تازيون خبرون

Monthly Archives: February 2017

لڳي نٿو ته پانامه ڪيس جو فيصلو شريفن خلاف ايندو: بلاول ڀٽو زرداري زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ آتش کان منهن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي واضح ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ته ماڻهن جي لاءِ محفوظ زندگي کي يقيني بڻائي سگهجي صدر اها ڳالهه بلڊنگ ڪوڊ آف پاڪستان 2016 جي آتشزدگي کان بچاءُ بابت قلمن جي جاري ٿيڻ جي تقريب کي خطاب دوران ڪئي ان موقعي تي وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۽ وڌيڪ به خطاب ڪيو ڪي پي ڪي جي گورنر اقبال ظفر جڳهڙا به ان موقعي تي موجود هو صدر چيو ته قدرتي آفتن ڪنهن به وقت ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته وقت سر حفاظتي قدم ۽ ان تي بهتر طور تي عملدرآماد ذريعي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي هن چيو ته عوامي هنڌ تجارتي ۽ صنعتي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ آتشگي سميت هر قسم جي هنگامي صورتحال کان منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي انتظام جو اهتمام ڪرڻ بهتري طريقيڪار آهي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ آتشزگي کان بچاءُ جي انتظامن ۾ انعقات آيو آهي ۽ آفيسن صنعتي يونٽن ۽ عمارتن ۾ آتشزگي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف قيمتي جانين جو نقصان ٿيو پر وڏا مالي نقصان به ٿيا صدر نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاران سمورن شريڪ ٿيندڙن جي تعاون سان گڏيل قانوني فريم ورڪ جي تياري کي ساراهيو جيڪو آتشزدگي جهڙن واقعن جي روڪٿام ۽ ان ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو صدر چيو ته ڪوبه قانون يا ضابطو موثر ثابت نه ٿي سگهندو جيستائين ان کي مقامي حالتن ماحول ۽ دستياب سهولتن کي مدنظر رکي نه بڻايو وڃي. نئين قانونسازي ۾ مقامي حالتن کي مدنظر رکيو ويو اهي جنهن سان ان جي ڪاميابي يقيني آهي. صدر نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي پاڪستان انجينئرنگ ڪائونسل سمورن واسطيدار ادارن ۽ ماڻهن کي انهن قلمن جي تياري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.

 

وفاقي راڄڌاني ۾ هڪ وڳي کان پوءِ سڀ سرڪاري آفيسون بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اي سي او سمٽ سيڪيورٽي جي حوالي سان گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي صدارت ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اي سي او سمٽ لاءِ سڪيورٽي پلان جي منظوري ڏني وئي، سومر تي گهرو وزارت مان جاري ٿيل بيان مطابق سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت سان گڏ ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ شهرين کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن، سمٽ دوران پاڪستان ايندڙ ملڪن جا سربراهه ۽ حڪومت جا سربراهه ۽ پرڏيهي وفد کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. اي سي او جي اجلاس جي اهميت جي پيش نظر گهرو وزارت جي جاڙن شهرن جي رهواسين سان تعاون ڪرڻ جي اپيل، اجلاس ۾ گهرو وزير هدايت ڪئي ته وي آءِ پي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽريفڪ کي متبادل رستن تان روان رکڻ سان گڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي گهٽ کان گهٽ پريشاني سان منهن ڏيڻو پوي.

 

