تازيون خبرون

Daily Archives: February 17, 2017

سيوهڻ شريف: قلندر جي مزار تي آپگهاتي حملو، 72 زائرين شهيد، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 250 کان وڌيڪ زخمي، هر طرف قيامت صغريٰ جا منظر، سنڌ ۾ سوڳ

سيوهڻ شريف (اين اين آءِ) سيوهڻ شريف ۾ حضرت لعل قلندر شهباز جي مزار ۾ آپگهاتي حملي دوران 72 زائرين شهيد ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. سنڌ جي وڏي وززير ۽ گورنر فوري طور تي آءِ جي سنڌ کان حادثي جي رپورٽ طلب ڪندي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه کي زخمين کي بهتر علاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  تفصيل موجب سيوهڻ شريف ۾ مشهور صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار ۾ آپگهاتي ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن هزارين زائرين ڌمال جي موجن ۾ مست هئا ته اوچتو آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي کانپوءِ هر طرف قيامت صغرا جا منظر ڏٺا ويا ۽ هرطرف ڀاڄ پئجي وئي ڀاڄ سبب ڪيترائي ماڻهو پيرن هيٺان اچي چيڀاٽجڻ سبب زخمي به ٿيا. جڏهن ته ڌماڪي ۾ 72 زائرين شهيد ۽ 250  کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي دوران فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڌماڪو مزار جي اڱڻ ۾ ٿيو . ڌماڪو ايترو ته زوردار هيو جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو واقعي واري هنڌ امدادي ادارن جون ايمبولنس پهچي ويون ، جن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچائڻ شروع ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو منور مهيسر ٻڌايو ته ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿيا آهن هن تصديق ڪئي ته خميس تي زائرين جو وڏو انگ مزار تي حاضري ڀريندو آهي. پوليس موجب ڌماڪو ٿيندي ئي درگاهه کي چئني طرفن کان گهيري ۾ آندو ويو زخمين جي منتقلي جاري آهي. سنڌ جي صحت واري وزير سڪندر مينڌرو اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي ٻڌايو ته اها خطرناڪ ڳالهه آهي ته اسپتالن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن تصديق ڪئي ته ڌماڪو درگاهه اندر ان وقت ٿيو جڏهن ڌمال ٿي رهي هئي. حملو ڪندڙ سوني دروازي کان مزار اندر داخل ٿيو ۽ ان مزار جي اڱڻ ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ هر طرف اوندهه ٿي وئي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، رينجرز ۽ پوليس مزار کي گهيري ۾ آڻي واقعي بابت تفصيل گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. درگاهه لعل قلندر شهباز ۾ ڌماڪي جو اطلاع ملندي سول اسپتال ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون موڪلون رد ڪري انهن کي ڊيوٽين تي طلب ڪيو ويو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي فون ڪري فوري طور تي امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ ۽ پوليس سميت ضلعي انتظاميه کي واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته دهشتگرد نه مسلمان آهن نه وري انسان آهن وڏي وزير پنهنجي تڪ جي اهم ماڻهن کي به زخمين جي ڀرپور مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آءِ جي سنڌ هدايت ڏني آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي پوليس سيڪيورٽي پلان تي عملدرآمد کي هر سطح تي يقيني بڻايو وڃي. فوري طور تي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ناڪابندي ڪري سرچ واري عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. ڪرائيم سين کي محفوظ بڻائيندي سمورين شاهدين جي جاچ جديد ٽيڪنڪ ذريعي سان ڪئي وڃي. سمورن ڊي آءِ جيز، واسطيدار علائقن ۾ سيڪيورٽي جا سخت قدم کڻن. ڏوهارين جي خلاف پوليس ٽارگيٽيڊ آپريشن، ڇاپا مار ڪارروائين کي تيز ڪيو وڃي. ڄامشورو جي ڊپٽي ڪمشنر اعتراف ڪيو آهي ته درگاهه تي سيڪيورٽي جا انتظام نمائشي هوندا آهن جيڪي تمام خراب آهن جنهن سبب دهشتگردي جي اها ڪارروائي آساني سان ٿي وئي. ذريعن موجب فوت ٿيلن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي جنهن ۾ واڌ جو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي. ڌماڪي کانپوءِ درگاهه جي چئني طرفن کان تلاشي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. مزار جي گادي نشين محمد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ڌماڪي وقت سوين ماڻهو مزار جي اڱڻ ۾ موجود هئا . آخري اطلاع اچڻ تائين ڌماڪي دوران زخمي ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن ڳڻتي جوڳي حالت هئي ۽ شهيد ٿيندڙن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو پڻ ڏيکاريو پئي ويو.

