تازيون خبرون

Daily Archives: February 2, 2017

پاڪستان کي ايميگريشن پابندي ۾ شامل ڪرڻ پاڪ-آمريڪا تڪرار جو سبب بڻبو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته ٽرمپ انتظاميه پاران پاڪستان تي به اميگريشن پابندي وارن ملڪن ۾ شامل ڪرڻ منفي قدم ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبو اسلام امن جو مذهب آهي دهشتگردي سان تعلق رکڻ وارو تاثر ختم ڪرڻو پوندو معاشري ۾ وڌندڙ گهٽ برداشت سبب اسلام بابت غلط تاثر آهن پ پ پ اقليتي اڳواڻن کي به حڪومت ۾ شامل ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽريو ۽ واشنگٽن ۾ آمريڪا جي انسٽيٽيوٽ امن جي تحت مڪالمي ۾ خطاب ڪندي ڪيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان پاڪستان جو واحد سياستدان آهيان جنهن اقليتي اڳواڻن کي حڪومت ۾ شامل ڪيا سياست ۾ ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جو طريقو موجود آهي هن نوازشريف جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته وزيراعظم نه خود پارليامينٽ ۾ اچي ٿو ۽ نه ئي وزيرن جي غير حاضري تي انهن کان جواب طلب ڪري ٿو نواز حڪومت اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ جمهوريت ۽ عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو. ۽ ان جي حڪومت سمورن چئلينجن سان منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. گهرو زوير چوڌري نثارعلي خان سٺن ۽ برن طالبان جي پاليسي قائم ڪيو ويٺو آهي ڪشمير جي معاملي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير جي مسئلي سبب ڏکڻ ايشيا تي اڄ به جوهري جنگ جي تلوار لٽڪيل آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نوجوان قيادت کي اڳتي اچڻو پوندو پ پ پ جي چيئرمين چيو ته گذريل چونڊن ۾ طالبان ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن پ پ پ کي چونڊ مهم نه هلائڻ ڏني ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي بهتر نتيجا سامهون آڻيندي سنڌ صوبي ۾ معاشي ترقي ۽ بنيادي سهولتون ماڻهن کي فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو پاڪ آمريڪا لاڳاپا افغانستان ۾ دهشتگردي جي للڪارن تي به ڳالهه ڪئي. بلاول سان گڏ بختاور ڀٽو زرداري شيرين رحمان ۽ اڳوڻو سينيٽر خواجه اڪبر به ساڻس گڏ هو.

 

حڪومت سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته موجوده حڪومت سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ لاءِ اقتصادي سڌارن تي ڌيان ڏنو آهي هو هالينڊ جي ڪمپني رائيل فرائيز لينڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سان اربع تي ايوان وزيراعظم ۾ ڳالهائي رهيو هو وزيراعظم چيو ته ملڪ جي گڏيل آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي هتي غير هنرمند کان وٺي نهايت مهارت رکندڙ پروفيشن تي ٻڌل باصلاحيت افريدي قوت ڏٺي وڃي ٿي وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته حڪومت آبادگارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ ڀاڻ تي سبسڊي ۾ واڌ ڏني آهي ۽ مصابقت جي عالمي للڪارن جو مقابلو ۽ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز جي لاءِ قانون واضح ڪيا آهن هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف شعبن ۾ واپار جي سيڙپڪاري ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ بنيادي ڍانچو توانائي ۽ مواصلاتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي وزيراعظم نوازشريف چيو ته اسان خوش نصيب آهيون ته اسان وٽ 4 موسمون ٿين ٿيون وزيراعطم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده حڪومت سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ لاءِ اقتصادي سڌارن تي ڌيان ڏنل آهي. جنهن جو اعتراف بين الاقوامي ادارا به ڪري رهيا آهن. ريلوف اي جوسٽن چيو ته اسان پاڪستان ۾ ان جي لاءِ سيڙپڪاري ڪئي ڇو ته وچ ايشيا اسان جي ڪاروباري حڪمت عملي جي لاءِ وڏو اهم آهي ۽ پاڪستان خطي ۾ سيڙپڪاري لاءِ اسان کي موقعو فراهم ڪيو هن ڊيري مصنوعات جي شعبي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ سيپڙڪاري جي اها به وجهه آهي ته اسان کليل کير کان وٺي پيڪ کير تائين تمام وڏي تبديلي ڏسون ٿا. هن چيو ته بهتر سيڪيورٽي ماحول تيزي سان معياري بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي کوٽ ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي. ۽ ان سبب پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش هنڌ بڻجي رهيو آهي ملاقات ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار به ساڻس گڏ هو جڏهن ته وفد اينگرو ڪارپوريشن جي صدر ۽ سي اِي او حسين دائود غياث خان سي اِي او پائيٽ هلاروس سي ايف او هائن شوماچر ۽ ڪمپني ڊائريڪٽر اينڊ لاراڪر تي مشتمل هو.

