تازيون خبرون

Daily Archives: February 1, 2017

ڪنهن سان به جنگ ناهي، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: پاڪ فوج

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور واضح ڪيو آهي ته ڪنهن سان به جنگ نه آهي، سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، سرحدن جي حفاظت ڪنداسين، گذريل 3 سالن دوران ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران سيز فائر جون 945 خلاف ورزيون ٿيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ 46 پاڪستاني شهري شهيد ۽ 40 ڀارتي فوجي مارجي ويا، سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، دهشتگردن خلاف جنگ ۾ 70 هزار 920 کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، سڄي ملڪ ۾ 26 هزارن کان وڌيڪ انٽليجنس آپريشن ۽ ڪومنگ آپريشن سان امن جي صورتحال بهتر ٿي آهي، آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ عارضي طور بي گهر ٿيندڙ اٽڪل 84 سيڪڙو ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي چڪا آهن، اسان کي افغانستان جي صورتحال تي ڳڻتي آهي ۽ اسان اهڙي گهڙي ۾ ان سان گڏ آهيون، آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ افغان بارڊر تي سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، بلوچستان ۾ امن جي بهتري ٿي آهي ۽ ان صورتحال سان گڏ ترقياتي ڪم به جاري آهن، رينجرز، سنڌ پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪراچي جي شهرين جي تعاون سان پنهنجو ڪم جاري رکندا، 15 مارچ کان پاڪستان ۾ مردم شماري ٿي رهي آهي، ان ۾ فوج به ڀرپور مدد ڪندي، 2 لک فوجي حصو وٺندا، حافظ سعيد جي نظربندي جو فيصلو حڪومت جي پاليسي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم کي متحد ڪرڻ ۽ دهشتگردن جي بيانن کي رد ڪرائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيون ٿيون، ڊان ليڪ معاملي تي انڪوائري ٿي رهي آهي، اڱاري تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ميڊيا جي نمائندن کي آءِ ايس پي آر ۾ ڀليڪار ڪيون ٿا، بريفنگ جو مقصد توهان کي ملڪ جي سلامتي صورتحال ۽ پاڪستان فوج ان سلسلي ۾ ڪيل آپريشن بابت تازي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ آهي، هن چيو ته 2008-09 ۾ دهشتگردن کان ملڪ جو ڪو به حصو محفوظ نه هو، دهشتگرد افغانستان جي سرحد سان جڙيل علائقن ۾ ڪارروايون ڪري رهيا هئا، ان منصوبي تحت اسان دهشتگردن جو بنا فرق خاتمي جو جيڪو عمل 2008 ۾ باجوڙ کان شروع ڪيو هو اهو بعد ۾ مهمد، سوات، ڏکڻ وزيرستان، خيبر، ڪرم، اورڪزئي، کان ٿيندي پنهنجي آخري مرحلي ۾ آپريشن ضرب عضب جي صورت ۾ اتر وزيرستان تائين پهتو، هن چيو ته ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري قرباني گهرندي آهي ۽ سان کي انهن قربانين تي فخر آهي، هن چيو ته قبائلي علائقن جا اهي ڀائر جيڪي آپريشن سبب عارضي طور تي افغانستان هليا ويا هئا اهي حالتون بهتر ٿيڻ تي واپس اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هن چيو ته ضرب عضب جي ڪاميابي سان پاڪ افغان بارڊر تي سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، امن جي حوالي سان بلوچستان ۾ بهتري آئي آهي، ايف سي صوبائي ليويز ۽ فوج جي محنت رنگ لاتو آهي، بلوچستان ۾ اٽڪل 3 هزار آپريشن ٿي چڪا آهن، 2016 ۾ امن جي بحالي لاءِ آرمي، ايف سي ۽ پوليس جي 189 جوانن پنهنجي جانين جو نظرانو پيش ڪيو، جڏهن ته 376 پاڪستاني شهري شهيد ٿيا، هن چيو ته گذريل 2 سالن ۾ رينجرز جي آپريشن سبب ڪراچي جون حالتون بهتر ٿيون آهن، دهشتگردي ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ڪراچي اسٽريٽ ڪرائيم به جاري آهي، ان سلسلي ۾ رينجرز، پوليس جي گڏيل تعاون سان ڪم جاري رکندا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف ڪاميابي ٽنهي هٿياربند فوج جي وچ ۾ بي مثال تعاون جو نتيجو آهي، هن چيو ته واضح رهي ته اسان جي اها جنگ جاري آهي ۽ اسان کي ان ڪاميابي تي هميشه وارا نتيجا ۽ امن طرف وٺي وڃڻو آهي، هن چيو ته جيستائين عوام اسان سان گڏ آهي اسان ڪنهن به خطري جو ڪاميابي سان مقابلو ڪنداسين، ڀارت اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، اسان ڪنهن سان جنگ نٿا چاهيون ۽ جنگ مسئلي جو حل نه آهي، مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي چاهيون ٿا، هن چيو ته 46 پاڪستان شهري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ان جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 40 ڀارتي فوجي مارجي چڪا آهن، اهو سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل منصوبي جو حصو آهي، ڀارتي آرمي چيف جو ڪولڊ اسٽارٽ ڊاڪٽري بابت تازو بيان اسان جي خدشن جي تصديق ڪئي آهي ان حقيقت سان مڪمل طور تي ڀارت ماضي ۾ انڪاري رهيو آهي، اسان جو موقف هو ڀارت اها صلاحيت حاصل ڪري رهيو آهي ۽ اراده ڪنهن به وقت تبديل ٿي سگهن ٿا، ڀارتي چيف نه صرف ان صلاحيت جي تصديق ڪئي آهي پر ان کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري پنهنجا ارادا به ظاهر ڪيا آهن جنهن سان پاڪستان جي ماضي ۾ ڪيل خدشن جي تصديق ٿي آهي، هن چيو ته پاڪ فوج دنيا جي واحد فوج آهي جيڪا محاظن تي ڪاميابي سان قدم اڳتي وڌائي رهي آهي، پاڪستان هنن ڏينهن ۾ بابر ٿري ميزائيل ۽ ابابيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، پاڪستاني فوج ۽ عوام ڀارت جي ڪنهن به قسم جي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ هر طرح جي اڳرائي جو جواب ڏينداسين، افغانستان ۽ پاڪستان ملڪ پاڙيسري آهن، افغانستان جو عوام ۽ فوج به دهشتگردي خلاف ڀرپور جنگ وڙهي آهي، دهشتگردي ملڪ ۽ مذهب کان مٿانهين آهي ۽ اسان کي گڏجي ان جو مقابلو ڪرڻو پوندو، ڪجهه قوتن جو مقصد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي، پ پ پ جي قيادت وڏي عرصي کان افغانستان ۾ پناهه ورتل آهي، آرمي چيف افغان قيادت سان فون تي ڳالهه ڪري تازن ڌماڪن جي مذمت ڪئي ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، آرمي چيف چٽن لفظن ۾ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، افعانستان سان گڏجي دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکي ويندي، آرمي چيف هڪ موثر ٻطرفي سرحد انتظام ۽ انٽيليجنس شيئرنگ جي به تجويز ڏني، اسان کي اميد آهي ته مثبت جواب ڏنو ويندو، اسان کي يقين آهي ته پاڪستان جو هر شهري پنهنجي پنهنجي موقعي جو سپاهي آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ماڻهو بي يقيني  ۽ عدم استحڪام جو تاثر ڏئي قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي، ترقي ۽ خوشحالي جهڙن وڏن قومي مقصدن لاءِ متحد رهنداسين ته ملڪ ترقي ڪندو، هڪ سوال تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته قومي مفاد هر شيءِ تي مقدم آهي، قومي يڪجهتي ۾ ئي سڀني جي ڀلائي آهي، پاڪستان اسان سڀني جو آهي، حافظ سعيد جي نظربندي جي حوالي سان هن چيو ته اهو فيصلو رياستي ادارن جو هو جيڪو قومي مفاد ۾ ڪيو ويو، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ تفصيل جاري ڪئي ويندي، هڪ يا 2 ڏينهن انتظار ڪنداسين، هن چيو ته بلا غرض جي گمشدگي سان پاڪ فوج جو ڪو به تعلق نه آهي، اهي پنهنجي گهرن ۾ اچي ويا آهن، انهن جو بيان سڀني جي اڳيان آهي، فوجي عدالتن پنهنجو ڀرپور ڪم ڪيو، مليٽري ڪورٽن بابت فيصلو حڪومت ڪندي، ملڪ ۾ مختلف آپريشن هلي رهيا آهن ۽ آپريشن جي حوالي سان اسٽيٽ جيڪو به فيصلو ڪندي ان حوالي سان ڪيو ويندو، ڪل ڀوشن بابت حڪومت پاڪستان ڀارت سان رابطو ڪيو آهي.