 

لعل شهباز جي مزار تي حملو ترقي پسند پاڪستان جي مستقبل تي حملو آهي: نواز شريف/قمر باجوه

اسلام آباد/راولپنڊي(م.ڊ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته لعل شهباز جي مزار تي حملو ترقي پسند پاڪستان جي مستقبل تي حملو آهي، هن چيو ته اهو ڪنهن هڪ مٿان نه پر هر شخص مٿان حملو آهي. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ صوفي بزرگن تمام اهم ڪردار ادا ڪيو، صوفي بزرگن جي مزارن تي حملو جناح جي پاڪستان مٿان حملو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن مشڪل گذري رهيا آهن، اهڙا واقعا اسان کي خوفزده يا تقسيم نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان کي سڄي دنيا جي انسانن ۽ قومي سڃاڻپ جي بقا جي جدوجهد لاءِ متحد رهڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جي تحفظ لاءِ جيڪو ڪجهه اختيار ۾ هوندو اهو ڪنداسين  بئي طرف  ڊي جي آءِ ايس پي آر ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سيوهڻ شريف ۾ فوري امدادي ڪاررواين جي هدايت ڪئي آهي، آرمي چيف طبي ٽيمن سميت آرمي، رينجرز جي جوانن کي سيوهڻ روانو ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب طبي ٽيمن سميت آرمي، رينجرز جي جوانن کي سيوهڻ روانو ڪيو ويو آهي، سي ايم ايڇ حيدرآباد ۾ زخمين جي لاءِ انتظام مڪمل آهن

 

سي پيڪ مخالف ڀارت جون دفاعي تياريون خطي جي امن لاءِ خطرو آهن: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته سي پيڪ کي ڪمزور ڪرڻ واري ڀارتي منصوبي کان بخوبي آگاهه آهيون پاڪستان ۾ ڀارت جي مداخلت جو معاملو هر عالمي فورم تي اٿارينداسين ڀارت ايل او سي تي ڄاڻي واڻي عام شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي پاڪستان بار بار ڀارت سان احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي عالمي برادري صورتحال جو نوٽيس وٺي افغانستان ۾ دهشتگرد ماڻهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت اهي خميس تي هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته اسان لاهور ۾ دهشتگرد حملي حيات آباد ۾ ججن تي حملا ڪوئيٽا ۾ بم ناڪاره ڪندي هڪ اهلڪار جي شهادت ۽ ايل او سي تي ٽن جوانن جي شهادت جي مذمت ڪيون ٿا. قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي بهادر اهلڪارن کي ملڪ جي خاطر قربانيون ڏيڻ تي سلام پيش ڪيون ٿا. دهشتگردن جي اهڙي طرح جا حملا قوم جي حوصلي کي دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سميت ڪيترن ئي دهشتگرد حملن جي رٿابندي افغانستان ۾ ٿي ۽ لاهور ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي ذميواري پابندي پيل تنظيم جماعت الاحرار قبول ڪئي ۽ جيڪا صرف افغانستان ۾ موجود آهي. آمريڪي جنرل به افغانستان ۾ دهشتگرد تنطيمن جي باري ۾ رپورٽ ڏيئي چڪو آهي هن چيو ته افغانستان کان انهن تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪري پاڪستان کي لاحق خدشا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڄاڻي واڻي عام شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو جاري آهي عالمي برادري انهن مظلومن جو سختي سان نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي انساني حقن جي خلاف ورزين کان روڪي.

