تازيون خبرون

Daily Archives: February 9, 2017

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس. سيز فائر جون ڀارتي ڀڃڪڙيون خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو قرار

راولپنڊي (اين اين آءِ) عسڪري قيادت چيو آهي ته ڀارت پاران سيز فائر جي مسلسل خلاف ورزيون علائقائي استعمال لاءِ خطرو آهن آءِ ايس پي آر موجب 199هين ڪورڪماندڙ ڪانفرنس اربع تي جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمرجاويد باوجوا ڪانفرنس جي صدارت ڪئي اجلاس دوران سيڪيورٽي ماحول ۽ چئلينجن جو جائزو ورتو ويو ڪور ڪماندر جي اجلاس ۾ لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران سي فائر جي مسلسل خلاف ورزين جو جائزو ورتو ويو ۽ ان کي علائقاعي استعمال لاءِ هڪ خطرو قرار ڏنو ويو ڪور ڪمانڊڙ ڪانفرنس افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن جي مذمت ڪندي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ افغان عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن دهشتگردي ٽوڙ ۽ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آرمي چيف هدايت ڪئي ته گهربل حدفن کي حاصل ڪرڻ تائين اهو آپريشن جاري رهندو.

 

سنڌ ۾ استادن جي بدلين تي پابندي لاڳو، ٦ هزار نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم جي شعبي ۾ اصلاحات متعارف ڪرائيندي سنڌ ڪريڪيولم اٿارٽي (Sindh Curriculum Authority) کي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ 2000 بند اسڪولن کي فعال بڻائڻ لاءِ 6000 استادن کي خاص طور تي ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي تعليم وارو وزير ڄام مهتاب ڏهر، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، سيڪريٽري تعليم سيد جمال شاهه، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم نواز سوهو سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي تعليم واري سيڪريٽريءَ ٻڌايو ته سنڌ ۾ 5384 اسڪول بند هئا، جن مان 4123 اسڪولن کي کولڻ جي قابل بڻايو ويو آهي، وڏي وزير پاران لڳايل تعليمي ايمرجنسيءَ جي روشنيءَ ۾ 1461 اسڪول کوليا ويا آهن، وڏي وزير کين مارچ جي آخر ۾ 2000 اسڪول کولڻ جو هدف ڏنو هو ۽ 6000 استادن کي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هن واضح ڪندي چيو ته اهي ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ٿينديون ۽ جنهن جي ڪارڻ ڀرتيون آءِ بي اي سکر ذريعي ڪيون وينديون. هن چيو ته مان مارچ جي آخر تائين فعال ٿيندڙ اسڪولن جو دورو ڪندس ته جيئن صوبي ۾ تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ جو نئون هدف مقرر ڪري سگهجي. نصاب جي حوالي سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پرائمري کان مڊل تائين مختلف ڪلاسن جي نصابي ڪتابن صحيح شايع ٿيا پر مان افسوس سان چئي رهيو آهيان