تازيون خبرون

Daily Archives: December 8, 2016

پي آءِ اي جو جهاز حويليان ويجهو ڪري تباهه، عملي سميت 47 ماڻهو اجل جو شڪار

اسلام آباد/ڪراچي/لاهور (اين اين آءِ/اي پي پي/م.ڊ)  پي آءِ اي جو فوڪر جهاز ايبٽ آباد ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو،  تفصيل مطابق پي آءِ اي جو جهاز پي ڪي 661 چترال کان اسلام آباد اچي رهيو هو. انجڻ ۾ خرابي سبب حويليان ويجهو حادثي جو شڪار ٿيو. جهاز ۾ عملي سميت 47 ماڻهو سوار هئا، حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون حادثي واري جاءِ ڏانهن موڪليون ويون ، جهاز ۾ ناميارو نعت خوان جنيد جمشيد ۽ سندس گهر واري پڻ سوار هئا،  صالح جنجوعه  حادثي جو شڪار ٿيل جهاز جو ڪيپٽن جو جڏهن ته عملي ۾ فرسٽ آفيسر علي اڪرم، ٽيني پائلٽ احمد جنجوعه، ايئر هوسٽس صدف فاروق ۽ هوسٽس اسما عادل شامل هيون، اربع تي معمول مطابق پي آءِ اي جو مسافر جهاز پي ڪي 661 40 مسافرن کي کڻي چترال مان اسلام آباد لاءِ 3 لڳي 50 منٽن تي روانو ٿيو ۽ پنهنجي مقرر روٽ تي سفر ڪندو حويليان ويجهو اهو مسافر جهاز لاپته ٿي ويو. بعد ۾ سول ايويئيشن ڊويزن سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. پاڪ فوج جون امدادي ٽيمون  حادثي واري هنڌ تي پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. پي آءِ اي حويليان ويجهو ڪري تباهه ٿيل اڏام ۾ سوار مسافرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي. ناميارو نعت خوان جنيد جمشيد پنهنجي گهر واري سان گڏ تبليغي دورو مڪمل ڪري چترال مان واپس ساڳي اڏام ۾ اسلام آباد اچي رهيو هو. پي آءِ اي طرفان جاري فهرست مطابق پي ڪي 661 ۾ عابد قيصر، احسن، احترام الحق، عائشه، اڪبر علي، اختر محمود، عامر شوڪت،  آمنه احمد، ماهه رخ، عاصم وقاص، عتيق احمد، فرح ناز، گوهر علي، گل هارون، حاجي نواز، بان ڪيانگ، هيرالڊ ڪيسلر، هاروانگ، مسز نيها جنيد جمشيد، جنيد جمشيد خان، محمد عاطف، مرزا گل، فرحان علي، محمد علي خان، محمد خالد مسعود، محمد خان، محمد نعمان شفيق، محمد تڪبير خان نثارالدين، راني مهرين، اسامه احمد وڙائچ، سميع، ثمينه گل، شمشاد بيگم، طيبه عزيز، تيمور ارشد، عماره خان ۽ زاهده پروين جهاز ۾ سوار هئا، آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جا جٿا، هيلي ڪاپٽر ۽ ميڊيڪل ٽيمون فوري طور حادثي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون جنهن بعد پاڪ فوج جي ٽيمن امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو. هوڏانهن سول ايويئيشن اٿارٽي چترال کان اسلام آباد ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز  لاپته ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، پائلٽ جو ڪنٽرول ٽاور سان آخري رابطو 4 لڳي 40 منٽن تي ٿيو هو. سول ايويئيشن اٿارٽي جي چيئرمين مطابق چترال کان اسلام آباد ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز پي ڪي 661 (اي ٽي آر42) اربع تي ٻنپهرن جو 3 لڳي 50 منٽن تي 47 مسافن کي کڻي چترال مان روانو ٿيو ۽ اسلام آباد اچڻ لاءِ پنهنجي روٽ تي هلندو حويليان ويجهو لاپته ٿي ويو. پائلٽ جو ڪنٽرول ٽاور سان آخري رابطو 4 لڳي 40 منٽن  تي ٿيو جنهن بعد ڪنٽرول ٽاور سان رابطو نه ٿيڻ تي جهاز کي لاپته قرار ڏنو ويو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چترال کان اسلام آباد ايندڙ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿيڻ تي امدادي ڪاررواين لاءِ سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي صوبائي حڪومت ۽ انتظاميه کي ريسڪيو ۽ ريليف ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏني، گهرو وزارت جي ترجمان مطابق جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي حادثي تي گهرو وزير جي هدايت تي گهرو وزارت طرفان سڀني لاڳاپيل کات کي الرٽ ڪيو ويو، ان حوالي سان گهرو سيڪريٽري اين ڊي ايم اي چيئرمين سان رابطو ڪيو ۽ حادثي جي حوالي سان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صدر ممنون حسين ۽ وزير اعظم نواز شريف چترال کان اسلام آباد ايندي حويليان جي هنڌ تي جهاز حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، هن فوت ٿيندڙ ماڻهن جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، صدر ممنون حسين ريسڪيو ٽيمن کي هنگامي بنيادن تي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صدر واسطيدر ادارن کي هدايت ڪئي ته متاثر ٿيل خاندانن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي، صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر ٿيل وارثن کي صبر عطا فرمائي. پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي آءِ اي جي جهاز جي تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هن فوت ٿيندڙن لاءِ مغفرت، زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ۽ متاثر خاندان سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جهاز جي تباهي جي جاچ ۽ حقيقتن کي قوم جي اڳيان آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هن چيو ته پارٽي ڪارڪنن امدادي سرگرمين ۾ شامل ٿي وڃن. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چترال کان اسلام آباد ايندڙ جهاز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ هڪ بيان ۾ هن حادثي تي سمورن پهلوئن کان جاچ جو مطالبو ڪندي ڪي پي ڪي حڪومت کي امدادي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چترال مان اسلام آباد ويندڙ پي آءِ اي جي مسافر جهاز جي حادثي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ پاڪ فوج جا جوان، هيليڪاپٽر ۽ ميڊيڪل ٽيمون حويليان پهچي امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو، آءِ ايس پي آر موجب اربع جي منجهند حويليان ويجهو پي آءِ اي جو مسافر جهاز جي حادثي جو اطلاع ملڻ تي ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت پاڪ فوج جا 5 سئو اهلڪارن امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو، ريسڪيو آپريشن لاءِ پاڪ فوج پاران گهربل گاڏيون ۽ ايمبولنس به حادثي واري جاءِ تي پهچي ويون، آخري اطلاعن تائين 36 ڄڻن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا.  اکين ڏٺن شاهدن چيو آهي ته پهاڙ سان ٽڪرائڻ کانپوءِ جهاز مان باهه جا شعلا ڀڙڪندي ڏٺا، جڏهن واردات واري هنڌ پهتاسين ته جهاز مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو هو، تفصيل موجب اربع تي حويليا ويجهو قومي ايئر لائين جو حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز جي اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته جهاز پهاڙ سان ٽڪرائڻ کانپوءِ ڪري ۽ جهاز مان باهه جا شعلا ڀڙڪندي ڏٺا ويا، ڪاشف نالي اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته حادثي کانپوءِ 3 کان 4 ڳوٺن جا ماڻهو حادثي واري هنڌ پهتا ته جهاز مڪمل طور تي سڙي چڪو هو، جهاز جي ويجهو هڪ شخص کي جنيد جمشيد جو سڃاڻپ ڪارڊ به مليو.