 

خيبرايجنسي: مسافر وين کاهيءَ ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا فوت

خيبر ايجنسي (م.ڊ) خيبر ايجنسيءَ جي لنڊي ڪوتل ۾ وين اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، خيبر ايجنسيءَ ڀرسا لنڊي ڪوتل جي علائقي  ڪم شلمان ۾ هڪ وين اونهي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آهن، پوليٽيڪل انتظاميا جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ 5 عورتون، ٻه ٻارڙا ۽ وين جو ڊرائيور پڻ شامل آهن، حادثي کان پوءِ ريسڪيو آپريشن ڪري فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي خيبرايجنسي ۽ ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، انتظاميه جو چوڻ آهي ته زخمين مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي ۽ فوتين جو انگ وڌي سگھي ٿو.36

 

حڪومت قطري امير کي گھوڙو تحفي ۾ ڏيڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م.ڊ) سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قطري امير کي گھوڙو تحفي ۾ ناهي ڏنو ويو، ڪجھه مهينا اڳ قطر جي امير کي پاڪستان جو دور ڪرڻو هو، قطر جي امير کي ان موقعي تي گھوڙو تحفي ۾ ڏيڻو هو، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب خانگي ٽي ويءَ سان ڳالهائيندي چيو ته سي 130 وسيلي گھوڙو قطر موڪلڻ جون خبرون بي بنياد آهن، بي بنياد ۽ غلط خبر جي سختيءَ سان ترديد ٿا ڪيون، بي بنياد خبر جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان ڀوڳ بڻيل آهي. تضاد واريون خبرون هلائڻ کان پوءِ پيمرا نوٽيس وٺي ٿو ته پوءِ احتجاج ٿو ڪيو وڃي. خبر هلائڻ کان پهريان وزيراعظم هائوس، پرڏيهي وزارت کان تصديق ٿيڻ گھرجي.

 

پاڪستان تباهه ٿيڻ واريون اڳڪٿيون ختم ٿي ويون: ناڻي وارو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪي ۽ پرڏيهي قرضن جي ادائيگي جي صورتحال بهتري ڏانهن گامزن آهي ۽ پاڪستان ۾ تباهه ٿيندڙ واريون ڳالهيون ختم ٿي چڪيون آهن نجي ٽي وي موجب مختلف خدشن ۽ تنقيد جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت پنهنجي حڪومت جي پنجن سالن جي دوران 7 هزار 833 ارب رپين جو قرض ورتو جنهن ۾ ساليانو 19 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته موجوده حڪومت گذريل ٽن سالن دوران 9 ڏهاڪن ۾ 75 سيڪڙو جي شرح سان برقرار رکيو ويو. اسحاق ڊار چيو ته جون 2008 ۾ قرضن مان جي ڊي پي جي ڪل شرح 53.1 سيڪڙو هئي جيڪو اسان جي حڪومت سنڀالڻ تائين يعني جون 2013 ۾ 60.2 سيڪڙو تائين پهتي جڏهن ته جولاءِ 2013 کان جون 2016 تائين اها شرح 60.2 تي برقرار رهي ان ۾ وڌيڪ اضافو نه ٿيو جيڪو قرضن جي ادائيگي ۾ وضبوطي جو هڪ واضح اشارو آهي هن چيو ته مالي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو ترقي پذير ملڪن جي لاءِ ضروري آهي بهتر معاشي سار سنڀال لاءِ ضروري اهي ته انهن ٻنهي خسارن کي حد ۾ ئي رکيو وڃي وفاقي وزير موجب ملڪ جي پرڏيهي قرضن جي حوالي سان اهڙين خبرن کان ڪم ورتو وڃي ٿو پر ملڪ تي رهتون 5 ارب ڊالر ساليانو کان وڌيڪ نه آهن ۽ اهو 2021 تائين برقرار رهندو هن چيو ته پاڪستان جي ٽريڪ رڪارڊ کي ڏسندي ان ادائيگين مان ڪنهن جي ڳڻتي جو اضافو نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته پاڪستان 13-2012 ۽ 14-2013 دوران 6 ارب رپين جي ادائيگي ڪري چڪو آهي ناڻي جا ذخيرا تمام گهٽ هئا حڪومت ۾ ڪل قرضن جي اسٽاڪ ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته ڪوبه غير جانبدار مالي ماهر ان ڳالهه جي تصديق ڪندو ته ملڪ جي ناڻي جي ذخيرن جي مقابلي ۾ ان جو حجم ڪيترو وڌيو آهي. ان موجب ان بيان کي جاري ڪرڻ جو مقصد پرڏيهي اسٽيڪ هولڊرن کي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائيڻي هئي ته پاڪستان پنهنجي قرضن کي مناسب انداز ۾ سنڀالي رهيو آهي ۽ ڪنهن به اهڙي خبر جي ترديد ڪري ٿو جيڪو ملڪ جي قرضن جي ادائيگي جي حوالي سان ڪنهن خطري ۾ آهي.