 

لنڊن فليٽس جي لاءِ سرمايو ڪٿان آيو، شريف خاندان جا ٻار اتي ڪئين رهي رهيا هئا؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ڪيس جي معاملي تي داخل ٿيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر حديبيه پيپرملز ريفرنس تي عدالتي فيصلي جي خلاف اپيل داخل نه ڪرڻ جو رڪارڊ پيش ڪيو آهي اڱاري تي سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج آصف سعيد کوسي جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بئنچ جڏهن ٻڌڻي شروع ڪئي ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب وقاص ڊار حديبيه پيپر ملز ريفرنس تي اپيل داخل نه ڪرڻ خلاف اجلاس جي ڪارروائي جا منٽس جمع ڪرايا. جسٽس گلزار احدم پڇا ڪئي ته اهڙا ڪيترا ڪيس آهن جن ۾ اپيل داخل نه ڪئي ويئي جنهن تي پراسيڪيوٽر جنرل نيب جواب ڏنو ته اهڙا کوڙ سارا ڪيس آهن جن ۾ ججن جي فيصلي ۾ اختلافن سبب اپيل داخل نه ڪئي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته اهڙا تمام گهڻا ڪيس آهن جن ۾ جج متفقه فيصلو ڏنو پر نيب اپيل داخل ڪئي جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته جڏهن نيب جي واري ايندي ته ان پهلو کي غور هيٺ آڻينداسين وقاص ڊار ٻڌايو ته پراسيڪيوٽر نيب اپيل داخل نه ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن سان نيب جي چيئرمين اتفاق ڪيو ٻڌني دوران وزيراعظم جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز جي وڪيل سلمان اڪرم پنهنجا دليل ٻيهر شروع ڪيا ۽ چيو ته رڪارڊ مان ثابت ٿئي ٿو ته فيڪٽري جو وڪري سان 12 درهم ملين مليا جسٽس اعجاز افضل پڇا ڪئي ته بئنڪ جون رهتون ڪنهن ادا ڪيون جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته ٿي سگهي ٿو ته فيڪٽري جي منافعي سان رهتون تباهه ڪيون ويون هجن جسٽس اعجاز افضل پڇا ڪئي ته ڇا 75 سيڪڙو وڪرو تي بئنڪ تي قرض جي ادائيگي ٿي جنهن تي سلمان اڪرم ٻڌايو ته 75 سيڪڙو حصي جي وڪرو سان ملندڙ 21 ملين درهم قرض جي مد ۾ ادا ڪيا جنهن تي جسٽس اعجاز افضل سوال ڪيو ته فيڪٽري جي باقي رهتن جو ڇا ٿيو وڪيل ٻڌايو ته ڪاروبار تي ڪنٽرول ميان شريف جو هو  ۽ طارق شفيع گلف فيڪٽري جا روزانه جا معاملا نه ڏسندو هو جسٽس کوسي سوال ڪيو ته وزيراعظم جي مقرري موجب اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽو جي دور ۾ 6 نيون فيڪٽريون لڳائڻ جو ذڪر آهي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته جڏهن پاڪستان ۾ 6 نيون فيڪٽريون لڳايون ويون ته گلف فيڪٽري جي ڪهڙي ضرورت هئي هن چيو ته وزيراعظم جي تقرير ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر نه آهي جنهن تي سلمان اڪرم جواب ڏنو ته دبئي مل هڪ حقيقت آهي ۽ جدي جي ملڪ دبئي فيڪٽري جي مشينري سان تيار ڪئي ويئي. ۽ ان کان پوءِ ان ۾ نئين مشينري به لڳائي ويئي جسٽس آصف سعيد کوسي سوال ڪيو ته ڇا دبئي فئڪري جي مشينري حسين نواز خريد ڪئي هئي ڇو ته مشينري جي خريد ۽ وڪرو جو وزيراعظم ڪٿي به ذڪر نه ڪيو آهي ان موقعي تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته طارق شفيع جي بيان کان پوءِ ٻئي بيان ۾ بهتري آندي ويئي. سلمان اڪرم عدالت کي ٻڌايو ته 7 نومبر جي تحريري جواب ۾ دبئي فيڪٽري ۾ 12 ملين درهم جي سيڙپڪاري جو ذڪر آهي جنهن تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته ان ڪهاني جو اهم حصو قطري سيڙپڪاري آهي. جيڪڏهن طارق شفيع کي قطري سيڙپڪاري جو علم هو ته بيان ۾ ذڪر ڪري