تازيون خبرون

Daily Archives: January 7, 2017

شريف فئملي ڪمپنين جي ملڪيت تسليم ڪري ٿي ته دستاويز ڏيڻ به ان جي ذميواري آهي: سپريم ڪوٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پانامه ليڪس معاملي جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته دستاويزن بابت عدالتن کي مطمئن ڪيو وڃي شريف خاندان ڪمپنين جي ملڪيت تسليم ڪري ٿو ته دستاويز فراهم ڪرڻ به ان جي ذميواري آهي ٻڌائڻو پوندو ته ڪمپنيون ڪڏهن ٺهيون ۽ ڪنهن ٺاهيون ۽ ان جي لاءِ پئسو ڪٿان آيو عدالت کي بي اختيار نه سمجهيو وڃي عدالت وٽ اختيار اهي ته رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري سچ تائين پهچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. جڏهن ته وزيراعطم نوازشريف جي نياڻي مريم نواز پنهنجي خلاف لڳايل سمورا الزام رد ڪندي چيو آهي ته نيسڪول بابت دستاويزن تي جعلي صحيحون آهن جمعي تي جسٽس آصف سعيد کوسي جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بئنچ پانامه ليڪس جي درخواستن جي ٻڌني ڪئي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ وزيراعظم جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته هو ملڪيت جي بينيفشل مالڪ نه آهي صرف ڪمپني جي ٽرسٽي ۽ سگنيٽري آهي ۽ ٽرسٽي هجڻ جو مقصد موجوده ٽرسٽي جي موت جي صورت ۾ ٽرسٽ کي هلائڻ آهي. مريم نواز موجب نيسڪو بابت دستاويزن تي جعلي صحيحون آهن اهي دستاويز پانامه ليڪس جو حصو نه آهن مريم نواز پنهنجي جواب ۾ ٻڌايو ته شميم ايگري فارمز المعروف رائونڊ اسٽيٽ ۾ پنج گهر آهن هڪ گهر ۾ ڏاڍي شميم اختر رهندي آهي پنجين گهر ۾ خود رهان ٿي مريم نواز پنهنجي جواب ۾ پنج سال جي آمدني جي تفصيل به ٻڌائي ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان پاران شريف فئملي جي مالياتي صلاحڪار هارون پاشا جو انٽرويو بطور ثبوت عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو جيڪو هن 6 سيپٽمبر 2016 تي نجي ٽي وي کي ڏنو هو عمران خان عدالت کي اپيل ڪئي ته انٽرويو کي عدالت جو حصو بڻايو وڃي ٻڌني دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته دستاوزن بابت عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي. جسٽس آصف کوسي ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي بي اختيار نه سمجهيو وڃي هن پڇا ڪئي ته وزيراعظم خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ به ساڳيو معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ به درخواستون سپريم ڪورٽ کان پوءِ داخل ڪيون ويون يا پهريان جنهن تي شاهد حامد چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اڳيان به وزيراعظم جي نااهلي جو معاملو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواستون پهريان کان داخل هيون نعيم بخاري چيو ته مريم نواز جي نالي سان 1993 کان 1996 ۾ بنا نالي جي فليٽ خريد ڪيا ويا جڏهن فليٽ خريد ڪيا ويا ان وقت مريم نواز ننڍڙي هئي ۽ ان جو آمدني جو ذريعو ڪوبه نه هو دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ مريم نواز کي بينيفشري ظاهر ڪيو ويو ان جو اصل مالڪ نوازشريف آهي اهڙي طرح دبئي ۾ به بنا نالي جي اسٽيل مل لڳائي ويئي هن ٻڌايو ته مريم نواز آف شور ڪمپنين جي بينيفشر مالڪ آهي پر ان وٽ ملڪيت جي لاءِ رقم نه هئي 2011 ۾ مريم نواز چوڌري شگر مل مان 4 ڪروڙ 23 لک 2012 ۾ پنهنجي ڀاءُ حسن نواز کان 2 ڪروڙ 89 لک رپيا قرض ورتو 2013 ۾ پوءِ والد 3 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم تحفي طور ڏني جسٽس اعجاز افضل پڇا ڪئي ته توهان جي ڳالهه سان مريم نواز جي ڪفالت هيٺ هجڻ جو معاملو واضح نٿو ٿئي التوفيق ڪيس ۾ مريم نواز جو نالو نه هو ان ۾ ميان شريف عباس شريف ۽ شهبازشريف جو نالو آهي لنڊن فليٽ مريم نواز کي ڪڏهن ۽ ڪيئن منتقل ٿيا. ڇا مريم کي ملڪيت منتقلي جو ڪو دستاويزي ثبوت آهي ڪو اهڙو دستاويز آهي جنهن سان ثابت ٿئي ته 2006 جي ٽرسٽ ڊيڊ غلط آهي عمران خان جي وڪيل چيو ته ملڪيت جي تفصيل بابت ڪوبه دستاويز نه آهي جڏهن ته مريم نواز جي ذميواري آهي ته هو پنهنجا فراهم ڪيل دستاويز درست ثابت ڪري. هڪ دستاويز ۾ مريم نواز سانڀا بئنڪ ۽ منروا ڪمپني بابت تعلق ظاهر ڪري ٿي جاچ اداري نيوزيڪ فرم سان آف شور ڪمپنين جي تفصيل گهري ۽ ڪمپنين جي ملڪيت ۽ وڌيڪ معاملن بابت پچا ڪئي جاچ اداري کي ٻڌايو ويو ته لنڊن فليٽ ڪرائي تي نه ڏنا ويا ان تي مريم ۽ ان جي فئملي رهائش پذير آهي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تي ٿيندي ايندڙ ٻڌڻي ۾ به پي ٽي آءِ جو وڪيل نعيم بخاري پنهنجا دليل جاري رکندو.

