تازيون خبرون

Daily Archives: December 22, 2016

اداڪار ڌرمندر جي طبيعت اوچتو خراب، اسپتال داخل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار ڌرمندر طبيعت  خراب ٿيڻ سبب اسپتال ۾ داخل. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اڱاري ۽ اربع جي رات ممبئي ۾ بالي ووڊ جي ليجنڊ  اداڪار ڌرمندر جي پيٽ ۾ اوچتو تڪليف ٿي، جيڪا اوچو شدت اختيار ڪري وئي ۽ هن کي الٽين سوڌو تيز بخار ۽ جسم ۾ سخت سور سبب ممبئي  جي نانا وتي اسپتال آندو ويو. ڌرمندر جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر وشيش اگروال جو چوڻ هو ته ڌرمندر جي طبيعت آهستي آهستي بهتر ٿي رهي آهي، بهرحال هن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ اسپتال ۾ ئي علاج هيٺ رکيو ويندو ۽ مڪمل تسلي کانپوءِ ئي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي.

 

مشهور ڳائڻي طاهر شاهه کي قتل جون ڌمڪيون، تحفظ نه ملڻ تي پرڏيهه روانو

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني راڳي طاهر شاهه کي مارڻ جون ڌمڪيون مليون، جنهن کانپوءِ هو پرڏيهه هليو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ”آئي ٽو آئي“ ۽ ”اينجل“ جهڙن گيتن کان شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني گلوڪار طاهر شاهه کي اڻڄاتل ماڻهن پاران قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون، جنهن کانپوءِ هن اختيارين کان تحفظ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، بهرحال ڪو اطمينان جوڳو جواب نه ملڻ تي هو پرڏيهه روانو ٿي ويو. طاهر شاهه جي مينجمينٽ ٽيم جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل ٽيليفون ڪالن ذريعي طاهر شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ قتل جون ڌمڪيون مليون هيون، جنهن تي هن پنهنجي تحفظ لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو هو، بهرحال انهن پاران ڪو اطمينان جوڳو جواب نه ملڻ تي طاهر شاهه دلبرداشته ٿي پرڏيهه هليو ويو آهي.

 

بال ٽيمپرنگ ڪيس: آءِ سي سي ڊوپليسي جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏکڻ آفريقي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاف ڊوپليسي جي بال ٽيمپرنگ واري ڪيس ۾ داخل ڪرايل اپيل جي ٻڌڻي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. ڊوپليسي تي گذريل مهيني آسٽريليا خلاف هوبارٽ ٽيسٽ دوران بال ٽيمپرنگ جو الزام لڳايو ويو هو، جنهن کانپوءِ آءِ سي سي جاچ ڪندي کيس ڏوهي قرار ڏنو هو، جڏهن ته ڊوپليسي اهڙي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب جڊيشل ڪمشنر مائيڪل بيلوف جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.

 

برسبين ٽيسٽ سان رانديگرن جا حوصلا وڌيا آهن: ظهير عباس

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ظهير عباس جو چوڻ آهي ته برسبين ٽيسٽ سان رانديگرن جا حوصلا وڌيا آهن اميد آهي ته پاڪستان جو نالو ٻيهر مٿي ايندو. هڪ بيان ۾ ظهير عباس جو چوڻ هو ته يونس خان بهترين رانديگر آهي، جيڪڏهن هو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ وارو شارٽ نه کيڏي  ها ته ميچ کٽي پئي سگهياسين.

 

 

تاريخي شهر بيروت ۽ تاريخي ڪردار: ممتاز علي ملاح

جڏهن آمر ضياء الحق خلاف ايم آرڊي تحريڪ جنم ورتو، تنهن وقت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ جمهوريت جي بحالي لاء سرگرمي  تيز  رهي هئي ، ڌرتي جي جوڌن ان هلچل ۾ پاڻ ملهايو،آمر جي آمريت ، ڏاڍ، جبر، ظلم، خلاف هماليا جبل جيڏي حوصلي سان اڳيان وڌندي جمهوريت جي سر بلندي لاء پاڻ ۽ پنهنجي شهر کي تاريخ جي سنهري ورقن ۾ لکرائي ۽  هميشه زنده رکيو،