ها. جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته معاملي ۾ قطري شاهي خاندان شامل هو ان لاءِ 7 نومبر جي جواب ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر نه ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ قطري خاندان جي رضامندي کان پوءِ قطر ۾ سيڙپڪاري جو موقف سامهون آندو ويو جسٽس اعجازالحسن چيو ته 5 نومبر تي قطري خط آيو طارق شفيع جو بيان 12 نومبر تي آيو سوال اهو آهي ته لنڊن فليٽن جي لاءِ سرمايو ڪٿان آيو جڏهن ته حسين نواز جو موقف هو ته لنڊن فليٽ قطري سيڙپڪاري سان مليا جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته ايئن لڳي ٿو ته هتي جرح نه پر ٽرائيل ٿي رهيو آهي طارق شفيع کي ڪٽهڙي ۾ گهرائي سوال پڇيا وڃن جنهن تي جسٽس کوسي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جو نالو وٺڻ بغير چيو ته مان هڪ ريمارڪس ۾ ڪتاب ۾ صفحو گم ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي هڪ محترم اسيمبلي ميمبر تمام گهڻو ڌڙڪا ڏنا هئا ته سڀ ثبوت موجود آهن ۽ نظر نٿو اچي جسٽس اعجاز افضل چيو ته فيڪٽري جي وڪرو سان 12 ملين درهم مليا اهي غير متنازعه حقيقتون آهن ان جو چوڻ هو ته هر معاهدي ۾ بئنڪ جو ذڪر آهي پر 12 ملين درهم ڪيش ورتا ويا جنهن تي ايڊووڪيٽ جواب ڏنو ته  ڪيس رقم به ورتي ويندي آهي جسٽس اعجاز افضل چيو ته پانامه جو ڪيس پنهنجي نوعيت جو ڪيس آهي ۽ جيڪي دستاويز آندا ويا آهن انهن مان اهو ثابت نٿو ٿئي ان موقعي تي سلمان اڪرم چيو ته گذريل ڏينهن عدالت ۾ 12 ملين درهم اٺن تي کڻي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي هئي 1980 ۾ دبئي ۾ هزار درهم جو نوٽ موجود هو ۽ اها ايڏي وڏي رقم نه آهي جو اٺن تي کنئي وڃي وڪيل ٻڌايو ته شريف فئملي جو جهاز ڪراچي بندرگاهه تي روڪيو ويو هو جنهن سان 50 ڪروڙ جو نقصان ٿيو شريف خاندان کان 1993 کان 1996 ۾ لنڊن جا فليٽ نه خريد ڪيا لنڊن فليٽن جي 1993 ۽ 1996 ۾ گڏيل پاڪستاني ماليت 7 ڪروڙ ٺهي ٿي جسٽس اعجازالحسن پڇا ڪئي ته 1993 کان 1996 ۾ آفشور ڪمپني جو مالڪ ڪير هو سلمان اڪرم جواب ڏنو ته شريف فئملي ان وقت آف شور ڪمپنين جي مالڪ نه هئي شريف فئملي فليٽ 2006 ۾ خريد ڪيا هن ٻڌايو ته 2006 کان پهريان ڪمپنين جي بيريئر سرٽيفيڪٽ قطر جي الساني خاندان وٽ هئا اساني خاندان 1993 کان 1996 ۾ آف شور ڪمپنين ذريعي فليٽ خريد ڪيا جسٽس آصف سعيد کوسي ريمارڪس ڏنا ته شهزادو حماد بن جاسم کان پڇا ڪئي وڃي ته هن اهي فليٽ ڪڏهن خريد ڪيا جسٽس گلزار احمد پڇا ڪئي ته اهي فليٽ شريف فئملي جي استعمال هيٺ ڪڏهن آيا وڪيل جواب ڏنو ته اهو ڪو راز نه آهي شريف فئملي جا ٻارڙا شروع کان ئي اتي رهي رهيا آهن جج صاحبان پڇا ڪئي ته شريف فئملي جا ٻارڙا اتي ڪيئن رهي رهيا هئا جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته خانداني لاڳاپن جي بدولت 1993 ۾ انهن فليٽن ۾ حسن ۽ حسين رهائش اختيار ڪئي ۽ ان کان پوءِ اهي فليٽ ڪاروباري معاهدي جي نتيجي ۾ قطر وارن ۽ شريف خاندان جي حوالي ڪيا جنهن تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته شريف فئملي 13 سالن تائين فليٽن ۾ رهي ۽ وڏا گهرا لاڳاپا هئا جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شريف خاندان فليٽن جو ڪرايو ادا ڪيو هو هن عدالت کي ٻڌايو ته الساني خاندان وٽ لنڊن ۾ تمام گهڻا فليٽ آهن عدالت مفروضن کي نه ڏسي وڪيل چيو ته لنڊن فليٽ التوفيق ڪمپني وٽ گروي نه رکيا ويا شيزي نقوي رحمان ملڪ رپورٽ جي بنياد تي فليٽن جي ملڪيت شريف خاندان جي ٻڌائي جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسي پڇا ڪئي ته اسان رحمان ملڪ جي رپورٽ درست تسليم ڪيون ڇا حماد بن جاسم کان پڇيو وڃي ته هن اهي فليٽ ڪڏهن خريد ڪيا وڪيل چيو ته اهو پڇڻ جي ضرورت نه آهي جنهن تي جسٽس آصف کوسي پڇا ڪئي ته ڇا شيزي نقوي پاڪستاني شهري آهي جنهن تي سلمان اڪرم ٻڌايو ته شيزي نقوي پاڪستاني آهي ۽ اڃا تائين التوفيق ڪمپني سان جڙيل آهي جسٽس عظمت سعيد پڇا ڪئي ته ڇا شيزي نقوي جي بيان جي نقل ڪاپي موجود آهي جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نقل جي ڪاپي موجود آهي پر تصديق ٿيل نه هئڻ سبب فائل نه ڪئي وئي جسٽس شيخ عظمت سعيد هدايت ڪئي ته شيزي نقوي جي برطانوي جي عدالت ۾ ڏنل بيان جي نقل جمع ڪرايو وڪيل ٻڌايو ته برطانوي عدالت شيزي نقوي جي بيان حلفي تي فليٽ ضبتگي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو جسٽس شيخ عظمت سعيد پڇا ڪئي ته برطانوي عدالت جو حڪم عبوري هو ڇا ٻي پارٽي جي غير حاضري تي اهو حڪم ڏنو ويو جسٽس اعجازالحن سوال ڪيو ته ڇا رقم جي ادائيگي تي برطانيا جي عدالت چارج واپس ورتي. سلمان اڪرم دليل ڏنا ته التوفيق ڪيس مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته شريف فئملي 1999 کان پهريان فليٽن جي مالڪ هئي ان موقعي تي ججن سوال ڪيو ته توهان چئو ٿا ته 2006 ۾ خريد ڪيل توهان 13 سالن تائين فليٽن ۾ رهيا ته آڱر توهان ڏانهن اٿي ٿي جنهن تي سلمان اڪرم جواب ڏنو ته آڱر منهنجي موڪل طرف نٿي اٿي سگهي ڇو ته هو پنهنجي موقف تي قائم آهن جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته يقينن توهان کي قدمن تي ئي بيهڻو پوندو. گوڏن تي نه ٻڌڻي دوران جسٽس آصف سعيد کوسي ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم جي تقرير ۾ ڀٽو جي دور ۾ ڇهه نيون فيڪٽريون لڳائڻ جو ذڪر آهي جسٽس گلزار پڇا ڪئي ته پاڪستان ۾ 6 نيون فيڪٽريون لڳايون ويون ته گلف فيڪٽري جي ڪهڙِ ضرورت هئي وزيراعظم جي تقرير ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر نه آهي جسٽس آصف سعيد کوسي پڇا ڪئي ته مينري جي خريد ۽ وڪرو ۾ وزيراعظم جو ڪٿي به ذڪر نه آهي مان ڪتاب ۾ صفحو گم ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن تي اسان کي ڌڙڪا ڏنا ويا ته سڀ ثبوت موجود آهن ۽ نظر نه اچي رهيا آهن غلطي ٿي سگهي ٿي ته اسان کي نظر نه آيا هجن شايد دبئي فيڪٽري جي مشينري حسين نواز خريد ڪئي جنهن تي سلمان اڪرم ٻڌايو ته دبئي فيڪٽري جي مشينري سان جده مل تيار ڪئي ويئي. ان کان سواءِ مل ۾ نئين مشينري به لڳائي ويئي. جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته هسين نواز موجب لنڊن فليٽ قطري سيڙپڪاري سان مليا سوال اهو آهي ته لنڊن فليٽن جي لاءِ سيڙپڪاري ڪٿان آئي. ان ڪهاڻي جو اهم حصو قطري سيڙپڪاري آهي. وزيراعظم جي مقرري ۽ طارق شفيع جي بيان ۾ قطر ۾ سيڙپڪاري جو ذڪر نه آهي.  سلمان اڪرم جواب ۾ چيو ته دبئي مل هڪ حقيقت آهي ڪاروبار تي ڪنٽرول ميان شريف جو هو طارق شفيع کي بيان کان اڳ سموري تفصيل جي خبر هئي. ايئن نه ته انهن سوالن جا جواب نه آهن جيڪي سوال مون کان پڇيا پيا وڃن اهي طارق شفيع کي بطور گواهه گهرائي پڇيو وڃي 12 ملين درهم جي رقم الساني فئملي کي 6 قسطن ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڏني ويئي ان کان پوءِ ٻڌڻي اڄ اربع تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

