تازيون خبرون

Daily Archives: December 9, 2016

انجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ ٻارن جي حوالي واري معاهدي تي متفق

لاس اينجلس(شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي ۽ سندس اڳوڻو مڙس اداڪار بريڊ پٽ ٻارن جي حوالي بابت هڪ معاهدي تي متفق ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق ٻئي اداڪار سيپٽمبر کان پنهنجي 6 ٻارن جي حوالي بابت ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. جڏهن ته عدالتي دستاويزن مطابق جج چيو آهي ته انجلينا ٻارن جي واحد سرپرست آهي. واضع رهي ته تازو ئي انجلينا لاس اينجلس ۾ گهر ڳولهي رهي هئي ته جيئن ٻار پنهنجي والد کي ڏسي سگهن.

 

شاهه رخ خان ۽ سلمان خان فلم ۾گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو اداڪار شاهه رخ خان ۽ سلمان خان گڏجي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان مثبت جواب ڏنو ڀارتي ميڊيا مطابق اسٽار اسڪرين ايوارڊ شو جي هڪ سيگمنٽ جي ميزباني جي دوران شاهه رخ ۽ سلمان ٻنهين گڏجي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان مثبت جواب ڏنو. شاهه رخ خان چيو ته هڪ نه اين ڏينهن هي ضرور ممڪن ٿيندو ۽ ڪنهن اسان کي گڏجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪندو. ٻئي طرف سلمان خان چيو آهي ته مون کي ڪنهن سٺي مصنف جي ضرورت آهي هڪ اهڙو ذهين رائٽر جيڪو نهايت ئي سٺي اسٽوري لکي ته پوءِ منهنجي پاران ها آهي. گڏوگڏ شاهه رخ خان وڌيڪ اضافو ڪيو ۽ چيو ته اسان کي هڪ تحمل مزاج ڊائريڪٽر جي به ضرورت آهي. سلمان جو چوڻ هو ته صرف تحمل مزاج نه بلڪه زياده تحمل مزاج ڊائريڪٽر جڏهن ان کان پڇيو ويو ته ته ان جي ذهن ۾ اهڙي ڪنهن ڊائريڪٽر جو نالو موجود آهي، سلمان جو چوڻ هو ته اسان جي ذهن ۾ نام موجود آهي ليڪن اسان هيئنر نه ٻڌائينداسين.

 

آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 15 ڊسمبر کان شروع ٿيندي

برسبين(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيسٽ وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ميچ 15 ڊسمبر کان برسبين ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ شروع ٿيندي. پهرين ٽيسٽ ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي جيڪا پاڪستان جي معياري وقت موجب صبح جو 8 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستاني ٽيم اڄڪلهه آسٽريليا ۾ موجود آهي ۽ پريڪٽس ميچ کيڏي رهي آهي. پاڪستاني ٽيم پنهنجي دؤري دوران ميزبان ٽيم جي قيادت اسٽيون سمٿ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 26 ڊسمبر کان ميلبورن ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري ٽيسٽ 3 کان 7 جنوريءَ تائين سڊني ۾ کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 13 جنوري، ٻي 15. ٽين 19، چوٿين 22 جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 26 جنوريءَ تي کيڏي ويندي.

 

بنگلاديش پريميئر ليگ جو فائنل ميچ اڄ کيڏيو ويندو

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) ڍاڪا ڊائنا مائٽس ۽ راج شاهي ڪنگز جون ٽيمون بنگلاديش پريميئر ليگ جي فائنل ميچ ۾ پهچي چڪيون آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ بنگلاديش پريميئر ليگ جو فائنل ميچ (اڄ) جمعي تي شير بنگله نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏيو ويندو. ڍاڪا ڊائنا مائٽس جي ٽيم ڪواليفائي ۾ کلنا ٽائٽنز کي 54 رنسن تان شڪست ڏئي ليگ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو جڏهن ته راج شاهي ڪنگز ڪواليفائر ٽو جي ميچ 7 وڪيٽن تان کٽي فائنل تائين پهتي هئي. فائنل تائين پهچندڙ ٽيمن وچ ۾ فائنل ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق 5:15 منٽن تي شروع ٿيندي. ليگ انتظاميه مطابق فائنل ميچ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

 