 

جمع ڪرايل دستاويزي شاهدين ۾ خال آهي، ٺوس بنيادن تي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پانامه ليڪس جي جاچ بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران ڌرين کان ڪميشن جي قيام لاءِ جواب طلب ڪندي واضح ڪيو ته ڪميشن کي مڪمل اختيار ڏينداسين جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته عدالت جي اڳيان وڏا معاملا آهن اسان ٺوس بنيادن تي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا ڪيترائي دستاويز آهن جن جي تصديق لاءِ جاچ جي ضرورت آهي ڌرين پاران جمع ڪرايل دستاويزي شاهدين ۾ خال آهي اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ عدالت پنج رڪني بئنچ پانامه ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي شروع ٿي ته وزيراعظم نوازشريف جو وڪيل سليمان اسلم بٽ دليل ڏيندي چيو ته جاتي امره ۾ مريم نواز جي خبر لکيل آهي جڏهن ته هو قانوني طور تي پنهنجي گهرواري جي ڪفالت هيٺ آهي ڇا پيءُ سان رهڻ سان نياڻي ڪفالت هيٺ ٿي ويندي آهي جاتي امره ۾ ته شريف خاندان جا وڌيڪ ماڻهو به رهائش پذير آهن جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته اسان مريم نواز جي ايڊريس ڏٺي آهي ان جا خرچ ۽ آمدني ڪٿان اچي ٿي اهو ڏسڻو آهي جنهن تي سليمان بٽ چيو ته مريم نواز جي زرعي آمدني آهي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته اها عام پريڪٽس آهي ان ۾ ڪابه غير قانوني ڳالهه نه آهي ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جو معاملو فنڪشنل آهي توهان کي ۽ مون کي بهتر علم آهي ٽيڪس گوشوارا ڪيئن جمع ڪرايا ويندا آهن هن چيو ته سلمان بٽ کان پڇا ڪئي ته ڇا جاتي امره جي زمين مريم نواز جي نالي آهي سليمان بٽ چيو ته مريم نواز جاتي امره ۾ رهندي آهي ۽ هو ان جي گهر جو پتو آهي جنهن تي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته ڪفالت هيٺ هجڻ جو معاملو اڃا تائين حل نه ٿيو جسٽس عظمت سعيد پچيو ته وزيراعظم مريم نواز لاءِ زمين ڪڏهن خريد ڪئي جنهن جي جواب ۾ سلمان بٽ چيوت ه ايراضي 19 اپريل 2011 تي خريد ڪئي ويئي جسٽس عظمت سعيد ٻيهر پڇيو ته رقم والد نياڻي کي تحفي ۾ ڏني جيڪا نياڻي والد کي واپس ڪري ڇڏي هئي. سلمان اسلم بٽ پنهنجي دليل ۾ چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته دبئي مل جون رهتون 36 ملين درهم هيون جڏهن ته ان جي وڪيل نعيم بخاري چيو آهي ته 2 ملين بجلي جون رهتون هيون بجلي جون رهنتو قسطن ادا ڪيون ويون جسٽس پڇيو ته مل خساري ۾ هئي ۽ وڪرو ڪئي ته رهتون ڪيئن ادا ڪيون قسطن جي رقم ڪنهن فراهم ڪئي سلمان بٽ جواب ڌنو ته رهتن جي رقم طارق شفيع ادا ڪئي جنهن تي عدالت رڪارڊ گهريو ته وزيراعظم جي وڪيل چيو ته 40 سالن جو پراڻو رڪارڊ ڪٿان آڻيون دبئي جي بئنڪ پنجن سالن کان وڌيڪ رڪارڊ نه رکندي آهي وزيراعظم جي وڪيل چيو ته نوازشريف هر ڪم پنهنجي مرضي سان ڪندو هو ٿي سگهي ٿو ته ڏاڏي ۽ پوٽي جي ڪاروباري معاملن جو نوازشريف کي علم هجي هن چيو ته پانامه پيپر جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي منهنجي آفيس ۾ پانامه پيپرن جون ڪيتريون ئي فائلون پيون آهن جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا توهان کي ومبر ڪمپني ۽ عمران خان جي وڪيل جمع ڪرايل دستاويز کان انڪاري آهن جنهن تي سلمان بٽ جواب ڏنو ته انهن دستاويزن تي بعد ۾ بحث ڪندس جسٽس کوسي چيو ته اسان کي ته پريڪٽس ۾ ٻڌايو ويو هو ته جيڪڏهن جج سوال ڪري ته ان جو جواب ڏنو وڃي ۽ توهان اهو چئو ٿا ته بعد ۾ بحث ڪندس سلمان بٽ چيو ته ٽرسٽ ڊيڊ بابت برطانوي قانون ڪافي لچڪدار آهي برطانوي قانون موجب ٽرسٽ ڊيڊ کي رجسٽرڊ ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي ان بابت ڪمپني کي به ٻڌائڻ جي ضرورت نه هئي جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ميوزڪ فونسيڪا کي ٽرسٽ ڊيڊ جي باري ۾ ٻڌايو هو جنهن تي جج پڇا ڪئي ته جيڪڏهن زباني ڊيڊ دستاويزن جي برعڪس هجي ته ان جي ڪهڙي حيثيت هوندي. دستاويزن موجب مريم ڪجهه ڪمپنين جي بينيفشري آهي سلمان بٽ جواب ڏنو ته برطانوي قانون مطابق اهڙي ٽرسٽ ڊيڊ جي اجازت آهي ٽرسٽ ڊيد زباني ڪلامي به ٿي سگهي ٿو آفشور ڪمپني جو ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو آهي جيڪڏهن ٽيڪس ادا ڪرڻو هوندو آهي ته پوءِ شايد اهي آف شور ڪمپنيون ئي نه هجن ها جسٽس کوسي چيو ته ثبوت ۽ شاهدين جا رڪارڊ ڪرڻ اسان جو ڪم نه آهي ڪاغذن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميشن جوڙي سگهجي ٿي ڪميشن جوڙڻ بابت سمورا آپشن کليل آهن جسٽس اعجازالحسن چيو ته وزيراعظم پنهنجي تقريرن ۾ قطري ڪاغذن جو ذڪر نه ڪيو هو جنهن تي سلمان بٽ چيو ته وزيراعظم جو بيان سياسي هو عدالتي نه جسٽس اعجاز الحسن چيو ته عوام جي اڳيان ڏنل بيان کي عدالتن ۾ ڪيئن ثابت ڪيو وڃي. وزيراعظم جي وڪيل چيو ته حسين نواز آف شور ڪمپني جو بينيفشري ۽ مريم ٽرسٽي آهي اهو معاملو اسپيڪر جي اڳيان اٿاريو ويو جيڪو خارج ٿي ويو. سپريم ڪورٽ اسپيڪر وٽ وزيراعظم جي خلاف ريفرنس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو سلمان بٽ موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز وزيراعظم جي ڪفالت هيٺ نه آهي. ان جي لاءِ وزيراعظم مريم نواز جا گوشوارا ظاهر ڪرڻ جي زير التوا آهي ته3/184 جي تحت مداخلت نه ڪري سلمان بٽ چيو ته جيڪي ڪيس زير التوا آهن ان جي تفصيل فراهم ڪندس. جنهن تي جسٽس آصف سعيد چيو ته توهان چوڻ ڇا ٿا چاهيون ته ڪيس عدالتن ۾ زير التوا آهن ته اسان ان جي ٻڌڻي نه ڪيون چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت جي اڳيان وڏا وڏا معاملا آهن پر اسان ٺوس بنيادن تي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. سلمان اسلم بٽ جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت ڌرين کي ڪيس جي فيصلي لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي حوالي سان مشورو ڪرڻ لاءِ وقت فراهم ڪيو ته پنهنجي پنهنجي مئوڪل کان پڇي ٻڌايو وڃي ته معاملي تي ڪميشن جوڙي وڃي يا خود فيصلو ڪن. پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري پاران مشوري جي لاءِ وقت جا تقاضن تي چيف جسٽس چيو ته اسان پاران ڪوبه دٻاءُ نه آهي آرام سان مشورو ڪيو جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

