مزار جي اندر ٿيو اڱڻ ۾ ٿئي ها ته جاني نقصان اڃا وڌيڪ ٿئي هئا هن جو چوڻ هو ته جاچ ڪندڙن ڌماڪي واري هنڌ کان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن سي سي ٽي وي وڊيو جي مدد سان جاچ ۾ مدد ملندي. ٻئي طرف قلندر جي پانڌيئڙن خوف ۽ دهشت جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ڌماڪي جي ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ مزار تي روايتي چڙاءُ ۽ دولهه جا آواز گونجڻ لڳا صبح ٿيندي ئي زائرين ٻيهر حاضري ڏيڻ مزار تي پهچي ويا سيوهڻ پهچندڙ زائرين حضرت لال شهباز قلندر جي مزار کولڻ لاءِ احتجاج ڪيو. پوليس موجب زائرين رسا ٽوڙي مزار ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا گزريل ڏينهن ٿيندڙ ڌماڪي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ اهم سرڪاري عمارتن ۽ حساس هنڌن تي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي ويئي آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ اهم مزارن کي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن سنڌ حڪومت پاران سڄي صوبي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

پنهنجي سڃاڻپ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، قوم کي متحد ٿيڻو پوندو: نواز شريف

سيوهڻ شريف (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان اندروني ۽ پرڏيهي دشمنن سان وڙهي رهيا آهيون دشمن جتي به هجن انهن کي ختم ڪيو وڃي دهشتگردي خلاف جنگ جو اسان جي سٺن قدرن سميت عوام جي فتح سان خاتمو ٿيندو. وزيراعظم هائوس جي بيان موجب وزيراعظم صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جي بم ڌماڪي کانپوءِ امن امان جي صورتحال جائزو وٺڻ لاءِ جمعي تي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي افسوسناڪ واقعي بابت ڄاڻ ڏني جنهن ۾ 88 ڄڻا شيهد ۽ 343 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن مان 76 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آحي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي ٺهڻ کان ئي پنهنجي سڃاڻپ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته انتهاپسندن جي خلاف گڏ ٿي وڙهڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ اهي چاهي ملڪ ۾ هجن يا ٻاهريان اچي رهيا آهن مان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون ڪيان ٿو ته دشمن ڪٿي به هجي ان کي پوري رياستي واري طاقت سان چٿيو وڃي. مستقبل جي نسل ۽ ظلم سان منهن ڏيندڙ ٻين ماڻهن لاءِ هڪ ذميواري قرار ڏني ۽ چيو ته اسان کي هر طرح مصبوط ٿيڻو پوندو ۽ خوف کي ختم ڪرڻو پوندو، جتي به هنن کي ڏٺو وڃي انهن جي لعنت ۽ انهن جي مذمت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته منهنجي انتظاميه انهن ماڻهن جي شڪست کي يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، سنڌ جي گورنر محمد زبير ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم قلندر لعل شهباز قلندر واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي عيادت ڪئي، پيپلز  ميڊيڪلز اسپتال نوابشاهه جو دورو ڪيو، آرمي چيف، گهرو وزير، ناڻي وارو وزير، سنڌ جو وڏو وزير وزيراعظم سان گڏ هئا. اسپتال جي ايم ايس وزيراعظم کي اسپتال ۾ آڻيندڙ زخمين ۽ کين ملندڙ علاج بابت ڄاڻ ڏني. وزيراعظم مختلف وارڊن جو دورو ڪيو، زخمين سان ملاقات ڪئي ۽ کين هرممڪن علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.  ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ملڪ دشمن ايجنڊا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، آرمي چيف چيو آهي ته قوم کي پنهنجي سڪيورٽي فورسز تي مڪمل اعتماد ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته فوج پاڪستاني عوام کي درپيش ڪر طرح جي سڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي

 