پاڪستان جو عالمي برادري کان 1969 جي فلسطيني سرحدن جي بحالي جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ)وزيراعظم نوازشريف 1969 جي فلسطيني سرحدن جي بحالي جو مطالبو ڪندو عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو فلسطين جي مسئلي جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري فلسطيني مسئلي جي حل کان سواءِ خطي ۾ امن قائم نه ٿي سگهندو مشرق وسطي ۾ امن جي حوالي سان ڪيل ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا فلسطين مان اسرائيلي آبادي نڪرڻ گهرجي فلسطيني صدر سان ملاقات ۽ انتهائي فائديمند رهي ۽ پاڪستان پنهنجي برادر ملڪ جي حمايت جاري رکندو پاڪستان جي دوري تي آيل فلسطيني صدر محمود عباس وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات لاءِ وزيراعظم هائوس پهتو وزيراعظم نوازشريف ان جو شاندار آجياڻو ڪيو ۽ وزيراعظم هائوس جي مرڪزي دروازي تي ئي فلسطيني صدر کي پاڪ فوج جي ڦڙت دستي سلامي پيش ڪئي ۽ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو وزيراعظم نوازشريف ۽ فلسطيني صدر ۾ مذاڪرات ۾ فلسطين جي مسئلي ٻطرفي لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته فلسطيني مسئلي جي حل کان سواءِ خطي ۾ امن قائم نه ٿي سگهندو نوازشريف چيو ته هو مشرق وسطي ۾ امن جي حوالي سان ڪيل ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو صحافين کي بريف ڪندي فلسطيني صدر پاڪستان جي ميزباني ۽ شاندار آجياڻي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان مهمان نوازي لاءِ مشهور آهي وزيراعظم ۽ حڪومت جي تعاون جو ٿورائتو آهيان هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ گهرجي ۽ والاريل فلسطين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته ملاقات ۾ خطي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.ٻئي طرف وزيراعظم نوازشريف ۽ فلسطيني صدر محمود عباس فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت جو افتتاح ڪري ڇڏيو اڱاري تي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت ۾ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ سفارتخاني جي اعليٰ اختيارين کان سواءِ فلسطين جي شهرين شرڪت ڪئي ٻنهي اڳواڻن نئين ڪامپليڪس جي تختي لڳائي ياد رهي ته پاڪستان 1992 ۾ سفارتخاني لاءِ رکيل ايراضي جو عطيو ڏنو هو ان منصوبي لاءِ 10 لک ڊالر به فراهم ڪيا فلسطين جي صدر محمود عباس منصوبي جي تڪميل لاءِ مالياتي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون تي حڪومت پاڪستان جا ٿورا مڃيا هن ان کي پاڪ فلسطين وضبوط دوستي جي عمده علامت قرار ڏنو ان کان اڳ فلسطيني سفارتخاني تي اچڻ تي صدر محمود عباس وزيراعظم جو آجياڻو ڪيو ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي سان ڀاڪر پائي مليا جڏهن ته هڪ ننڍڙي ٻارڙي وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ان کان پوءِ وزيراعظم سفارتخاني جا مختلف حصا ڏٺا وزيراعظم نوازشريف ۽ صدر محمود عباس مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق وزير ۽ سفيرن ليفٽيننٽ جنرل عبدالقادر بلوچ به تقريب ۾ ساڻس گڏ هو.