حڪومت پاران خاطرين تي عمل نه ڪرائڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت پاران 15 مارچ تي مردم شماري شروع ڪرڻ جي تحريري خاطري تي عدالت مردم شماري ۾ دير بابت پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو جڏهن ته چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا ته اميد آهي ته حڪومت پنهنجي خاطري تي عمل ڪرائيندي اربع تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳوڻي ۾ ٽه رڪني بئنچ مردم شماري ۾ دير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل وفاقي حڪومت پاران 15 مارچ تي مردم شماري شروع ڪرائڻ جي تحريري خاطري جمع ڪرائي ايڊيشنل اٽارني جنرل پاران ڏنل خطري ۾ چيو ويو آهي ته مردم شماري 15 مارچ تي شروع ڪئي ويندي ۽ ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اميد آهي ته حڪومت پنهنجي خاطري تي عمل ڪندي. عمل نه ڪيو ويو ته توهين عدالت جي برابر هوندي ۽ ان جا سنگين نتيجا نڪرندا.

 

ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي تقدير بدلائيندو، قومي مفادن خاطر ذاتي مفاد ڇڏڻا پوندا: وڏو وزير

مٺي(اي پي پي) سنڌجي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان پاڪستان جي پوري قوم کي فائدو ٿيندو،جڏهن ته ان کان وڌيڪ ٿر جي ماڻهن کي فائدو ملندو، ڪوئلي تي تمام تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي جنهن مان مطمئن آهيون، جيڪي ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏيندا انهن کي تڪليف ضرور ايندي پر انهن جي تڪليف دور ڪرڻ ۽ کين سهولت ڏيڻ  اسان جو فرض آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي غريب عوام جي پارٽي آهي اها پارٽي غريب عوام کي تڪليف نه پر سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ٿر پارڪر ۾ صحت جون حالتون بهتر آهن اڃان به بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٿر ۾ مقرر ڊاڪٽرن جون پگهارون پڻ وڌايون ويون آهن، ان سان گڏ ٻهراڙي ۾ قائم صحت مرڪزن ۾ هر سهولت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، صحت جي حوالي سان ضرور ڪجهه شڪايتون آهن جيڪي جلد حل ڪيون وينديون. ٿر ۾ صاف پاڻي جي حوالي سان آر او پلانٽ بهتر نموني ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي اڃان وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آر او پلانٽ اسلام ڪوٽ، ٿرڪول ايريا بلاڪ ٽو ۽ سول اسپتال مٺي جو دوور ڪرڻ بعد مقامي ميڊيا سان مٺي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيوته ٿر ڪول تي 4 ارب ڊالر جو ڪم ٿي رهيو آهي هي قومي منصوبو آهي جنهن مان پوري پاڪستان جي قوم کي فائدو ٿيندو پر سڀ کان وڌيڪ ٿر جي عوام کي فائدو ملندو. هي قومي مفاد جو ڪم آهي ان لاءِ ذاتي مفاد ڇڏڻا پوندا، ضرور ڪجهه ماڻهن کي تڪليف برداشت ڪرڻ پوندي، انهن ماڻهن کي هر سهولت ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيوته گوراڻو ڊيم جي حوالي سان جن ماڻهن کي اعتراض آهن انهن جا اعتراض ٻڌي چڪا آهيون ۽ انهن کي هر سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون انهي کان سوائي اتي جي ماڻهن کي سهولتون پڻ ڏئي رهيا آهيون، ڪوئلي جي حوالي سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي 1200 گز تي بهترين گهر ٺاهي ڏئي رهيا آهيون، جنهن جو ڪم هلندڙ آهي، گهرن سان گڏ پاڻي  ، صحت، تعليم سميت ٻيون بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻ سان تڪليف ضرور ايندي پر پيپلز پارٽي اها تڪليف دور ڪندي ۽ هر سهولت فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان پاڪستان سميت ٿر جي عوام کي وڏي فائدو ملندو. هن چيوته ٿر جي حوالي سان بهترکان بهتر تجويزون گهرجن ته جيئن هن علائقي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي. هن  چيوته ٿر ڊولپمينٽ تي ڪم هلي رهيو آهي جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته آئون 2005 ع ۾ ٿر آيو هئس ان وقت کان اڄ ٿر جون حالتون ڪافي بهتر آهن. ٿر ۾ جيڪا ڊولپمينٽ ٿي رهي آهي اها پي پي جي دور ۾ ٿي آهي، پي پي جي دور ۾ ٿر جي اندر ترقياتي ڪمن سان گڏ روزگار پڻ ڏنو ويو آهي. هن چيوته ڪانٽريڪٽ تي رکيل ملازمن کي ريگيولر ڪيو ويندو، انهن کي ڪانٽريڪٽ تي پي پي حڪومت ۾ رکيو ويو آهي ته انهن کي پڪو به پي پي ڪندي. هن چيو ته سنڌ پبلڪ سورس ڪميشن جي ڪري  وڌيڪ ڊاڪٽر نٿا رکي سگهون پر ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جون پگهارون ڊبل ڪيون ويون آهن. هن چيوته سول اسپتال مٺي ۾ دوري ڪرڻ کان پوءِ اهو محسوس ٿيو آهي ته هتي مريضن جو بهتر اعلاج ٿي رهيو آهي، هن وقت ٿر ۾ صحت جون حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، سول اسپتال مٺي سميت شهرن توڙي ٻهراڙي جي اسپتالن ۾ صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، اڃان وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سول اسپتال مٺي کي هڪ ڊجيٽل چيئر، هڪ ڊجيٽل ايڪسري مشين ۽ هڪ ڊائلاسز مشين ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ صاف پاڻي جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ سولر آر او پلانٽ بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، آر او پلانٽ جي حوالي سان  ڪجهه شاڪيتون مليون آهي انهن کي جلد حل ڪيو ويندو. آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي وڏ وزارت جي باقي رهيل ٽائم ۾ آئون بهتر کان بهتر ڪم ڪري ويندس ته جيئن مون کان پوءِ ايندڙ وڏي وزير کي ڪابه تڪليف نه اچي ۽ اهو به ساڳي رستي تي ڪم ڪري سگهي. ان بعد سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مٺي شهر جو ڊان هوٽل  ويو، جتي ڊان هوٽل ۾ تيار ٿيندڙ کاڌن جو جائزو پڻ ورتو. سنڌ جي وڏي وزير ڊان هوٽل تي چانهه پڻ پيتي ۽ بل پاڻ ادا ڪيائين. ان موقعي تي هن چيو ته آئون عوامي ماڻهو آهيان عوام سان گڏ ئي رهندس ان ڪري بنا پروٽوڪول جي آيو آهيان. ان موقعي تي صوبائي وزير صحت سڪندر ميندرو، پي پي ايم اين اي فقير شير محمد بلالاڻي، پي پي ايم پي پي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ضلع چيئر مين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، ڊپٽي ڪمشنر ٿر پارڪر زمان ناريجو، ايس ايس پي ٿر پارڪر سر فراز شيخ سيميت  ٻيا آفيسر ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا.

