تازيون خبرون

Daily Archives: December 9, 2016

وزير اعظم جي صدارت ۾ اجلاس، جهاز حادثي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن دوران وزيراعظم جهاز حادثي جي جلد جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، حادثي بابت ڊيٽا جي شروعاتي تجزياتي رپورٽ به اچي وئي آهي، جهاز جو هڪ انجڻ مڪمل بند ٿيڻ ۽ ٻيو به پوري طاقت سان نه هلڻ جو خطرو آهي، وزيراعظم عملدارن کي هدايت ڪئي ته جاچ جلد مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ جهازن جي مرمت جي لاءِ عالمي معيار کي به نظر ۾ رکيو وڃي. اجلاس ۾ گھرو وزير چوڌري نثار ۽ سول ايوي ايشن عملدار شريڪ ٿيا، ٻئي طرف شروعاتي تجزياتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حادثي جو شڪار جهاز مان ٽي ڀيرا مي ڊي ڪال ڏني وئي. جهاز جو ٽيڪنيڪي نظام مڪمل طور شٽ ڊائون نه ٿيو هو، جيڪڏهن نظام مڪمل شٽ ڊائون ٿئي هاته جهاز نوز ڊائيو ڪري سڌو ڪري ها. رپورٽ موجب هڪ انجڻ جي خرابيءَ جي ڪري جهاز کاٻي طرف جھڪيو هو جڏهن ته امڪاني طور جهاز جو ٻيو انجڻ به پوري طرح ڪم موجب نه پي هليو. جيڪڏهن هڪ انجڻ به سئو سيڪڙو هلي ها ته جهاز جي لاءِ 33 ناٽيڪل ميلن جو سفر طئي ڪرڻ ڏکيو نه هو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي هنگامي ليڊنگ لاءِ تياريون ڪيون ويون هيون.36

 

دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن جي بحالي تائين تربيتي خدمتون پيش ڪندا رهنداسين: قمر باجوه

راولپنڊي  (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ ۽ امن کي قائم ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن کي پنهنجون تربيتي خدمتون پيش ڪندا رهنداسين، اسان جي نئين قائم ٿيل دهشتگردي خاتمي واري تربيتي مرڪز کي عالمي سطح تي مڃيو ويو آهي ۽ ٻين ملڪن جي فوج کي اسان جي فوج سان تربيت لاءِ ترغيب ملي رهي آهي، مشقن جي سيريز سان سٺن تجربن جي ڏي وٺ سان پاڪستان ۽ چين جي فوجين جي دهشتگردي خاتمي جي مهارت ۾ واڌ ٿي آهي، ٻنهي ملڪن جون فوجون هڪٻئي سان جڙيل آهن، ان سان خطي مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف خميس تي قومي دهشتگردي خاتمي جي تربيتي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ هاءِ پروفائيل تربيتي مشقن جو اختتامي سيشن ڏٺو، آرمي چيف 2 مهينن تائين جاري رهندڙ پاڪ چين مشقون واريئر 4 جي آخري ڏينهن مشقن جو معائنو ڪيو جنهن ۾ ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ دهشتگردي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويو، ان موقعي تي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته مشقن جي سيريز سان بهترين تجربن جي ڏي وٺ سان ٻنهي ملڪن جي فوجين جي دهشتگردي خاتمي واري مهارت ۾ واڌ ٿي آهي، هن دوست ملڪن پاران پاڪ فوج سان تربيت ۾ دلچسپي وٺڻ کي ساراهيندي چيو ته اسان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون تربيتي خدمتون قائم ڪندا رهنداسين.

