تازيون خبرون

Daily Archives: February 16, 2017

پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ جي حوالي سان اطلاع پهريائين هئا پر انهن کي فائدو ڏيندي رانديگرن کي کيڏڻ ڏنو: نجم سيٺي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته سپر ليگ ۾ اسپاٽ فڪسنگ جي حوالي سان اطلاع اڳ کان ئي هئا پر شڪ جو فائدو ڏيندي رانديگرن کي کيڏڻ ڏنو ويو، شرجيل ۽ خالد لطيف اعتراف ڪرڻ کانپوءِ معافي گهري رهيا آهن، 2 ڏينهن ۾ چارج شيٽ جاري ڪئي ويندي، اسان ڪنهن به قسم جي ڪرپشن کي برداشت نه ڪنداسين، هڪ انٽرويو دوران نجم سيٺي برطانيا ۾ ٿيندڙ ڪارروائي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ ڄاڻ آهي ۽ آءِ سي سي وٽ جيڪا ڄاڻ آهي ان کي ميچ ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي بنياد تي اها ڪارروائي ٿي رهي آهي، هن چيو ته اسان جي اينٽي ڪرپشن يونٽ جا ڪيترائي ماڻهو آءِ ايس آءِ جا رٽائرڊ انٽيليجنس جا آفيسرن آهن جن وڏي ذميواري سان ڪم ڪيو ۽ ڪجهه رانديگرن جو تعاون آهي جن ٻڌايو ته ڪهڙي طرح سان پيش ڪش ٿي آهي، شرجيل ۽ خالد لطيف جي حوالي سان هن چيو ته انهن جيڪو ڪيو آهي ان کي مڃون ٿا ۽ معافي به گهري رهيا آهن، 2 ڏينهن ۾ چارج شيٽ جاري ڪئي ويندي جنهن ۾ تفصيل هوندا، اسان کي ٺوس ڄاڻ هئي ته اهو ٿيڻ وارو آهي، اهو سوچڻو هو ته ان کي روڪيو وڃي يا ٿيڻ ڏنو وڃي ته جيئن ڏوهه ثابت ٿئي ڇو ته اهو اسپاٽ فڪسنگ جو معاملو هو، ميچ فڪسنگ جو نه ۽ ڪنهن کي ڏوهه کان سواءِ پڪڙڻ مناسب نه هو، پي سي ايل ۾ شامل پرڏيهي رانديگرن جي رد عمل تي هن چيو ته اڃا سنگاڪارا ۽ ڊين جونز مضمون لکيو آهي جنهن ۾ ان ڳالهه کي مڃيو آهي ظاهر آهي ته ڌٻي ته سڀ ويا آهن پر سڀ اسان سان تعاون ڪري رهيا آهن، اسان کي ليگ بچائڻي آهي ۽ ان کي صاف شفاف رکڻو آهي، لاهور ۾ طئه ٿيل فائنل جي حوالي سان هن چيو ته 22 تاريخ تي اسان هڪ نئون ڊرافٽ ڪنداسين ۽ رانديگرن کان پڇنداسين ته لاهور ۾ ڪير ڪير کيڏڻ لاءِ تيار آهن، جيڪي چوندا تيار آهن ته ٺيڪ آهي ۽ جيڪي چوندا ته تيار نه آهيون ته دنيا ۾ ڪيترائي رانديگرن آهن جن اسان اسان رابطي ۾ آهيون، اسان جي ڪوشش آهي ته فائنل لاهور ۾ ٿئي ۽ ان ۾ پرڏيهي رانديگر کيڏن.

 