 

پاناما ڪيس: سپريم ڪورٽ نيب ۽ ايف بي آر جا چيئرمين طلب ڪري ورتا

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ پانامه پيپرز ڪيس ۾ نيب جي چيئرمين ۽ ايف بي آر جي چيئرمين کي طلب ڪندي نيب ۽ ايف بي آر جي چيئرمين کي 21 فيبروري تائين رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته عدالت جي سينيئر جج جسٽس آصف سعيد کوسي چيو اهي ته ايف بي آر جي چئرمين ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌائي ته هن وقت تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي ڪيترن ماڻهن کي نوٽيس ڏنا ويا ڪيس بابت تياري ڪري اچي اسان سوال پڇنداسين خميس تي سپريم ڪورٽ جي 5رڪني لارجر بئنچ جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ پانامه ليڪس معاملي تي داخل ٿيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ڪيس جي ٻڌڻي تي حسين نواز جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جي وڪيل دليل ڏنا ته مريم نواز جي بينيفشل مالڪ هجڻ جا جعلي دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا بيريئر سرٽيفڪيٽ جي منسوخي سان ان جي بطور شيئر هولڊر واري حيثيت ختم ٿي ويئي ميوزيڪ فونسيڪا پنهنجن دستاويزن سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته اهي دستاويز آخر آيا ڪٿان حسين نواز وٽ لنڊن ۾ مهانگي جائيدادن لاءِ سيڙپڪاري کي به ڏسڻو آهي مريم نواز بطور حسين نواز جو نمائندو ڪم ڪندي هئي ان کي به ڏسڻو آهي سلمان اڪرم دليل جاري رکندي چيو ته ضابطا فوجداري تحت شاهديون نه هجن ته جوابدار جو موقف تسليم ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ڪو ڏوهه نه ٿيو ته ڪميشن جوڙڻ جو به جواز نه آهي اصغر خان ڪيس ۾ به عدالت واسطيدار ادارن کي جاچ جو حڪم ڏنو هو جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته اصغرخان ڪيس ۾ عدالت پهريان ڊڪليئريشن ڏني هئي اصغر خان ڪيس جو ڪرمنل حصو جاچ لاءِ موڪليو ويو هو سلمان اڪرم چيو ته عدالت ڊڪليئريشن اعترافي بيان تي ڏنو هو جسٽس اعجاز افضل چيو ته اها ڳالهه هضم ڪرڻ مشڪل آهي ته ايتري قيمتي ملڪيت وٺندڙ ان جو ڪوبه رڪارڊ نه رکي سلمان اڪرم چيو ته جيڪڏهن ڪو رڪارڊ نه رکيو ويو ته ان ۾ ڏوهه ڪهڙو آهي واعدي مطابق پنهنجا دليل مڪمل ڪندس جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته 184/3 جي ڪيس ۾ عدالت ڪنهن کي ڏوهاري يا بي قصور قرار نٿي ڏيئي سگهي فوجداري ڏوهه جي جاچ يا ٽرائيل واسطيدار فورم تي ٿيندو آهي جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته جيڪڏهن ان نتيجي تي پهچون ٿا ته توهان جي وضاحت ديانتدار نه آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو جسٽس اعجازالحسن چيو ته قطر ۾ ڪاروبار جا دستاويز نه آهن ملڪيت بابت فنڊن جي وضاحت به اطمينان بخش نه آهي سلمان اڪرم چيو ته عدالت اسان جي وضاحت رد ڪري ته به پهرين در جي ڳالهه تسليم نٿي ڪري سگهي جسٽس آصف سعيد چيو ته ڏاڏو دنيا ۾ نه رهيو آهي ۽ ٻارڙا ڪمائي نه رهيا آهن ڪلثوم نواز گهريلو عورت آهي ان ۾ صرف هڪ ئي شخص بچي وڃي ٿو سلمان اڪرم پنهنجا دليل جاري رکيا ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عدالت ان معاملي ۾ ڪميشن جوڙي سگهي ٿي جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته عدالت ڪميشن جوڙي سگهي ٿي يا معاملو واسطيدار اختيارين ڏانهن موڪلي سگهي ٿي جڏهن ته هن ڪجهه ماڻهن پاران ادارن جو ڪم نه ڪرڻ جي بيان جي به نشاندهي ڪئي ۽ سوال ڪيو ته ان صورت ۾ هاڻي عدالت ڇا ڪري ان موقعي تي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته عدالت جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي اڃا تائين ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي جسٽس آصف سعيد کوسي پڇا ڪئي ته ڇا سپريم ڪورٽ پاڻ ڪميشن جوڙي انڪوائري نٿي ڪري سگهي جسٽس اعجاز افضل چيو ته ڪميشن جو ڪم شاهديون گڏ ڪرڻ آهن جنهن تي سلمان اڪرم جواب ڏنو ته ڪميشن ڪنهن به شخص کي سزا يا جزا نٿي ڏيئي سگهي اها صرف انڪوائري جي نتيجي ۾ پنهنجي راءِ ڏيئي سگهي ٿي سلمان اڪرم چيو ته عدالت کي ڏسڻو آهي ته ڇا اهو ڏوهه آهي يا رڪارڊ نه رکڻ ۾ ڪا لاقانونيت آهي ان حوالي سان قانون ڇا ٿو چئي جسٽس آصف سعيد کوسو چيو ته توهان جي ڪيس ۾ ٻه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون يا اسان قطري وارو موقف تسليم ڪيون يا نه توهان وٽ هڪ ئي موقف آهي ۽ دستاويز نه آهن سلمان اڪرم جواب ڏنو ته مون وٽ جيڪي دستاويز هيا پيش ڪيا هاڻي جيڪڏهن توهان قطري وارو موقف تسليم نٿا ڪيون ته پوءِ درخواست ڪندڙ کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جسٽس آصف سعيد جواب ڏنو ته ان لاءِ ته مان چئي رهيو آهيان ته توهان جيڪو جوئا کيڏي رهيا آهيو ۽ جوئا ڪنهن جي حق ۾ به وڃي سگهي ٿي ان موقعي تي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته ڪيس صرف اهو نه آهي ته مريم نواز جائداد جي بيفيشل ٽرسٽي آهي يا نه هن چيو ته اهو ڪيس سراج الحق جو آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ڪرپشن کي نطرانداز نه ڪيو وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي نااهل قرار ڏنو وڃي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن هو ثابت ڪري ٿو ته ٺيڪ نه ته سراج الحق جي درخواست سياسي رڪابت ئي سمجهي ويندي. جسٽس اعجاز افضل سوال ڪيو ته هي دستاويز ڪٿان آيا جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته مريم نواز جي بينيفشل مالڪ هجڻ جا جعلي دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن ٻڌڻي کان پوءِ عدالت قومي احتساب بيورو ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين کي رڪارڊ سميت طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري.

