تازيون خبرون

Daily Archives: December 28, 2016

پ پ سياسي لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ن ليگ هر محاز تي ناڪام ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڳڙهي خدا بخش (رپورٽر) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ن ليگ کي منهنجيون ڳالهيون دير سان سمجھه ۾ اينديون آهن، مون حڪومت کي 4 مطالبا ڏنا آهن، سپريم ڪورٽ جي ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ ۾ منهنجيون ڳالهيون ثابت ٿيون، گھرو وزير استعيفيٰ ڏيڻ بدران سپريم ڪورٽ سميت سڀني کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي نائين ورسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته گھرو وزير پابندي پيل تنظيمن سان ملاقات ڪري اسلام آباد ۾ جلسن جي اجازتون ڏيندو آهي، مون کي سڏڻو آهي ته سپريم ڪورٽ ڇا ٿي ڪري؟  دنيا اسان کي دهشتگرد ملڪ بڻائڻ جي چڪر ۾ آهي، اسان دنيا ۾ اڪيلا ٿي ويا آهيون، ميان صاحب اوهان ڪابينا ۾ دهشتگردن جا سهولتڪار رکي ڇڏيا آهن، مان چوان ٿو ته مستقل پرڏيهي وزير آڻيو جيڪو پاڪستان جي صحيح نمائندگي ڪري سگھي، اوهان منهنجي ڳالهه نه مڃي ته اسان جي حڪومت جو ڪو اسڪينڊل ناهي، ميان صاحب اوهان واقعي ايترا سادا آهيو، پاڪستان ۾ ماڻهن کان پڇو ته اڄ جو وزيراعظم ڪير آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته ”پاناما شريف“،  نه پاڻ تماشو بڻجو نه سڄي نظام کي تماشو بڻايو، اسيمبليءَ ۾ پاناما بل منظور ڪرڻ رنڊڪون وڌيون ته مخالف ڌر جي احتجاج کي منهن ڏيڻو پوندو، پاناما بل منظور ڪرائي عدالت ۾ وڃڻ چاهيون ٿا، مان بينظير جوپٽ آهيان، جنهن تي اوهان ڪيترا ظلم ڪيا،  اوهان جيل ويئو ته منهنجي والدا اي آر ڊي ٺاهي اوهان کي ان جو حصو بڻايو، اوهان جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته زرداريءَ کي روڊن تي گهليندس، منهنجي بزرگن وڏن جي عزت ڪرڻ سيکاري آهي، ان جو مطلب اهو نه آهي ته مان اوهان جي سياست سان اتفاق ڪيان، ميان صاحب جا ته اسڪينڊل ئي اسڪينڊل آهن،  اوهان چاهيو ٿا ته ننڍن صوبن کان حق کسيا وڃن ۽ مان چپ رهان؟ اوهان چاهيو ٿا ته سي پيڪ کي تڪراري بڻايو وڃي ۽ مان چپ رهان، اوهان چاهيو ٿا ته پاناما ۾ پڪڙيا وڃو، احتساب کان ڀڄو ۽ مان چپ رهان؟ اوهان جي پاليسي سان صنعت تباهه ٿي ويندي ۽ مان چپ رهان، اوهان چاهيو ٿا ته ماڻهو علاج کان محروم رهن ۽ مان چپ رهان؟ اوهان غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ڪيو ۽ مان چپ رهان؟ اوهان چاهيو ٿا ته پاناما ڪمپنيءَ ۾ واڌ ٿئي ۽ مان چپ رهان، اوهان جو ڀاءُ نرسن ۽ ڊاڪٽرن تي لٺبازي ڪري ۽ مان چپ رهان،  اسان بي گناهن کي ڦاهي ملي ۽ اوهان کي ڪلين چٽ ملي ۽ مان چپ رهان؟ مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ميراث جو وارث آهيان، مودي بي هٿيار ڪشميرين جو رت وهائي اوهان ان سان دوستي ڪيو ۽ مان چپ رهان، اسان کي سياسي لانگ مارچ جي تياري شروع ڪرڻي آهي، چار مطالبا مڃرائڻ جي لاءِ سڃي ملڪ جو دورو ڪندس، ڪارڪن سياسي لانگ مارچ جي تياري ڪن.

 

بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو کل جوڳو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م.ڊ)اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، هڪ سياسي اڳواڻ جي حيثيت سان جمهوريت جي لاءِ جنگ وڙهي، جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي پر ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس ورسيءَ تي جهڙي قسم جي سياسي سرگرمي منعقد ڪئي وئي اها انتهائي نامناسب هئي، بلاول ڀٽو زرداري جو پارليامينٽ ۾ اچڻ خوش آئنده آهي پر کيس پنهنجي امڙ جي سياسي زندگي مان تمام گهڻو ڪجهه سکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي پاران محترمه بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو کل جوڳو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ عوام ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندي. هن اڱاري ڏينهن مختلف نجي ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاناما تي سياست ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي محترمه جي ورسيءَ تي عوام کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ گڏ ڪيو. هن چيو ته سندس ورسيءَ جي موقعي تي جلسي جا جيڪي منظر هئا ان ۾ رقص ڪيو ويو ۽ دهل وڄايا ويا، جيڪو انتهائي غيرمناسب هو. هن چيو ته بينظير ڀٽو هڪ ويزن ليڊر هئي، بينظير ڀٽو جي شهادت جي جاچ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پاڪستان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ماضي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جيڪا کل جوڳي آهي. هن چيو ته ۵ سالن تائين سندن حڪومت رهي، ان دوران هنن ڪا جاچ نه ڪرائي، جيڪڏهن هو پنهنجي دور ۾ هڪ ڪميشن ئي ٺاهي ڇڏين ها ته گهٽ ۾ گهٽ اها پنهنجي رپورٽ ئي پيش ڪري ڇڏي ها. هن چيو ته اهو پيپلزپارٽي ۽ ان جي اڳواڻن جي لاءِ هڪ سوال آهي ته ائين ڇو نه ڪيو ويو، انهن کي پنهنجو پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته هو قاتلن جي گهٽ ۾ گهٽ نشاندهي ڪري ڇڏين ها. بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ اچڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري هڪ سياسي اڳواڻ جي طور تي سامهون اچي سگهي ٿو. هن چيو ته بلاول ڀٽو کي محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي زندگي مان سکڻ جي ضرورت آهي ڇو ته هو هڪ وڏي اڳواڻ هئي ۽ سندس زندگي مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهجي ٿو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ اچڻ سان سندس بهتر سياسي تربيت ٿيندي. پيپلزپارٽي پاران سياسي لانگ مارچ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اعلان ڪري وقت کان اڳ ۾ اليڪشن موڊ ۾ هلي وئي آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ اڃا ڏيڍ سال باقي آهي. پيپلزپارٽي کي لانگ مارچ جو اعلان ڪرڻو هو پر اها ڳالهه واضح آهي ته پاڪستان جي عوام لانگ مارچ ۽ ڌرڻن جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هڪ ٻي سياسي پارٽي گذريل ٽن سالن کان ڌرڻا ۽ مارچ جي سياست ڪري مايوس ٿي چڪي آهي. هن چيو ته هاڻي جيڪي چونڊون ٿينديون انهن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ وڌا ويندا. پيپلزپارٽي کي گهرجي ته هو سنڌ تي پنهنجو ڌيان ڏي ۽ ۲۰۱۸ع ۾ اهڙا ڪي ٽي ڪم ٻڌائي سگهي جن سان سندن ڪارڪردگي ظاهر ٿيندي هجي ته جيئن هو چونڊن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي حصو وٺي سگهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت ان لاءِ رليف محسوس ڪري رهي آهي، ڇو ته هو بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي. ان سوال ته آصف علي زرداري چيو آهي ته مون سياست محمد نواز شريف کي ڏني هئي، اطلاعات واري وزير چيو ته الله تعاليٰ ۽ عوام وزيراعظم محمد نواز شريف کي وزارت عظميٰ جو ٽيون ڀيرو عهدو ڏنو آهي ۽ وزيراعظم نواز شريف امانت جي طور تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل ساڍن ٽن سالن جي ڪارڪردگي جو گذريل حڪومتن جي ۳۵ سالن جي ڪارڪردگي سان ڀيٽ ڪري وٺو، توهان کي خبر پئجي ويندي ته مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگي بهتر آهي ۽ اها ڏينهن رات عوام جي خدمت جي لاءِ ڪم ۾ مصروف آهي.

 

 

 

پنجاب ۾ نواز شريف جي مضبوطي کي نٿا مڃون، ڪنهن کي شهزاده سليم بڻجڻ نه ڏينداسين: آصف زرداري

ڳڙهي خدا بخش(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين چيو آهي ته ڇا اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهيو ٿا جنهن ۾ مغلن جي جنگ ٿئي؟ چين سان معاهدو اوهان کي سمجھه ۾ نه پيو اچي، ميان صاحب اهو ڏينهن ياد ڪيو جڏهن مون پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا، طاقت ان جي لاءِ نه ڏني هئي ته اوهان شهزادا سليم بڻجي وڃو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نائين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته  ايوان صدر جو خرچ ڪنهن کاتي ۾ وڃي رهيو آهي، پنهنجي صدر مان اوهان کي فائدو آهي يا نقصان؟ پنجاب ۾ نواز شريف جي مضبوطي کي نه ٿا مڃون، توهان جو ته ڍور به زخمي ناهي ٿيو، اسان ايئن جيل ڪاٽيا، اوهان جا دوست وڃن ته خبر پئجي ويندي ته جيل ڇا ٿيندا آهن،  ميان صاحب اوهان اسان جي جمهوريت جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي، وقت جي آمرن سان وڙهيا آهيو پر فوج خلاف آواز نه اٿاريوَ، 350 صنعتون بند آهن اوهان جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي سُري، اوهان کي احساس ئي ڪونهي ته هاري ڇا چئي رهيو آهي، پارليامينٽ ۾ اوهان جي ڪُرسيءَ جا پير ڇڪڻ نه پر اوهان کي سبق سيکارڻ اچي رهيو آهيان،  صدر کي غير سياسي رکڻو آهي ته صدارت ئي ختم ڪري ڇڏيو مان ان جي لاءِ ناهيان آيو ته اوهان کان حڪومت وٺڻي آهي، ميان صاحب اوهان کان پاڪستان نه پيو سنڀالجي، اوهان جي هٿ ۾ ايس ايڇ او آهي، مقابلو پارليامينٽ ۾ ٿيندو، سي اي سي کان اجازت ملڻ کان پوءِ اليڪشن وڙهي پارليامينٽ ۾ ايندس، مان پنهنجي ڀيڻ جي سيٽ تان اليڪشن وڙهندس، اسان ڀٽو جو نقصان برداشت ڪيو.36

 

ماڻهن کي نه ماريو وڃي، ٻارڙن کي زهر پيئارڻ جي اجازت نه ڏينداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م.ڊ) ملڪ جي ناليواري کِير ڪمپني جي کير ۾ لاش محفوظ ڪرڻ وارو ڪيميڪل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ٻارن کي زهر پيارڻ نه ڏينداسين. سپريم ڪورٽ جي نامزد چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ خراب کير ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاني وڪرو ڪرڻ خلاف پاڻ مرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس کير ۽ پاڻي وڪڻندڙ ڪمپينين جي انسپيڪشن لاءِ لوڪل ڪميشن جوڙيندي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار بيرسٽر ظفر الله عدالت کي ٻڌايو ته پي سي ايس آر ليبارٽري جي رپورٽ ۾ ثابت ٿي چڪو آهي ته کليل کير کانسواءِ ڊٻي واري کير ۾ ڊيٽرنٽ پوڊر ۽ ڪيميائي مادا استعمال ڪيا پيا وڃن. پنجاب جي ڊي جي فوڊ نورالامين مينگل عدالت کي ٻڌايوته خراب ۽ غير معياري کير وڪڻندڙ ڪمپنين تي ڏنڊ هنيا پيا وڃن. عدالت کير ڪمپنين جي وڪيلن کي چيوته زهريلو کير پياري شهرين کي مارڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. عدليا ٻارن کي زهريلو کير پيارڻ جي اجازت هر گز نه ڏيندي.

 

وزير اعظم سان چوڌري نثار ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات، ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان اڱاري تي وزيراعطم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي جاري بيان موجب وزيراعظم سان جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي موجدوه سياسي صورتحال ۽ قومي اهميت جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون ٻنهي اڳواڻن ڪي پي وي ۽ بلوچستان ۾ وفاقي حڪومت جي ترقياتي اسڪيمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم نوازشريف سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي ۽ اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي وزيراعظم هائوس مان جاري بيان موجب اڱاري تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان وزيراعظم نوازشريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گهرو وزير وزيراعظم کي اندروني سلامتي جي صورتحال ۽ طورخم بارڊر جي پنهنجي تازي دوري ۽ ڪراچي آپريشن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ملاقات ۾ سياسي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي. گهرو وزير وزيراعطم کي ٻڌايو ته حڪومت موثر سرحدي انتظام ۽ اندروني سلامتي لاءِ سول آرمڊ فورسز جي ونگ جي قيام جي لاءِ 70 ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي.

 

پاڪ فوج ملڪي سلامتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه

راولپنڊي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين ۽ ڪردار کي واکاڻيندي چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪي سلامتي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هو اڱاري ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ راولپنڊي گيريزن جي آفيسرن کي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي اداري آءِ ايس پي آر مطابق جنرل قمر جاويد باجوه موجوده سيڪيورٽي صورتحال، درپيش چئلينجن ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي روشني وڌي. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن اداري کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن آپريشن ضرب عضب ۾ مثالي قربانيون ڏنيون آهن.

 

عذرا پيچوهو ۽ اياز سومري پنهنجي عهدن تان استعفائون ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٻن ايم اين ايز عذرا فضل پيچوهو ۽ اياز سومرو پنهنجن عهدن تان استعفائون ڏئي ڇڏيون آهن، عذرا فضل پيچوهو نوابشاهه اين اي 213 جي سيٽ تان استعفيٰ ڏني آهي، جڏهن ته اياز سومري لاڙڪاڻو اين اي 204 جي تڪ تان استعفيٰ ڏني آهي، ٻنهي خالي جاين تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرپرسن آصف علي زرداري چونڊون وڙهندا، واضح رهي ته اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نوابشاهه مان پنهنجي ڀيڻ جي سيٽ تان جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري اياز سومري جي سيٽ تان چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو.

 

پ پ جو پلان ظاهر ٿئي پوءِ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙينداسين: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته پ پ جي پلان جو انتظار ڪري رهيا آهيو. پلان سامهون اچڻ کاپوءِ اڳتي جي لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ جو احتساب ٺاهيو ان ۾ ڪا پلي بارگين ناهي. پلي بارگين جو قانون بلڪل غلط آهي، اهو نه هجڻ گھرجي. هن چيو ته نيب چيئرمين کي فوري طور هٽائڻ گھرجي. جيستائين نواز شريف کان احتساب شروع نٿو ڪيو وڃي اتيستائين انصاف نه هلي سگھندو. سندس چوڻ هو ته مون  حق حلال جي ڪمائي جا پيسا ڏيهه آندا، ڪنهن کان ڪجھه ناهي لڪايو.اسين چئي رهيا آهيون ته پاناما ليڪس تي فيصلو ڏيو، اڪرم شيخ چوي ٿو ته تاريخ ڏيو. هن چيو ته اسان زمين خريد ڪري ڪهڙو قانون ٽوڙيو آهي. 1983ع ۾ مون فليٽ خريد ڪيو، ڪنهن کان به ڪونه لڪايو ته فليٽ خريد ڪيو اٿم.

 

فضل الرحمان جي چوڌري شجاعت سان ملاقات، سياست ۾ صبر ۽ سهپ کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد(م.ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قاف ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪري ملڪ جي تازي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن. فضل الرحمان چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪري سڀ کان پهرين سندس صحت بابت پڇا ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سياست ۾ سلڇڻائپ، رواداري ، تحمل ۽ برداشت جي جذبن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

 

بلاول ڀلي پارليامينٽ ۾ اچي پر پ پ جي گذريل دور ۾ پاڪستان ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويو: ن ليگ

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران چونڊ وڙهڻ واري اعلان جي آجيان ڪري ڇڏي آهي. ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اسان کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چونڊ وڙهي پارليامينٽ ۾ اچي ٿو ته آجيان ڪنداسين، پيءُ پٽ پارليامينٽ ۾ اچي وڃن ته اپوزيشن صحيح ٿي ويندي. بلاول ڀٽو زرداري جي ڳڙهي خدابخش ۾ تقرير کانپوءِ رد عمل ڏيندي ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته بلاول ڀلي پارليامينٽ ۾ اچي پر سندس پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ڪرپشن عروج تي پهتي هئي. هن چيو ته 2008ع کان 2013ع تائين پاڪستان ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويو هو. پ پ وارا جهڙي قسم جو احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا ڪن، طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته بينظير جي قتل کانپوءِ پ پ جي حڪومت ٺهي ڇا بلاول پنهنجي پيءُ تي قتل جو الزام هڻي رهيو آهي؟ هن چيو ته اسان جي دور ۾ دهشتگردي گھٽ ٿي، پاڪستان اڳتي وڌيو. سنڌ کي پهريون موٽر وي نواز شريف ڏنو. نواز شريف پنهنجي دور ۾ ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي اٿاريو، پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ ڇا ڪيو؟. هن چيوته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري ڀلي پارليامينٽ ۾ اچن، سندس پارليامينٽ ۾ اچڻ سان کانئن به سوال ٿيندا. ماڻهو سوال ڪن ٿا ته پ پ وارن پنهنجي حڪومت ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڇو نه ڪئي؟