سڄي ملڪ ۾ دهشتگرد خلاف ڪارروايون، 43 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي هڪ ٻئي پٺيان واقعن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪريڪر ڊائون ۽ جوابي ڪارروائي ۾ 43 دهشگردن کي انجام تائين پهچايو ويو آهي. ڪراچي ۾ 18 جڏهن ته پشاور ڪوئيٽا، بنون، ڊيرا اسماعيل خان، هنگو ۽ اورڪزئي ايجنسي ۾ آپريشن دوران 19 کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا. سيوهڻ کان ڪراچي ايندڙ رينجرز قافلي تي حملو ناڪام بڻائي ڪاٺوڙ لڳ 7 دهشتگردن کي ماريو ويو جنهن ۾ هڪ رينجرز اهلڪار به زخمي ٿيو. ڪراچي جي علائقي منگهي پير ۾ ڇاپو هڻي ڪارروائي ۾ 11 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. گذريل رات ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن موبائيل تي فائرنگ ڪري چار اهلڪارن سميت 5 ڄڻڻ کي شهيد ڪيو. 2 دهشتگرد پوليس جي ڪارروائي ۾ مارجي ويا جڏهن ته 2 فرار ٿي ويا. پشاور ۾ صبح سوير ريگي ۾ پاڪ فوج ۽ پوليس جي سرچ آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.   لعل شهباز قلندر تي ڌماڪي کان پوءِ دهشتگردن رينجرز جي قافلي تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ جوابي فائرنگ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سپر هاءِ وي تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 11 دهشتگردن کي ماريو ويو. ڪراچي جي علائقي سپر هاءِ وي ڪاٺوڙ ۽ منگهي پير ۾ رينجرز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 18 شدت پسند مارجي ويا جڏهن ته 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا. رينجرز ترجمان موجب سيوهڻ ڌماڪي جو ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪرڻ لاءِ ايندڙ پاڪستان رينجرز جي قافلي تي سپر هاءِ وي ڪاٺوڙ لڳ دهشتگردن طرفان حملو ڪيو ويو آهي. دهشتگردن رينجرز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ست دهشتگرد مارجي ويا. فائرنگ سبب هڪ رينجرز اهلڪار به زخمي ٿي پيو.

 

نيشنل ايڪشن پلاڻ تحت 1808 دهشتگرد ماريا ويا: گهرو وزارت

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيشنل ايڪشن پلان جي تحت سڄي ملڪ ۾ 1808 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 5611 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو نجي ٽي وي گهرو وزارت جي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته ايڪشن پلان تحت سڄي ملڪ ۾ 1808 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 5611 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو ڪراچي آپريشن ۾ گڏيل طور تي 69179 جوابدارن کي گرفتار ڪيو جن ۾ 890 دهشتگرد، 676 انتهائي گهربل اشتهاري ۽ 10426 فرار جوابدار شامل آهن گرفتار جوابدارن ۾ 124 اغوا ڪندڙ 545 ڀتي خور ۽ قتل جي 1834 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو انهن جوابدارن مان مختلف قسمن جا 16304 هٿيار هٿ ڪيا ويا رپورٽ موجب ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 69، قتل جي واقعن ۾ 50 ۽ دهشتگردي ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ٿي اسلام آباد ۽ پنجاب جي مدرسن جي رجسٽريشن 100 سيڪڙو مڪمل ٿي ويئي سنڌ ۾ 80 ڪي پي ڪي ۾ 75 بلوچستان ۾ 60 فاٽا ۾ 85 سيڪڙو مدرسن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي ويئي سڄي ملڪ ۾ 2325 شڪي مدرسه بند ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 2309 ڪي پي ڪي ۾ 13 مدرسه بند ڪيا ويا رپورٽ ۾ چيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ 190 مدرسن کي پرڏيهي فنڊنگ ملي رهي آهي جن ۾ پنجاب کي 147، سنڌ مان 6 ڪي پي ڪي جا 7 ۽ بلوچستان ۾ 30 مدرسا شامل آهن گهرو وزارت ذريعن موجب چڙ ڏياريندڙ تقرير تي 1343 ڪيس داخل ٿيا جن ۾ 2430 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي پنهنجي دهشتگردي خاتمي واري فورس جوڙي آهي جڏهن ته اسلام آباد پنجاب ۽ سنڌ دهشتگردي ٽوڙ فورس جوڙڻ نه ڏني ويئي. اسلام آباد ۾ دهشتگردي خاتمي جي فورس ۾ 500 اهلڪار ڀرتي ٿي سگهيا پنجاب ۾ 1182 ۽ سنڌ ۾ 1000 جي بجاءِ 728 اهلڪار ڀرتي ٿيا آزاد ڪشمير 500 جي بجاءِ صرف 560 اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فوجي عدالتن ٽوٽل 274 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون هيون جن مان 111 دهشتگردن کي قيد جي سزا ٻڌائي ويئي.