 

دشمن ايجنسيون علائقائي امن سان کيڏڻ بند ڪن: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان پنهنجي ڌرتي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، دهشتگرد افغانستان ۾ پنهنجي محفوظ ٺڪاڻن ۾ ٻيهر گڏ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسان جا بهادر شهري فوجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انٽيليجنس ايجنسين ۾ تعاون دهشتگردي خلاف اسان جي ڪاميابي جو اهم ٿنڀ آهي. فوج عوام جي خواهش موجب فاٽا کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ لاءِ کنيل قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا خميس تي مهمند ۽ باجوڙ ايجنسي جو دورو ڪيو، آرمي چيف فوجن سان ملاقات ڪئي ۽ قبائلي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون. هن گذريل ڏينهن گل نئي ۾ دهشتگرد حملي دوران شهيد ٿيلن جي وارثن سان به ملاقات ڪئي، هن شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ۽ وارثن سان ڏک ونڊيو. جنرل قمر جاويد باجوه مهمند ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص طور تي ليويز جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي جنهن جي ڪوششن سان گذريل ڏينهن واري حملي ۾ انساني جانين جو گهٽ نقصان ٿيو. گذريل هفتي پاڪستاني ڌرتي تي سرحد پار افغانستان مان ڪيل حملن جو موثر جواب ڏيڻ تي فوجن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. آرمي چيف چيو ته دشمن ايجنسيون علائقائي امن ۽ استحڪام سان کيڏڻ کان پاسو ڪن اسان پنهنجي صبر واري پاليسي باوجود جواب جو حق محفوظ رکون ٿا. هن مقامي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته پاڪ فوج فاٽا ۾ رستن، صحت، تعليم ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پراجيڪٽس سميت بينادي ڍانچي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش جاري رکنداسين. ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ ۽ ايف سي جي وڌيڪ اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.