 

”را“ دهشتگردي ۾ملوث آهي، ڀارت کي ڪشميرين تي ظلمن جو جواب ڏيڻو پوندو: پاڪستان

اسلام آباد(اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نفيس ذڪريا چيو آهي ته اسان بنا مقصد وارين ڳالهين جا قائل ناهيون، پاڪستان ڀارت سان نتيجا ڏيندڙ ۽ جٽادار ڳالهيون چاهي ٿو، هاڻوڪي هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ڀارت ثابت ڪيو آهي ته هو ڪانفرنس جي مقصدن سان مخلص ناهي، ڀارتي قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ نقصانڪار آهن، ڪشميري عوام جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪريون ٿا، ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. اهڙو اظهار پرڏيهي ترجمان محمد نفيس ذڪريا خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪيو. هن ڪشمير جي حوالي سان سوال تي چيو ته پاڪستان نئين چونڊيل آمريڪي نائب صدر، ايران، چين ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي برادريءَ طرفان ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن تي نتيجا ڏيندڙ ۽ جٽادار ڳالهيون چاهي ٿو. ڀارت ڪڏهن به ڳالهين واري پاڪستاني آڇ جو هاڪاري جواب نه ڏنو آهي. ترجمان عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو ته اها ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ظلمن کان روڪڻ ۽ ڪشمير جو تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڀارت کي ايف 16 جهازن جي ٽيڪنالاجي جي منتقلي بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي خلاف ۽ خطي جي وسيلن کي خطي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪتب آڻڻ جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي ترجمان چيو ته امرتسر ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ڀارت ثابت ڪيو آهي ته هو ڪانفرنس جي مقصدن سان مخلص ناهي، ڀارت رويو خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مددگار ناهي. هن چيو ته روس سميت ڪنهن به ميمبر ملڪ ڀارتي رويي جي حمايت ناهي ڪئي، ڀارتي قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ نقصانڪار آهن. ترجمان چيو ته ڪشمير تي ٽياڪڙيءَ لاءِ برادر ۽ دوست ملڪن جي ڪوششن کي قدر سان ڏسون ٿا ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن ڀارت کي ڪشمير ۾ پنهنجي ظلمن جو جواب ڏيڻو پوندو. هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ افغان صدر اشرف غني جي بيان بابت ترجمان چيو ته افغان صدر جو بيان افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته آمريڪا سميت سڄي دنيا جي ملڪن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي ساراهيو آهي. پاڪستان سمورن دهشتگرد گروپن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪري رهيو آهي جڏهن ته حقاني نيٽ ورڪ، داعش، القاعده ۽ جامع الاحرار سميت ٻيون دهشتگرد تنظيمون افغانستان جي اندر کان آپريٽ ڪري رهيون آهن، گذريل 6 مهينن دوران حقاني نيٽ ورڪ جا 8 ڪمانڊر افغانستان اندر ماريا ويا. هن چيو ته افغان حڪومت دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪوششن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي،  افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ تخريبڪاريءَ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ڏسڻ چاهيون ٿا، پاڪستان افغانستان ۾ نئين سر تعمير وارين ڪوششن جي سلسلي ۾ تعليمي ۽ انفراسٽرڪچر منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو. پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان نئين آمريڪي انتظاميه سان ويجهي سهڪار ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.

 