 

ڪراچي چڙيا گهر جي حوالي سان گهڻيون شڪايتون مليون آهن، جن کي حل ڪيو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي 10 ارب رپين واري پيڪيج ۾ ڪراچي چڙيا گهر جي لاءِ به رٿائون موجود آهن جيڪي اڃان آخري مرحلي ۾ گذرن پيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڄ صبح ساڍي اٺين وڳي چڙيا گهر جي دوري دوران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه سان گڏ مڪاني کاتي جو صوبائي وزير ڄام خان شورو، ميئر ڪراچي وسيم اختر ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. هن چيو ته آئون اڄ اٽڪل 40 کان 42 سالن کانپوءِ هن چڙيا گهر ۾ آيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي چڙيا گهر جي حوالي سان گهڻيون شڪايتون مليون آهن، آئون هتي انهيءَ ڪري آيون آهيان ته چڙيا گهر جا پاڻ انتظامات ڏسان ۽ هن جي منصوبي بابت پڻ معلومات وٺان ۽ آئون پنهنجي آفيس ۾ پڻ انهي تي ڄاڻ وٺي چڪو آهيان. وڏي وزير چيو ته بي آصفه ڀٽو زرداري پڻ چڙيا گهر جي بهتري لاءِ گهڻي فڪرمند آهي ته گذريل ڏينهن ۾ هتي هڪ ڀولڙو (Chimpenzi) مري ويو هو.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي چڙيا گهر لاءِ اٽڪل 40 ايڪڙ زمين موجود آهي انهيءَ کي چڱي ريت بڻايو وڃي ته جيئن ٻارن ۽ سياحن کي هڪ بهترين گهمڻ لاءِ جاءِ ملي سگهي ۽ اسان اهو گهرون ٿا ته ڪراچي شهر ۾ چڙيا گهر کي ٻيهر تعمير ڪري بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ننڍپڻ ۾ پنهنجن ماءُ پيءُ سان گڏ سير و تفريح ۽ جانورن بابت معلومات جي لاءِ هن چڙيا گهر ۾ ايندا هئاسين. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي شهر جي عوام به پنهنجن ٻارن کي هتي موجود جانورن بابت ڄاڻ پهچايو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پالتو جانور پالين ٿا انهن کي گهرجي ته اهي هتي ضرور اچن ته جيئن اهي جيڪي پالتو جانور پالين پيا انهن بابت ڄڻ حاصل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجا ماءُ پيءُ مونکي ۽ منهنجن ڀيڻ ڀائرن کي هتي وٺي ايندا هئا ۽ آئون چاهيان ٿو ته هن چڙيا گهر کي اهڙي ريت بڻائڻ گهرجي جيئن ڪراچي جي عوام پنهنجن ٻارن کي هتي وٺي اچن جيئن پوري دنيا جي وڏن شهرن ۾ سٺا ۽ خوبصورت چڙيا گهر ٿيندا آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي پڻ دنيا جو ڇهون وڏون شهر آهي ۽ اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته چڙيا گهر کي ايئن بڻائڻ گهرجي جيئن پوري پاڪستان کان ماڻهو ڏسڻ اچن ۽ هتي اچي ڀرپور نموني لطف اندوز ٿي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جيستائين حددخلين جي ڳالهه آهي گهڻو جلد انهيءَ تي ضابطو آندو ويندو ۽ انهي چڙيا گهر کي طريقي سان بڻائڻ جي منصوبابندي ڪئي آهي، اسان جانورن کي پڃرن بجاءِ آزاد ماحول ۾ رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ايتري جڳهه موجود آهي ۽ اسان هتي پڻ ٻين جانورن کي آڻينداسين جيڪي هتي موجود نه آهن

 

جمهوريت صبر جو نالو آهي، عابد شير علي پنهنجا لفظ واپس وٺي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (م.ڊ) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ن ليگ اڳواڻ عابد شير علي جو عمران خان خلاف بيان جمهوريت جي ابتڙ آهي، اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي ڌمڪين جو ڪو جواز ناهي. عابد شير علي جي بيان جي مذمت ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته هو معذرت ڪندي وڏ ماڻهن جو مظاهرو ڪري ۽ پنهنجا لفظ واپس وٺي. غير قانوني ۽ غير اخلاقي ڌمڪين جو ڪو جواز ناهي. هن چيو ته جمهوريت صبر، برداشت ۽ بردباري جو نالو آهي ۽ ان جو ئي درس ڏئي ٿي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته اسان آمريت جو ظالماڻيون سختيون برداشت ڪيون، انهن دورن ۾ نه اسان تيس مار خان بڻاياسين ۽ نه وري پنجاب جا شينهن بڻاسين.27