گم ڪيل ماڻهو ۽ عدالت جو پڇاڻو: صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪجهه عرصي کان هن ملڪ ۾ ماڻهن جي گم ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي، ڪڏهن وڪيلن ۽ ججن جا پٽ اغوا ٿي وڃن ٿا ته ڪڏهن وري عوامي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي گم ڪيو وڃي ٿو، جن جو پتو نه ته حڪومت لڳائي سگهي ٿي ۽ نه ئي وري هتان جا ادارا انهن بابت ٻڌائڻ لاءِ تيار هوندا آهن ته آخر اهي آهن ته ڪٿي آهن، ڪجهه ماڻهو جڏهن گم ٿيندا آهن ته انهن جي ذميواري ڪو نه ڪو ادارو ضرور کڻندو آهي ته اهي گم ٿيل ماڻهن انهن وٽ آهن ۽ ان جا سبب به ٻڌايا ويندا آهن پر ڪجهه عرصي کان ماڻهن جي گم ٿيڻ سبب ملڪ ۾ خوف ۽ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو اهڙا به گم ٿيا آهن، جن بابت ڪو سوچي به نه پيو سگهي ته انهن کي به ڪو هٿ لڳائي سگهي ٿو، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي گم ڪيو ويو هو بعد ان جي خبر پئجي وئي  هئي، جڏهن هو بازياب ٿي گهر پهتو هو، اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ کي ان وقت گم ڪيو ويو هو جڏهن چونڊون ٿيڻ واريون هيون، ان کان علاوه اڳوڻي پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي پٽ کي به اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي پڻ وڏي عرصي قيد ۾ رکڻ بعد آزاد ڪيو ويو هو،

هاڻ ويجهڙ ۾ ئي ڪراچي مان چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي به اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي سڪيورٽي فورسز بازياب ڪرايو هو، ڪنهن کي يقين ئي نه پيو اچي ته آخر ڪهڙي ريت دهشتگرد چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي ڪراچي مان آساني سان اغوا ڪري ويا هئا ۽ آساني سان ان کي خيبرپختونخواهه کڻي ويا هئا، بهرحال اهم شخصيتن جا به جڏهن پٽ گم ٿيندا هجن ته اتي عام ماڻهو جو ڪهڙو حشر هوندو، ان جو اندازو اهڙن واقعن مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. اهم شخصيتن جا پٽ ته گهر واپس پهچي ويا پر سنڌ مان جيڪي ماڻهو  گم ٿي ويا آهن انهن جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، بيريسٽر ضمير گهمرو به هڪ گم ٿيل نوجوان جو ڪيس وڙهيو هو، جڏهن ته عدالت ان کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي هئي، ايتري قدر جو سپريم ڪورٽ ۾ به گم ٿيل ماڻهن  وارو مامرو اجاڳر ٿيو هو .

ڊسمبر 2016 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي  هئي. پر افسوس جو سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن  بابت هن وقت تائين به خبر پئجي نه سگهي آهي، هڪ طرف سنڌ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج  ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري عدالتن ۾ ڪيس به هلي رهيو آهي پر خبر نه ٿي پئي ته آخر اهي گم ٿيل ماڻهو ڪن وٽ آهن. سينيٽ جي خاص ڪميٽي معلومات ۽ رسائي جو بل به منظور ڪري ورتو آهي پر ان باوجود عام ماڻهو ڳڻتي ۾ مبتلا آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي به هن وقت گمشدگيون ٿيون آهن انهن مان ته ڪيترن ئي جا لاش به ملي چڪيا آهن ته ڪن کي وري عدالتن ۾ به آندو ويو آهي، پر اڪثريت انهن ماڻهن جي به آهي، جيڪي کنڀي گم ڪيا ويا آهن ۽ هاڻ انهن جو پتو نه پئجي رهيو آهي ته آخر انهن کي ڪهڙي بلا کڻي وئي. سينيٽ جي خاص ڪميٽي جي بل منظور ٿيڻ بعد ٽ رڪني انفارميشن ڪميشن پڻ جوڙيويندي، جڏهن ته بل ۾ ڪنهن به اداري ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙ شخص کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي.

سينيٽ جي سليڪٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ رائيٽ ٽو انفارميشن 2017 وارو بل جيڪو مظور ٿيو آهي ان ۾ ڪميشن جوڙڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جنهن جو سربراهه وزيراعظم کي مقرر ڪيو ويندو. بل تحت سمورا لاڳاپيل ادارا گم ٿيل ماڻهن جو اطلاع ٽن ڏينهن اندر لکت ۾ ڏيڻ جا پابند هوندا، جڏهن ته بل ۾ ڪنهن به اداري ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙ شخص کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي. فرحت الله بابت چيو آهي ته انساني حقن بابت معلومات لڪائڻ تي پابندي آهي، ادارن کي ٻڌائڻو پوندو ته کنڀيل شخص ڪنهن وٽ آهن، اهي جيئرا به آهن يا وري انهن کي ماريو ويو آهي. بهرحال هن وقت سنڌ جا حڪمران ته گم ٿيل ماڻهن  بابت خاموش آهن، هڪ ٻه اڳواڻ اهو مختلف ٽي وي چينلن تي ويهي اعتراف ڪندا رهيا آهن ته سنڌ مان ماڻهو گم ٿيا آهن، جنهن ڳالهه جو ڪو به شڪ نه آهي،

