تازيون خبرون

Daily Archives: February 7, 2017

نڪول ڪڊمين پنهنجي آٽوبائيو گرافي ۾ ٽام ڪروز، ڪيٿ اربن سان شادين ۽ ٻين معاملن جو ذڪر ڪندي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) اداڪاره نڪول ڪڊمين چيو آهي ته هن ويجهو پاڻ بابت ڪيترن ئي معاملن جي وضاحت ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ان ڪري هو پنهنجي آٽو بائيو گرافي لکڻ تي غور ڪري رهي آهي. جنهن۾ هو ٽام ڪروز سان شادي، هن کان طلاق، ڪيٿ اربن سان ٻي شادي ۽ سندس شراب پيئن جي عادت کان ڇوٽڪاري سميت سمورين شين بابت صاف صاف بيان ڪندي. هن چيو ته هو هڪ سپر اسٽار طور هن وقت پاڻ کي ٻين آڏو صاف صاف آڻڻ جو بهترين وقت سمجهي ٿي.

 

”دنگل“ ۽ ”سلطان“ سان ”رئيس“ جي ڀيٽ ڪرڻ صحيح ناهي: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان چيو آهي ته سندس فلم ”رئيس“ جي ڀيٽ ”سلطان“ ۽ ”دنگل“ سان ڪرڻ صحيح ناهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب شاهه رخ خان جي فلم رئيس تازو ئي رليز ٿي آهي ۽ 100 ڪروڙ کان وڌيڪ جي ڪمائي ڪري چڪي آهي. سندس فلم جو مقابلو سلمان جي فلم ”سلطان“ ۽ عامر خان جي فلم ”دنگل“ سان ڪيو پيو وڃي. شاهه رخ خان جو چوڻ آهي ته رئيس جو مقابلو دنگل ۽ سلطان سان ڪرڻ صحيح ناهي. هن چيو ته رئيس فلمسازن جي اميدن تي پوري لٿي آهي. هن چيو ته فلم سٺو بزنس ڪري رهي آهي پر ان جي ڪاميابي جي ڀيت ڪنهن ٻي فلم سان ڪرڻ صحيح ناهي ڇو جو هر فلم جي پنهنجي قسمت هوندي آهي. هر فلم جو هڪ ئي پيماني تي تجربو ڪرڻ عجيب آهي.

 

ٽونٽي بلائنڊ ورلڊ ڪپ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏيئي ايونٽ ۾ فتح جي ڊبل هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪري ورتي

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ٽوئٽي بلائنڊ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏيئي ڇڏي ڪاميابي جي ڊبل هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪري ورتي الوڙ ۾ ڪرنٽا اسٽيٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن گرائونڊ تي ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 9 وڪيتن تي 100 رنسون ٺاهيون پاڪستان جي تجربيڪار بولنگ اسڪواڊ جي اڳيان بيٽس مينن جي هڪ به نه هلي ۽ هو وقفي وقفي سان پويلين موٽندا رهيا 8 بيٽس مين ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيا پاڪستان پاران انيس جاويد 2، جڏهن ته بدرمنير ۽ رياست خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي پاڪستاني ٽيم حدف سولائي سان 5.1 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو اوپنر بدرمنير هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار بيٽنگ ڪندي صرف 20 بالن سان منهن ڏنو 10 چونڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 60 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو محمد جميل 29 رنسن تي ناقابل شڪست رهيو. صرف هڪ آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين رياست خان ٻه رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو پاڪستان ڏکڻ آفريڪا جي خلاف فتح سان ايونٽ ۾ ڪاميابي جي ڊبل هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي آهي.

 

ڏکڻ آفريقا جو هلندڙ سال جي آخر ۾ نئين ٽي ٽوئنٽي ليگ شروع ڪرڻ جو اعلان

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ سائوٿ آفريقا هلندڙ سال جي آخر ۾ مختلف ملڪن ۾ کيڏيل ليگز جي نئين ٽوئنٽي ليگ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ليگ لاءِ ٽينڊر جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 3 مارچ مقرر ڪئي وئي آهي. ڪرڪيٽ سائوٿ آفريقا طرفان جاري ڪيل بيان موجب نئين ليگ ۾ 8 ٽيمون شامل هونديون. جن تي مختلف شهرن سان منسوب ڪئي وئي آهي. اسان کي آءِ سي سي ۽ ميمبر بورڊ اختيارين طرفان هاڪاري رد عمل مليو آهي.