مهمانوازي گهڻي ٿي هاڻي افغان مهاجرن جي واپسي تيز ڪئي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبو گذريل 37 ورهين کان رجسٽرڊ ۽ غيررجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي مهمانوازي ڪري رهيو آهي، پر هاڻي ڪيترائن ئي ڪارڻ بشمول امن امان جي صورتحال ڪري انهن جي وطن واپسي جو عمل تيز ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اڄ گڏيل قومن جي پناهگيرن واري ڪميشن جي هاءِ ڪمشنر مسٽر اندرائيڪا راتوتي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي، جنهن اڄ پنهنجي وفد سميت وزيرعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي ميمبرن ۾ ڊپٽي چيف يو اين ايڇ سي آر مسٽر يائو، افغان پناهگيرن جي چيف ڪميشنر اسلام آباد عمران زيب، ڊپٽي رپريزينٽيٽو يو اين ايڇ سي آر جوهن سيفونتي، يو اين ايڇ سي فيلڊ آفيس ڪراچي جي هيڊ يونس صاحبزاده، ڪمشنر افغان پناهگير غضنفر علي آغا ۽ يو اين سي ايڇ آر فيلڊ ايسوسيئيٽ سيد بلال آغا شامل هو. سنڌ جي وڏي وزير جي معاونت آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، گهرو سيڪريٽري شڪيل منڱڻيجو ڪئي. وڏي وزير چيو ته افغان پناهگيرن جو وڏو انگ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گذريل 37 سالن کان رهي رهيا آهن. سنڌ حڪومت انهن جي دل سان ميزباني ڪري رهي آهي ۽ پنهنجا وسيلا جيڪي اسان جي پنهنجن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي انهن تي خرچ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ صوبو گذريل ڪيترن ئي سالن کان امن امان جي خراب صورتحال کي منهن ڏنو، پر هاڻي سخت قدم ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ ايپڪس ڪميٽي، نيشنل ايڪشن پلان (اين اي پي) عملدرآمد بابت اعليٰ ترين فورم آهي. جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سمورن غيرقانوني پناهگير بشمول افغانين کي واپس موڪليو وڃي. وفاقي حڪومت کان انهن جي جلد واپسيءَ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر وفاقي حڪومت يو اين ايڇ سي آر جي درخواست تي انهن جي واپسي ڇهن مهينن يعني ڊسمبر 2016ع جي آخر تائين وڌائي ڇڏي. سيد مراد علي شاهه يو اين ايڇ سي آر تي زور ڀريو ته انهن جي واپسيءَ لاءِ ضروري قدم کڻي ته جيئن صوبائي حڪومت ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاسن ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان اڳڀرائي ڪرائي سگهي. يو اين ايڇ سي آر جي اندرائيڪا راتواتي چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل ڇهه لک افغان پناهگير رهن پيا، جن مان 1.3 ملين سنڌ ۾ آهن، ان سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اتفاق نه ڪيو ۽ هن چيو ته واپسيءَ جو عمل جاري هو ۽ روزانو ٻه هزار افغاني پنهنجي ڏيهه وڃي رهيا هئا. هن چيو ته خيبر پختون خواهه واحد صوبو آهي جتان ٽي لک پنجاهه هزار افغاني واپس افغانستان ويا آهن، جيتري تائين پنجاب جو تعلق آهي ته اهي ٻيو وڏو صوبو آهي جتان وڏي انگ ۾ پناهگير واپس ويا آهن، پر سنڌ مان اڃا تائين ٻٽيهه هزار افغان پناهگير ويا آهن. خيبر پختون خواهه مان وڏي انگ ۾ پناهگيرن جي واپسيءَ جا تفصيل ٻڌائيندي يو اين ايڇ سي آر جي چيف چيو ته اتان جا ماڻهو افغانستان ۾ پنهنجن ماڻهن سان رابطي ۾ هئا، وڌيڪ اهو ته اتان سندن ملڪ به ويجهو آهي، جئين ته سنڌ جو تعلق آهي ۽ ڪراچي ۾ روزگار جا وڏا موقعا موجود آهن ۽ افغان پناهگير پنهنجي ملڪ جي سرحد کان به تمام پري آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ بنا رجسٽريشن جي افغانين جو وڏو انگ موجود آهي. هن يو اين ايڇ سي آر تي زور ڀريو ته اهي انهن کي رجسٽرڊ ڪن ته جيئن سنڌ حڪومت کي به ڄاڻ هجي ته ڪير ڪٿي رهائش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان انهن جي خوراڪ (سبسڊي) تي خرچ ڪري رهيا آهن، اهي اسان جي يوٽلٽي استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ته انهن جا ٻار اسانجي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بحيثيت ميزبان جي سنڌ صوبي افغانين کي سٺي ريت سنڀاليو پر انهن جي واپسي ته هئڻ ڪري اسان جا ماڻهو دهشتگردي جي صورت ۾ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اهو اوهان سڀ سٺي ريت سمجهو ٿا انڪري مان تفصيلن ۾ نه ٿو وڃان. يو اين ايڇ سي آر جي چيف چيو ته هن پناهگيرن جي تعليم ۽ صحت لاءِ 175 ملين ڊالر مختص ڪيا هئا، جنهن مان سنڌ لاءِ 30 ملين ڊالر مختص ڪيا هئا. اوهان اها رقم صوبي ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جي تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي خدمتن تي خرچ ڪري سگهو ٿا. وڏي وزير صوبائي گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ ۾ رهندڙ سمورن افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن لاءِ يو اين ايڇ سي آر سان رابطي ۾ رهي ۽ انهن جي سهڪار سان انهن جي واپسيءَ جي انتظامن کي ممڪن بڻائي.