ڪجهه عرصو اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو هو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ حڪومت جي پاليسي نه آهي، جيڪي ماڻهو گم ٿي ويا آهن، انهن بابت سندس چوڻ هو ته هو انهن جي ڳولا ڪري رهيا آهن.سنڌ هجي يا وري بلوچستان ٻنهي صوبن ماڻهو ته گم ٿيا آهن پر انهن بابت نه ته حڪومت کي خبر پئجي رهي آهي ۽ نه ئي وري ڪو انهن گم ٿيل ماڻهن بابت  ڪو ٻڌائي رهيو آهي، سنڌ مان قومپرست اڳواڻن کان ويندي وڪيل به گم آهن جن جي بازيابي لاءِ سنڌ ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن، جن جون خبرون روز ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾  ڇپجنديون به رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ به اسلام آباد مان بلاگرز جي گمشدگي وارو معاملي ڪر کنيو هو، تڏهن به  حڪمرانن طرفان صرف اهي ئي بيان ڏئي رهيا هئا ته هو انهن جي ڳولا ڪري رهيا آهن، جنهن بعد اهي بلاگرز واپس به اچي ويا هئا. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته جهڙي ريت بلاگزر واپس پهچي ويا آهن، اهڙي ريت انهن ماڻهن کي به بازياب ڪرايو وڃي جيڪي سنڌ مان گم ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جا گهر وارا به تمام گهڻو پريشان هوندا ۽ حڪومت جي اها ذميواري به آهي ته هو پنهنجي عوام جي حقن جو تحفظ ڪري ۽ انهن جا مسئلا به حل ڪري.

هن وقت هڪ طرف ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي ته ٻي طرف وري گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو به ڳنڀير ٿي رهيو آهي، جيتوڻيڪ عدالتن ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس  هلي رهيا آهن پر  ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران به ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ته جيڪي به ماڻهو گم ٿي ويا آهن جيڪڏهن اهي ڪنهن حساس اداري وٽ آهن انهن کي عدالتن ۾ آندو وڃي ته جئين انهن جي وارثن کي اها پڪ ٿئي ته اها زنده آهن، جيڪڏهن اهي گم ٿيل ماڻهو ڏوهي به آهن ته انهن تي عدالتن ۾ ڪيس هلايو وڃي، ڪجهه عرصي کان ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي به گم آهن جنهن جي بازيابي لاءِ به سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، اڄڪلهه ته ايوانن ۾ به کنڀي گم ڪيل ماڻهن بابت آواز اٿي رهيو آهي، جيڪو پڻ سٺو سنوڻ آهي، اها حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته جيڪي ماڻهو گم ٿي ويا آهن، انهن کي آزاد ڪرائي ۽ سڪيورٽي ادارن جي به اها ذميواري آهي ته گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا ڪري، هن وقت جيڪي به ماڻهو سنڌ مان گم ٿي چڪا آهن، انهن جون اميدون به هاڻ عدالتن ۾ آهن ۽ کين اها اميد پيد اٿي آهي ته ته سندن پيار جلد گهر واپس ايندا.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