”تاج محل“ ڪيئن سڙي رک ٿيو؟: عاجز جمالي

ڪراچيءَ جي شاهراهه فيصل جي اهم هنڌ تي ڪراچيءَ جي مشهور هوٽل ”تاج محل“ آهي، جنهن جو نئون نالو هوٽل ريجنٽ پلازه آهي. تاج محل ۾ اڳي ڪرائون پلازه به هو. تاج محل جهڙي جڙاوت سان اڇي رنگ واري هن عمارت جا ڪيترائي رنگ بدليا، نالا بدليا ۽ مالڪ به بدليا. هي هوٽل شهر جي جنهن هنڌ تي موجود آهي، اها سيڪيورٽي جي حوالي سان انتهائي اهم جڳهه آهي. هوٽل سان لڳ ئي ڪور هيڊ ڪوارٽر آهي، جتي سنڌ جو ڪور ڪمانڊر رهندو آهي. هوٽل جي سامهون موجود سموريون عمارتون حساس ادارن ۽ سيڪيورٽي ادارن جون آهن. هوٽل جي پٺئين پاسي کان جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ جناح اسپتال آهي. هن عمارت جي آمهون سامهون ساڄي کاٻي سموريون عمارتون اهم آهن. هي مشهور چار اسٽار هوٽل آهي. شهر جي رش کان پري ۽ شاهراهه فيصل تي هجڻ سبب هيءَ هوٽل پرڏيهين لاءِ پڻ پُرڪشش آهي. ڪراچيءَ جي ٻن وڏين هوٽلن کانپوءِ ٽئين چوٿين نمبر تي هن هوٽل جو نالو آهي. هيءَ ايڏي عمارت آهي جو هن جي ڪمرن ۾ چار پنج سئو ماڻهو هڪ ئي وقت رهي سگهن ٿا. هوٽل جي ريسٽورنٽ ۾ سئو سوا ماڻهو ماني کائي سگهن ٿا. ان کان علاوه ڪانفرنس هال سيمينارز لاءِ چار پنج وڏا هال، سوئمنگ پول، جم ۽ اُهي سڀ لوازمات موجود اٿس، جيڪي دنيا جي وڏين هوٽلن ۾ هوندا آهن. يعني هوٽل اندر  ”ننڍڙي جنت“ جنهن ۾ زندگيءَ جي هر آسائش ميسر هُجي. هن هوٽل ۾ رات گذاريندڙ ڪو غريب نه هوندو، ڇو ته هي مهانگي هوٽل آهي. آچر جي شام جو هوٽل ۾ ڪافي مهمانن جي آمد جو سلسلو شروع ٿيو، جن جا ڪمرا اڳي ئي بُڪ ٿيل هئا. صحت کاتي جي ٽُڪن واري مرڪزي پروگرام اي پي آءِ طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي ضلعي هيلٿ آفيسرن (ڊي ايڇ اوز) سميت لاڳاپيل ڊاڪٽر، پوليو لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي عهديدارن سميت پراجيڪٽ سان لاڳاپيل ڪافي ماڻهن لاءِ ڪمرا هئا، هنن سمورن مهمانن کي ٻئي ڏينهن يعني سومر جي صبح نيرن کانپوءِ ڪانفرنس هال ۾ رٿيل سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻو هو. هن سيمينار ۾ صحت کاتي جا پنجاهه کان سٺ ۽ ڪُل سئو کن ماڻهن جي شرڪت ٿيڻي هئي. هوٽل جي ڪمرن ۾ موجود مهمانن ۾ جيون ساٿين جا جوڙا به هئا ته ڪرڪيٽ جا رانديگر به هئا. چين ۽ جاپان سميت مختلف ملڪن جا پرڏيهي مهمان چڍيون پائي سمهي رهيا هئا. مهمانن ۾ آفيسر به هئا ته ايئر هوسٽسز به هيون، ڊاڪٽرز به هئا ته نرسون به هيون. هر قسم، هر قوم ۽ نسل جا مهمان رات جي مانيءَ کانپوءِ ڪمرن ۾ هليا ويا، ڪي سمهي رهيا ته ڪي سمهڻ جي تيارين ۾ هئا، ڪي هوش ۾ هئا، ڪي مدهوشيءَ جي عالم ۾- ڪي خوابن جي واديءَ ۾ هئا ته ڪي جاڳندڙ اکڙين سان خواب اُڻي رهيا هئا، ٻئي ڏينهن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا پر هن ننڍڙي جنت ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي ذهنن ۾ غلطيءَ سان به اهو خيال نه ڄميو هوندو ته خوابن جي جنت ڪڏهن دوزخ ڪيئن بڻجي ويندي آهي. کين خيال تڏهن آيو جڏهن سندن ساهه ٻوساٽجڻ لڳو يا کين باهه جو سيڪ اچڻ لڳو. ها تاج محل کي باهه لڳي چڪي هئي. خواب، خواهشون، اُميدون، مستقبل ۽ زندگيون سڙ ڻ لڳيون. ڏسندي ئي ڏسندي شعلا ڀڙڪڻ لڳا. شيشن جي عمارتن ۾ باهه جا اُلا، ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هُئي. ڪمرن ۾ سُتل ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا، چڍيون، گوڏون،  شلوار قميص ۽ پينٽ شرٽون پاتل مرد، عورتون، هر طر ف ڊوڙڻ جي ڪوشش، ڪو رستو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيڏانهن ڊوڙجي.