 

سڌ سماءَ واري وزارت ڪشمير مسئلي کي عالمي ۽ ملڪي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آڻيندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) آزاد ۽ ڄمون ڪشمير جي صدر سردار محمد مسعود خان سان سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جي ملاقات، ڪشمير مسئلو اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت ڪوريج لاءِ مناسب وقت رکڻ، آزاد ڪشمير ٽيليويزن مظفر آباد ۽ ريڊيو مظفر آباد جي اپ گريڊيشن ۽ ان جي نشريات جو دائرو وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي وڌيڪ معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، صدر سردار محمد مسعود خان چيو ته 8 جولاءِ کانپوءِ پاڪستان ميڊيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم کي اجاگر ڪرڻ، ڀارت پاران سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪوڙي دعويٰ جو پردو هٽائڻ ۾ نهايت موثر ڪردار ادا ڪيو آهي، خواهش آهي ته پاڪستان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪشمير مسئلو ۽ تحريڪ آزادي کي عالمي برادري جي سامهون اجاگر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري، ان سلسلي ۾ پرنٽ ميڊيا ڪشمير بابت خاص صفحن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا نشريات جو وقت وڌائي ته جيئن ٻاهرين دنيا کانسواءِ اهل پاڪستان به والاريل ڪشمير جي صورتحال کان باخبر رهي ۽ انهن کي ڄاڻ ملي ته ڪشميري قوم تڪميل پاڪستان لاءِ جانيون قربان ڪري رهي آهي، آزاد ڪشمير حڪومت محدود وسيلن سان ابلاغ ذريعا سان محاذ تي ڪمزور آهي، ان لاءِ اسان کي حڪومت پاڪستان جي مدد جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ ملاقات ۾ ڪشمير مسئلو ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مريم اورنگزيب آزاد ڪشمير ٽيليويزن جي نشريات جو وقت وڌائڻ ۽ اسٽيشن کي اپ گريڊ ڪرڻ، خاص طور تي ريڊيو مظفر آباد کي اپ گريڊ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، هن چيو ته منهنجي وزارت ڪشمير مسئلي کي عالمي ۽ ملڪي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون ڪتب آڻيندي.

 

حڪومت پارليامينٽ کي بااختيار نه ٿي ڏسڻ چاهي، ان جي ڪري نواز شريف وزيراعظم آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد پي آءِ اي جي ايم ڊيءَ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جهاز حادثي جي جاچ جنگي بنيادن تي ٿيڻ گھرجي، ڏاڍو افسوس ناڪ واقعو ٿيو آهي، پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جا 4 مطالبن تي حڪومت اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي، ”گو نواز گو“ جو ماحول پيدا ڪيو آهي، اسان پارليامينٽ کي بچايو آهي، پاناما تي اسان سپريم ڪورٽ نه وياسين، اسان پنهنجي ڏاڙهي ٻين جي هٿن ۾ ڏيڻ نه ٿا چاهيو، حڪومت پاڻ پارليامينٽ کي بااختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، هن  پارليامينٽ جي ڪري نواز شريف وزيراعظم آهي. اسان جو هڪ به مطالبو حڪومت خلاف نه آهي، اسان جو مطالبو آهي ته پاڪستان جو پرڏيهي وزير هجي، ڀارت وڃي اسان پنهنجي پوزيشن خراب ڪئي، جيڪڏهن پرڏيهي وزير هجي ها ته ڃمي ڳالهه ڪري ها، سرتاج عزيز ۾ جرئت ناهي جو ڳالهائي، حڪومت پاڻ.36