ڪامورن هٿان لاوارث بڻيل ضلعو ٺٽو: تحرير: راجا تنوير خاصخيلي

ولين جو شهر سڏجندڙ ٺٽو هن وقت سياسي ڀوتارن ۽ ڪامورن هٿان لاوارث بڻجي ويو سرڪاري نظام ۾ ملوث عملدار به پنهنجي شهر کي نظرانداز ڪري ٻيڻو کيس لٽڻ لڳا آهن جنهن ڪري ضلعي جي وڏي آبادي هن وقت گندي ماحول واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن شهرن جون رونڪون به ويران واري صورت ۾ نظر اچڻ کان پوءِ شهرين جون دائون به سکڻيون رهجي ويون جڏهن ته ضلعي ٺٽي جي تاريخي شهر ٺٽو،مڪلي گجو،گهارو،جنگشاهي سميت صلعي جا ڪيترائي علائقا گندگي جي ور چڙهي ويا آهن پر ميونسپل عملو به گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لاءِ هر پهرين تاريخ تي بيئنڪن تي پهچي ويندا آهن پر جڏهن ڊيوٽي ڪرڻ جو چيو ويندو آهي ته پوءِ کين سوين بيماريون جاڳي پونديون آهن پر شهر جي مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهي رستن تي گندو پاڻي به تلاب بڻجي ويو آهي جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي سخت مشڪلات ٿئي ٿي جڏهن ته وڏي انگ ۾ ڀرتي ڪيل ميونسپل عملو هوندي به شهر کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويو آهي شهرن ۾ ڪيترين مهينن کان گند ڪچري جا ڍير نظر اچڻ لڳا آهن ٻئي پاسي ساڳئي شهرن ۾ پاڻي جي به قلت پيدا ٿي ويئي آهي پر ضلعي انتظاميا جيڪا عوام جي خدمت ڪرڻ بدرا ظلم ڪري رهي آهي جنهن ڪري شهري پئسن تي پيئڻ جو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺهيل واٽر سپلائي نظام جنهن ۾ جرولو جانورن پنهنجي وينجڻ جا تلاب ٺاهي ڇڏيا آهن جنهن ڪري واٽر سپلائي به ناڪارا بڻجي ويو آهي پاڻي جي کوٽ هئڻ ڪري نمازي به مسجدن ۾ وضو ڪرڻ کان محروم رهجي ويا آهن جڏهن ته ٺٽي شهر جي مين شاه ڪمال محلي سميت ڪيترائي علائقا جنهن ۾ گٽرن جو گنڌو پاڻي گهرن توڙي اسڪولن ۾ ڪاهي پيو آهي شهرين ۽ شاگردن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ضلعي انتظاميا به حڪومتي ڌرين اڳيان بيوس بڻجي ويئي ۾ شهرين عرفان ماڻڪاڻي،عزيز پليجو،عمر،ستار سمون،شاهد لڪياري ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل ڪافي عرصي کان وٺي گٽرن جو گندو پاڻي روڊ رستن توڙي گهرن ۽ اسڪولن ۾ تيزي سان ڪاهي پيو آهي گهرن جي اڳيان گٽرن جو گندو پاڻي بيهڻ جي ڪري اچڻ وڃڻ ۾ سخت پريشاني ٿئي ٿي ۽ ڊرينيج لاءِ ملندڙ اريگيشن کاتي کي لکين روپيا بجيٽ جيڪا عملي ڪم لاءِ استعمال نٿي ڪئي وڃي جيڪا ڪرپٽ آفيسرن پاران هڙپ ڪئي ٿي وڃي جنهن ڪري ڊرينيج جو نظام ٺهي ناهي سگهيو آهي تنهن ڪري گٽر ابلجي ويا آهن ۽ انهن ۾ گند ڪچرو هئڻ جي ڪري پاڻي تيزي سان اسان جي علائقن ۾ اچي ويو آهي هنن وڌيڪ ٻڌايو انتظاميا کي بار بار شڪايت ڏني آهي پر ان جي باوجود به گندي پاڻي سميت گند ڪچرو به صفائي نٿو ڪيو وڃي اسان ڪيترا دفعا ميونسل توڙي ڊپٽي ڪميشنر وٺ به هن مسئلي لاءِ وياسين پر ڪوبه کڙتيل ناهي نڪتو ۽ اسان کان ووٽ وٺڻ وارا به مونهن موڙي ويا آهن کين فون ڪريون ته نمبر بند ڪيا وڃن ٿا آخر ڪيستائين اسان سان ظلم ڪيو ويندو هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي جي سمورن شهرن جي اهڙي حالت آهي هر هند غريب ماڻهن جون دائون آهن شهرن جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري ننڊڙا ٻار به بيمار ٿي ويا آهن  هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد ڪرپٽ عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان جي علائقي مان گندو پاڻي نيڪال ڪري اسان کي پريشاني کان بچايو وڃي جڏهن ته سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي جي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ هاءِ ويز کاتي پاران ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڊرينيج اسڪيم جي آر سي سي واري ديوار جو وڏو حصو ڊهي پيو آهي، ناقص مٽريل جي استعمال سبب ٺٽي ۾ انٽرا سٽي روڊن ۽ ڊرينيج جي بحالي لاٰءِ وارين منصوبن تي شهرين سنگين خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته اڪثر اسڪيمون اڌ ۾ رولڙي ۾ هجڻ ڪري عوام سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهي حاصل ڪيل رپورٽن موجب تازو ٺٽو ميونسپل ڪميٽي جي فنڊن مان ساڍا 14 ڪروڙ روپيه هاءِ ويز انجنيئرنگ کاتي ٺٽو جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري انهن ذريعي ٽينڊر ڪرائي ٺٽي شهر ۽ مڪلي تي شروع ڪرايل 15 ترقياتي ڪروڙين روپين جون اسڪيمن تي ڪم هلندي مذڪوره اسڪيمون متاثر ٿي تباھ ٿيڻ لڳيون آهن، جنهن جو مثال گذريل ڏينهن ٺٽي شهر جي لکين شهري آبادي جي اوپن ڊرينيج اسڪيم کي آر سي سي ڪري بهتر بنائڻ لاٰءِ هلندڙ ڪم دوران ٺٽو باءِ پاس ويجھو مچارا ڊسپوزل لائين جي آر سي بلاڪ اسڪيم جو 3 سئو فوٽن جو حصو ڌماڪي سان ڊهي پٽ پئجي ويو، جنهن جون ٻنهي پاسن واريون ديوارون ڊهي ويون، جيڪي 2 هفتا اڳ تعمير ڪيون ويون هيون، شهرين موجب مذڪوره اسڪيم تي غير معياري ۽ ناقص مٽيريل جي استعمال سبب اها ڊرينيج جي اسڪيم ڊهي پئي آهي ۽ لاڳاپيل اسڪيم جي نگراني ڪندڙ انتظاميه ۽ بااثر ٺيڪيدار جي ڪارڪردگي جي پت وائکي ٿي ويئي آهي. جڏهن ته ٺٽي شهر جي اسلامپور محلي کان وٺي بخاري محلي، ايڌي روڊ، گرلس ڪاليج روڊ، ستيون روڊ، پلنگ پاڙو سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ انٽراسٽي روڊن جي تعمير ۽ ڊرينيج نطام جي بحالي لاءِ هلندڙ اڪثر اسڪيمون انتظامي بي ڌياني جو شڪار ٿي رولڙي ۾ پئجي ويون آهن، جنهن سبب هڪ طرف ڪروڙين روپين جي لاڳت سان شروع ڪرايل اهي اسڪيمون ڪرپشن جي ور چڙھڻ ڪري پئسا ضايع ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف شهري اڌ ۾ اسيڪمون رولڙي ۾ هجڻ ڪري سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهن. ٻئي پاسي ٺٽي شهر جي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ٺٽي شهر جي بهتري لاءِ شروع ڪيل اسڪيمن ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي نيب ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ٺـٽو شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ماما اسحاق خشڪ، ڪامران غني، ملاح اڳواڻ آدم گندرو،  حامد مغل ۽ ٻين ٻڌايو ته ٺٽي شهر جي ترقي جي نالي تي ڪروڙين روپيه ڪامورا شاهي جي ڪرپشن ۽ بدعنوانين جي ور چڙهي رهيا آهن ۽ مذڪوره اسڪيمون غلط رٿابندي ۽ ناقص مٽيريل جي استعمال سبب شهر جي تباهي جو سبب بڻجي رهيون آهن ۽ ٺٽو شهر گندگي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. هنن معاملي جي جاچ ڪندڙ ادارن ۽ سنڌ حڪومت کان فوري نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.  اڳوڻي صوبائي وزير انجنيئر صادق علي ميمڻ پڻ شهري اسڪيمن تي خدشا ظاهر ڪندي چيو آهي ته شهرين ۽ عوامي نمائندن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا غلط منصوبابندي سان ڪامورا شاهي تعميراتي ڪم ڪرائي رهي آهي، جن ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال جون شڪايتون ملي رهيون آهن، ميونسپل ڪميٽي جي فنڊن جي غلط رٿابندي سان استعمال بابت سنڌ حڪومت کي آگاھ ڪيو ويندو. ايم پي اي اعجاز شاھ شيرازي صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته ڪروڙين روپين ۽ اربين روپين ضايع ڪرڻ باوجود ٺٽو شهر ۾ تبديلي اچڻ بدران شهر کنڊرات جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. ڪامورا ۽ ٺيڪيدار پنهنجا ڀڀ ڀري ترقياتي اسڪيمن جي نالي تي تاريخي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، جنهن جو جاچ ڪندڙ ادارن کي فوري نوٽيس وٺڻ گھرجي.