سنڌ جي قومپرست سياسي ڪارڪن، ڊاڪٽر رحيم سولنگي ڪجهه دوستن جا فون کڙڪايا، ٽي وي چينل جي رپورٽرن سان رابطو ڪيو. ماضيءَ ۾ ڇهه گوليون کاڌل حياتيءَ جي جنگ کٽيندڙ ڊاڪٽر رحيم سولنگي زندگيءَ جي جنگ هارائي رهيو هو پر هُن صحافيءَ کي فون تي ٻڌايو ته وارو ڪريو اسان کي ٻاهر ڪڍو. هوٽل کان 15 ڪلوميٽر ملير ۾ رهندڙ منهنجو دوست ارباب چانڊيو رات جو ٽين وڳي ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهيو. سندس چواڻي هُن پوليس، رينجرز، فائر برگيڊ ۽ ٽي وي جي آفيس فون ڪري اطلاع ڏنو ته تاج محل ۾ باهه لڳي چُڪي آهي. ٽي وي جي سيٽلائيٽ وين، ڪئميرا ۽ رپورٽر سان ته پهچي ويا، ايڌيءَ جون ايمبولينسون به پهچڻ شروع ٿيون پر باهه ڀڙڪي رهي هئي، ماڻهن جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون هجن ۽ ڀڄ ڀڄان هجي. ارباب چانڊيوٻڌايو ته هُن ٻيهر ڊاڪٽر رحيم سولنگي کي فون ڪيو ته هُن کيس ٻڌايو ته ”يار هاڻي ساهه پيو ٻوساٽجي ڳالهائي نه پيو سگهان.“ فون بند ٿي ويو. ارباب وري فون ڪيو پر فون جي گهنٽي وڄي رهي هئي پر شايد ڊاڪٽر رحيم سولنگيءَ جي زندگيءَ جي گهنٽي وڄڻ بند ٿي وئي، شايد دل جي ڌڙڪن دونهي ۾ گهُٽجي رهي هئي. تصور نٿو ڪري سگهجي ته اُنهن 12 ڄڻن جي ڪيفيت ڇا هوندي ۽ نه ڪير اسان کي اها ڪيفيت ٻڌائي سگهي ٿو. ڇو ته ٻارهن گهرن جا تاج محل سڙي رک ٿي چڪا هئا، جيڪي بچيا انهن جون ڄنگهون ٻانهون ڀڄي پيون، ڇو جو ماڻهن ٽپا ڏنا، شيشا ڀڃي  پاڻ کي هيٺ اڇلايو.

جناح اسپتال ۾ جن چئن پنجن زخمين سان ڳالهه ٿي ان مان اهو اندازو سولائي سان ڪري سگهجي ٿو ته هوٽل جي انتظاميه انتهائي لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪيو. سندن لاپرواهيءَ جو گناهه جيئرن انسانن جي سڙڻ جو ڪارڻ بڻيو. ان ڪري  امڪان اهو آهي ته هر سال ڪروڙين روپيا ڪمائيندڙ هن هوٽل جا ميمڻ سيٺ عدالت تائين ضرور گهلبا. زخمين جي ڳالهين ٻڌڻ ۽ صحافتي زندگيءَ ۾ ڪراچي شهر ۾ باهه جا هزارين واقعا رپورٽ ڪرڻ جي تجربي جي بنياد تي مان اها ڳالهه سومر جي صبح 9 وڳي پنهنجي ٽي وي چينل تي چئي هئي ته هن واقعي ۾ تخريبڪاريءَ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي پر ان ئي رات 8 وڳي وائيس آف آمريڪا ريڊيو تي مون اها ڳالهه وثوق سان چئي هئي ته هي سانحو حادثو گهٽ پيو  لڳي. باهه لڳڻ جي ڀيٽ ۾ باهه لڳائڻ جو عمل وڌيڪ نظر پيو اچي. ٽيلي فون لائين تي موجود هوٽل جي ڊائريڪٽر فنانس منهنجي ڳالهه کي رد ڪندي چيو هو ته واقعو نه غلطي آهي نه ئي تخريبڪاري بس حادثو آهي. هاڻي اچون ٿا انهن ڪڙين حقيقتن تي جيڪي هن سانحي جي پسمنظر، پيش منظر يعني ماضي، حال ۽ مستقبل سان واڳيل آهن.