 

حسن نواز فليگ شپ ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر آهي: ڪمپنيءَ جا دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد (م.ڊ) حڪمران جماعت فليگ شپ ڪمپنيءَ جا دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمعر ڪراچي ڇڏيا آهن، وزيراعظم جي ٻارن پاناما ڪيس بابت فليگ شپ ڪمپنيءَ جا دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جيڪي 211 صفحن تي ٻڌل آهن. دستاويزن ۾ 2001 کان 2005ع تائين جون آڊٽ رپورٽون ۽ ٻيا دستاويز شامل آهن جڏهن ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دستاويز عدالتي سهڪار جي لاءِ جمع ڪرايا ويا آهن. دستاويزن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”حسن نواز فليگ شپ ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر آهي.“ وزيراعظم جي ٻارن طرفان جمع ڪرايل دستاويزن ۾ ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر جي اختيارين جو پڻ خلاصو ڏنو ويو آهي.

پاناما ڪيس تي ڪميشن جي مخالفت ٿا ڪيون، قوم جو پئسو چوري ٿيو، حڪومت ڪوڙ پئي ڳالهائي: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته جنيد جمشيد جي موت تي سخت ڏک ٿيو آهي، جنيد جمشيد شوڪت خانم اسپتال جي ٺهڻ ۾ منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي، جهاز حادثي ۾ شهيد سڀني ماڻهن جي مغفرت جي لاءِ دعا ٿو ڪريان، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته جهاز حادثي جي جلد کان جلد جاچ ڪرائي وڃي، پي آءِ اي جو سيفٽي رڪارڊ گھڻو سٺو ناهي، ڊي سي چترال جي شهادت تي افسوس ٿيو هو ڏاڍو قابل انسان هو، پاناما ڪيس ۾ عدالت چيو آهي ته ادارا ڪم نه پيا ڪن، عدالت پاناما معاملي تي ڪميشن ٺاهڻ جي صلاح ڏني، ڪميشن جي ٺهڻ بابت پارٽي عهديدارن سان صلاح ڪئي، پاناما جي جاچ لاءِ ڪميشن نه ٿا چاهيون، اسان چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ئي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي روزانو جي بنياد ڪئي وڃي، ڇو ته سپريم ڪورٽ کي سڀ ڄاڻ ملي چڪي آهي، جيڪڏهن ڪميشن ٺهڻ ضروري آهي ته پهريان نواز شريف استعيفيٰ ڏئي پوءِ ڪميشن ٺاهي وڃي، سپريم ڪورٽ تي پورو اعتماد آهي ان اعتماد جي ڪري ئي اسان ان مقام تي پهتا آهيون، عمران خان چيو ته ملڪ جي ٻن وڏن چورن جي به جھڙتي ورتي وڃي، اسان جي اها فتح آهي ته انهن ٻنهي کي پنهنجي آمدنيءَ جي ذريعن بابت راز کولڻا پيا پون. عدالت ۾ ٻڌڻيءَ دوران اسان جي ان موقف جي تائيد ٿئي ٿي ته ادارا زبون حاليءَ جو شڪار آهن، اهو ئي سبب آهي جو اسان اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ بدران سپريم ڪورٽ تي اعتماد جو اظهار ڪندي عدالت ۾ ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي اسان جي پارٽيءَ تي سخت تنقيد ڪئي وئي. نعيم بخاري سڀاڻي تحريڪ انصاف جو موقف عدالت ۾ پيش ڪندو. عمران خان جو چوڻ هو ته اسان سمجھون ٿا ته سڀاڻي اسان ڪيس کٽي سگھون ٿا، تقرير سياسي هجڻ جو مطلب اهو آهي ته وزيراعظم ڪوڙ پيو ڳالهائي، قوم جو پئسو چوري ٿيو، حڪومت ڪوڙ پئي ڳالهائي، شيخ رشيد صحيح چوندو آهي ته کير جي سنڀال تي ٻِلي کي رکيو آهي، برطانيا جي وزيراعظم کي رڳو افيئر تي استعيفيٰ ڏيڻي پئي.36