 

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانوي ليفٽينينٽ جنرل سرجان لوريمر جي ملاقات

راولپنڊي (م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانوي ليفٽينينٽ جنرل سرجان لوريمر ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران علائقائي سلامتي ۽ گڏيل پيشيوراڻن معاملن تي ڳالهه ٻول ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءِ بابت شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته برطانوي ليفٽينينٽ جنرل سرجان لوريمر جي ايڇ ڪيو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ علائقائي سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سرجان لوريمر دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ خطي ۾ امن جي مضبوطيءَ لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن ۽ ڪاميابين جي ساراهه ڪئي.36

 

ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن کي پنهنجي ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي؛ خورشيد شاهه

اسلام آباد(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن کي پنهنجا ٺهرائڻ تي عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي ان حوالي سان جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ڪشمير مسئلي کي هاڻي پارلياماني ۽ عوامي سياست جو مرڪز بڻجڻ گهرجي. گذريل ڏينهن هتي ڪشمير جرنلسٽ فورم جي انتظام هيٺ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن ۽ والاريل ڪشمير جي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ صورتحال بابت صحيح واري مهم جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلي جي حل جي حوالي سان پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائي. پرڏيهي وزير تي ان حوالي سان قوم جو اعتماد هوندو آهي ان لاءِ هو جرئت ۽ بهادريءَ سان ڳالهه ڪندو آهي. پيپلز پارٽي پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻ چاهي ٿو. ڪشمير مسئلي کي پارلياماني ۽ عوامي سياست جو مرڪز بڻجڻ گهرجي. حڪومت ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران جي مصالحتي آڇن مان فائدو وٺي.