 

50 نيون اسپتالون تعمير ڪرڻ جو اعلان، نرسنگ يونيورسٽي سان صحت جي شعبي ۾ ترقي ٿيندي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت صحت جي شعبي جي ترقي لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ 2015 ۾ شروع ڪيل قومي صحت جي پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ 50 نيون اسپتالون تعمير ڪيون وينديون هو جمعي تي ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. شاهه بحرين جي ڀاءُ ۽ بحرين جي ڪمانڊر نيشنل گارڊ ليفٽيننٽ جنرل شيخ حمد بن عيسيٰ بن سلمان به تقريب ۾ خاص شرڪت ڪئي. ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بحرين پاران ڏنل تحفو آهي ۽ ان جو ڳانڍاپو رائل ڪاليج آف سرجنز آئرلينڊ سان ٿيندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ تربيت يافته نرسنگ اينڊ ٽريننگ اسٽاف جي کوٽ کي سامهون رکندي بحرين جو اهو منصوبو صحت جي سارسنڀال واري شعبي جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته نرسنگ ڪيئر جي شعبي کي ماضي ۾ نظرانداز ڪرڻ سبب وڏا مسئلا پيش آيا. ان لاءِ ان سلسلي ۾ سنجيده ڪوششون کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي سان ملڪ ۾ نرسنگ جي پيشي جو معيار وڌندو ۽ اهو بين الاقوامي معيارن تي پورو لهندو. هن ان منصوبي کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي علامت قرار ڏيندي ان لاءِ شاهه بحرين حمد بن عيسيٰ الخليفا جا ٿورا مڃيا.