ته نصاب جي معيار ۽ مواد سان بلڪل مطمئن نه آهيان. هن وڌيڪ چيو ته مان جديد تقاضائن مطابق ضروري ۽ معياري نصابي ڪتاب فراهم ڪيا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪريڪيولم اٿارٽي کي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيندي چيو ته نصاب کي ري-ڊزائن ڪندي نصاب جي معيار کي مد نظر رکيو وڃي ۽ ڏٺو وڃي ته ٻين صوبن ۽ ملڪن جهڙوڪ سريلنڪا ۽ نصاب پڙهائڻ لاءِ ڪهڙي ريت استادن کي تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته نصاب جي ري-ڊزائن جي شديد ضرورت آهي ۽ تدريسي مهارتن جي جديد رجحانن ۽ ٽيڪنيڪ ٻين ملڪن ۾ جاري مشقن جي بنياد تي هئڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته ڪجهه اسڪولن ۾ وڌيڪ اسٽاف آهي، جڏهن ته ڪجهه اسڪولن ۾ استادن جي گهٽتائي آهي. ان تي وڏي وزير استادن جي مقرري ۽ بدلين تي پابندي لڳائيندي صوبائي تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو بدلين جي حوالي سان ان جو سٺي ريت جائزو وٺي ۽ ضروري هجي ته ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته اوهان اسڪولن ۽ استادن جي حوالي سان ضرورتن جو جائزو وٺو ۽ اضافي اسٽاف جون خدمتون انهن اسڪولن جي حوالي ڪريو جتي انهن جي ضرورت آهي. تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته هُو مسلسل اسڪولن جو دورو ڪري رهيو آهي ته جيئن تعليمي سرگرمين کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته هن هڪ ٽرانسفر / پوسٽنگ پاليسي ترتيب ڏني آهي، جيڪا منظوريءَ لاءِ وڏي وزير ڏانهن موڪليندس. وڏي وزير 1261 بند اسڪولن کي فعال ڪرائڻ جي حوالي سان تعليم کاتي جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪندي هدايت ڪئي ته اهي سمورن اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائن. هن چيو ته مون ذاتي طور تي ڏٺو آهي ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون جهڙوڪ واش رومز، ڪمپائونڊ وال، پاڻيءَ جي فراهمي / هينڊ پمپ ۽ اهڙي طرح جي ٻين سهولتن جي کوٽ آهي. هن چيو ته اهي سموريون سهولتون “مسنگ فيسلٽيز پروگرم” تحت دستياب فنڊ جي ذريعي مهيا ڪيون وڃن. هن چيو ته رڳو اسڪولن کي فعال بڻائڻ ڪافي نه آهي بلڪ اتي تعليمي ماحول کي به بهتر بڻائڻ آهي ته جيئن شاگردن سان گڏ استاد به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته هُو هڪ اسٽيٽ آف آرٽ ٽيچرس اڪيڊمي کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن استادن کي نيون ٽيچنگ ٽيڪنيڪ، ڪميونيڪيشن اسڪلز ۽ سائيڪالاجي تعليمي تحت جديد تربيت ڏئي سگهجي. هن صوبائي تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو اسڪول جي عمارتن، اينرولمينٽ، ڊراپ آئوٽ راشن، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوالي سان هڪ تفصيلي بريفنگ تيار ڪري ته جيئن مستقبل جي حڪمت علمي بڻائي سگهجي.