ٻئي طرف  آرمي چيف جنرل قمر باجوه سان سريلنڪن نيوي جي ڪمانڊر وائس ايڊمرل آر سي وجي گونارتني جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج بيپناهه قربانيون ڏنيون آهن. سريلنڪن بحريا جي سربراهه پاڪ فوج جي امن جي لاءِ ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار تعريف جوڳو آهي

 

عدالت ۾ اڄ تائين جيڪي دستاويز آيا سي حڪومت جمع ڪرايا، مخالف ڳالهيون پيا ڪن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پانامه دستاويزن ۾ محمد نوازشريف جو ڪٿي به نالو نه آهي عمران خان سياسي مقصدن جي لاءِ وزيراعظم جو نالو پانامه ڪيس ۾ ڳنڍيو آهي اسان سپريم ڪورٽ ۾ سمورا دليل ۽ دستاويز ڏيئي ڇڏيا آهن جيڪڏهن عمران خان کي ڪنهن به قسم جو شڪ آهي ته هو ثبوت پيش ڪري محمد نوازشريف پاڪستانين جي دفاع کي ۽ معيشت کي مضبوط بڻايو ۽ ان جو وزيراعظم هجڻ پاڪستان جي خوشقسمتي آهي عمران پاڪستان جي ترقي ۾ حصو وجهي ۽ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ کان نه روڪي، خميس تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته سلمان اڪرم راجا پنهنجا دليل مڪمل ڪيا آهن اڄ خانصاحب اهي ڳالهيون ڪيون جيڪي گذريل 9 مهينن کان ڪري رهيو آهي سپريم ڪورٽ کي سڀ کان پهريان ان ڪيس جي حوالي سان وزيراعظم خط لکيو هو وزيراعظم ڪيس جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ جي حوالي سان چئلينج نه ڪيو هو خود چاهي ٿو ته ان تي لڳايل تهمتن جو فيصلو ٿئي هن چيو ته بطور سڌسماءُ واري وزير منهنجو فرض آهي ته سچ قوم اڳيان آڻيان هن چيو ته محمد نوازشريف ملڪ جو پهريون نه عوام جي عدالت مان ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم آهي ۽ سمورا قانوني حق رکندي به هن رعايت نه گهري هن چيو ته پانامه دستاويزن ۾ محمد نوازشريف جو نالو ڪٿي به نه آهي. هن چيو ته پابامه ڪيس کان پوءِ عمران خان جو ڪوبه ڪاروبار نه هوندو اسان چاهيون ٿا ته عمران خان فزيبلٽي جي بجاءِ ڪي پي ڪي ۾ باقاعده ڪم شروع ڪري ۽ اتان جي عوام جي خدمت ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين پاڪستان جي ترقي ۾ هٿ ونڊرائي ۽ ملڪ کي اڳتي وڌڻ کان نه روڪي.

 

قيوم آباد روڊ تي ڪنٽينر ڪلٽي، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، وڏي وزير نوٽيس ورتو، آءِ جي کي هدايتون جاري

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ تيز رفتار ٽرڪ تي رکيل ڪنٽينر موڙ ڪاٽيندر فٽپاٿ تي بيٺل ماڻهو تي ڪري پيو حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا تفصيل موجب حادثو قيوم آباد جي علائقي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ ٽرڪ تيز رفتاري سبب موڙ ڪاٽي رهي آهي ۽ ڪنٽرول مان نڪري فٽپات ٿي بيٺل مسافرن تي ان جو ڪنٽينر وڃي ڪريو. حادثي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا ڪنٽينر هيٺان اچي چيڀاٽجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙن ۾ هڪ معذور عورت به شامل آهي زخمي ٿيندڙ ٻن ٻارڙن کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ کان پوءِ فارغ ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي واقعي کان پوءِ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته ان جي گرفتاري لاءِ قدم شروع ڪيا ويا آهن ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه به واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس کي فوري طور تي ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

