تازيون خبرون

Daily Archives: January 26, 2017

فلم ”رئيس“ پاڪستان ۾ رليز نه ٿيڻ تي ڏُک پهتو آهي: ماهرا خان

لاهور (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ”رئيس“ جي نمائش نه ٿيڻ تي ڏکويل آهيان پر مون کي يقين آهي ته جلد ڀارتي فلمن جي پاڪستاني سئنيما گهرن ۾ نمائش باقائدگيءَ سان شروع ٿي ويندي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ماهرا خان جو چوڻ هو ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها جيڪڏهن فلم ”رئيس“ کي ڀارت سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ رليز ڪيو وڃي ها. هن چيو ته فلم ”رئيس“ جي ڪاميابي رڳو منهنجي ئي نه پاڪستان جي شوبز انڊسٽري توڙي مداحن جي به ڪاميابي هوندي.27

 

پاڪستاني فلم انڊسٽري جلد دنيا جي وڏين فلمن انڊسٽرين مان هڪ هوندي: عروا حسين

لاهور (شوبز نيوز) اڀرندڙ اداڪارا عروا حسين چيو آهي ته پاڪستاني فلمن جو معيار ۽ ڪم ڪندڙ نوجوانن جو انداز اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو مختلف آهي، انهن جي ڏينهن رات محنت کي ڏسندي اهو چوڻ غلط نه هوندو ته تمام جلد پاڪستاني فلم انڊسٽري دنيا جي وڏين فلم انڊسٽرين جو حصو بڻجي ويندي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا عروا حسين جو چوڻ هو ته ڪاميابي ۽ ناڪامي پنهنجي جاءِ تي پر اها ڳالهه واضح لفظن ۾ چئي سگهان ٿي ته پاڪستاني فلمون اڳ جي ڀيٽ ۾ معياري آهن، جنهن سبب ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ سئنيما گهرن جو رُخ ڪري رهيا آهن.27

 

آسٽريلوي ٽيم پاڪستان کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا، آخري ون ڊي ميچ ۾ به شڪست

ايڊليڊ (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ٽيم پاڪستان کي پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ به 57 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. ايڊليڊ ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ ڪينگروز 369 رنسن جو جبل جيڏو اسڪور ٺاهيو. ڊيوڊ وارنر 179 ۽ ٽريوس هيڊ 128 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 312 رنسن تي گوڏا کوڙي ڇڏيا. بابر اعظم 100 ۽ شرجيل خان 79 رنسن جي اننگ کيڏي. ٻين رانديگرن ۾ عمر اڪمل 46، محمد عامر ۽ وهاب رياض ترتيب وار 17-17 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 4 شڪار ڪيا.27

 

ڊيوڊ وارنر تيز ترين سنچري جو رڪارڊ ٺاهي ورتو

ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان خلاف سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا اوپنر ڊيوڊ وارنر ڪمار سنگاڪارا جو رڪارڊ برابر ڪري ورتو. ميچ جي 26هين اوور جي پهرين بال تي سينچري مڪمل ڪئي. ڊيوڊ وارنر جي 17-2016ع جي سيزن ۾ اها هين سينچري هئي، جنهن سان گڏ ئي هن سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو ڪمارا سنگاڪارا جو رڪارڊ برابر ڪري ورتو.