 

چونڊن کان اڳ چيو ويو ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو واعدو ڪيو نه ته ووٽ نه ملندا: نواز شريف

شيخوپوره (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي جنهن کي دنيا به تسليم ڪري رهي آهي اسان ترقياتي منصوبن جون رسيون نه ڪٽيون ته ڇا ڪيون خوشي آهي جو محنت رنگ لاهي رهي آهي بلوچستان ۾ ترقي ڏٺي وڃي ڪراچي کي ٻيهر پرامن بنائڻ لاءِ اسان جي قدمن کي ڏٺو وڃي ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ جي اسان جي سموريون ڪوششون رنگ لاهي رهيون آهن جنهن محنت ڪئي هجي ان کي خوشي نه ٿيندي ته ڇا ٿيندو اسان رسيون ڪٽي رهيا آهيون ته برداشت ڪيو وڃي بگي پاور پلانٽ منصوبو 84 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو اهي منصوبي جو ايترو جلد مڪمل ٿيڻ حيرت جي ڳالهه آهي اسان جو حدف بجلي سستي ڪرڻ آهي ايندڙ سال لوڊشيڊنگ مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي سڀني کي گڏجي پاڪستان کي اڳتي وڌائڻ گهرجي پاڪستان ترقي ڪندو ته سڀني جو فائدو ٿيندو ترقي جي عمل ۾ سڀ پنهنجو حصو وجهن ترقي جي خلاف سازشون ڪرڻ ڇڏي ڏين اربع تي شيخوپوره ۾ بڪي پاور پلانٽ جي افتتاح جي تقريب کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته سوا سال پهريان آياسين ته فصلن ۾ هئاسين الله جي مدد سان اسان سوا سال ۾ ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيوسين هن چيو ته اهو منصوبو سالن ۾ نه پر مهينن ۾ مڪمل ٿي رهيو آهي منصوبو شفافيت ۽ تيزي سان مڪمل ٿيڻ سان پنهنجو مثال پاڻ آهي جنهن تي سموري عملي ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف کي مبارڪباد ڏيان ٿو وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان 2013 ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آياسين ته قوم کي بجلي جي کوٽ، دهشتگردي جي لعمت ۽ معيشت سميت مختلف للڪار درپيش هئا دنيا ۾ پاڪستان جي باري ۾ مايوسي واريون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون ايئن لڳندو هو ته خبر ناهي ته اسان ڪهڙي ملڪ ۾ رهي رهيا آهيون حالانڪه جڏهن 1999 ۾ اسان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ته ملڪ ۾ وڏي بجلي دستياب هئي پر 2013 ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 16 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي هئي بجلي جا منصوبا مهانگا هوندا هئا گذريل دور ۾ موٽر وي سميت مختلف منصوبن تي ڪم کي روڪيو ويو پر اسان ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ سان ترقي جي سفر جي نئين عزم سان شروع ڪيوسين گوادر ڪوئيٽا جا رستا ڪي پي ڪي سان ملايا پيا وڃن موٽر وي کان سواءِ اسڪسپريس وي ميٽرو ۽ وڌيڪ منصوبن تي عمل پيرا آهيون ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي ٺهي رهي آهي اربين رپين جي لاڳت سان لواري ٽنل تعمير ڪيو پيو وڃي لاهور ايئرپورٽ کي توسيعي ڏني پئي وڃي هلندڙ سال اسلام آباد جو نئون ايئرپورٽ مڪمل ٿي رهيو آهي توانائي جي شعبي جو ذڪر ڪندي وزيراعطم چيو ته مختلف علائقن ۾ بجلي جا ڪارخانا لڳي رهيا آهن شمسي ۽ متبادل توانائي جا منصوبا لڳائينداسين تربيلا 4 توسيعي منصوبي مان 1400 ميگاوار بجلي حاصل ٿيندي ان کان سواءِ نيلم جهلم هائڊرو پاور پراجيڪٽ ديامير ڀاشا ڊيم داسو ڊيم جا منصوبا به آهن بجلي جي ترسيل لاءِ انتظام به ڪيو ويو آهي. عام ماڻهن کي سهولت ملندي ته ترقي جي منصوبن ۾ سڀ پنهنجو حصو وجهن ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو آهي ۽ ان جون روشنيون بحال ٿي ويون آهن خوشي آهي ته اسان جي محنت رنگ لاهي رهي آهي پاڪستان ايندڙ سالن ۾ اقتصادي طاقت بڻجي ويندو اسان ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون هن چيو ته ماضي جون حڪومتون ۽ هاڻي جي حڪومتن جو فرق ماڻهن کي محسوس ٿيڻ گهرجي. ساهيوال ۽ پورٽ قاسم ۾ ڪول پاور پلانٽ لڳايا پيا وڃن انهن تي ڪٿي گهٽ خرچ اچي رهيو آهي الله تعاليٰ جي فضل سان ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي ويا ۽ وڌيڪ منصوبا جلد مڪمل ٿي ويندا اسان تمام محنت سان بجلي جي کوٽ کي پورو ڪري رهيا آهيون هن سال اميد آهي ته 10 هزار ميگاواٽ بجلي نظام ۾ شامل ٿي ويندي هن چيو ته بنيادي ڍانچي جي ترقي تي ڌيان ڏنو ويو آهي موٽر وي کي ڪراچي کان لاهرو تائين ملايو پيو وڃي گوادر کي ڪوئيٽا جي رستي ڪي پي ڪي سان ملايو پيو وڃي. هن چيو ته ايندڙ سال بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ 30 هزار ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي ملڪ جي ترقي جا مختلف منصوبا مڪمل ٿيڻ وارا آهن جيڪڏهن هي ملڪ اڳتي وڌندو ته اسان کي ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ گهرجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي ڪوششن جو سٺو نتيجو نڪتو آهي مستقبل ۾ حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون. هن چيو ته اڄ ملڪ جي باري ۾ عالمي سطح تي سٺي راءِ ڏٺي وڃي ٿي پاڪستان ايندڙ سالن ۾ اقتصادي طاقت ٿي ويندو. اهو ايشيا ۾ نمبر ون ۽ دنيا ۾ پنجين نمبر تي آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نوان رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي.