 

افغان سفارتڪار جي ايڇ ڪيو طلب، 76 دهشتگرد پاڪستان حوالي ڪرڻ جو مطالبو

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪستان افغانستان ۾ لڪيل 76 دهشتگردن جي لسٽ افغان اختيارين جي حوالي ڪندي مطالبو ڪيو ته انهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پاران جاري بيان موجب افغان سفارتخاني جي اختيارين کي جي ايڇ ڪيو طلب ڪري 76 دهشتگردن جي لسٽ حوالي ڪئي ويئي جيڪي افغانستان ۾ پناهه ورتل آهن پاڪستان پاران افغان اختيارين کي مطالبو ڪيو ويو ته انهن دهشتگردن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي يا انهن کي پاڪستان جي حوالي ڪيو وڃي.

 

حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ ناڪام رهي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرامد ۾ ناڪام رهي آهي خورشيد شاهه پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي مسلسل وارداتن تي سخت ڳڻتي آهي دهشتگردي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد لازمي آهي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت سان مڪمل تعاون ڪيو پر حڪومت علائقائي صورتحال ۽ بين الاقوامي حالتن کي سمجهڻ کان قاصر آهي اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت علائقائي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن کي اهميت نه ڏني ۽ حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ ناڪام رهي آهي. پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت پنهنجو ڪردار نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا اهن پرڏيهي وزارت کي وزير کان سواءِ هلائڻ نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سيوهڻ شريف ۾ درگاهه لال شهبازقلندر ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 88 ڄڻا شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

 

ملڪ ۾ مزارون بند ڪرڻ تي گھرو وزير ڪاوڙجي پيو، هيل تائين جي رپورٽ مرتب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ سميت سڄي ملڪ سڪيورٽي کٽڪن جي بنياد مزارن کي زائرين لاءِ بند ڪرڻ واري معاملي تي وفاقي گھرو وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب سنڌ سميت اسلام آباد جي مزارن کي زائرين لاءِ بند ڪرڻ کان پوءِ وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار  پاران ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي، گھرو وزير پاران جاري بيان ۾ هدايتون ڏنيون ويون آهن ته درگاهن ۽ درٻارن کي بند ڪرڻ بدران مزارن جي سڪيورٽي وڌائي وڃي، گھرو وزارت جو چوڻ آهي ته ڪجھه گرفتاريون به عمل ۾ آيو آهن جنهن جي نتيجي ۾ اصل ذميوارن جو ڏس پَتو ملي ويو آهي، گھرو وزارت جو چوڻ آهي ته هيل تائين جي رپورٽ وزيراعظم ۽ گھرو وزارت کي پيش ڪئي وئي آهي.36

 

هي هڪ اهڙو موقعو آهي جنهن ۾ سموري قوم کي گڏ رهڻو آهي: مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هي هڪ اهڙو موقعو آهي جنهن ۾ سموري قوم کي گڏ رهڻو آهي، سموري فورسز ۽ حڪومت گڏجي ساڍن ٽِن سالن کان جنگ وڙهي رهي آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته دهشتگرد هن وقت چاهين ٿا ته اسان گڏ نه رهون، جيڪڏهن اسان ۾ ٻڌي هوندي ته اسان ڏکئي مرحلي مان به سولائيءَ سان گذري وينداسين.36

 