 

مظلومن جي رت سان رڱيل هٿن وارا به پاڪستان تي تنقيد پيا ڪن: چوڌري نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ)وفاقي گهرو زوير چوڌري نثارعلي خان سان برطانوي ۽ يورپي پارليامينٽ جي ٽه رڪني وفد ملاقات ڪئي جن ۾ ٻطرفو لاڳاپن پاڪستان ۽ برطانيا ۾ مختلف معاملن ۾ جاري تعاون گڏيل پارلياماني معاملن ۽ ڪشمير سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير ۽ اسلام جي حوالي سان اٿاريل نقطا تعريف جوڳا آهن گهرو وزير چيو ته علائقائي ۽ عالمي امن جي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ بيشمار قربانين باوجود به ڪجهه ماڻهن پاران تاريخي ۽ زميني حقيقتن کي هڪ طرفو نظرانداز ڪندي پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو چوڌري نثار چيو ته سطحي ڄاڻ رکندڙن ۽ ڪنهن ٻين جي اشارن تي هلندڙن کان سواءِ ان لسٽ ۾ اهي به شامل آهن جن جا پنهنجا هٿ مظلومن جي رت سان ڀريل آهن ۽ جيڪو علائقائي امن جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن.

 

لوڌرا ڀرسان اسڪولي ٻارڙن سان ڀريل چنگچي کي ٽرين جو ٽڪر، 6 ٻارڙن سميت 8 فوت

لاهور/لوڌران (اين اين آءِ)لوڌران ۾ آدم واهن ريلوي اسٽِشن ويجهو ٻه رڪشا ٽرين جي سامهون اچڻ سان اسول جي ستن ٻارڙنس ميت 8 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا اطلاع موجب هزاره ايڪسپريس حويليان کان ڪراچي اچي رهي هئي ته آدم واهن ۽ لوڌران وچ ۾ ريلوي ڦاٽڪ کليل سبب ٻه رڪشا ٽرين جي اڳيان اچي ويا ريلوي جي ترجمان موجب حادثي جي نتيجي ۾ اسڪول جا 6 ٻارڙا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا رڪشه ڊرائيور ۽ هڪ ٻارڙي کي طبي امداد لاءِ اسپتال پهچايو ويو جتي ٻئي زخمين زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو چٽن شاهدن موجب ريلوي فاٽڪ کليل هو حادثي وقت ريلوي جو ڪوبه ملازم اتي موجود نه هو ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي جاچ جي شروعات ڪئي ويئي آهي ۽ غفلت ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.وفاقي ريلوي وارو وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته لوڌران ٽرين حادثي جي شروعاتي رپورٽ 24 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪئي ويندي ۽ واقعي جي ذميوارن کي سزا ڏني ويندي حادثي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ڪجهه اهڙا سوال آهن جن جو جواب جاچ مڪمل ٿيڻ جي بغير نٿو ڏيئي سگهجي ريلوي هيڊڪوارٽر لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته لوڌران جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ ريلوي جي انويسٽيگيشن ٽيم واردات واري جاءِ تي پهچي چڪي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي. پوليس جي حراست هيٺ ماڻهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي حادثي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن کي سزا ڏني ويندي.

 

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عالمي سهڪار اهميت تي ٻڌل آهي : آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد برطانوي هاءِ ڪشمنر ٿامس ڊريو سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ دلچسپي وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عالمي سهڪار اهميت تي ٻڌل آهي. ٻئي پاسي برطانوي هاءِ ڪشمنر چيو ته امن جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ٻئي طرف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان سلور فلائي ويٽ باڪسر محمد وسيم جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي .آرمي چيف محمد وسيم جي شاندار ڪاميابين کي ساراهيو۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني نوجوان ان جي نقش قدم تي هلندي ملڪ جو نالو روشن ڪندا .

 

اڳوڻو آرمي چيف جنرل راحيل شريف 39 اسلامي ملڪن جي فوجي اتحاد جو سربراهه مقرر

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻو آرمي چيف جنرل راحيل شريف 39 اسلامي ملڪن جي فوجي اتحاد جو سربراهه مقرر ٿي ويو آهي. بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف ان معاملي جي تصدي ڪري ڇڏيو آهي. خواجه اضف چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي 39 اسلامي ملڪن جي فوجي اتحاد جو سربراهه بڻايو ويو آهي، معاهدي کي ڪجھه ڏينهن اڳ ئي قطعي شڪل ڏني وئي آهي. هن چيو ته معاهدو حڪومت جي علم ۾ آڻڻ کانپوءِ ئي ڪيو ويو آهي.