منظرنامو:

ٻڌايو وڃي ٿو ته رات اڍائي وڳي ڌاري هوٽل جي ننڍي بورچي خاني ۾ باهه لڳي، جيڪا 3 وڳي تائين سڄي هوٽل کي وڪوڙي وئي. سوال اهو آهي ته ڇا هوٽل جي انتظاميه کي جڏهن خبر پئي ته باهه لڳي آهي، پوءِ انهن هوٽل ۾ رهيل مسافرن کي آگھاهه ڇو نه ڪيو؟ هڪ زخمي  ’ايم جي‘ ٻڌائي ٿو ته ”رات 2 وڳي کانپوءِ اسان گهنٽي وڄائي، هوٽل جو ويٽر (بيرو) آيو، اسان کيس چيو ته “منرل واٽر“  (پاڻي) جي بوتل آڻي ڏني وڃي پر ويٽر افراتفري ۾ اهو چئي رهيو هو ته هن وقت ڪجهه به نه ملي سگهندو.“ ايم جي جو خيال هو ته سندس اندازي موجب ان ويٽر کي خبر هئي ته هوٽل جي بورچي خاني ۾ باهه لڳل آهي پر مسافرن کان اها ڳالهه لڪائي وئي. شايد هوٽل انتظاميا اهو سمجهيو ته ننڍي باهه آهي جلد ڪنٽرل ٿي ويندو. ٻي اهم ڳالهه آهي ته وڏين هوٽلن يا وڏين عمارتن ۾ ”فائر الارم“ هنگامي بنيادن تي سائرن وڄائيندڙ اوزر لڳل هوندا آهن. دونهون اچڻ سان ئي اُهي  وڄڻ شروع ڪندا آهن پر زخمين موجب اهڙو سائرن هُنن نه ٻڌو. ٽين ڳالهه ته هر ڪمري ۾ ”فائر ڊيڊيڪٽر“ نالي هڪ ننڍڙي اليڪٽرانڪ گهنٽي ڪمري جي ڇت يا ڪنهن ڀت ۾ لڳل هوندي آهي. ڪمري ۾ سگريٽ جو دونهون به ڀرجي وڃي ته اها مشين ”ٽين ٽين ٽين“ جا آواز ڪڍڻ شروع ڪندي آهي. تاج محل هوٽل جي ڪمرن ۾ ”فائر ڊيڊيڪٽر“ ناهي لڳل. چوٿين ڳالهه ته هر وڏي  عمارت ۾ هنگامي بنيادن تي ٻاهر نڪرڻ لاءِ ”اخراج“ ٻاهر نڪرڻ جو رستو هوندو آهي پر هن هوٽل ۾ جڏهن باهه لڳي ته ڪنهن به مسافر کي اهڙو رستو نظر نه آيو، جيڪڏهن ائين هجي ها ته ڀلا ماڻهو چوٿين ماڙ تان شيشا ڀڃي پاڻ کي هيٺ ڇو اُڇلائين ها. هي سڀ ڳالهيون هوٽل انتظاميا جي لاپرواهيءَ جي نشاندهي ڪن ٿيون ۽ معلوم ٿيو آهي ته انهن رخن تي پوليس به تحقيقات ڪري رهي آهي، پر جيڪڏهن ڪا به تخريبڪاري ٿي هوندي ته پوءِ ڄاڻايل ڳالهيون ڪم نه اينديون.