اهو سال 1983ع هيو جڏهن آمريت خلاف ايم آرڊي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ سرگرم عمل هئي، اهڙي سرگرمي ۾ دادو ضلعي جي جدوجهد وري سڄي سنڌ جي جدوجهد کان منفرد حيثيت رکي پئي، جمهوريت پسندن پاران آمريت خلاف هلندڙ جدوجهد جنگ دوران خيرپور ناٿن شاهه جي روڊن تي جمهوريت جي بحالي لاء جدوجهد ڪندڙن انهن جوڌن تي رياستي ادارن جي اهلڪارن سڌيون گوليون هڻي 8 ڄڻا شهيد ڪيا هئا. ۽ شهيدن جي رتن سان شهر جا رستا رنگين بڻجي ويا،  تنهن با وجود بهادر ماڻهن جي جدوجهد ختم ٿيڻ بدران جيئن جو تيئن تيز ٿيڻ لڳي، اهڙي تاريخ ساز واقعي ٿيڻ بعد دادو ضلعي کي ويٽنام جو لقب مليو۽ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه کي بيروت جي لقب سان سڏيو ويو.

هاڻي ڳالهه بيروت شهر جي ڪنداسين ، گذريل ٽن ڏهاڪن کان هر حڪمراني دور ۾ نظر انداز رهندڙ هي بيروت شهر انتهائي خراب حالتن جو شڪار رهيو آهي،  هتان جي مقامي سياست جا محور ۽ وزارتون ماڻيندڙن سياستدانن ۾وفاقي سميت صوبائي وزارتن سميت سنڌ جي وڏ وزارتن ۾ رهندي هن شهر جي هميشه سياست ڪئي آهي، پر تاريخي شهر جي حالت کي سڌارڻ بابت نه ڪي ڪوششون ورتيون ويون ۽ نه ڪا خاص دلچسپي ورتي وئي، هميشه چوندجي آيل نمائندن عوام سان سکڻن واعدن ۽ آسرن سواء بيو ڪجهه به نه ڏئي سگهيا جنهن سان شهر ۽ شهرين جي ڪا ڀلائي ٿي سگهي.

2010 سال ۾ جيڪا مها ٻوڏ هن شهر کي اذيت ڏني ۽ وڏو نقصان ڏنو ۽ سڄي تعلقي جي انفرا اسٽڪچرتباهه ٿيو، جنهن جو ازالو ته گذريل پنجن سالن جي عرصي دوران به نه ٿي سگهيو، ايئين کڻي چئجي ته ماڻهن ۾ سياستدانن کان بيزاري جو شعور بيداري وارو عمل اختيار ڪرڻ لڳو، تبديلي جي خواهشن جي تڪميل لاء ڪنهن مسيحا صفت سياستدان جي انتظار جو پختو ارادوعمل ۾ ڏسڻ آيو هيو، ان وقت جي منتخب نمائندن کي  وقت سر عوامي تاثرات به مليا هئا، اهي تاثرات يا مهڻا انهن سياستدانن کان صدين تائين شايد نه وسرڻا آهن،  شهر بيروت  جيڪو ايم آر ڊي تحريڪ جو سر موڙ ڪردار رهندڙ شهر خيرپور ناٿن شاهه جو انفرا اسٽڪچر تباهه ٿيڻ با وجود ان جي بحالي لاء ان وقت جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب تاريخي شهر کي اصل حالت ۾ آڻڻ لاء جيڪي صلاحيتن جي پوري پوري ذميواري ادا ڪرڻي هئي، اها مثبت طريقي سان عمل ۾ نه اچي سگهي،  اهو سونو دور هيو جنهن وقت صدر مملڪت آصف علي زرداري هن جمهوريت جي سر موڙ ڪردار بيروت شهر جي مالڪي ڪندي شهر کي ماڊل سٽي بڻائڻ جو پڻ اعلان ڪيو هيو، پر افسوس ته ان وقت جو ايم پي اي  ۽ ايم اين اي ٻئي حڪمران ڌر جا ئي هئا،  جن کي عوام عدم دلچسپي ۽ نظر انداز ڪرڻ جون ميارون ۽ شڪايتون به نوٽ ڪرايون هيون،

شاهه صاحب جي هنن سٽن وانگر ته ..