Rajatanveer0007@gmail.com

 

 

سمورا ادارا معلومات جي فراهمي جا پابند هوندا..?

پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مسودي موجب ڪميشن مڪمل خودمختيار هوندي سمورا ادارا ڪميشن کي هر وقت معلومات فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا، رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن ٽن ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جن جي مقرري وزيراعظم ڪندو، بل تحت ان معلومات تائين به پهچ لاءِ چئي سگهبو جنهن کي ڇوٽ مليل هوندي، گم ٿيل ماڻهن بابت به معلومات حاصل ڪري سگهبي، دفاعي ادارن ۾ ڪرپشن سميت ڪنهن به معاملي جي معلومات کي نه روڪيو ويندو، رڪارڊ ڄاڻي واڻي گم ڪندڙن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري سگهبي، ، رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري سينيٽ چيئرمين پاران جوڙيل خصوصي ڪميٽي ڏني جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جاميمبر شامل هئا، ڪميٽي جو چيئرمين پيپلزپارٽي جو سينيٽر فرحت الله بابر آهي، ٻين ميمبرن ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، سينيٽر پرويز رشيد خوشبخت شجاعت ۽ سينيٽر شبلي فراز شامل آهن، خصوصي ڪميٽي کي رائيٽ ٽو انفارميشن جي بل جو جائزو وٺي ڪميشن ٺاهڻ بابت لائحه عمل جوڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو، ڪميٽي جي اجلاس ۾ رائيٽ ٽو انفارميشن جي مسودي جي سڀني شقن تي ترتيبوار بحث کانپوءِ انهن جي متفقه منظوري ڏني وئي، رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن جو بل حڪومت طرفان پيش ڪيو ويو، هاڻي ان بل کي منظوري لاءِ پهرين سينيٽ ۽ بعد ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، تجويز ڪيل مسودي تحت رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن مڪمل طور تي خودمختيار هوندي ۽ ان ڪميشن کي ملڪ جي سمورن آئيني، قانوني، سيڪيورٽي ادارن تائين پهچ حاصل هوندي، سمورا ادارا ڪميشن کي هر وقت معلومات ڏيڻ جي لاءِ پابند هوندا ۽ هر اها معلومات فراهم ڪندا جيڪا ڪميشن کي گهربل هوندي، ڪميشن هر ان پاڪستاني فرد کي هر وقت معلومات ڪرڻ جي پابند هوندي جيڪا ان فرد جي ضرورت هوندي، ڄاڻايل مسودي تحت رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن ٽن ميمبرن تي ٻڌل هوندي جيڪي وزيراعظم مقرر ڪندو، جڏهن ته ان جو سربراهه چيف انفارميشن آفيسر هوندو، ڪميشن جو هڪ ميمبر عدليه، هڪ بيورو ڪريسي ۽ هڪ سول سوسائيٽي مان ورتو ويندو، ڪميشن جاسمورا ميمبر 65 سالن کان گهٽ عمر جا هوندا، ڪميشن ميمبرن کي هٽائڻ جو اختيار قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين وٽ هوندو، تجويز ڪيل مسودي موجب رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن جو رڪارڊ ڄاڻي واڻي ضايع ڪرڻ ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهبي. جڏهن ته اهو سڄو رڪارڊ جيڪو 20 سال پراڻو هوندو ان تي ڪميشن جو قانون لاڳو نه ٿيندو، پر اهو رڪارڊ هر صورت ۾ منظر عام تي آندو ويندو. مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ڪنهن به گم ٿيل شخص بابت معلومات جي درخواست تي ٽن ڏينهن ۾ لکت ۾ معلومات فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي.

اجلاس کانپوءِ رائيٽ ٽو انفارميشن بل جي منظوري کي انساني حقن بابت وڏي اڳڀرائي قرار ڏيندي ڪميٽي جي چيئرمين فرحت الله بابر چيو ته ان بل سان عام ماڻهو کي معلومات تائين وڌيڪ پهچ حاصل ٿيندي. بل تحت ان معلومات تائين به پهچ لاءِ اپيل ڪري سگهبي، جنهن کي استثنيٰ حاصل هوندي،  جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قومي سلامتي بابت ڪا به معلومات فراهم نه ڪئي ويندي.