 

مولابخش چانڊيو، اصغر جوڻيجو ۽ سعيد غني کي به هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (اين اين آءِ) ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کان قلمدان ۽ ٻن مهينن جون پگهارون واپس وٺڻ جي ترديد ڪري ڇڏي سنڌ هاءِ ڪورٽ سڌسماءَ واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو ليبر واري صلاحڪار سعيد غني ورڪس اينڊ سروس جي صلاحڪار اصغر جوڻيجو کي به فوري طور تي هٽائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو تفصيل موجب ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته مرتضيٰ وهاب کان قانون واري صلاحڪار جو قلمدان جو واپسي وارو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو اهي جنهن تي عدالت اطلاع ليبر ورڪس اينڊ سروسز جي صلاحڪارن کان قلمدان جي واپسي جو نوٽيفڪيشن به طلب ڪري ورتو عدالت چيو ته ٻن ڏينهن ۾ ٻڌايو وڃي ته انهن صلاحڪارن کي ڪيتريون مراعتون ۽ اختيار ڏنا ويا ايڊووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته انهن وٽ ڪوبه قلمدان نه آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مرتضيٰ وهاب ٻن مهينن ۾ 12 لک 80 هزار پگهار ڏني ويئي عوام جو پئسو ڪهڙي طرح لٽايو پيو وڃي وڪيل ٻڌايو ته ٻن مهينن جون پگهارون به واپس ورتيون ويون آهن چيف جسٽس مولانابخش چانڊيو سعيد غني ۽ اصغر جوڻيجو کي فوري طور تي هٽائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن صلاحڪارن کي وزير جي پگهار ۽ مراعتون ڏيڻ ثابت ٿيو ته ڪيس داخل ڪرائي سگهن ٿا چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ صلاحڪار مراعتن سان ماهوار 12 لک 80 هزار پگهار ڪهڙي خوشي ۾ وصول ڪري رهيو آهي ٻه مهينا اڳ حڪم ڏنو هو ته ڪوئي به صلاحڪار عوامي عهدو وزارت ۽ مراعتون نٿو وٺي سگهي.

 