تخريبڪاري ڇو؟

پهريون سوال ته رات جو ٻه اڍائي وڳي هوٽل جي چُلهي يا بورچي خاني ۾ ڪهڙو ڪم هو ، مسافر ته سڀ ڪمرن ۾ سُتل هئا ۽ ريسٽورنٽ به بند ٿي چُڪي هئي. ٻيو اهم سوال ته زمين تي موجود بورچي خاني جي چُلهي ۾ لڳل باهه اڌ ڪلاڪ جي اندر اندر چوٿين پنجين ماڙ تائين ڪيئن پهچي وئي. مٿين ماڙن جي شيشن مان باهه جا شعلا ڪيئن ڀڙڪي رهيا هئا؟ ڪراچيءَ ۾ لڳندڙ باهه جي واقعن ۾ ڪيميڪل جي باهه ڪافي اهم هوندي آهي. ڪراچيءَ ۾ باهه جا جيترا به وڏا سانحا ٿيا آهن، انهن ۾ هڪ مخصوص ڪيميڪل جو استعمال ٿيو آهي، ان ڪيميڪل سبب ڏهه پندرهن منٽن ۾ باهه سڄي عمارت کي وڪوڙي ڇڏيندي آهي. ڪيميڪل جي باهه هڪ رٿابندي تحت لڳائي ويندي آهي. اهڙي باهه لڳائڻ جو مطلب ئي وڏو واقعو ڪرڻ يا اُن سڄي عمارت کي ساڙڻ هوندو آهي. تاج محل هوٽل جي سانحي ۾ ڪمرن اندر مسافرن جي ساهه ٻوساٽجڻ جو وڏو سبب ايئرڪنڊيشنر لائين ذريعي ڪمرن ۾ دونهون ڀرجڻ ٻڌايو پيو وڃي. ان جو  صاف مطلب آهي ته جڏهن باهه لڳي چُڪي هئي، اڌ ڪلاڪ جي اندر به ڪنهن ايئرڪنڊيشنڊ جي سينٽرل لائين بند نه ڪئي، ان ڪري هر ڪمري ۾ دونهون ڀرجي ويو، ان عمل ۾ به غفلت کان وڌيڪ رٿابندي لڳي ٿي.

تخريبڪاريءَ جو سبب؟

جڏهن مان اهو چوان ٿو ته تخريب ڪاري ٿي سگهي ٿي، ته اهو سوال ٿيندو، ڀلا تخريبڪاريءَ جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو؟ هن هوٽل بابت ٽي چار ڳالهيون معلوم ٿيون آهن، اُهي تخريبڪاري يا باهه لڳائڻ لاءِ اهم نقطا آهن. پهرين ڳالهه اها آهي ته هوٽل جي مالڪن وچ ۾ ملڪيت تي تڪرار هلندڙ آهي. هي تڪرار ڀائرن جي وچ ۾ هلندڙ آهي ۽ مامرو عدالت تائين پهتل آهي. ملڪيت جو تنازعو خطرنڪ تڪرارن مان هڪ هوندو آهي. ٻي ڳالهه هوٽل پاسي کان پيل خالي پلاٽ آهي، جيڪو هن هوٽل جي پارڪنگ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. هي اربين روپين جو پلاٽ آهي. هن پلاٽ تي ماضي ۾ جهڳڙا به ٿيندا رهيا آهن. هوٽل انتظاميه ۽ ڪجهه ادارن وچ ۾ ڇڪتاڻ رهي آهي. هوٽل انتظاميه اربين روپين جي پلاٽ تي مالڪيءَ جي دعويدار آهي ۽ پلاٽ مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. ٽيون سبب بلديه فئڪٽري گارمينٽ فئڪٽريءَ جهڙو ٿي سگهي ٿو، يعني ڀتو! ڪراچيءَ جي موجوده صورتحال کي ڏسي ڪجهه ماڻهو هن کي ڪمزور سبب چئي سگهن ٿا، ڇو ته ڪراچي آپريشن جو هلي رهيو آهي، پر تلخ حقيقت هيءَ به آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن دوران به ”ڀتا اوڳاڙي“ جاري آهي. اڳي کان گهٽ آهي پر وڏي سطح تي ڀتا وصول ڪندڙ هن ئي شهر ۾ موجود آهن، سو هنن ڪارڻن کي سامهون رکي تحقيقات ڪرڻ بهرحال تحقيقاتي ادارن جو ڪم آهي، پر تجربو ٻڌائي ٿو ته هوٽل ۾ لڳل باهه جو واقعو اهڙو سادو يا بس حادثو نه ٿو لڳي، جيئن ٻڌايو پيو وڃي. هن حادثي پٺيان ڪيترائي ڳجها هٿ ٿي سگهن ٿا. ڪيترائي راز ٿي سگهن ٿا، ڪيترائي انڪشاف ٿي سگهن ٿا. باهه لڳڻ وقت موجود اسٽاف کي گرفتار ڪري تحقيقات ڪرڻ سان به شايد رستا ملي وڃن پر امڪان اهو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هن سانحي جا تفصيل جڏهن سامهون ايندا ته ثابت ٿي ويندو ته هي سانحو ”حادثو“ نه پر ڪجهه ٻيو آهي.