 

وزيراعظم ڪميشن جي قيام کانپوءِ اختيار استعمال ڪندو رهيو ته انصاف جا تقاضا پورا نه ٿيندا: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم ڪميشن جي قيام کانپوءِ به پنهنجا اختيار استعمال ڪندو رهيو ته پاناما ليڪس تي انصاف جا تقاضا پورا نه ٿيندا، احتساب کانسواءِ ڪو به معاشرو زنده نٿو رهي سگهي پر پاڪستان جو اصول اهو آهي ته هتي احتساب صرف غريبن جو ٿيندو آهي، وزيراعظم ۽ ان جي خاندان تي پاناما ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي ان لاءِ هو پنهنجا اختيار فٽا ڪري عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي، جهاز حادثي ۾ 47 انسان فوت ٿي ويا پر اسان وٽ جاچ ۽ انڪوائري جي ڪا به روايت آهي ۽ نه ئي ڪو غفلط جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي جي مقامي هوٽل ۾ اسلامي جمعيت طلبا جي احتمام هيٺ ٿيندڙ ٽيلينٽ ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جو امير راولپنڊي شمس رحمان به ساڻس گڏ هو، سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي ناسور کي پاڙان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته هڪ هڪ ڦورو کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي ۽ سڀني جو غير جانبدار احتساب ٿئي، هن چيو ته سمورا ادارا حڪومت جي ماتحت آهن جيڪڏهن وزيراعظم جوڊيشل ڪميشن جي جڙڻ کانپوءِ به وڏ وزارت جي ڪرسي تي ويٺو رهيو ته ڪو به ادارو صحيح طريقي سان ڪم نه ڪري سگهندو ۽ وزيراعظم سميت ڪنهن بااختيار جي خلاف شفاف جاچ جو ڪو سوچي به نٿو سگهي.

 

ريجنٽ پلازه باهه جو واقعو، ذميوار هوٽل انتظاميا ۽ سول ڊفينس قرار ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ باهه جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي جنهن ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو ذميوار هوٽل انتظاميا کي قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي، رپورٽ ۾ باهه جو ذميوار هوٽل انتظاميا ۽ سول ڊفينس کي قرار ڏيندي چيو ته هوٽل ۾ نه باهه کان بچاءَ جو ڪو سامان موجود هو ۽ نه ئي باهه وسائڻ جو تربيتي عملو، جڏهن ته هوٽل جا هنگامي رستا به بند هئا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته هوٽل جو عملو باهه وسائڻ بدران موقعي تان فرار ٿي ويو، مئي 2015 ۾ هوٽل جو آخري ڀيرو سروي ٿي، جڏهن ته هوٽل انتظاميا باهه وسائڻ جي سامان کي اپ گريڊ نه ڪيو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه راهه فيصل تي هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب 3 عورتن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ باهه جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي جنهن ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو ذميوار هوٽل انتظاميا کي قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي، رپورٽ ۾ باهه جو ذميوار هوٽل انتظاميا ۽ سول ڊفينس کي قرار ڏيندي چيو ته هوٽل ۾ نه باهه کان بچاءَ جو ڪو سامان موجود هو ۽ نه ئي باهه وسائڻ جو تربيتي عملو، جڏهن ته هوٽل جا هنگامي رستا به بند هئا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته هوٽل جو عملو باهه وسائڻ بدران موقعي تان فرار ٿي ويو، مئي 2015 ۾ هوٽل جو آخري ڀيرو سروي ٿي، جڏهن ته هوٽل انتظاميا باهه وسائڻ جي سامان کي اپ گريڊ نه ڪيو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه راهه فيصل تي هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب 3 عورتن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.