قومي معيشت جي استحڪام لاءِ آءِ ٽي تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي: ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومي معيشت جي استحڪام لاءِ آءِ ٽي تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي نئين نسل کي جديد علمي ۽ فڪري رجحانن سان آگاهه ڪرڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالوجي جو استعمال تمام ضروري اهي صدر اها ڳالهه پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت هيٺ پاڪستان موبائيل ايف ايوارڊز 2016 جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالوجي واري مملڪتي وزير انوشا رحمان پاڪستان ٽيليڪيونيڪيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سيد اسماعيل شاهه کان سواءِ مهمانن جو وڏو انگ موجود هو صدر چيو ته حڪومت عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان جي ترجيحي ۽ حڪمت عملي صحيح رخ تي هلي رهي آهي هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت سمورا وسيلا ڪم آڻي رهي آهي صدر چيو ته خصوصي ماڻهو اسان جي معاشري جو حصو آهن ۽ انهن جي خدمت ڏکايل انسانن جي خدمت آهي هن چيو ته ٻڌڻ ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت سميت ٻين ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ماڻهن جي سولائي لاءِ اهڙيون اپيليڪيشنون تيار ڪيون ويون آهن جن مان هو فائدو وٺي سگهن ٿا صدر چيو ته اها تمام خوشي جي ڳالهه آهي ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي زندگي ۾ سولائي پيدا ڪرڻ جي اپيليڪشن تيار ڪرڻ جو مقابلو منعقد ڪرايو جنهن ۾ آءِ ٽي جي ماهرن جي وڏي انگ حصو ورتو هن اميد ظاهر ڪئي ته انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت ۽ ان جا ذميوار آئينده به انهيءَ جذبي سان پنهنجي خدمتن جو سلسلو جاري رکندا. صدر اها اميد به ظاهر ڪئي ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالوجي کي مستقبل جي تقاضائن کان هم آهنگي ڪري ملڪ جي وسيلن ۾ قابل قدر اضافو ڪري سگهي ٿي ان موقعي تي صدر 2016 ۾ اپيليڪشن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماهرن کي اعزاز به ڏنا. صدر چيو ته حڪومت پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شعبي جي ترقي لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا اهن حڪومت آپيٽڪل فائبر جي تصديق جي مختلف منصوبن جي تحت ٿري جي ۽ براڊ بينڊ سروس سميت انهن شعبن جي لاءِ فراخدلي سان فنڊ فراهم ڪيا آهن جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن ڳوٺانن تائين آپٽيڪل فائربر جي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.

 

وزير اعظم ۽ آرمي چيف ۾ ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون، امن دشمنن جو خاتمو ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (م.ڊ) وزير اعظم پاڪستان ميان نواز شريف سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران علائقائي ۽ قومي سلامتي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ملاقات دوران ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون سان گڏ افغان بارڊر ۽ پاڪ ڀارت بارڊر جي سيڪيورٽي تي به غور ۽ امن دشمنن جو خاتمو ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. آرمي چيف وزير اعظم کي ڪراچي آپريشن، ضرب عضب ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. آرمي چيف جي وزير اعظم ملاقات دوران فوجي عدالتن ۾ واڌ جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون.

 

ايراني انقلاب تي ايراني عوام کي مبارڪون پيش ڪريان ٿي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م.ڊ) سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايراني انقلاب تي ايراني عوام کي مبارڪون پيش ڪريان ٿي، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته سفارتي لاڳاپا ٻنهي ملڪن کي ويجھو آڻڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿيندا، ٻنهي ملڪن جو نوجوان نسل ۾ بهترين لاڳاپا ترجيحن ۾ شامل آهي، ايراني حڪومت دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪندي، مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط ڪندي، علامه اقبال ايران ۽ پاڪستان جي ويجھڙائيءَ جي علامت آهي.

ڏکڻ ايشيا کي معيشت ۽ توانائي جو خطو بڻجڻ گهرجي تڪراري خطي جو نه: بلاول ڀٽو زرداري

واشنگٽن (اين اين آءِ) پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڏکڻ ايشيائي کي معيشت ۽ توانائي جو خطو بڻجڻ گهرجي تڪراري خطو نه ڪشمير ٻه ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ وڏو تڪرار بڻيل آهي افعانستان پاڪستان جي استحڪام لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ صرف پاڪستان جي ذميواري نه آهي. واشنگٽن ۾ آمريڪي انسٽيٽيوٽ امن جي تحت مقالمي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته مان اميد ڪيان ٿو ته ڀارت پاڻي کي بطور هٿيار استعمال نه ڪندو پاڪستان کي مسئلو نه پر مسئلي جو حل وارو حصو سمجهڻ گهرجي هن چيو ته ڏکڻ ايشا کي معيشت ۽ توانائي جو خطو بڻائڻ گهرجي هن چيو ته آمريڪا افغان جهاد کان پوءِ پاڪستان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو هو اسان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خلاف دنيا جي سب کان وڏي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ پاڪ فوج دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ۾ مصروف آهي هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني شهرين ۽ فوج وڏي قرباني ڏني آهي.

 