aajizjamalijamali@yahoo.com

 

 

پي آءِ اي جي نااهلي ۽ ضايع ٿيل اُملهه حياتيون: صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ قومي ادارن کي خانگائڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪجهه ادارن کي ته جمهوريت جي دعويدارن وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، مطلب ته پرائيوٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه اهڙا ادارا به آهن، جن کي هن وقت به خانگائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي سي ايل کان ويندي پي آءِ اي تائين سمورن ادارن کي ان بنياد تي خانگايو ويو ته انهن ادارن ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهن کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون پر افسوس جو نه ته انهن ادارن  ۾ هن وقت تائين ڪا بهتري اچي سگهي آهي  ۽ انهن ادارن کي خانگائڻ بعد ڪا سار سنڀال لڌي وئي آهي جنهن سبب ماڻهو اڄ به پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪجهه وقت اڳ حڪومت پي آءِ اي کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ان وقت پائيليٽ ۽ عملي سخت احتجاج ڪيو هو ۽ حڪومت انهن سان ڳالهيون به ڪيون  هيون ۽ خاطري ڪرائي هئي ته انهن کي نوڪرين مان  برطرف نه ڪيو ويندو، حڪومت عوام کي به اها خاطري ڪرائي هئي ته پي آءِ اي کي خانگائڻ  سان مسافرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون پر افسوس جو سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي.

هن وقت تائين پي آءِ اي جي جهازن کي اپ گريڊ نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي انهن ڪا بهتر سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته پي آءِ اي جي جهازن جا ٽائر اڏام کان اڳ ئي ڦاٽي پون ٿا،  اهڙا واقعا ڪيترائي ڀيرا پيش به اچي چڪا آهن، هونءَ ته پي اءِ اي جي سروس ته سڀني جي سامهون آهي پر ان باوجود حڪومت اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته هنن پي آءِ اي ۾ تمام گهڻي بهتري آندي آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي اءِ اي جو به اهو ساڳيو حشر آهي، جيڪو هن ملڪ جي ريلوي جي نظام جو آهي، جئين هن ملڪ ۾ اڄ تائين ريلوي جو نظام بهتر نه ٿي سگهيو آهي ۽ انٽرنيشنل ايئر لائن ۾ به ڪا بهتري نه آندي آهي، رڳو ٻنهي ادارن طرفان ڀاڙا وڌائڻ تي زور هوندو آهي، جئين ٽرينون پنهنجي مقرر وقت تي روانيون نه ٿينديون آهن، اهڙي ريت پي آءِ اي جا جهاز به پنهنجي وقت تي اڏام نه ڀريندا آهن ۽ ڀوڳڻو صرف عوام کي ئي پوندو آهي، جيڪڏهن ادارا پنهنجي ذميوارن کي درست نموني نڀائن ها ته هن ملڪ ۾ اهي مسئلا پيدا  ئي نه ٿين ها. جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ ۾ ڪيترائي ادارا خانگايا ويا آهن پر انهن بهتري زيرو جي برابر آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو  ئي آهي ته حڪومت ادارن کي نقصان ۾ ڏيکاري خانگائيندي آهي ۽ خانگائڻ بعد انهن ادارن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ويندو آهي، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي ته سمورا ادارا سياست جي ورچڙهندا پيا وڃن  ۽ ان جو نقصان سياستدانن کي نه پر هن ملڪ کي ٿي رهيو آهي ۽ معيشيت به تباهه ٿي رهيو آهي،