قدرتي آفتون ڪنهن به وقت ٿي سگهن ٿيون، وقت سر حفاظتي قدمن ۽ بهتر حڪمت عملي سان نقصانن کان بچي سگهجي ٿو: صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ آتش کان منهن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي واضح ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ته ماڻهن جي لاءِ محفوظ زندگي کي يقيني بڻائي سگهجي صدر اها ڳالهه بلڊنگ ڪوڊ آف پاڪستان 2016 جي آتشزدگي کان بچاءُ بابت قلمن جي جاري ٿيڻ جي تقريب کي خطاب دوران ڪئي ان موقعي تي وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۽ وڌيڪ به خطاب ڪيو ڪي پي ڪي جي گورنر اقبال ظفر جڳهڙا به ان موقعي تي موجود هو صدر چيو ته قدرتي آفتن ڪنهن به وقت ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته وقت سر حفاظتي قدم ۽ ان تي بهتر طور تي عملدرآماد ذريعي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي هن چيو ته عوامي هنڌ تجارتي ۽ صنعتي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ آتشگي سميت هر قسم جي هنگامي صورتحال کان منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي انتظام جو اهتمام ڪرڻ بهتري طريقيڪار آهي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ آتشزگي کان بچاءُ جي انتظامن ۾ انعقات آيو آهي ۽ آفيسن صنعتي يونٽن ۽ عمارتن ۾ آتشزگي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف قيمتي جانين جو نقصان ٿيو پر وڏا مالي نقصان به ٿيا صدر نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاران سمورن شريڪ ٿيندڙن جي تعاون سان گڏيل قانوني فريم ورڪ جي تياري کي ساراهيو جيڪو آتشزدگي جهڙن واقعن جي روڪٿام ۽ ان ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو صدر چيو ته ڪوبه قانون يا ضابطو موثر ثابت نه ٿي سگهندو جيستائين ان کي مقامي حالتن ماحول ۽ دستياب سهولتن کي مدنظر رکي نه بڻايو وڃي. نئين قانونسازي ۾ مقامي حالتن کي مدنظر رکيو ويو اهي جنهن سان ان جي ڪاميابي يقيني آهي. صدر نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي پاڪستان انجينئرنگ ڪائونسل سمورن واسطيدار ادارن ۽ ماڻهن کي انهن قلمن جي تياري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.

 

سکر ۾ انٽرنيشنل ليول جو سرجيڪل يونٽ بڻائي رهيا آهيون، مروت معاملي تي وڌيڪ نه ڳالهائيندس: خورشيد شاهه

سکر(بيورو)  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته عرفان الله مروت واري معاملي تي ڳالھ ٻولھ ٿي چڪي آهي، هو وڌيڪ ڪجهه به نه چوندو. سول اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سندس خواهش آهي اتر سنڌ ۾ سکر شهر اندر سول اسپتال کي جديد سهولتون ڏئي بهتر بڻائجي، جنهن سان بلوچستان، پنجاب ۽ اتر سنڌ جي مريضن کي علاج جون بهتر سموريون سهولتون ملي سگهن ۽ مريضن کي علاج خاطر ڪراچي جي اسپتالن جا ڌڪا کائڻا نه پون. هن چيو ته سول اسپتال سکر ۾ جلد ايم آر آءِ مشين لڳي ويندي، جڏهن ته ۱۱ ڪروڙ رپين جا ترت ٽينڊر ڪري انٽرنيشل طرز تي سرجيڪل وارڊ قائم ڪرڻ سان گڏ آرٿوپيڊڪ وارڊ ۽ ميڊيڪل وارڊ کي جديد سهولتن سان بهتر بڻائي مريضن کي مفت دوائون ڏنيون وينديون. هن چيو ته عرفان الله مروت واري معاملي تي ڳالھ ٻولھ ٿي چڪي آهي هو وڌيڪ ڪجهه به نه چوندو. خورشيد شاهه سول اسپتال ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺن سان گڏ سول اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪري مريضن کان علاج جي ملندڙ سهولتن بابت پڇا ڪئي.

 

عمران خان کي پاڪستان جو بال ٺاڪري نه بڻجڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاڪستان جو بال ٺاڪري نه بڻجي، سوچي سمجهي بيان ڏئي، مريم اورنگزيب عمران خان طرفان پي ايس ايل مئچ لاهور ۾ ٿيڻ خلاف بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان کي پي ايس ايل مئچ جي حق ۾ بيان ڏيڻ گهرجي ها پر هن ايئن ڪرڻ بدران ان جي مخالفت ڪري ڇڏي، جڏهن ته کيس ڪيترائي ڀيرا سوچي سمجهي ڳالهائڻ جو چيو ويو آهي، هن چيو ته خان صاحب! ڪڏهن ته اوهان خير جو جملو استعمال ڪريو پر اوهان ڪڏهن به عقلمنداڻي ڳالهه نه ڪندئو، ان جي اميد ڪرڻ ئي اجائي آهي، هن چيو ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ٿيڻ قوم لاءِ وڏي خوشخبري آهي.