 

حڪومت ملڪ جي ٽن اهم ايئرپورٽن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اشتهار جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ٽن اهم ايئرپورٽن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خانگائڻ وارو عمل نئين ايوي ايشن پاليسي جي تحت ڪيو پيو وڃي.اختيارين جو چوڻ آهي ته رڳو وزير اعظم ۽ ڪابينا جي منظوري ڪافي ناهي، پارليامينٽ جي منظوري کان سواءِ معاملو عدالت ۾ چيلينج ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي خانگائڻ واري عمل کي سست بڻائڻ جي الزام ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ايوي ايشن ڊويزن ۽ ڊپٽي سيڪريٽري لا ڊويزن کي او ايس ڊي بڻايو ويو آهي. سول ايوي ايشن اٿارٽي ملڪ جي ٽن سڀ کان اهم ايئرپورٽن جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي، علامه اقبال انٽرنيشنل لاهور ۽ نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽن جي انتظامي معاملن ۽ آپريشن کي خانگائڻ جي لاءِ اشتهار جاري ڪيا ويا آهن. جهازن جي لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف سميت سمورن ايئرپورٽ آپريشنن کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي. سي اي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽن کي خانگائڻ وارو عمل نئين ايوي ايشن پاليسي جي تحت ڪيو پيو وڃي جنهن جي منظوري وفاقي ڪابينا ۽ وزير اعظم ڏني آهي.

 

وزيراعظم سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تعميري سياست اپنائڻي پوندي، خان صاحب نفرت، ساڙ ۽ انتشار جي سياست نه ڪري: مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان صاحب هاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ سان ڪجھه به نه ٿيندو،عمران خان کي خيبر پختون خواهه ۾ ڪم ڪرڻو پوندو، خان صاحب، وزيراعظم طرفان نون پراجيڪٽن جون ربنون ڪٽڻ جي ڪري ڊپ ۾ ورتل آهي، عمران خان گھٻراهٽ جو شڪار آهي، هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان پاناما کي سياسي گھوڙيءَ طور استعمال ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام جي مسئلن جو حل وزيراعظم ڪڍي رهيو آهي، ڪي پي ۾ احتساب ڪميشن کي تالا هڻي ڪهڙي مهن سان احتساب جون ڳالهيون ٿا ڪيو؟ خان صاحب! قطر جي سفير جو بيان شريف فيمليءَ جي موقف جي تائيد آهي، خان صاحب ڪوڙ ڳالهائي پاڪستان جي عوام کي گمراهه نه ڪيو، اليڪشن ڪميشن ۾ ڇوٽ وٺڻ بدران پي ٽي آءِ جي غير ملڪي فنڊن جو جواب ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ ۾ عهدو پيسي ۽ حيثيت تي ملندو آهي، عمران خان پنهنجي آف شور ڪمپنيءَ کي به ڊڪليئر ڪرڻ جو به جواب ڏئي، جيڪڏهن وزيراعظم سان مقابلو ڪرڻو آهي ته تعميري سياسي اپنائڻي پوندي، خان صاحب نفرت، ساڙ ۽ انتشار جي سياست کان پرهيز ڪري.36

 

شوڪت بسرا جي ڏوهارين کي پڪڙيو وڃي نه ته سمجھيو ويندو ته هي حملو سياسي دهشتگردي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته شوڪت بسرا تي حملي جي ڏوهارين خلاف اڃا تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، لاڳاپيل ايس ايڇ او، ڊي ايس پي ۽ ايس پي کي فوري طور معطل ڪيو وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چون هو ته ڏوهارين کي پڪڙيو وڃي نه ته سمجھيو ويندو ته هي حملو سياسي دهشتگردي آهي، سياسي دهشتگرديءَ سان ملڪ ۽ قوم کي نقصان کان سواءِ ڪجھه حاصل ناهي ٿيندو، سڀ ٺيڪ آ چوڻ سان سڀ ڪجھه ٺيڪ ناهي ٿي ويندو، سٺو ڪم ڪري ڏيکارڻو پوندو آهي، هِن انداز جي حڪمراني جمهوريت، امن ۽ سياسي استحڪام جي ابتڙ آهي.36

 