ڪڏهن هن ملڪ ۾ ٽرينن جي ٽڪرائجڻ جا حادثا پيش اچي رهيا آهن ته ڪڏهن وري جهاز تباهه ٿي رهيا آهن پر  حڪومت صرف افسوس ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري رهي آهي، ريلوي جي وفاقي وزير جي  به اها دعويءِ آهي ته هنءَ ريلوي نظام کي بهتر بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ريلوي نظام تي نظر ڦيرائينداسين ته ريل گاڏين جون پٽڙيون هنڌان هنڌان اکڙيل نظر اينديون ۽ ڪيتريون هن ملڪ ۾ اهڙيو ريلوي اسٽيشنون به آهن جتي هاڻ ريل گاڏين جي اچ اڃ بند ٿي وئي آهي، بهرحال ريلوي نظام بهتر ٿئي يا نه ٿئي پر سول ايوشن کي گهرجي ته پي آءِ اي جي جهازن جي مرمت ڏانهن ڌيان ڏي ۽ انهن ۾ جديد ٽيڪنالوجي آڻڻ لاءِ قدم کڻي ته  جئين هن اداري کي تباهي کان بچائي سگهجي ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي ملڪ جو اهڙو ادارو آهي، جيڪو  هن ملڪ کي تمام گهڻو فائدو پهچائندو آهي جيڪڏهن اهڙي وڏي اداري کي به بي ڌياني جي نظر چاڙهيو ويو ته ان سان هن ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو، گذريل ڏينهن چترال کان اسلام آباد ويندڙ پي آءِ اي جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ 47 مسافر سوار هئا، ٻڌايو پيو وڃي ته جهاز حويليان ويجهو جابلو عائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيترائي مسافر فوت ٿي ويا هئا،

پي آءِ اي جهاز پي ڪي 661 جي پائيلٽ پنهنجي پنهنجي آخري پيغام ۾ چيو هو ته سندس جهاز ۾ فني خرابي ٿي پئي هئي، جڏهن ته سرڪاري ٽي وي چنل به  اها خبر نشر ڪئي هئي ته جهاز جي اڏام جي ڪجهه دير کانپوءِ عملي جو ڪنٽرول روم سان رابطو ڪٽجي ويو هو، جنهن رابطو ڪٽجي ويو هو ان وقت جهاز حويليان وٽ پهتو، بهرحال جهاز حادثي جي خبر تي باهه جيان هن ملڪ ۾ پکڙجي وئي ۽ اهو ٻڌايو ويو ته ناليواري نعت خوان جنيد  ۽ سندس گهرواري سميت ڪيترائي ماڻهو حادثي جو شڪار ٿيا آهن، جيڪو  هڪ افسوس ناڪ حادثو آهي، بهرحال هي ڪو پهريون حادثو نه آهي ڪجهه عرصو اڳ هڪ خانگي ايئرلائن جو جهاز به هن ملڪ اندر ئي ڪري تباهه ٿيو هو  ۽ انهن مسافرن کي صرف معاوضو  ڏنو ويو هو ۽ ان حادثي جي جاچ به ڪئي هئي پر اڄ تائين هن ملڪ ۾ سول ايوي ايشن ايئر لائن جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ  ڪي اثرائتا قدم نه کنيا آهن ۽ نه اهڙا قدم کڏندي نظر اچي رهيا آهن، گذريل ڏينهن ته پي آءِ  اي جو جهاز ڪري تباهه ٿيو هو پر ان کان اڳ جيڪي خانگي جهاز ڪري تباهه ٿيا هئا ان  وقت ئي جيڪڏهن حڪومت ڪي  خاص قدم کڻي  ها ۽ اڄ اهڙا افسوسناڪ حادثا پيش نه اچن ها، حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد پي آءِ اي جي سمورن جهازن کي اپ گريڊ ڪرڻ سان گڏ مسافرن کي بهتر سهولتون فرام ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ته جئين ايندڙ وقت ۾ ڪو اهڙو افسوس ناڪ حادثو پيش نه اچي سگهي، سول ايوي ايشن عملدار به خانگي ايئرلائن کي به ان ڳالهه جو پابند بڻائن ته جلد کان جلد جهازن کي بهتر سهولتون مهيا ڪن ۽ اڏام کان اڳ جهازجي مڪمل جاچ پڙتال ڪئي وڃي ته جئين مسافرن جون قيمتون جانيون بچي سگهن ۽ انهن ادارن جي عملي جي نااهلي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿئي، حڪومت به پي آءِ اي سميت سمورين خانگي ايئر لائنن کي به پابند بڻائن ته هو وقت موجب پنهنجيون فلائيٽس روانيون ڪن ته مسافر پريشانين کان بچي سگهن.