 

سي پيڪ منصوبي کي هر ممڪن سيڪيورٽي ڏني ويندي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چائنا پاڪستان راهداري (سي-پيڪ) رٿائن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ سي-پيڪ رٿا هن وقت پاڪستان ۾ وڏي اهميت حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن وزيراعليٰ هائوس ۾ سي-پيڪ جي سڪيورٽي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، چيف آف سڪيورٽي ڊويزن فار سي-پيڪ ميجر جنرل عابد رفيق، ليفٽيننٽ ڪرنل نثار احمد، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، آءِ جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجه، ڊي آءِ جي (آر آر ايف) محمد امين، ڪرنل فواد ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سي-پيڪ رٿائن جي سڪيورٽي تمام ضروري آهي، چيني پنهنجي ملڪ ۾ محفوظ هوندا آهن هتي اچڻ بعد انهن کي ڀرپور سڪيورٽي ڏني ويندي آهي. هن چيو ته سي-پيڪ رٿائن جي تعمير هيٺ گهر به ضرور ايندا، جن جا گهر سي-پيڪ رٿائن ۾ حائل هوندا ته متاثرن کي ٻي هنڌ گهر ٺاهي ڏنا ويندا. هن چيو ته پرائيوٽ سيڪٽر ۾ چيني ڪم ڪندا آهن انهن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڏکيو آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته چيني سفير سان ڳالهه ٻول ڪري ته پرائيوٽ سيڪٽر ۾ هر هڪ چينيءَ کي سڪيورٽي ڏيڻ مشڪل آهي، جيڪڏهن انهن جي پرائيوٽ سڪيورٽي صحيح آهي ته اسان نه ڏينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف آف اسپيشل سڪيورٽي ڊويزن فار سي-پيڪ ميجر جنرل عابد رفيق پاران مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيف آف اسپيشل سڪيورٽي فار سي-پيڪ بريفنگ ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ته جيڪڏهن پوليس چوڪس آهي ته سڪيورٽي لاءِ بهترين ڪارڪردگي ادا ڪري سگهي ٿي ۽ اسان به سي پيڪ رٿائن تي چائنيز کي سڪيورٽي فراهم ڪنداسين. هن ٻڌايو ته فائيو-ڪور يا پاڪ-آرميءَ کي چئي ڪري سڪيورٽي فراهم ڪري سگهجي ٿي، سي-پيڪ رٿائن کي سڪيورٽي ۾ پوليس، رينجرز، پاڪ-آرمي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شامل آهن. ميجر جنرل عابد رفيق چيو ته سي-پيڪ رٿائن ۽ چائنيز جي سڪيورٽي کي بهتر ڪري سگهون ٿا، پرائيوٽ ڪمپنين ۾ جيڪي چيني ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي سڪيورٽي جا معاملا به ڏسنداسين ۽ جيڪي انهن جون اهم رٿائون آهن انهن کي سڪيورٽي ضرور فراهم ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته 424 هنڌ آهن جتي چيني ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان ڪيترن ئي هنڌن تي گهٽ چيني ڪم ڪري رهيا آهن، سمورن هنڌ جي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ مشڪل آهي. هن چيو ته سي-پيڪ رٿا سنڌ ۾ سڀ کي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ سي-پيڪ لاءِ سڪيورٽي فورس کي وڌائينداسين، سي-پيڪ رٿا ڪنهن هڪ صوبي جو نه بلڪ سمورن صوبن جي رٿا آهي. ان موقعي تي آءِ جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجه بريفنگ ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ته سي-پيڪ رٿائن جي سڪيورٽيءَ لاءِ 2000 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جن مان هن وقت تائين سي-پيڪ جي سڪيورٽيءَ لاءِ 1023 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ 977 پوليس اهلڪارن جي مقرري عمل هيٺ آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان وٽ 16000 پوليس ڪانسٽيبل آهن، جن مان 10000 پوليس ڪانسٽيبلز جي تربيت مڪمل ٿي چڪي آهي. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي (آر آر ايف) محمد امين ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 72 ڪمپنيون آهن جن ۾ چيني ڪم ڪري رهيا آهن، سي-پيڪ جي رٿائن جي حوالي سان جيڪي ڏکيائيون اينديون انهن جو ڀرپور ريت تدارڪ ڪيو ويندو ۽ سي-پيڪ رٿائن لاءِ ايندڙ چائنيز کي فول سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

 

صوفي ۽ مذهبي درگاهن کي سياست ۾ نه گهليو وڃي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته صوفي ۽ مذهبي درگاهون سڀني جي لاءِ احترام لائق آهن، صوفي ۽ مذهبي درگاهن کي سياست ۾ نه گهليو وڃي. وزير اعظم نواز شريف سيوهڻ جي دوري تي درگاهه تي حاضري جي خواهش جو اظهار ڪيو هو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم سنڌ حڪومت جي صلاح تي وزير اعظم اتي اچڻ جو فيصلو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪوتم ٻڌايو هو ته لال شهباز قلندر جي درگاهه مان فورنزڪ ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن.

 

سي پيڪ پاڪ- چين جو منصوبو آهي، ٻيا ملڪ ان ۾ ڪهڙن شرطن تي شامل ٿيندا اهو فيصلو بعد ۾ ٿيندو : پرڏيهي صلاحڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي صلاحڪار اعزاز چوڌري چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جو منصوبو آهي، ٻيا ملڪ ان ۾ ڪهڙن شرطن تي شامل ٿيندا اهو فيصلو بعد ۾ ٿيندو. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حڪومت ۽ عوام هڪ پيج تي آهن جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي سڄي دنيا ساراهيو آهي. سي پيڪ منصوبي مان سڄي خطي کي معاشي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلائپ جو شڪار نه رهيو آهي، ڪو به ملڪ يا ٽو لو پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو نٿو ڪري سگهي. سي پيڪ مان سڄي خطي کي معاشي فائدو حاصل ٿيندو.

 

اڳوڻين حڪومتن وسيلن جو استعمال غلط ڪيو، ڪرپشن ڪري وزير ارب پتي بڻيا: عابد شير علي

جهنگ (اين اين آءِ) پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن وسيلن جو استعمال غلط ڪيو، ڪرپشن ڪري وزير ارب پتي بڻجي ويا، پ پ ڪراچي جو گند ته صاف نه ڪري سگهي ته اسان سان ڪهڙي ڳالهه ڪندي، ميديا سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده حڪومت صرف افتتاح نٿي ڪري پر ڪم به ڪري ٿي، نواز شريف افتتاح ڪندو رهي ٿو ته مخالف روئڻ شروع ڪن ٿا، پ پ جي اڳوڻي حڪومت واري دور کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عابد شير علي چيو ته گذريل دور ۾ 18 کان 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي جيڪا هاڻ گهٽ ٿي صرف 3 ڪلاڪن تائين پهتي آهي جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ صنعتن کي 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي.

 

پي ايس ايل جي فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو آئيڊو چريائپ آهي: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ وارو خيال چريائپ آهي، خدا نه ڪري ڪا اهڙي ڳالهه ٿي وڃي ته ايندڙ 10 سالن تائين اسان جي ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ نه ٿيندي، نجي ٽي وي موجب هڪ انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته سخت سيڪيورٽي ۽ بند رستن ڇا امن جو پيغام ڏيندا، ان سان ماڻهن کي اهو تاثر ملندو ته اسان فوج ذريعي ميچ ڪرائي رهيا آهيون، پي ايس ايل فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو خيال چريائپ آهي.