سيوهڻ بم ڌماڪي ۾ شهيد لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ 10 ڄڻن جا لاش چانڊڪا اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) سيوهڻ بم ڌماڪي ۾ شهيد لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ 10 ڄڻن جا لاش اسپتال چانڊڪا منتقل، 26 زخمين مان 15 کي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو 11 زخمين جو علاج جاري. تصفيل موجب سيوهڻ ۾ خميس واري شام ٿيل بم ڌماڪي دوران شهيد ٿيندڙ لاڙڪاڻي واسي فياض ويسر، جنيب شيخ، خداداد علائقي جا رهواسي سهيل شر ڀينس ڪالوني، ضمير کوکر ۽ ان جو 18 ورهين جو ڀاءُ سمير عرف بلاول، نئون ديري جو رهواسي پيرل خاصخيلي ۽ بشير کهڙو سميت بم ڌماڪي ۾ عورت جي پيٽ ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارڙو به شامل آهي جڏهن ته 26 زخمي جن ۾ تعلقي باڪراڻي جو رهواسي سڪندر علي جتوئي، فرحان علي ڪلهوڙو، رو جهان جمالي جو رهواسي شاهه نواز، ضمير احمد سينچ، نبن سينچ، قمبر جو امين جلباڻي، لاڙڪاڻي جي اميران خاتون کوکر، شير محمد گاد، وزير علي گاد، عامر علي ڪيهر، دلبر شاهه، علي محسن نقوي، شوڪت علي ترڪ، غلام علي ويسر، شبانه چانڊيو، سعيد احمد چانڊيو، جعفر آباد جو رهواسي عبدالجبار سينچ، مشتاق احمد قمبراڻي، جٽ پٽ جو سيفل جکراڻي، رتو ديرو جو آصف علي منگي، ميرو خان جو غلام حسين چنو، عبدالواحد ابڙو ، سجاول جوڻيجو جي رهواسڻ شبانه چانڊيو، واره جو رهواسي سعيد احمد چانڊيو شامل آهن جن مان 15 کي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو جڏهن ته 11 اڃا علاج هيٺ آهن.

 

لعل شهباز قلندر جي مزار تي حملو اسلام ۽ پاڪستان تي حملو آهي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪومت دهشتگردن جي اڳيان بيوس بڻجي وئي آحي ۽ عوام کي پنهنجي حفاظت لاءِ پاڻ کي ئي به اٿي ڪجهه ڪرڻو پوندو. دهشتگردي جي غار وسائڻ لاءِ هر پاڪستاني کي پنهنجي حصي جو پاڻي وجهندو. نيشنل ايڪشن جو مقصد مسجدن ۽ مدرسن جو گهيرو ڪرڻ نه هو، حڪومت نيشنل ايڪشن پلان کي مذهب ڏانهن موڙي ان جي مقصد کي محدود ۽ اصل دهشتگردن کي رليف ڏنو هو. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جيڪڏهن فوجي عدالتون ضروري آهن ته حڪومت سياسي پارٽين سان مشورو ڪري انهن کي اعتماد ۾ وٺي پاڪستان جي ڪرپشن فري خوشحال ملڪ بنائڻ لاءِ “خوشحال پاڪستان فنڊ قائم ڪيا ويا آهن عوام دل کولي ان مهم ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺي ملڪ جي 20 ڪروڙ عوام ناموسِ رسالت جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪنداسين پر 250 سي ۾ ترميم برداشت نه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي صوبائي ۽ ضلعي ذميوارن جي ٽن ڏينهن واري ورڪشاپ اجلاس کي خطاب دوران چئي. فنڊ مهم جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.  ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ، محمد ادريس، ميان محمد اشرف ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. سينيٽر سراج الحق جو چوڻ هو ته دهشتگردن ٻن ڏينهن دوران چئني صوبن ۾ ڌماڪي ڪري ثابت ڪيو آهي ته دهشتگردي جي واقعن ۾ روڪڻ جو ڪو به ڪردار نه هيو. دهشتگرد پاڻ موڪل تي هئا. عوام جماعت اسلامي جي ديانتدار قيادت کي سپورٽ ۽ ووٽ سان گڏوگڏ نوٽ به ڏئي ته جيئن ارب پٽي ڦورن خلاف ڀرپور مهم هلائي سگهجي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ انهن جا بسترا گول ڪري سگهي.