 

لفظن جو سهارو وٺي حقيقتن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ وڙهڻ بجاءِ ڪرپشن مهگائي بيروزگاري ۽ غربت جي خلاف گڏجي وڙهڻ گهرجي حڪمران خاندان پانامه ڪيس ۾ ٽيڪنيڪي ۽ قطري فتح جو سهارو وٺي حقيقت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي قوم جي لٽيل دولت واپس آڻڻ کان اهم ڪم ڪوئي به نه آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته محترم جج عظمت سعيد جي بيماري سبب عدالت ۾ پانامه ليڪس جي ٻڌني ملتوي ٿي ويئي آهي ٻيهر ٻڌني لاءِ ٽن کان چئن ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو پانامه ليڪس جي ٻڌڻي لاءِ جج حاضر هئا پر جسٽس عظمت سعيد جي غير حاضري سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي اسان جي دعا آهي ته جسٽس عظمت سعيد جلد صحتياب ٿئي ۽ پاناڪه ليڪس ڪيس جلد پنهنجي سٺي انجام تائين پهچي اسان جي جنگ ڪرپشن جي خلاف آهي ۽ ان جي خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي. ڪرپشن جي خلاف وڙهڻ سڄي قوم جي ذميواري آهي. اسان جي عدالت کي اپيل آهي ته هو اسان جي ٻي پٽيشن کي به ان سان گڏ ٻڌو وڃي ته جيئن پانامه ۾ جنهن جو نالو آيو آهي ان جو احتساب ٿي سگهي معاشري کي ڪرپشن ۽ ڪرپٽ ماڻهن کان صاف ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن کي سزا ڏني وڃي ۽ جيل ۾ اماڻيو وڃي. جماعت اسلامي ڪرپشن ۽ ڪرپٽ سسٽم جي خاتمي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

 

لاڙڪاڻي ڀرسان پراڻي دشمني تان هٿياربندن هٿان ۳ نوجوان قتل

لاڙڪاڻو(بيورو)  لاڙڪاڻي لڳ بنگل ديرو باءِ پاس وٽ خوني تڪرار تان لولائي ذات سان واسطو رکندڙ ۳ نوجوان گولين جو کاڄ بڻجي ويا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، اطلاع تي مقتول نوجوانن جي گهرن ۾ قيامت برپا ٿي وئي آهي، نوجوانن جي قتل کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. تفصيل موجب رتوديرو ۾ لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان ٽن هٿياربندن پاران لاڙڪاڻي ڏانهن موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ايندڙ ٽن نوجوانن مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ٻه ڄڻا فيض محمد لولائي ۽ محمد بخش لالائي ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته محمد سچل لولائي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي آس پاس جي ماڻهن پاران چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٽئي مقتول پاڻ ۾ ويجها مائٽ هئا ۽ هو لاڙڪاڻي ڏانهن اچي رهيا هئا ته کين قتل ڪيو ويو، ان حوالي سان حد جي لاشاري ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي ۽ واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

 

هلندڙ سال جي جون مهيني ۾ ڪراچي مٽجي ويندو: منظور وساڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) صوبائي صنعت 7 واپار واري وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ شادي هال پهرين فيبروري کان رات 10 وڳي بند ڪرائڻ وارو فيصلو اڃا تائين نه ٿيو آهي ۽ ان جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته هن مهيني شادي هال وارن جي ميٽنگ گهرائينداسين جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو. شادي هالن جي مالڪن سان منهنجي اڳواڻي ۾ وزيرن جي ڪميٽي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ڪراچي ۾ جاري ميگا منصوبن تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي اڏاوت ۽ مرمت سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ڪراچي ۾ جاري ترقياتي ڪمن سبب شادي هال وارن کي ٿورو وقت ڏنو ويندو. ڪمن سبب 10 منٽن جي سفر ۾ 20 منٽ لڳي رهيا آهن. هن چيو ته گورنر جو اختيار جيڪڏهن منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته ٻيو ڪجهه ڪيان ها پر گورنر جي مقرري وفاق جي هٿ ۾ آهي. منظور حسين وساڻ وڌيڪ هڪ خواب ٻڌائيندي چيو ته پاناما جو بم 2017 ۾ ئي ڦاٽندو.