 

اين اي 204 تان چونڊ واري اعلان بعد پ پ چيئرمين جو لاڙڪاڻي شهر جو دورو، ڪارڪنن پاران شاندار استقبال، گلن جي ورکا

لاڙڪاڻو(اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي تڪ اين اي 204 تان ننڍي چونڊ وڙهڻ واري اعلان کان پوءِ پهريون ڀيرو تڪ جي مسئلن بابت شهر جو تفصيلي دورو ڪيو. صوبائي وزير کيس تڪ ۾ جاري ترقياتي ڪمن ۽ مسئلن بابت آگاهي ڏيندو رهيو، بلاول جي استقبال لاءِ هزارين ڪارڪنن مختلف روڊن تي بيهي سندس مٿان گل نڇاور ڪيا، بلاول جي حق ۾ زبردست نعريبازي، فوٽو ڪڍڻ تي بلاول جي قافلي ۾ شامل سيڪيورٽي اهلڪار سرعام فوٽوگرافر مٿان تشدد ڪندو رهيو، جيالن وچ ۾ پئي فوٽوگرافر کي ڇڏائي ورتو، بلاول ڀٽو زرداري پ پ پ جي جهوني ڪارڪن جي وڇوڙي تي وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي. رپورٽ موجب بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري تڪ اين اين 204 تان ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺي پارليامينٽ ۾ اچڻ جي فيصلي کان پوءِ پهريون نئون ديرو هائوس کان لاڙڪاڻي پهتو. جتي هن شهر جي مختلف علائقن ميونسپل ڪارپوريشن روڊ، امپائر روڊ، مڇي مارڪيٽ، پاڪستاني چوڪ، جناح باغ چوڪ، اسٽيشن روڊ، باقراڻي روڊ، اوور هيڊ برج، هاءِ ڪورٽ روڊ، چانڊڪا پل، سچل ڪالوني سميت ٻين مختلف علائقن جو گاڏي ذريعي تفصيلي دورو ڪيو. صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ۽ ٻيا پڻ بلاول سان گڏ هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي تڪ اين اي 204 تان ضمني چونڊ وڙهڻ کان اڳ شهر جي مسئلن سميت ٻين معاملن کان چڱي ريت واقف ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي پهتو جتي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو کيس شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري ترقياتي ڪمن ۽ مسئلن بابت گاڏي اندر آگاهه ڪندو رهيو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن سميت مختلف چوڪن تي وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي آمد کان اڳ ڪيترائي ڀيرا شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ مُک رستن کي پڻ بند ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي دوري کان بعد ماهوٽا پهچي پيپلز پارٽي جي جهوني اڳواڻ مرحوم غلام الله ماهوٽو جي گهر پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غلام الله ماهوٽو پارٽي جو قيمتي اثاثو هو جنهن هر وقت پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن جو ساٿ ڏنو مرحوم جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اهڙا اڳواڻ صدين تائين پيدا ٿيڻ مشڪل آهي. هن چيو ته مرحوم غلام الله ماهوٽو جي وارثن سان پارٽي جون همدرديون گڏ آهن ۽ مرحوم جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏبو جنهن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري موهن جو دڙو ايئرپورٽ تان ڪراچي روانو ٿي ويو. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آمد جي موقعي تي جتي هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪن سندس جي استقبال لاءِ پهتا اُتي شهر جي ايمپائر روڊ تي ڪوريج لاءِ پهتل هڪ فوٽوگرافر جيڪو بلاول جون تصويرون ڪڍي رهيو هو ته اوچتو بلاول جي گاڏي ۾ موجود هڪ سيڪيورٽي اهلڪار گاڏي مان لهي فوٽوگرافر کي سرعام مارڪٽ ڪندو رهيو جنهن تي ٻين ڪارڪنن توڙي جيالن پهچي فوٽوگرافر کي سيڪيورٽي اهلڪار جي مارڪٽ کان بچائي ورتو جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي گارڊ ٻيهر بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي ۾ شامل هڪ گاڏي ۾ چڙهي ساڻس روانو ٿي ويو.