عمران خان طوفان ۽ سونامي وانگر سياست مان به هليو ويندو: نثار کهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان کي سنڌ سان ڪا به دلچسپي ناهي هو ٻين تي تنقيد ڪرڻ کان پهريان پنهنجو فڪر ڪري ۽ پنهنجي جماعت کي بچائي ڇاڪاڻ ته هاڻي جلد سندس سياست به ختم ٿيڻ واري آهي ۽ عمران خان سونامي وانگر سياست مان به جلد هليو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن آغا خان اسپتال ٻاهران پيپلز پارٽي سائوٿ پنجاب جي اڳواڻ شوڪت بسرا جي عيادت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙوهڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پرويز مشرف سان سندس پراڻا ساٿي ملاقات ڪري رهيا آهن اهڙين ملاقاتن ۽ اتحادن سان پيپلز پارٽيءَ تي ڪو به فرق نه ٿو پوي. هن چيو ته پرويز مشرف ته عدالت جو نالو ٻڌندي ئي بيمار ٿي ٿو پئي ۽ کيس سياست ڪرڻ جو شوق آهي ته ملڪ واپس اچي ڏيکاري. ملڪ کان ٻاهر رهندڙ سياستدانن جي وطن واپسيءَ جو سلسلو شروع ٿيڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ته هڪ ان سياسي اڳواڻ جو 1992ع کان وطن واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهيون جيڪو ايترن سالن کان ملڪ واپس نه ٿو اچي. نثار احمد کهڙو چيو ته اڳوڻو گورنر عشرت العباد پنهنجي مرضيءَ سان ملڪ کان ٻاهر ويو آهي ۽ سندس وطن واپسيءَ تي ڏسنداسين ته هو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿئي ٿو يا نه؟.  هن چيو ته آءِ جي سنڌ امن امان بابت سٺيون ڳالهيون ڪيون آهن پر آءِ جي سنڌ تي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙن جو دٻاءُ آهي يا ڪنهن ٻئي جو دٻاءَ آهي ان بابت هو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. هن چيو ته شوڪت بسرا جي پرامن ريليءَ تي اعجازالحق جي ساٿين حملو ڪيو جيڪو ن ليگ جو ساٿاري آهي. ۽ حملي کان پوءِ پنجاب پوليس پاران جوابدارن کي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ٻين معاملن تي ته آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪري رهيو آهي پر شوڪت بسرا جي معاملي تي جوبدارن جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي. هن چيو ته شوڪت بسرا تي حملو کليل دهشتگردي آهي .هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ ن ليگ بندش پيل تنظيمن ۽ گلو بٽن جي ساٿاري بڻيل آهي. نثار احمد کهڙو چيو ته مخالف پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت ڏسي بوکلائجي ويا آهن پر پيپلز پارٽي اهڙن هٿڪنڊن کان ڊڄڻ واري ناهي پنجاب ۾ وڌيڪ پارٽيءَ کي منظم ڪيو ويندو. ان کان اڳ هن آغا خان اسپتال ۾ شوڪت بصرا جي عيادت ڪئي ۽ ساڻس ملاقات ڪري هارون آباد واقعي بابت تفصيل طلب معلوم ڪيا.

 

ڪڏهن به نه ٻڌو هو ته اڌ موٽروي جو افتتاح ٿيو هجي، ۹۰ ارب خرچ ٿيڻ بعد به لاڙڪاڻي جي حالت نه بدلي: عمران خان