ڪيترائي وزير هڪ خاندان جي دفاع ۾ مصروف آهن، سرڪاري وسيلا هڪ خاندان کي بچائڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪمران خاندان نٿو چاهي ته عدالت ڪنهن نتيجي تي پهچي هن وقت تائين حڪومتي رويي سان ثابت ٿيو آهي ته هو عدالت کي گمراهه ۽ ان جو وقت ضايع ڪرڻ چاهي ٿو پانامه ليڪس حڪومت ۽ عوام جي نه پر ڪرپشن ۽ عوام جي ويڙهه اهي انهيءَ ۾ مدي پاڪستان جي جي عوام ۽ جوابدار حڪمران خاندان آهي حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪيترائي وزير هڪ خاندان جي بچاءُ ۾ مصروف آهن ۽ سرڪاري وسيلا هڪ خاندان کي بچائڻ لاءِ ڪم آندا پيا وڃن اهڙن خيالن جو اظهار هن پانامه ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي نائب امير اسدالله ڀٽو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽر سراج الحق جي وڪيل توفيق آصف بٽ به ساڻس گڏ هو سينيٽر سراج الحق چيو ته پاڪستان وٽ هڪ اسٽيل مل هئي جيڪا مسلسل خساري ۾ آهي پي آءِ اي ريلوي واپڊا پي ٽي سي ايل سميت قومي ادارا خساري ۾ آهن جڏهن ته حڪمران خاندان جي هڪ اسٽيل مل ايترو منافعو ڪمايو جو ڪيتريون ئي فيڪٽريون ۽ دبئي لنڊن ۽ خبر نه آهي ته ڪنهن ڪنهن ملڪ ۾ اثاثا ٺهي ويا وزير ۽ صلاحڪار سرڪاري وسيلا ۽ جهنڊي واري گاڏين سان گڏ حڪمرانن کي بچائڻ ۽ ان جي خساري ۾ هلندڙ اسٽيل مل کي بيپناهه منافعي ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا اهن مان پڇڻ چاهيان ٿو ته هڪ ماڻهو جي ذاتي ڪيس تي سرڪاري وسيلا خرچ ڪرڻ بدنيتي نه آهي ته ڇا آهي. اسان جو موقف اهو آهي ته حڪمران خاندان پنهنجي سرڪاري حيثيت کي ذاتي ڪاروبار لاءِ استعمال ڪيون جنهن سان انهن جون فيڪٽريون مٽي مان سون ٿي ويون اهو خاندان 1970 ۾ خالي هٿين ۽ 1980 ۾ 6 ڪروڙ جو قرضي هو ته ان جا هٿ ڪهڙا علاءالدين وارو چراغ هو جو ڏسندي ڏسندي هو مٽي مان سون ٺاهڻ لڳا ۽ پوءِ ڪجهه سالن ۾ نه صرف ان جو خسارو ختم ٿيو پر چئني طرف دولت جا ڍير لڳي ويا اهو علاءالدين جو چراغ قوم کي ڏنو وڃي ته شايد اسان جا ادارا به ترقي ڪن ها ۽ ملڪ ۽ قوم تي قرضن جو ٻوجهه به لهي وڃي ها اسان جو مطالبو آهي ته حڪمران خاندان سان گڏوگڏ انهن سمورن لٽيرن جو احتساب ڪيو وڃي جن ملڪ کي لٽيو آهي ۽ بئنڪن کان قرض معاف ڪرايا آهن هن چيو ته پانامه اسڪينڊل ۾ سياستدانن بيورو ڪريسي جا وڏا وڏا نالا آهن اسان انهن جي خلاف ان وقت تائين جدوجهد جاري رکنداسين جيستائين انهن کان لٽيل قومي دولت جي هڪ هڪ پائي وصول نه ڪئي وڃي ۽ انهن کي وڏن وڏن عهدن تان ڪڍي اڍيالا جيل ۾ بند نه ڪيو وڃي.

 

خطن ذريعي وزير اعظم بچائڻ وارو قطري شهزادو ڪرپٽ ترين انسان آهي: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ خطن ذريعي وزير اعظم بچائڻ وارو قطري شهزادو ڪرپٽ ترين ماڻهو آهي، قطري شهزادا شريف خاندان جا بزنس پارٽنر آهن، نواز حڪومت ايل اين جي ۽ پورٽ قاسم جو ڪنٽريڪٽ به قطر کي ڏنو. هن چيو ته گذريل ست سالن ۾ شريف خاندنا قطر جو ڪڏهن به نالو ناهي ورتو. جڏهن کان سپريم ڪورٽ آيا آهيون ڪڏهن قطري ون ۽ ڪڏهن قطري ٽو ٿو اچي. پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته مون تي آف شور ڪمپنين جو الزام لڳايو ويو آهي، آئون ۽ منهنجو خاندان پنهنجي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ٿو. هن چيو ته داعتل ۾ نواز شريف مني ٽريل ٻارن تي وجهي ڇڏيو آهي ۽ ٻار چون ٿا ته اسان کي ڪا به خبر ناهي سڀ ڏاڏي کي خبر آهي.  هن چيو ته 1993ع کان وٺي 2006ع تائين فليٽ قطرين جي نالين تي هئا ان عرصي ۾ 30 ڪروڙ رپيا ڀاڙو ٺهيو، اهو ڀاڙو ڪنهن ڏنو، جڏهن ته ثبوت گهريا ويندا آهن ته قطري حاتم طئي بڻجي ايندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته قطري ڪرپٽ ترين انسان آهي جنهن سيف الرحمان سان گڏجي ايل اين جي ۽ پورٽ قاسم جو ڪنٽريڪٽ ورتو.