مريم نواز لنڊن فليٽ ۽ آف شور ڪمپني جي ملڪيت وارو الزام رد ڪري ڇڏيو، جواب سپريم ڪورٽ ۾ داخل

اسلام آباد(م.ڊ) پاناما ليڪس ڪيس ۾ وزير اعظم جي صاحبزادي مريم نواز جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن لنڊن فليٽ ۽ آف شور ڪمپني جي ملڪيت وارو الزام رد ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز جو چوڻ آهي ته نيسڪول بابت مون سان لاڳاپيل دستاويز ڪورا آهن ۽ انهن دستاويزن تي منهنجون صحيحون به ڪوڙيون آهن. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ مريم نواز پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ هن لنڊن فليٽ ۽ آف شور ڪمپنين جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته لنڊن فليٽ حسين نواز جي ملڪيت آهي، ٽرسٽ ڊيڊ موجب آف شور ڪمپنين جي بينفشل مالڪ ناهيان. هن چيو ته ڪمپنين جا شيئر حسين نواز کي 4 جولاءِ 2006ع تي جاري ٿيا، ٽرسٽ ڊيڊ موجب آئون ٽرسٽي آهيان ۽ رڳو صحيح جي مجاز آهيان. مريم نواز پنهنجي جواب ۾  چيو ته نيسڪول ڪمپني بابت مون سان سلهاڙيل دستاويز ڪوڙا آهن. هن چيو ته له الثاني خاندان سان ڪمپنين بابت سيٽلمنٽ جون 2016ع ۾ ٿي. هن وڌيڪ چيو ته 2012 ۾ منهنجي زرعي آمد 21 لک 68 هزار 428 رپيا هئي جيڪا 2016ع ۾ وڌي هڪ ڪروڙ 16 لک 38 هزار کان وڌيڪ ٿي.

 

وڏي وزير ۽ ڄام شوري ۾ ملاقات، ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ بابت ڳالهيون

ڪراچي(م.ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مڪاني کاتن واري وزير ڄام خان شوري ۾ ملاقات ٿي. ان موقعي تي مڪاني کاتن واري وزير ڄام خان شوري وڏي وزير کي ٻڌايو ته چين مان ڪچرا کڻڻ واريو مشينري ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي وئي آهي. مشينري ۾ 200 ڪچرو کڻڻ واريون گاڏيون شامل آهن جڏهن ته چيني ڪمپني جا ماڻهو ايئرپورٽ تان مشينري ڪليئر ڪرائي رهيا آهن. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ٽن هفتن اندر ڪم شروع ٿي وڃي. اهو ڪم ضلعي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ شروع ٿيندو.

 

طيبه تشد ڪيس وڌيڪ اهم آهي، سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته طيبه تشد ڪيس وڌيڪ اهم آهي، سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي. عمران خان پاناما ڪيس جي ٻڌڻي جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آيو ته هن ميڊيا سان ڳالهائيندي سان طيبه تشدد ڪيس بابت ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙي سان انصاف ٿيڻ گهرجي، چيف جسٽس ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي جو ڪيس پاڻ ٻڌي رهيو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ سڀني کي طلب ڪري ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي. چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته طيبه تشد ڪيس وڌيڪ اهم آهي ۽ سمورن ڪيسن ۾ انصاف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پانام ڪيس ۾ به نوان ثبوت سامهون آيا آهن.