****

 

 

وڏي وزير جي ٿر ياترا……

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ڪالھ اوچتو بنا ڪنهن پروگرام جي اسلام ڪوٽ پهچي ويو،جتي هن اسلام ڪوٽ ۾ آر او پلانٽس جو دورو ڪرڻ بعد ٿرڪول بلاڪ ٽو واري ايريا جو جودورو ڪري اينگرو ڪمپني کان بريفنگ ورتي،اسلام ڪوٽ ۾ آر او پلانٽس جي دوري دوران شهرين پاڻي نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون جنهن تي وڏي وزير پاڻي فراهمي يقيني بڻائڻ هي هدايت ڪئي،سندس چوڻ هو ته ٿرڪول رٿا چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اهم ترين رٿائن مان هڪ آهي، جنهن سان ملڪ ۾ توانائي جي بحران جي خاتمي ۾ مدد ملندي. ٿرڪول رٿا پاڪستان ۾ توانائي جي بحران ختم ڪرڻ ۾ سهائتا فراهم ڪندو ۽ سنڌ سدائين جيان ملڪ جي اقتصادي ترقي جي ضامن بڻجي ويندي. ٿرڪول رٿا تي ڪم جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته رٿا کي هدف کان اڳي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ملازمتن ۾ تجربيڪار انجنيئرز ڀرتي ڪيا وڃن  ۽ ٿر جي اميدوارن کي قابليت ۽ اهليت جي بنياد تي ترجيح ڏني وڃي ۽ وڌيڪ اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. وڏي وزير سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني پاران کاڻ جي کوٽائي جو جائزو وٺڻ سميت  اينگرو پاور جين ٿر پاران بجلي گهر جي تعميراتي ڪم جو پڻ جائزو ورتو.سنڌ اينگرو ڪول ڪمپني جي سربراهه وڏي وزير کي ترقياتي ڪمن ۽ سماجي اسڪمين تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏيندي ٻڌايو ته ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائي ۽ بجلي گهر تي ڪم جي رفتار هدف کان اڳتي هلي رهي آهي ۽ ٻنهي منصوبن کي وقت کي اڳي مڪمل ڪرڻ جي اميد آهي.

بلاڪ ٽو جي لاڳاپيل متاثرين کي 1100 والن تي مثالي گهر تعمير ڪري ڏنو ويندو جنهن ۾ زندگي جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. بريفنگ دوران شمس الدين شيخ ٻڌايو ته رٿا لاءِ پيدا ٿيندڙ ملازمتن ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي پئي ۽ غيرهنرمند فردي سگهه لاءِ سکيا جا مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، جنهن سان سوين ماڻهو فائدو حاصل ڪن پيا. اسلام ڪوٽ ۾ هڪ هزار ٻارن لاءِ اسڪول جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 70 بسترن تي ٻڌل اسپتال جو ڪم به تيزي سان جاري آهي. انهن سهولتن سان علائقي جي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جو ن جديد سهولتون فراهم ٿينديون.

وڏي وزير سول اسپتال جو دورو ڪندي چيو ته گوڙاڻو ڊيم وارو مسئلو جلد حل ٿي ويندو ظاهر آهي جيڪو پنهنجا گهر ڇڏي ٿو انهي کي تڪليف ضرور ٿيندي پر اسان انهن کي سموريون سهولتون ڏينداسين رهواسين کي سموريون سهولتون ڏنيون وينديون ٿر ڪول سون بنجي ويو آهي ٿرواسين جي زندگي تبديل ٿي رهي آهي ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي ترقي جو ضامن آهي ٿر ڪول منصوبو شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو جنهن کي پورو ڪرڻ وڃون پيا ٿر مان سنڌ ۽ پاڪستان کي روشن ڪنداسين ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني پلانٽس لڳائڻ ۾ وڏي محنت ڪئي آهي مون 160 گهرن تي مشتمل ماڊل وليج جو دورو ڪيو آهي،گڳڙاڻو مسئلي بابت اسان ڪافي ڪوششون ورتيون ٿرڪول قومي پروجيڪٽ آهي جتي قومي پروجيڪٽ شروع ٿيندا آهن اتي ملڪ جي ترقي خاطر اسان کي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن ڊيم واري هنڌ تبديل نه ٿا ڪري سگهون باقي انهي جي بدلي ۾ انهن رهواسين کي سهوليت ڏينداسين،گهرن جي عيوض گهر اسپتالون آر او پلانٽس ڏنا ويندا .