جي روپوٿئي جهڙ ته سونو وسي مينهن، اهو نڌورو ڏينهن جو اڃو وڃي ان مان

ڇو ته ان وقت رياست جو صدر آسف علي زرداري وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جڏهن ته صوبائي ۽ قومي تڪ تي چوننڊيل سڀ ميمبر پ پ جا هجن پوء به بيروت شهر جي بهتري لاء ڪي مثبت ڪوششون نه وٺڻ ڪري بيروت شهرجي بهتري جا خاص نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا، ۽ عوامي رنجشون پڻ زنگ جيان رهجي ويون آهن،

بهر حال وقت ڪنهن جو به انتظار نه ڪندو آهي،  ڪجهه عرصي گذرڻ بعد جتي دنيا ۾ ترقي ۽ تبديلي جهڙا نوان دور شروع ٿيا، اتي بيروت شهر ۾  هاڻي تاريخ ساز ترقياتي ڪمن جو ڄارپڻ وڇايو پيو وڃي، ترقي  ۽ تبديلي جي نئين سفر ۾ تبديل ٿي ويل بيروت شهر جا هاڻوڪا روڊ، رستا، گليون، بازارن  نه صرف ترقياتي ڪمن هلڻ ڪري خوبصورتي جو پسمنظر جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي، پرجديد طرز سان ڪشادگي جي بنياد سان تعميرات جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي،  ڪي اسڪيمون هلندڙ آهن ته ڪي اسڪيمون مڪمل ٿي رهيون آهن، پر هي تاريخ ساز ترقياتي ڪم جنهن جي لاڳت 18 ڪروڙ روپين جي آهي جيڪا ڪي اين شاهه جي تاريخ ۾ اهڙو مثال ماضي ۾ به نه ٿو ملي،

حقيقتن جو جائزو وٺبو ته هي ساڳيو ئي شهر آهي جيڪو وڏو عرصونظر انداز رهيو، شهر جا روڊ رستا بازارون کنڊر بڻجي ويا هئا، نيڪاسي نظام بهتر نه هجڻ سبب شهر خوبصورتي کان محروم رهيو، ڪجهه عرصي دوران هتان جي مقامي شهرين ۽ واپاري طبقي جي دوستن سان  ڪچهري دوران بيروت شهر خيرپور ناٿن شاهه جي تازي بدليل صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه تي هنن ٻڌايو ته سنڌ جي سخي انسان حاجي امير بخش جوڻيجو جي سخي فرزند عبد العزيز جوڻيجو کي ايم پي اي ٿيڻ کي اڃان هڪ سال به مڪمل نه ٿيو آهي، پر سندس جي ڪوششن ۽ ڪاوشن تي حيران آهيون، جنهن جي ايم پي اي جي ايام ڪاري دوران بيروت شهر کي ماڊل سٽي بڻائڻ جي خواب کي حقيقي شڪل ڏيڻ واري جدوجهد  کي يقيني بڻائن جو تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙي تاريخ ساز ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائڻ جو ڪڏهن به اڳ اهڙو مثال نه ٿو ملي، شهرين جو اهو به چوڻ هو ته جوڻيجا سخاوت ، مهمان نوازي ۽ واعدي جا پڪا ۽ سڀني کان اڳڀرا رهيا آهن، ۽ عوامي مسئلن تي جدوجهد تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيا آهن، 1983ع موجب مليل لقب واري بيروت شهر جا نيٺ ڀاڳ کلي ويا آهن، جنهن شهر جي خدمت ڪرڻ لاء هڪ سخي انسان ۽ مهمان نوازسياستدان انجنيئر عبدالعزيزجوڻيجو سرڪاري  اهم عهدو ڇڏي عوامي خدمت جي جذبي سان هن شهر کي حقيقي ۽ اصل حالت ۾ آڻڻ لاء تاريخ ساز محنت ۽ مثبت ڪردار سان بيروت جي بهتري ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيو آهي، اهڙي عملي جدوجهد کي مقامي شهري پڻ قدرن جي نگاهه سان ڏسن ٿا.

******

 

انتهاپسندي جي گهيري هيٺ ايندڙ مُلڪ.!!!!: غلام مصطفي ٰجمالي

اسلام جي خلاف دنيا  ۾ اسلام دشمن قووتن جون شازشون ڪا نئي ڳالهه ناهي،چاهي اهي افغاني طالبان هجن يا وحشي صفت رکندڙ داعش جهڙيون تنظيمون پر انهن تنظيمن جي هن وقت اسرائيل ۽ آمريڪاانهن جي ڀلي مخالف ڪن پر انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن تنظيمن کي آمريڪا ۽اسرائيل پنهنجي مقصد خاطر جديد هٿيار ڏنا ۽ پنهنجي مقصد خاظر ميدان ۾ لاٿو  ڪيتريحد تائين انهن مقصدن ۾ ٻئي ملڪ پڻ ڪامياب رهيا آهن. عراق ۽ افغانستان جي ملڪن تي مڪمل آمريڪا جو راڄ آهي پر هن وقت داعش جيڪا اسرائيل ۽ عيسائين خلاف جيڪا باهه ٻاري آهي ڪيترن ئي عيسائين کي اغوا ڪري انهن جي مارڻ جون وڊيون جاري ڪري دنيا جي ملڪن جي عوام کي  حراسان ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو داعش جي خوف جو شڪار آهي پر ڏسجي ته اهو سڀ ڪجهه اسلام ۽ مسلمانن جي بدنام ڪرڻ آهي ٻيو ڪجهه به نه.!