ڪراچي (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪي ماڻهو شريف خاندان سان مخلص آهي انهن کي ميرٽ نظرانداز ڪري اڳتي آندو ويو آهي ۽ محمد زبير کي به سنڌ جي گورنر جو عهدو قابليت تي نه پر وفاداري تي مليو آهي رانا ثناءُالله ۽ خواجه سعد رفيق کي غلط فهمي آهي ته هو ماضي وانگر عدالتن تي حملو ڪندا (ن) ليگ حڪومت ۾ وڌيڪ اهي ماڻهو آهن جيڪي ان جي ڪرپشن مان فائدو وٺن ٿا ميان صاحب کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته رسي ڪٽڻ سان پانامه کان نٿو بچي سگهجي اڻپورن منصوبن جو چارچار ڀيرا افتتاح ڪيو پيو وڃي الطاف حسين جو به احتساب ٿيڻ گهرجي اسان کي به انتظار آهي ڪراچي پي ٽي آءِ جو آهي ايم ڪيو ايم جي لساني سياست سبب شهر تباهه ٿي ويو. ڪراچي ۾ حالتون خراب ٿيون جنهن سبب پي ٽي آءِ جي تنظيم سازي نه ٿي سگهي پر هاڻي ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جون سرگرميون وڌنديون پانامه تي اسان کي اميد آهي ته عدالت انصاف ڪندي جڏهن ته جيڪو به فيصلو آيو قبول ڪنداسين اسان کي اميد آهي ته ڪيس اسان کٽينداسين سنڌ جو ڪوبه والي وارث نه آهي زرداري دبئي ۾ ويهي حڪومت هلائي ٿو پ پ پ کي سنڌ سان ڪابه دلچسپي نه آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي اڳوڻي نائب صدر ايف پي سي سي آءِ انيس گوهر جي رهائشگاهه تي ناشتي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي ان موقعي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمران اسماعيل سميت پي ٽي آءِ جا اڳواڻ واپارين برادري ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. هن چيو ته قطر جو خط جعلي هو ان لاءِ اتان جي حڪومت ان سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو جنهن ان کي خط ڏنو اهو ان جو ڪاروباري دوست آهي. پورٽ قاسم منصوبو پنهنجي دوست جي حوالي ڪيو ويو آهي پنهنجي بزنس پارٽنر قطرين کي ڪراچي پورٽ تي 200 ارب رپين جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي اهو سڀ ڪرپشن آهي هاڻي سڀني کي خوف هوندو ته جهڙي طرح سان سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جاري آهي اهو پاڪستان جو مسئلو آهي زندگي ۾ ڪڏهن به نه ٻڌو ته منصوبن جو چار چار ڀيرا اڻپورن منصوبن جو افتتاح ڪيو پيو وڃي ميان صاحب کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته رسي ڪٽڻ سان پانامه کان نٿو بچي سگهجي هن چيو ته مان پنهنجي غلطي تسليم ڪيان ٿو ته ڪراچي کي وقت نه ڏيئي سگهيس 2014 ڌرڻي ۾ هليو ويو 2016 پانامه ۾ نڪري ويو پانامه کان پوءِ ڪرچي کي وقت ڏيندس. مان زندگي ۾ ٻه ٻڌو آهي ته اڻپورن ترقياتي منصوبن جو افتتاح ٿي رهيو آهي جيتريون به رسيون ڪٽي پانامه مان جان نٿو ڇڏائي سگهي.

 

اسان کي پڪ آهي ته ڪراچيءَ جي ترقيءَ کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: سراج الحق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): امير جماعت اس،لامي سراج الحق ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان کي يقين آهي ته ڪراچي جي ترقي بنا پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ امن ٿيندو ته ملڪ ۾ امن ٿيندو، ڪراچي کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو، ڪراچي هڪ عرصي کان لاوارث آهي، جماعت اسلامي جي امير چيو ته اسان کي پڪ آهي ته ڪراچيءَ جي ترقيءَ کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.

 

ملڪ ۾ چوٿون الائنس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: منظور وساڻ

ڪراڇي(م.ڊ) متحده جا ڪجهه  ڌڙا پرويز مشرف سان گڏ ٿي ويندا. فنڪشنل ليگ مرشد ۽ مريد جي پارٽي بڻجي ويندي، فنڪشنل ليگ ڪنهن به پارٽي ۾ ضم ٿي. ملڪ ۾ چوٿون الائنس بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نئين الائنس مان پيپلز پارٽي کي ڪو به خطرو ناهي.  ايندڙ مقابلو ٽن پارٽين ۾ ٿيندو جنهن ۾ مسلم ليگ نواز، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف شامل هونديون. هن وڌيڪ چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ سياسي راند تبديل ٿي ويندي. پوليس کي قتل ڪندڙن کي اقتدار ۾ آندو ويو

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ چوٿون الائنس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. نئين الائنس سان پيپلز پارٽي کي ڪو به خطرو ناهي. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته پوليس وارن کي قتل ڪندڙن کي اقتدار ۾ آندو ويو ۽ قائد اعظم جي مزار تي جهنڊو ساڙڻ وارن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو. پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ سياسي گيم تبديل ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سياستدانن جي هٿ ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي پر ڪجهه ٻيون قوتون هونديون آهن جيڪي فيصلا ڪرائينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ مقابلو پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آئي وچ ۾ ٿيندو.