تازيون خبرون

Daily Archives: January 7, 2017

مشهور ڀارتي اداڪار اوم پوري دل جو دؤرو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي(اي پي پي) مشهور ڀارتي اداڪار اوم پوري جمعي جي صبح جو دل جو دؤرو پورڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق 19 آڪٽوبر 1950ع ۾ ڀارتي شهر امبالا ۾ پيدا ٿيندڙ بالي ووڊ جو سينيئر اداڪار قوم پوري 66 سالن جي عمر ۾ هن دنيا مان رخصت ٿي ويو. هن بالي ووڊ جي فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، هن 1972ع ۾ مراٺي فلم مان فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جڏهن ته 1977ع ۾ رليز ٿيندڙ گلم گاندي مان تمام گهڻي شهرت ماڻي، ان جي مشهور فلمن ۾ ناسور، گهايل ۽ ڊرٽي پاليٽڪس شامل آهن ۽ ان جي ايندڙ فلمن ۾ ٽائيگر ۽ ايڪشن ان لا شامل آهن. واضع رهي ته مشهور اداڪار گذريل سال جي آخر ۾ ڀارت جي سرحد سان سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪورن دعوائن کانپوءِ پاڪستان جي حق ۾ بيان ڏنو هو، جنهن تي ڀارتي ميڊيا ۽ عوام پاران شديد تنقيد ڪئي وئي. اوم پوري پونئيرن ۾ هڪ پٽ ڇڏيو آهي. اوم پوري هالي ووڊ سان گڏ پاڪستاني فلمن ۾ به ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي ڀيرا پاڪستان آيو هن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران ڀارت ۾ موجود پاڪستاني فنڪارن کي مشڪلاتن ۾ پاڪستاني فنڪارن جي حق ۾ بيان به ڏنا هئا. هن فني ڪيريئر ۾ شاندار اداڪاري سبب پدماشري نيشنل فلم ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا.

 

 

مشهور ايني ميٽڊ ڪاميڊي فلم ڪارز_3 جو ٽريلر جاري

لاس اينجلس(شوبز نيوز)  مشهور هالي ووڊ ايني ميٽڊ ڪاميڊي ايڊونچر فلم سيريز (ڪارز 3) جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. هدايتڪار برائنفي جي ڊائريڪشن ۾ ٺهندڙ هن ٿري ڊي فلم جي ڪهاڻي لائيٽنگ ميڪوئن نالي اهڙي ليجنڊ ريسنگ ڪار جي چوڌاري گھمندي آهي جنهن کي اوچتو راندين کان پري ڪيو ويندو آهي. لائٽنگ ميڪوئن کي ورلڊ ريسنگ ۾ پنهنجي ٻيهر جاءِ ٺاهڻ لاءِ جديد دور جي ٽيڪنڪ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته جيئناها جديد ۽ تيز ترين ڪارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگھي. ريسنگ دوران ڪارن جي دلچسپ واقعن تي ٻڌل هن فلم کي ڪِيون ريحر پروڊيوس ڪيو آهي، جڏهن ته ان جا ايني ميٽيڊ ڪردارن لاءِ ڊائلاگ اداڪار اون وِلسن، ليري گائي، بوني هنٽ ۽ چيڪ ميرين جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

 

محمد عامر سڊني ٽيسٽ دوران انجريءَ جو شڪار، 4 ڏينهن ۾ فٽ ٿينديس: عامر، مڪمل آرام ڪيو: ڊاڪٽر

سڊني (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر انجريءَ جو شڪار ٿي ويو آهي، محمد عامر آسٽريليا خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ سائيڊ سٽرين انجريءَ جي ڪري چوٿين ڏينهن بالنگ نه ڪرائي سگھندو، محمد عامر چيو ته مون کي انجريءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ فٽ ٿيڻ جي لاءِ 3 کان 4 ڏينهن لڳي سگھن ٿا، جڏهن ته ڊاڪٽرن محمد عامر کي مڪمل آرام جي صلاح ڏني آهي.

 

عمران خان جون ڪرڪيٽ ۽ سياست ۾ الڳ الڳ شخصيتون آهن: شاهد آفريدي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ٽي 20 ڪپتان شاهد آفريديءَ عمران خان جي سياست تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي سياست ۽ اسپورٽس ۾ شخصيت الڳ الڳ آهي، ان کي سياست ڏانهن ٿيلهو ڪنهن ڏنو اهو پاڻ ئي ٻڌائي سگھي ٿو. پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ کان مشهوري ماڻيندڙ ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ٽي 20 ڪپتان آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي بيان ڏئي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو آهي، هن عمران خان بابت بيان ڏيندي چيو عمران خان جون اسپورٽس ۽ سياست ۾ ٻه الڳ شخصيتون آهن. عمران خان کي ڪي پي ڪي ۾ ڪجھه اهڙو ڪم ڪرڻ گھرجي ها جو ماڻهو چون ها ته اهڙو ئي ليڊر گھرجي، اميد هئي ته عمران خان اليڪشن کٽڻ کان پوءِ خيبر پختون خواهه تي ڌيان ڏيندو. سندس چوڻ هو ته مون کي عمران خان مان اميديون هيون، سنڌ جي گورنر بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هُو سٺو انسان آهي پر گورنر ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي هجڻ گھرجي جيڪو فٽ هجي. آفريديءَ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ هجي ها ته شاهد آفريدي وڌيڪ کيڏڻ جي خواهش نه ڪري ها. آفريديءَ صلاح ڏيندي چيو ته پاڪستان کي جارحاني ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ضرورت آهي، هِن وقت پاڻ کي ٽي 20 جي لاءِ سڀ کان سٺو رانديگر ٿو سمجھي، هن چيو ته هر وڏي شهر ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي هجڻ لازمي آهي. ڪرڪيٽ اڪيڊمي اسڪو آهي جيڪڏهن اهي نه هوندا ته ڇوڪرا ڪرڪيٽ ڪيئن سکندا.

 

پاناما لڪيس ڪيس ۽ جهموريت کي ايندڙ مشڪلاتون…!!: غلام مصطفيٰ جمالي

عدالت سڳوري ۾ پاناما ليڪس معاملي تي بحث ٿيو جيڪو پڻ هميشه وانگر پنهنجي روايت کي برقرار رکندي اڳين تاريخ تائين ملتوي ٿي ويو.پنج رڪني بينج عدالت اندر پانانا ليڪس معاملي تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جڏهن ته عدالت اندر هلندر ڪاورائي کان پهرين عمران خان صاحب نوان ٽبوت پڻ هئا جنهن جي باري خان صاحب پهرين ئي پاڪستاني ميڊيا تي بيان ڏئي چڪو هوُ ته وٺس اهڙا ثبوت موجود آهن جن ثبوت جي ڪري نواب خاندان احتساب کان بچي نه سگهندو. انهي سموري ثبوتن ۾ قطر جي شهزادي واري خط جي فوڪس ڪيو ويو هو، ۽ چيو ويو هو ميان نوار شريف جيڪو قطر جي شهزادي وارو خط عدالت ۾ پيش ڪيو آهي اهو خط ڪوڙو آهي،جڏهن ته ڳالهه صرف زباني هئي جيڪڏهن اها ڳالهه عدالت دوران ميان صاحب جو وڪيل ڪري هان ته بهتر هوُ،ان ڪري مان سمجهان ٿو ته ثبوتن وارو ڳالهه ته بهتر آهي پر اهي ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري انهي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته وڌيڪ بهتر آهي،پر شايد هاڻ پاڪستان اندر اهو رواج ٿي چڪو آهي ته عدالت اندر هڪڙيون ڳالهيون هونديون آهن ۽ عدالت کان ٻاهر ميڊيا سان ٻئي ڳالهيون هونديون آهن،اهو سلسلو مسلسل ڪيتري وقت کان هلي رهيون آهن،هن وقت عدالت جون زميواريون پاڪستان جو نئون چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پهرين پنج رڪني پينج ۾ شامل هو جنهن سابق چيف جٽس جي رٽارڊمينڊ ۽ موجوده چيف جسٽس جي مقرري ۽ حلف وٺڻ جي خبر شايع ٿي ٿه روايت موجب انهي تي اعتراَض ڪيو ويو،برحال ٽبوتن جي مطابق اهو سينيارٽِي جي بيناد تي چيف جٽس جو عهدو سنڀالي چڪو آهي ۽ چيف چسٽس ٿيندي هن پهريون حڪم اهو ئي جاري ڪيو هو ته پاناما ڪيس جي شنئوائي چار جنوري کان ٿيندي۽ گڏ ئي گڏ پنج نئون رڪني بئج ٺاهي ڇڏيو.۽ پاڻ انهي کان الڳ رهيا،هي سندس اهو ججن وارو فيصلو هو،ڇوته پنج عام طور تي ائين ڪندا آهن،مسٽر چيف جسٽس ثاقب نثار جي اهڙي عمل جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي،تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران جو سياست ۽ مستقبل جو سمورو معيار هاڻي پاناما لڪيس ڪيس تي اچي ٻيٺو آهي،عمران خان جي مطابق ته عدالت سڳوري کان هوُ هي ڪيس کٽي چڪو آهي،۽ وزيراعظم ميان نواز شريف نااهل ٿي ويندوجڏهن مخالفن جو جواب اهو ئي آهي ته اهڙو ڪجهه به ٿيندو جهڙو عمران خان چئي رهيو آهي يا سوچي رهيو آهي،ڇو ته تحريڪ انصاف جي پاران عدالت ۾ ڪي به ثبوت پيش نه ڪيا ويا،پر اهو به ضروي آهي ته عدالت اندر جيڪو به فيصلو ٿيندو آهي اهو فيصلو ثبوتن تي ٿيندو آهي ۽ بنا ثبوتن جي عدالت ڪنهن به ڪيس جو فيصلو ناهي ڪندي،برحال پاڪستاني قوم انهي پاناما لڪيس معاملي جي تمام گهڻي دلچسپي سان ٿيندڙ ڪارايون ڏسي رهي آهي ته۽ عمران خان جو چوڻ آهي ته هو عدالت تي يقين رکي ۽ عدالت سڳوري جيڪو به فيصلو ڏيندو انهي فيصلي کي هو ضرور قبول ڪندو،ڇو ته سندس سياسي ڀائر شيخ رشيد به اهو ئي عمران خان کي يقين ڏياريو آهي ته سمورا فيصلا عدالت تي ڇڏي ڏي گڏو گڏ عمران اهو به چئي ٿو ته پاناما لڪيس ڪيس مان اهو ڪڏهن به هٿ نه ڪڍندوجيڪڏهن پاناما ڪيس تي کيس انصاف نه مليو ته هوُ روڊ تي ايندو،پر هن وقت ڪوئي ٻن ڳالهيون ۽ پنهنجون ڳالهيون مڃائڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي جهڙي ريت عمران خان به ٻه ڳالهيون ڪري رهيو آهي هڪڙي پاسي چئي رهيو آهي ته هو پاناما ڪيس مان هٿ نه ڪڍندو ٻئي پاسي اهو به چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن پاناما ڪيس ته کيس انصاف نه مليو ته پوءِ هو روڊن ٿي ايندو،جڏهن ته پاسي سندس خلاف ڪو اهڙي ڳالهه ڪري به هو جلدي ناراض ٿي ويندا آهن،جڏهن ته ناراضگي واضع آهي،هن ڪري ها پاناما لڪيس جو معاملو عدالت تائين پهچي ويو آهي ۽ نئون مقرر جج سندس فيصلو ڪري پر ٿور هن وقت پيپلز پارٽي تي جو انهي باري ۾ جيڪو موقف سامهون آيو آهي ته پارٽي عدالت ۾ وجهڻ جي مخالف ڪئي آهي،۽ پارٽي اها راءِ ڏني ته پاليامينٽ ۾ انهي جو انصاف ڪيو وڃي،۽ عوامي راءِ هموار ڪئي وڃي،پر پوءِ به اهو مسئلو حل ٿي نه سگهيو انڪري تحريڪ انصاف عدالت پهچي وئي چوڌري اعتراض احسن جو موقف آهي ته ڪيس مظبوط ۽ ثبوتن جو هجڻ لازمي آهي پر پوءِ اعتراض انهي ڪيس ۾ وڪيل نه آهي.جڏهن ته جيستائين پيپلز جو پنهنجو تعلق آهي ته محترم آصف علي زرداي جي اچڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو پنهنجي پاليسي اندر تمام گهڻيون سخت تبديلون ڪيون آهن،آصف علي زرداي اچڻ سان ئي پنهنجي پٽ سميت پارليمانيٽ ۾ وچڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ائين ئي ٿيو پوءِ تحريڪ واري ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي،ڇو ته آصف علي رزادي گهڻو وقت فناس ۽ معلومات جو ماهر آهي سندس پاليسن سان اهو محسوس ٿيو ته پيلپز پارٽي کي ايندڙ الڪيشن جي ميدان لاءِ تيار ڪيو وڃي،ڇو ته هو اپوزِيشن جي پاڻ کان گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪن ٿا،بلاول به اهڙي ڳالهه ڪئي ۽ ڪرپشن جي خلاف ڳالهيون پاناما لڪيس جو ڪو به فائدو ٿيو يا نه ٿيو ڪرپشن کان پوءِ سڀ جا سڀ پاناما لڪيس معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ لڳا حالانڪ نيب جي ڪاورائين جو سمورو ايوان اهو ئي چئي رهيو هو ته پر اڃان تائين ڪو به قانون تبديل ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي ۽ نه ئي قومي اسميبلي ۾ ٿيندڙ اجلاس اندر احستاب ٿي ڪا ڳالهه ٿي سگهي،پر پوءِ تجويز سامهون اچي وئي آهي ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ وارا احستاب جي ڳالهه ڪئين ٿا ڪري سگهن،جڏهن ته اسميبلي جي بلن کي مظبوط ڪري اهڙو ڪو قانون ڇو نه پيو ٺاهيو وڃِي جنهن قانون تحت ڪرپشن خور سياستدانن جو مڪلمل احستاب تي سگهي پر ائين مڪمن ڇو اسيمبلي ۾ بل کڻي ايندڙ به ته ائين سياستدان آهن جيڪي خد ڪرپشن جي ڪيسن ۾ عدالتن جا چڪر ڪٽي رهيا آهن پر ائين پيو ٿي اها ڳالهه سمجهه کان بلڪل ٻاهر آهي،،.

 

 

اچو ته خوشين ۽ مسرتن جا روشن سج اڀاريون؛ ڪامريڊ منان چانڊيو وارهه

ماضي وانگي 2016 جو سال ٻين سالن جيان پنهنجي پڃاڻي تي پهتو ۽ اڄ 2017 جو پهريون ڏينهن آهي، ظاهر آهي ته گذريل سال جي 365 ڏينهن دوران پوري دنيا جي سڀني ملڪن ۾ اتان جي عوام لاءِ ڪيترائي وڻندڙ  ۽ اڻ وڻندڙ ڏينهن گذريا هوندا. ڪٿي خوشين جا خرار هوندا ته وري ڪٿي مسئلن، مشڪلاتن ۽ مصيبتن جا مڻ هوندا، اهڙي ريت ڪٿي سڪار ڪٿي ڏڪار جا به ڏينهن گذريا هوندا. مطلب ته ويچاري آدم ذات ڏکيا توڙي سکيا ڏينهن بسر ڪري وڃي نئين سال تي پهتي آهي اهو به ضرور ٿيو هوندو ته جيئن ٻين ملڪن جا ڪروڙين ماڻهو پنهنجي پنهنجي حڪمرانن ۽ انتظامي عملدارن جي ظلم ۽ ستم جا شڪار ٿيا هوندا تيئن پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جا ماڻهو به ساڳي عذاب ۽ اهنج مان گذريا هوندا، پاڻ ٻي دنيا پاڪستان ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي عوام جي ڏکن توڙي سکن ۾ انساني ناتي ڀاڱي ڀائيوار آهيون ۽ خاص ڪري انهن سان ٿيندڙ نا انصافين تي رنجيده آهيون پر جيڪي سنڌ ۽ سنڌين سان سور آهن انهن جو ڳاڻيٽو ۽ وزن تمام گهڻو ۽ وڏو هوندو، چوڻ جو مطلب ته 2016 جي سڄي سال جي سورن جو سفر 2017 تي اچي پهتو آهي. سنڌ ۽ سنڌين سان ورهين کان وٺي جيڪي ويڌنون ۽ ويساهه گهاتيون ٿينديون پيون اچن انهن ويلن جي وچور تي اچڻ کان پهريون اهو ڏسنداسين ته بين الاقوامي طور تي دنيا جو عظيم عوامي انقلابي اڳواڻ، جڳ مشهور گوريلا ويڙه جي سپهه سالار چي گويرا جو پڳ مٽ يار ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو آمريڪي سامراج ۽ ان جي اتحادين جي هنيانءَ تي ذري گهٽ مني صدي تائين مڱ ڏريندو نوي سال جي ڄمار ۾ فطرتي موت مري ويو.

جيتوڻيڪ ڪامريڊ کي مارڻ لاءِ 600 کان وڌيڪ ظاهر ۽ ڳجهه حملا ڪرايا ويا. 2016 جي سال دوران ترڪيءَ ۾ صدر رجب اردگان خلاف فوجي بغاوت کي عوام ناڪام بنائي ڇڏيو. آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ اتان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدارتي عورت اميدوار هيلري ڪلنٽن کي انتهاپسند ڊونلڊ ٽرمپ شڪست ڏني ۽ ان کان علاوه ڪيترائي ڀيانڪ واقعا رونما ٿيا جن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا پر سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ سانحه آمريڪي سامراج جي اشاري تي شام جي صدر بشارلاسد جي حڪومت خلسف دهشتگرديءَ ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ لکين ماڻهو جلاوطن ٿيا ۽ شامين سان ٿيندڙ اهڙي نسوري ڪربلا کان علاوه پڻ آمريڪا ڪيترن ئي ٻين ملڪن جن ۾ خاص ڪري مسلم ملڪ اچي وڃن ٿا اتي پڻ هزارين ماڻهن کي موت جي واديءَ تائين پهچائي ڇڏيو. اسان جڏهن پنهنجي ملڪ جي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردن خلاف خيبر کان ڪراچيءَ تائين آپريشن ٿيندو رهيو ان آپريشن ۾ سوين دهشتگرد مارجي ويا ۽ پڪڙيا ويا پر پوءِ به دهشتگردن پنهنجون ظالمانه ۽ صفاڪانه ڪارروايون جاري رکيون جن ۾ اڻ ڳڻيا بي گناهه ماڻهو نه ڪيل گناهن جي سزا ۾ مارجي ويا. دهشتگردن جي نشاني تي سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جو گادي وارو شهر ڪوئيٽا رهيو. جتي ملڪ ۾ سوين هزارين ماڻهو دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيا اتي وري حادثن ۾ پڻ سوين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جن ۾ پي آءِ اي جهاز وارو حادثو سرفهرست آهي. مٿي ڄاڻايل ڏکوئيندڙ واقعن کي هڪ طرف رکي ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته 2016 جو سڄو سال عمران خان ميان صاحب لاءِ مٿي جو سور رهيو پهريون هن (ن) ليگ سرڪار تي گذريل چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻندي پوءِ پاناما ليڪس واري معاملي تي شور مچائيندي جلسن، ڌرڻين ۽ هڙتالن تي پنهنجي سياسي توانائي صرف ڪئي پر کيس هڙ به حاصل ڪو نه ٿي. انهيءَ سال جي پڇاڙيءَ ۾ مفاهمتي فارمولي جي بادشاهه جناب آصف زرداري صاحب ڏيڍ ساله خود ساخته جلاوطني ختم ڪري وطن واپس وريو ۽ محترمه جي نائين ورسي واري جلسي ۾ پنهنجي جيالن کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته هو ۽ سندس لاڏلو فرزند قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊ لڙي ۽ کٽي ايوان ۾ پهچي ميان نواز شريف کي سبق سيکاريندا، شابس آهي همراه کي جو هن ميان صاحب کان اقتداري ڪرسي کسڻ جي ڳالهه نه ڪئي.

اسين هاڻ اچون ٿا 2016 سال دوران سنڌ جي صورتحال تي ته جتي سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل سنڌ سرڪار سنڌي قوم جي قومي وسيلن جهڙوڪ پاڻي، تيل، گيس، بجلي، ڪوئلي، قيمتي پٿر، نيشنل توڙي انڊس هاءِ وي ۽ ٻي معدنيات جي وفاق پاران ڦرلٽ جي آڏو سنڌ سرڪار ڍال بڻجي نه سگهي آهي اتي وري خود ان سرڪار جي منسٽرن، مشيرن، چونڊيل نمائندن، ڀوتارن ۽ ڪامورن پڻ سنڌي عوام جي رت ست چوسڻ ۾ گهٽ ڪا نه ڪئي آهي. مثال طور تي مارئي جي ملڪ ٿر ۾ سوين ابهم ٻارڙا بک، بيماري ۽ بدحالي وگھي مرندا رهيا، ڪشمور کان ڪراچيءَ ۽ ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين سوين سسئيون، سهڻيون، موملون، مارئيون، بختاورون ۽ ٻاگھيون ڪاروڪاريءَ جي مدي خارج رسم ۽ من گھڙت الزامن تحت گولين جو کاڄ ۽ ڪهاڙيون سان ڪسبيون رهيون،

نام نهاد قبيلائي ذاتين پاتين جي جھيڙن جھڳڙن ۽ پلاند جي آڙ ۾ اڻ ڳڻيا سنڌي ڪونڌر ڪٺا ويا. گذريل سال سنڌ جا شهر گند ڪچري جا ڍير روڊ رستا ٽٽل ڀڳل ۽ کنڊرات جو ڏيک ڏيندا رهيا، سنڌ ۾ سوين هزارين نوڪريون بازار جي وکر وانگي دڪان تي وڪرو ٿينديون رهيون. سنڌ جي ننڍن زميندارن، آبادگارن ۽ هارين کي هڪ طرف زرعي زمينن لاءِ مندائتو ۽ ضرورت موجب پاڻي ڪو نه مليو، ٻئي طرف زرعي دوائون، ٻج ۽ ڀاڻ مهانگو سو پڻ نقلي ملندو رهيو، ٽئين طرف هنن جي تيار ٿيل فصلن جا مناسب اگھ ڪو نه مليا. سنڌ جي تعليم، صحت، پوليس ۽ ٻين اهم کاتين جو ٻيڙو وچ سير ۾ ٻڏندو رهيو ٻي اهم ۽ ڏک واري ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي نياڻي فضيلا سرڪي، ننڍڙو ٻالڪ ساحل ڪوريجو، نوجوان عمران جوکيو ۽ ٻين ڪيترن ئي اغوا ٿيل نوجوانن جا والدين پنهنجي ٻچڙن جي بازيابي لاءِ ٻاڪاريندا رهيا پر کين جگر جا ٽڪر ڪو نه مليا، چوڻ جو مطلب ته سنڌ ۾ چوطرف سڃ، بک، بدامني، بدعنواني، بدانتظامي واڪا ڪندي يا ڪاري بڻجي مسڪين، بيوس ۽ امن پسند سنڌين جو هنيانءٌ کائيندي رهي. اهڙي انياءَ ۽ ايذاءَ تي زرداري صاحب ۽ سنڌ سرڪار کي پنهنجي ووٽرن ۽ عوام تي ڪا ئي ڪهل ڪو نه آهي ته ڇا اهڙن عذابن ۽ اهنجن واري صورتحال تي سنڌ جا باشعور، باضمير، باڪردار، ساڃاه وند فرد ۽ ڌريون گوڏن تي هٿ رکي ڪنڌ هيٺ ڪري لکئي جو ليک سمجهي ويهي رهن. نه قطعي نه اچو ته سڀئي سنڌي ماڻهو قبيلائي، ذات پات ۽ برادري واري سوچ کي ترڪ ڪري خودغرضي، لاپرواهي، غيرذميواري ۽ ڦٻاڦٻان واري انفرادي سوچ کي دفن ڪري سنڌي قوم، عوام ۽ ماڻهن جي سمورن بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ مڙي مٺ ٿي ظالم ۽ ڦورو قوتن جي سامهون رُڪ جي ديوار بڻجي وڃون جيڪڏهن پاڻ اهي مثبت قدم کنيا ۽ حوصلا بلند ڪيا ته پوءِ يقين ڄاڻو ته 2017 جو سال سنڌ ۽ سنڌين جي سورن جو انت آڻيندو،  خوشين ۽ مسرتن جا روشن سج اڀاريندو.

*****

 

ڀارتي سرجيل اسٽرائيڪ جي دعويٰ رد..!!

خضدار ۾ اقتصادي راهداري منصوبي تي سيمينار کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سرجيڪل اسٽرائيڪ واري ڀارتي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته فوج هر ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيندي. سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڀارتي دعويٰ غلط آهي. سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ ڪندڙ ڀارتي اختياريون پنهنجي عوام کي دوکو ڏئي رهيون آهن. پاڪستاني فوج ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اسين هر قسم جي اڳرائي کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا ۽ پاڪستان جون هٿياربند فوجون هر قسم جي اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.بلوچستان ۾ 25 هزار فوجي جوان خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. بلوچستان پاڪستان جو دل آهي ۽ ”خضدار“ سميت بلوچستان ۾ هر قيمت تي امن قائم ڪنداسين. بلوچستان ۾ هر قيمت تي امن قائم ڪنداسين. هر قيمت تي صوبي ۾ امن قائم ڪيو ويندو، 25 هزار جوان پاڪ فوج ۾ خدمتون انجام ڏين پيا جن مان 600 کان وڌيڪ آفيسر آهن، ماضي ۾ بلوچستان ۾ فوج جي نمائيندگي آڱرين تي ڳڻپ جيتري هئي، اقتصادي راهداري منصوبو بلوچستان سوڌو ملڪ جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، صوبي جو مستقبل نوجوانن سان لاڳاپيل آهي، جيڪي صحيح رستي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اڄ خوشي آهي ته بلوچستان جا نوجوان امن، ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌي رهيا آهن، پاڪ فوج صوبي ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ پنهنجيون خدمتون انجام ڏئي پئي، ڪوئيٽا ۾ به انجنيئرنگ يونيورسٽي جو ڪيمپس بڻايو پيو وڃي. پاڪ فوج امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي. ايئرفورس ۾ بلوچستان کي به نمائندگي ڏني وئي آهي. بلوچستان مان 25 هزار ٻار ايف سي ۽ آرمي پبلڪ اسڪولن ۾ تعيلم حاصل ڪري رهيا آهن.