پوءِ چاهي اها القاعده هجي، يا داعش، يا طالبان، پر انهي سازشن جي پويان آمريڪا ۽ انهن جي حامين جو وڏو هٿ آهي جيڪي پنهنجي مفادن خاطردهشتگردي جو سهارو وٺن ٿا.هن وقتعراق ۽ شام جي ڪيترن ئي علائقن تي داعش جون قبضو آهي ۽ اهي انهن علائقن ۾پنهنجي ڪاروايون ڪري رهيا آهن ڪيترن ئي انساني زندگي کي پنهنجي مقصد خاطر موت جي منهن ۾ ڌڪي رهيا آهن داعش2104۾عراق ۽ شام تي چڙهائي ڪري بين الاقومي  سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو،انهي گروهه اسلام جي خلافت جو اعلان ڪيو پر انهي جو اصل ڪارڻ عراق ۽ شام جي دولت کي فٻائڻ هو پر جڏهن عراق ۽ شام ۾ انهي جو بحران ٿيو ته داعش آمريڪا ۽ اسرائيل جون خدمتون ورتيون اسرائيل ۽ آمريڪا ته اڳ ۾ اهو چاهين ٿا ته سلامي ملڪن جي ٽوڙڦوڙ ٿي ڪنهن به طريقي سان اسلامي ملڪ ڪمزور ٿين،

آمريڪا کي ڀلي هن وقت اسلامي ملڪن جي امن امان جي ڏک هجي پر کي اندروني طرح سان ڏسجي ته اهين انهي ۾ خوش آهن ته اسلامي ملڪ ڀلي ڪمزور ٿين. داعش کي آمريڪ جي مدد  اسرئيل جي حمايت حاصل آهي. جن شام ۾ شامي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ داعش کي شام ۾ جديد هٿيار فرام ڪيا پر داعش شامي حمڪومت کي ختم ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام رهي  پر داعش کي انهي ناڪامي جو بدلو عام ماڻهن مان وٺڻو هو جنهن ڪري انهن شام جي علائقن مان ماڻهو اغوا ڪري انهن جي وڊيو جاري ڪري دنيا ۾ هڪ خوف جي لهرضرور ڦهلائي ۽ انهي سان عراق ۾ پڻ دهشتگردي ڦهلائي۽ عراق اندر به داخل ٿي ويا ۽ عراق ۾ 12جون2014۾ خون جي هولي ملهائي وئي جنهن ۾عراق جي هزارين عراقين کي ماريو ويوانهي ڏينهن کان هر ملڪ جي هر شهري جي زبان تي داعش جي نالو اچي ويو ۽ هر ماڻهو داعش کان ڊڄڻ لڳو،داعش جيڪا دنيا ۾ دهشت ڦهلائڻ لاءِ جيڪو مقصد کڻي آيا آخرڪار انهي ۾ ڪامياب ٿيا پر داعش جيڪو دنيا ۾ اسلام فهلائڻ چاهين ٿا اهو اسلام جي بلڪل ابتڙ آهي جنهن کي اسلامي ملڪن جا ڪيترائي عالم اسلام پڻ انهي دهشتگردي جي خلاف بيان ڏئي پڪاآهن پر شعريت جو نارو هڻندڙ داعش اسلام جي پنهنجو خيرخواهه  سمجهي ٿو پر حقيقت ۾ انهن جو مقصد اسلام کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي تازو عراق جي صوبي بابل ۾ آمريڪي هيليڪاپٽر جو هلڻ پڻ انهي ڳالهه طرف اشارو آهي ته داعش کي جديد هٿيار ڏنا ويا آهن. پاڪستان جي سيڪيٽري خارجه جو پڻ چوڻ آهي ته پاڪستان داعش جي ڪاروائين کان غافل ناهي اهڙين تنظيمن خلاف جنگ جاري  آهي جڏهن ته ڏٺو وڃي پوري دنيا هن وقت داعش جي حملن کان غافل ته ناهي پر انهن خلاف ڪا به ڪاروائي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي جنهن ڪري سموري ملڪن جي عوام پريشان ۽ حراسيل ضرور آهي عالمي برادي پڻ داعش جي حملن جي ڪري جيڪا حڪمي عملي جوڙي آهي انهي به ڪو وڏو ڪارنامو ناهي ڪري ڏيکاريو!!