پهريون ڀيرو ملڪ جي چيف ايگزيڪٽو جي جهڙتي ورتي وئي: عمران خان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) چاهي ٿي ته پانامه ڪيس عدالتن ۾ نه ٻڌو وڃي معاملو نيب يا ايف آءِ اي حوالي ڪيو وڃي پانامه ڪيس سان سڄي پاڪستان ۾ پيغام ويو آهي ته پهريون ڀيرو هڪ طاقت ۽ چيف ايگزيڪيوتو جي سپريم ڪورٽ ۾ تلاشي ٿي رهي آهي خميس تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو ته حڪمرانن جي وڪيلن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪئي ته اهو ڪيس عدالت ۾ نه ٻڌو وڃي ۽ ڪيس نيب يا ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو وڃي هن چيو ته ملڪ اسلام جي نالي تي ٺهيو نه ته پاڪستان جي ٺهڻ جي ضرورت نه هئي هڪ خواب هو ته عدل ۽ انصاف تي هڪ عظيم قوم بڻجي ٿي جڏهن ملڪ جو ليڊر قائداعظم انگريزي ۾ تقرير ڪندو هو ته سڀ چوندا هئا ته سچ ڳالهائي رهيو آهي ليڊر جو ايماندار هجڻ ان لاءِ ضرور  آهي ڇو ته قوم جو خزانو ان جي هٿن ۾ هوندو آهي ننڍين ننڍين شين تي ليڊر استعيفا ڏيندو آهي جڏهن ته هي ته پوءِ به ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪرپسن جو ڪيس آهي ڪوڙ ڳالهائڻ تي ليڊر کي استعيفا ڏيڻ گهرجي هن چيو ته عدالت ۾ شريف خاندان جي وڪيلن چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ وزيراعظم ڪوڙ ڳالهايو ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي عدالت قطري خط لاءِ به ڪهاڻي جو لفظ استعمال ڪيو آهي ان کان سواءِ هاڻي هڪ نئون دستاويز سامهون آيو آهي جنهن ۾ چيو ويو ته مريم نواز صرف چئن مهينن لاءِ ٽرسٽي هئي ان وٽ ڪوبه مني ٽرائيل نه آهي جڏهن ته ان هن وقت تائين ڪوبه ثبوت ناهي ڏنو ۽ اسان کي چون ٿا ته دستاويز ڏيو پانامه ڪيس سان پوري پاڪستان ۾ اهو تاثر ويو آهي ته پهريان ڀيرو هڪ طاقت ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي سپريم ڪورٽ ۾ تلاشي ٿي آهي جڏهن ته ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ پانامه ڪيس جي ٻڌڻي ختم ٿي ويندي.

 

سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ڪرپٽ مافيا جو احتساب ٿيندو: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان سياسي تعصب نه پر انصف جي ڳالهه ڪيون ٿا عدالتي فيصلي سان ڪرپٽ مافيا جو احتاب ٿيندو خميس تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڪرپشن جي نئين طريقي حڪمرانن ايجاد ڪيو آهي پانامه اسڪينڊل ۾ جن جا نالا آيا انهن سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي هن چيو ته اڄ پاڪستان ڪرپٽ مافيا سبب آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئڪ جي هٿڪڙين ۾ جڪريل آهي ناڻي وارو وزير خود چوي ٿو ته غريب ٻاهر مزدوري ڪري 18 بلين ڊالر ملڪ ۾ موڪلين ٿا جڏهن ته هتان کان اشرفيا ملڪ لٽي ٻاهر موڪلين ٿا. هن چيو ته اسان کي معاشي دهشتگردن سان منهن ڏيڻو پوندو. سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي.