تازيون خبرون

Monthly Archives: December 2016

حڪومت جو سڄو گوڙ پانامه معاملو لڪائڻ لاءِ آهي، تحريڪ آهستي آهستي زور پڪڙيندي: چانڊيو

حيدرآباد(اي پي پي) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جون تمام وڏيون قربانيون آهن ۽ ڪڏهن به پ پ ڪارڪن قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن ۽ هو ذاتي مفادن کي ڇڏي پنهنجي قائد جي سڏ تي گڏ ٿي ويندا آهن. اها ڳالهه هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تان موٽندڙ ڪارڪن جي سول اسپتال حيدرآباد ۾ عيادت ڪرڻ وقت صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. جيڪي سيوهڻ روڊ تي ٿيل ٽينڪر حادثي ۾ زخمي ٿيا هئا. صوبائي صلاحڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويل اشرف علي رند جي پونيئرن سان عذرخواهي پڻ ڪئي ۽ داخل زخمين کي ڏسڻ لاءِ سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ هر هڪ زخمي غلام بشير بلوچ، خان محمد رند، محمد يونس رند کان علاوه اسپتال جي مڙني مريضن کي آٿت ڏيندي چيو ته انساني جانين جي وڃڻ جو ته ازالو نٿو ڪري سگهجي پر سندن خيريت ۽ دلداري ڏيڻ ۽ علاج ڪرائڻ ضروري سمجهان ٿو. پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري قرباني ڏيندڙ شهيد ڪارڪنن کي ڪڏهن به ڪونه وساريندو آهي. سول اسپتال حيدرآباد جي دوري دوران پ پ ڪارڪن فياض شاهه، صفير قريشي، پاشا قاضي، اعجاز مولائي، مجيب الرحمن چانڊيو، سول اسپتال جي ايم- ايس ڊاڪٽر واجد علي ميمڻ کان علاوه ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو ميڊيا جا پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پنهنجي وقت ۾ ملڪ کي بحران مان ڪڍيو ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پاڻ پتوڙيو . هڪ ٻئي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته تحريڪ لانگ مارچ ضرور ٿيندو ۽ ان جو باقاعده روٽ ۽ ٽائيم چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري مقرر ڪندو. اسين ملڪي ترقي جا اڳواڻ آهيون . آصف علي زرداري ئي واحد شخص آهي جيڪو ملڪ ۾ جمهوريت جي واڌاري لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري مفادن کان هٽي سمورن سياستدانن ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۾ هٿ ونڊايو اڄ به ملڪ جي ترقياتي رٿائن جي کيس ڳڻتي ۽ فڪر آهي.

 

صدر سان رضوان اختر جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو اهي ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽي سول ۽ فوجي آفيسرن جي تربيت جي سلسلي ۾ بهترين خدمتون ڏيئي رهي آهي اها ڳالهه صدر نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي نئين صدر ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر سان ملاقات دوران ڪئي جنهن ايوان صدر ۾ ان سان ملاقات ڪئي صدر چيو ته ڊفينس يونيورستي کي به مستقبل ۾ به پنهنجو اعليٰ معيار برقرار رکڻ گهرجي هن اميد ظاهر ڪئي ته ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر مٽندڙن حالتن موجب اداري جي علمي ۽ تحقيقاتي شعبن ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندو. ان موقعي تي رضوان اختر صدر کي پنهنجي اداري جي مختلف معاملن بابت آگاهه ڪيو.

 

بيجنگ ۾ سي پيڪ ڪميٽي جو اجلاس: ڪراچي سرڪلر ريلوي سي پيڪ ۾ شامل

ڪراچي (اين اين آءِ) چين جي انتظاميا اصولي طور تي سنڌ صوبي جي ٽن اهم رٿائن ڪراچي سڪيولر ريلوي، ڪيٽي بندر، ڌاٻيجي خاص اقتصادي زون کي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي-پيڪ) ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو اڄ سي-پيڪ بابت جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) جي ڇهين اجلاس ۾ ڪيو ويو، جيڪو اڄ بيجنگ ۾ اين ڊي آر سي عمارت ۾ گهرايو ويو هو. چين جي وفد جي سربراهي وائيس چيئرمين مسٽر وانگ زيائو تائو (Mr. Wang Xiaotao) جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران وفد جي اڳواڻي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪري رهيو هو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ صوبائي صنعت وارو وزير منظور وساڻ، ٽرانسپورٽ وارو وزير سيد ناصر شاهه، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، توانائي شعبي وارو سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ طحهٰ فاروقي ۽ ٻيا شامل هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي سرڪيولر ريلوي (ڪي سي آر) بابت پنهنجو ڪيس پيش ڪندي چيو ته ڪراچي شهر جي ڳڻپ آباديءَ جي لحاظ سان دنيا جي وڏن شهرن ۾ ٿيندي آهي، 2016ع ۾ ان جي آبادي جو ڪاٿو اٽڪل 25.1 ملين لڳايو ويو آهي، جيڪو ٽوڪيو، گوانگ زو، سيول، دهلي، ممبئي، ميڪسيڪو سٽي، نيويارڪ، سائوپالو، منيلا ۽ جڪارتا کان وڌيڪ آهي. هن شهر جي آبادي 2030ع ۾ 34.3 ملين تائين پهچي ويندي، انڪري ان شهر ۾ سيڙپڪاري جي لحاظ کان وڏا موقعا موجود آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر ۾ موجود سهولتن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪراچي ۾ رجسٽرڊ 3.9 ملين گاڏيون آهن ۽ هر ڏينهن 24 ملين ماڻهو سفر ڪندا آهن. هن چيو ته 192 هنڌن تان مختلف سائيز جون 6457 بسون هلي رهيون آهن، ان کانسواءِ 2715 ڪنٽريڪٽ ڪيرج جهڙوڪ بسون ۽ ڪوچز آهن. انهن مان 85 سيڪڙو يا اٽڪل 5400 بسون ٻن ورهين کان وڌيڪ پراڻيون آهن، جنهن جو مطلب فيول جواستعمال تمام وڌيڪ آهي ۽ خدمتون بلڪل خراب آهن. هن ٽريفڪ واليوم ۽ ادخل (قبضي) جي شرح بابت ڳالهائيندي چيو ته 4.5 سيڪڙو سمورين گاڏين (عوامي ٽرانسپورٽ) ذريعي 42 سيڪڙو مسافرن کي سهولت مهيا ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته 36.5 سيڪڙو سمورين گاڏين جو (خانگي ٽرانسپورٽ) وسيلي 21 سيڪڙو مسافرن کي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير گاڏين جي واليوم جي ورهاست بابت ٻڌائيندي چيو ته 74.3 سيڪڙو موٽرسائيڪلون، 36.5 سيڪڙو خانگي گاڏيون، 9.9 سيڪڙو پيرا ٽرانزٽ، 4.5 سيڪڙو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ 1.7 سيڪڙو ڪنٽريڪٽ ڪيرج آهي. هن چيو ته هاڻي اسان مسافرن جي ڊسٽريبيوشن ڪنداسين ته خبر پوندي ته 42 سيڪڙو مسافر پبلڪ ٽرانسپورٽ، 21 سيڪڙو خانگي گاڏين، 19 سيڪڙو موٽرسائيڪلن، 10 سيڪڙو ڪنٽريڪٽ ڪيرج ۽ 8 سيڪڙو پيرا ٽرانزٽ استعمال ڪندا آهن. ڪراچي ماس ٽرانزٽ (ڪي آر سي) جي مختصر تاريخ ٻڌائيندي هن چيو ته ان جي ابتدا 1964ع ۾ ٿئي ۽ اهو ٽرانسپورٽ جو نظام 1984ع تائين موئثر رهيو، پر ڪيترن ئي سببن جهڙوڪ رننگ ٽائيم ۾ واڌ ۽ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي سبب ان جو آپريشن بري طرح متاثر ٿيو، جنهن ڪري ان ۾ سفر ڪندڙن ۾ گهٽتائي ايندي وئي ۽ آخرڪار 1999ع ۾ انکي بند ڪيو ويو. هن چيو ته مسئلن جو حل هڪ موئثر ماس ٽرانزٽ سسٽم ۾ آهي، جنهن ۾ ڪراچي سرڪيولر ريلوي (ڪي آر سي)، بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم (پي آر ٽي ايس) ۽ لائٽ ريل ٽرانزٽ جي بحالي آهي. ڪي سي آر جي باري ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ست لک روزانو سواري ڪندڙ عوام اهو مطالبو ڪيو آهي. ان رٿا جي ايڪنڪ جي منظوري ڏني آهي، ان جي فزيبلٽي اسٽيڊي ٿرڊ پارٽيءَ مڪمل ڪئي آهي. ان جو انوائرمينٽل امپيڪ اسسمنٽ (اي آءِ اي) به ڪيو ويو آهي، يوٽيليٽي سروسز جي ري-ايلوڪيشن جي ضرورت نه آهي، ڪي-اليڪٽرڪ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهميءَ جو يقين ڏياريو آهي ۽ ان کي وفاقي ۽ صوبائي ٽيڪسز کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، ان کي بي آر ٽي ايس لائين سان گڏ ڳنڍيو ويو آهي ۽ ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪمپني (ڪي يو ٽي سي) جي صورت ۾ ادارتي فريم ورڪ پڻ موجود آهي. سيد مراد علي شاهه وقت جي بچت جي حوالي سان ڪراچي سرڪيولر ريلوي بابت ٻڌايو ته ڪي سي آر نارٿ ناظم آباد کان ڪراچي ڪنيٽ تائين 28.20 منٽن وٺندي، جڏهن ته بس 56.25 منٽ وٺندي آهي. نيپا کان بلديا ڪي سي آر 23.2 منٽ وٺندي، جڏهن ته بس 60.35 منٽ وٺندي آهي. ڪي سي آر ڊرگ روڊ کان ڪراچي سٽي تائين 19 منٽ وٺندي، جڏهن ته بس 65.50 منٽ وٺندي آهي. ڪي آر سي بلديا کان ڪراچي سٽي تائين 10 منٽ وٺندي، جڏهن ته بس 49.25 منٽ وٺندي، اهڙي ريت بلديا کان ڊرگ روڊ ڪي سي آر 28 منٽ وٺندي جڏهن ته هڪ بس 83.40 منٽ وٺندي آهي. هن چيو ته جاپان ڪي سي آر جي لاڳت جو ڪاٿو اٽڪل 2609 ملين ڊالر لڳايو هو ۽ ان جو مالي اسٽريڪچر تيار ڪيو ويو هو، جنهن تحت 85 سيڪڙو قرض ۽ 15 سيڪڙو سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي ايڪيوٽي هئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان جي معاشي ۽ مالياتي اوسر بابت ٻڌايو ته ان جو اقتصادي آءِ آر آر جو ڪاٿو 13.8 سيڪڙو لڳايو ويو آهي، معاشي فائدن ۾ وهيڪل آپريشن ڪاسٽ (وي او سي) ۽ ٽريول ٽائم ڪاسٽ (ٽي سي سي) ۾ گهٽتائي شامل آهن. هن سيڙپڪارن کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان/سنڌ حڪومت سان گڏجي ايڪيوٽي ۾ ڀاڱيواري ڪن. پنهنجي پريزنٽيشن جي آخر ۾ سيد مراد علي شاهه ان رٿا کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چين کي سهڪار ڪرڻ جي درخواست ڪئي، وزيراعظم ان رٿا کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ ان جي مجاز گارنٽي ڏيڻ جو پڻ يقين ڏياريو آهي. جي سي سي واري اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ان رٿا کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ سنڌ حڪومت کي چيو ته هُو ٽن مهينن جي اندر ان جي فزيبليٽي پيش ڪري. ان تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه کي هدايت ڪئي ته هُو فزيبليٽي کي مقرر ڪيل مدي اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم جي رفتار کي تيز ڪري.

 

ڪارڪردگي کان ناراض ٿيڻ جو تاثر درست ناهي، اسيمبلي ۾ زبان جو لحجو نرم ضرور هو، لفظن ۾ طاقت ان کان وڌيڪ هوندي آهي: خورشيد شاهه

لاهور (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران ان جي ڪارڪردگي کان ناراض ٿيڻ واري تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته اسيمبلي ۾ ان جي تقريرن دوران زبان جو لحجو نرم ضرور هوندو آهي پر لفظن ۾ طاقت ان کان وڌيڪ هوندي آهي، بلاول ڀٽو پارٽي جو چيئرمين آهي ۽ اسيمبلي ۾ اچڻ جي صورت ۾ هو اپوزيشن هوندو، جڏهن ته اهو پارٽي جو فيصلو نه آهي پر عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ ۾ منهنجي خواهش آهي ۽ ائين ٿيندو، نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته 1997 جي دور کي دهرائيندي پ پ جي شهيد اڳواڻ وزيراعظم بينظير ڀٽو ان کان اپوزيش ليڊر بڻجڻ جي درخواست ڪئي هئي پر ان سبب انڪار ڪيو هو ته جڏهن محترمه اسيمبلي ۾ موجود آهي ته هو اهو عهدو ڪيئن سنڀالي سگهي ٿو، ان سوال تي ته توهان جي مقابلي ۾ بلاول جو تجربو تمام گهٽ آهي، ڇا توهان ان کي اسيمبلي جي طور طريقن جي تربيت ڏيندو؟ خورشيد شاهه چيو ته اهو هڪ ٽيم ورڪ هوندو ۽ جهڙي طرح ماضي ۾ ڪور ڪميٽي جي اجلاسن ۾ صلاح مشورو ٿيندو هو مستقبل ۾ به ائين ٿيندو.

 

ڪرپشن جو ملڪ مان خاتمون چاهيون ٿا، اسان عام ماڻهو جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهيون : سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن ايوان ۽ عدالت ڪرپشن روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ته پوءِ رستن کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچندو آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پارليامينٽ قانونسازي نه ڪري ۽ عدالتن ۾ احتساب نه ٿئي ته لٽيرن جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ لاءِ صرف هڪ ئي رستو بچي ته عوام سان رابطو ڪيو وڃي، حڪمران اقتدار لاءِ پاڻ ۾ وڙهندي ۽ غريب ماڻهن جو رت چوسڻ ۽ پگهر جي ڪمائي لٽڻ ۾ هڪٻئي جي مدد ڪن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر سيد ايڊووڪيٽ جي قيادت ۾ دير کان آيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ ضلعي حڪومت جي اعليٰ عهديدارن جي وفد سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو، هن چيو ته 70 سالن کان ملڪ جي اقتدار تي قابض ٽولو پنهنجي دولت وڌائڻ ۽ اقتدار تي قبضي لاءِ هميشه عوام جي حقن جي لتاڙ ڪئي آهي، اهو ئي ٽولو چهرا مٽائي چونڊن ۾ عوام کي دوکو ڏيندو رهي ٿو، غريب کي ايوان تائين پهچڻ جو موقعو نه ڏنو ويو آهي، ان ٽولي ۾ موجود مامو، ڀاڻيجو، چاچو ۽ ڀائٽي جي سياست جو مهور پنهنجي مفاد جو تحفظ ۽ غريب جو مال پاڻ ۾ ورهائي رهيا آهن.

 

عمران خان 2019 ع ۾ ڪراچي ۾ ڪينسر اسپتال کي آپريشنل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) پي ٽِي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڊسمبر 2019 تائين پاڪستان جي ڪينسر جي سڀ کان وڏي اسپتال فعال ٿي ويندي، پاڪستان ۾ انصاف جو ڪو به نظام موجود نه آهي، جڏهن ملڪ ۾ معاشي ۽ تعليمي آهي، اسان قائد اعظم ۽ علامه اقبال جي فلسفن کي ڇڏي ڏنو آهي، ملڪ ان لاءِ حاصل نه ڪيو هو ته ٽاٽا جي جڳهه اسان تي شريف ۽ زرداري قبضو ڪن، پاڪستان جا 90 سيڪڙو ماڻهو ڪينسر جو علاج مهانگو هجڻ سبب نٿا ڪرائي سگهن، عام ماڻهو شوڪت خانم اسپتال لاءِ دل کولي عطيو ڏنو آهي، اسپتال لاءِ زمين جي فراهمي تي ڊي ايڇ اي سٽي جو ٿورائتو آهيان، اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي ۾ ملڪ جي ٽئين شوڪت خانم اسپتال جي پيڙهه جي پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪينسر جو علاج تمام گهڻو مهانگو آهي جنهن تي ڪروڙين رپيا لڳي وڃن ٿا، ان جو اندازو ان وقت ٿيو جڏهن مان پنهنجي والده کي علاج لاءِ پرڏيهه وٺي ويو هيس. هن چيو ته سڀ چوندا هئا ته ڪينسر جو علاج مفت نٿو ٿي سگهي پر اسان 75 سيڪڙو ماڻهن جو مفت علاج ڪيو آهي، شوڪت خانم اسپتال ۾ مفت علاج تي 26 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن. هن چيو ته 1990 ۾ پنجاب حڪومت ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، ان منصوبي جو نالو رکيو وڃي ڇو ته وڏو وزير ميان نواز شريف هو.

 

خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا قتل، پوليس جا ڇاپا، 6 ڄڻا گرفتار

خيرپور ناٿن شاهه(رپورٽر) خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا قتل، علائقي ۾ ڏهڪاء، پوليس جا مختلف علائقن ۾ ڇاپا،  6 ڄڻا گرفتار، تفصيل موجب؛ خيرپور ناٿن شاهه ۾ سيتالنڪ روڊ تي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار سوالي رند ۽ غلام محمد چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاء ڇائجي ويو، اطلاع بعد ڪي اين شاهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي لاشن کي کڻائي خيرپور ناٿن شاهه جي تعلقي اسپتال کڻايو، پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاشن کي سندن جي وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتول سوالي رند جو تعلق سيتاروڊ سان آهي جڏهن ته مقتول غلام محمد چانڊيو ڳوٺ وليداد چانڊيو جو رهواسي پڻ آهي، هوڏانهن اي ايس پي ڊاڪٽر محمد سميع ملڪ ٻڌايو ته سيتاروڊ ۽ ڪي اين شاهه پوليس مختلف ڳوٺن ۾ ڇاپا هڻي 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هن چيو ته واقعو پراڻي تڪرار سبب پيش آيو جنهن بابت جاچ هلندڙ آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.

 

هلندڙ سال اسڪارليٽ جوهانسن جون فلمون سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي

لاس ايجنلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ تي هلندڙ سال عورتن جي بادشاهي رهي اداڪاره اسڪارليٽ جوهانسن جون فلمون سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪيون اداڪار ڪرس ايونز ۽ رابرٽ ڊائوني جونيئر ٻئي نمبر تي آيو سال 2016 پورو ٿيڻ تي آهي پر هن سال هالي ووڊ جي حوالي سان ڪجهه مختلف رهيو هن سال سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلمن جي لسٽ ۾ اداڪار نه آهي پر اداڪارائون پهرين نمبر تي رهيون آهن ان لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي ٻه اداڪار آهن ڪئپٽن آمريڪا جو ڪرس ايونز ۽ آئرن ۾ رابرٽ ڊائوني جونيئر.

 

ميرا ۽ ماهرا وچ ۾ سرد جنگ شروع، ميرا ماهره کي آنٽي ڪرپٽ ۽ سازشي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) فلم اسٽار ميرا ۽ ماهره خان ۾ جاري جنگ کلي ڪري ميڊيا جي عدالت ۾ پهچي ويئي ميرا ماهره کي آنٽي ڪرپٽ ۽ سازشي عورت قرار ڏيئي ڇڏيو جڏهن ته مائره خان پاران به سخت جمن جو حملو ڪيو ويو پرنٽ ميڊيا تي ايندڙ خبرون جتي سوشل ميڊيا تي ماڻهن جو ڌيان جو مرڪز بڻجي رهي آهي اتي ماڻهو ٻنهي کي جهيڙي باوجود پنهنجي ڪم کي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏنو آهي. تنهن ميري جي نجي زندگي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ته ڪنهن فلم ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ هڪ طرح جي ايڪٽنگ ڪرڻ تي ماهره جو ڪلاس ورتو آهي. ماهرن خان جي نڪ ۽ ايڪٽنگ دوران روئڻ واري ڪردارن تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ڪنهن مختلف هنڌن تي منصوبابندي سان خبر ٺهڻ تي اداڪاره ميرا جو پول کولي ڇڏيو آهي اداڪاره ميرا چيو ته شوبز اندسٽري سان جڙيل هرهڪ شخص ماهره خان جي سازشن کان تنگ اهي.

 

برسات سبب ميلبورن ٽيسٽ متوقعه طور تي ڊرا جي رستي تي، چوٿين ڏينهن جي راند به برسات سبب صرف 55.5 اوورن تائين محدود

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ ٻي ٽيسٽ مئچ ۾ برسات جو مسلسل سلسلو جاري آهي ۽ چوٿين ڏينهن جي راند به برسات سبب صرف 55.5 اوورن کان پوءِ ختم ٿي ويئي آسٽريليا پاڪستان جي خلاف ميلبورن ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تي پنهنجي پهرين اننگز ۾ 6 رانديگرن جي نقصان تي 465 رنسون ٺاهيون ۽ ميزبان ٽيم تي 52 رنسن جي برتري حاصل ڪئي آسٽريليا چوٿين ڏينهن 278 رنسون ٻه رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي اننگز ٻيهر شروع ڪئي پر عثمان خواجه پنهنجي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ صرف ٻن رنسن جو اضافو ڪري 97 رنسن تي وهاب رياض جي بال تي سرفراز جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.