اها به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. پر هڪ اها حقيقت آهي ته اسلائيل به حماس کان خوف ۾ ورتل آهي انهي خوف کي ٽوڙڻ لاءِ داعش آمريڪا جي مدد سان ڪم ڪندي حماس جو فلسطين ۾ اخوان مسلمعين جي تنظيم ۾ شمار ٿئي ٿو جڏهن ته داعش دنيا مان ڪفر ختم ڪرڻ ۽  انهي خلاف جهاد ڪرڻ کي واجب سمجهي ٿي، پر انهي ٻنهي نظرين ۽ سوچ کي ابتڙ لڳي رهيو جيڪو اسلام کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي رڳو معصوم عوام جو موت جي ڪارڻ آهن. جنهن ۾ وڏي ۾ وڏوحصو آمريڪا ۽ اسرائيل آهن.

 

 

پنج خودمختيار ريگيوليٽري اٿارٽيز جي انتظامي ڪنٽرول جي تبديلي، مخالف ڌر عدالت ويندي…!!

وزيراعظم نوازشريف پنجن خودمختيار ريگيوليٽري اٿارٽيز جو انتظامي ڪنٽرول تبديل ڪري ڇڏيو، ڪابينا ڊويزن نيپرا، پي ٽي اي، فريڪو اينسي ايلوڪيشن بورڊ، اوگرا ۽ پيپرا جي انتظامي ڪنٽرول ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نيپرا کي بجلي پاڻي وزارت ۽ اوگرا کي پيٽروليم وزارت حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي اي وزارت انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ پيپرا ناڻي وزارت جي ماتحت ڪم ڪندو.

پنجن خودمختيار ريگيوليٽر اٿارٽيز کي وزارت جي ماتحت ڪرڻ تي پيپلزپارٽي پاران سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه اعلان ڪيو آهي ته پنج خودمختيار ريگيوليٽري اٿارٽيز کي وزارتن جي ماتحت ڪرڻ سان ڪرپشن جا نوان داستان جڙندا، ان ڪري اسان کي اهو فيصلو قبول ناهي ۽ ان جي خلاف اسان سپريم ڪورٽ وينداسين، پ پ تي اڄ تائين هڪ پئسي جي ڪرپشن به ثابت ناهي ٿي سگهي، پارليامينٽ ۾ حڪومتي اڪثريت جي ڪري جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو ته عدالت وينداسين ڇوته حڪومت جو اهو فيصلو وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي، حڪمران جڏهن مشڪل ۾ هئا ته اسان جي ڳلي ڇو لڳا هئا، اسان جيل ڪاٽيا، اسان جي جماعت جي اڳواڻن جون زبانون ڪٽيون ويون. ايبٽ اباد ڪميشن منظر عام تي آڻڻ جي مطالبي تي خورشيد شاهه چيو ته سيڪيورٽي صورتحال جي ڪري رپورٽ شايع نه ڪئي وئي هئي، هاڻي اها رپورٽ حڪومت وٽ آهي، اها ان کي منظر عام تي آڻي، جيڪڏهن چوڌري نثار ڪم ڪيا آهن ته پوءِ ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ ۾ سندس خلاف اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪيون ويون آهن.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان به چيو آهي ته نوازشريف جمهوري نظام کي بادشاهت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، خودمختيار ادارن کي وزارتن جي ماتحت ڪري انهن جي آزادي کي گهٽو ڏنو ويو آهي، نوازشريف جو اهڙو فيصلو پارلياماني جمهوري نظام بجاءِ بادشاهت ظاهر ڪري ٿو، تحريڪ ان فيصلي کي نه رڳو رد ڪري ٿي، پر اهڙي نظام خلاف هر فورم تي وڙهندي.

جماعت اسلامي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته حڪومت جو اهو فيصلو مذمت جوڳو آهي، جنهن کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان مسئلي تي بحث ڪرايو وڃي، اهو فيصلو عوام جي حق تي ڌاڙو آهي، ان فيصلي جي نتيجي ۾ ريگيوليٽري اٿارٽيز جي خودمختياري ختم ٿي ويندي.