 

چونڊون 2017 ۾ ٿينديون، پاناما اسان جي وزيراعظم جو اسڪينڊل هجي ها ته ان کي ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي ها: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (اين اين آءِ) پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لڳي ٿو ته چونڊون 2017 ۾ ٿينديون ۽ شرط سان چوان ٿو ته جيڪڏهن پاناما ليڪس ۾ اسان جي وزيراعظم جو نالو اچي ها ته هن وقت تائين ان کي ڦاهي ڏني وڃي ها پر پيپلز پارٽي جي حڪومت جي راند به ختم ڪئي وڃي ها، سمجهه ۾ نٿو اچي ته عدالتون تخت رائيونڊ کي ڇو تحفظ ڏئي رهيون آهن، منهنجي ۽ عمران خان جي انداز ۾ فرق آهي، مان عمران خان وانگر ڌمڪي نه ڏئي رهيو آهيان پر پنهنجي منصوبي موجب اڳتي وڌي رهيو آهيان، اسان حڪمرانن جو جمهوري احتساب چاهيون ٿا، جيڪڏهن 27 ڊسمبر تائين مطالبا نه مڃيا ويا ته 27 ڊسمبر تي لانگ مارچ جو اعلان ڪنداسين ان کانپوءِ يو ٽرن نه هوندو، دهشتگردي جي مسئلي تي سياست بدارن ان جي خلاف پريڪٽيڪل پروگريسو اتحاد بڻائيندس، مان عام سياستدان نه آهيان، شهيد جو پٽ آهيان، اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس لاهور ۾ صحافين جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۽ پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته پاناما ليڪس ميگا ڪرپشن اسڪينڊل آهي، وزيراعظم نواز شريف پاناما ليڪس ۾ ملوث ٿيڻ سبب پاڪستان سڄي دنيا ۾ بدنام ٿي چڪو آهي، انصاف فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ هر صورت ۾ احتساب ڪرڻ گهرجي، پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ پانامه ليڪس تي چيو ته پانامه ليڪس ميگا ڪرپشن اسڪينڊل آهي ان چيو ته مان شرط سان چوان ٿو ته جيڪڏهن اسان جو وزيراعطم پانامه ليڪس ۾ ملوث هجي ها ته ان کي ڪڏهن جو ڦاهي تي چاڙهيو وڃي ها اهو ئي نه پر پيپلزپارٽي جي حڪومت کي به ختم ڪيو وڃي ها انصاف فراهم ڪندڙ سمورا قومي ادارا آخر خاموش ڇو آهن هن چيو ته پ پ پ حڪومت هجي ها ته هن وقت تائين کيل ختم ٿي وڃي ها. پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لڳي ٿو ته چونڊون 2017 ۾ ٿينديون ۽ شرط سان چوان ٿو ته جيڪڏهن پاناما ليڪس ۾ اسان جي وزيراعظم جو نالو اچي ها ته هن وقت تائين ان کي ڦاهي ڏني وڃي ها پر پيپلز پارٽي جي حڪومت جي راند به ختم ڪئي وڃي ها، سمجهه ۾ نٿو اچي ته عدالتون تخت رائيونڊ کي ڇو تحفظ ڏئي رهيون آهن، منهنجي ۽ عمران خان جي انداز ۾ فرق آهي، مان عمران خان وانگر ڌمڪي نه ڏئي رهيو آهيان پر پنهنجي منصوبي موجب اڳتي وڌي رهيو آهيان، اسان حڪمرانن جو جمهوري احتساب چاهيون ٿا، جيڪڏهن 27 ڊسمبر تائين مطالبا نه مڃيا ويا ته 27 ڊسمبر تي لانگ مارچ جو اعلان ڪنداسين، انکانسواءِ پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زاري جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن سان ان جي رهائشگاهه تي ملاقات ٿي جنهن ۾ پاناما ليڪس اشو تي مستقبل جي لائحه عمل جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي قمر زمان ڪائرا، نديم افضل چن ۽ چوڌري نويد ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا، چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جهاز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺن، هن چيو ته حادثي سبب متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

اڄ عدالت ۾ ثابت ٿيو ته وزيراعظم ڏوهي ناهي، جمائما چئي چڪي ته هن عمران کي ڪو قرض ناهي ڏنو: ن ليگ

اسلام آباد (م.ڊ) ن ليگ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان عدالت ۾ پهرين ڏينهن وارو موقف اپنايو آهي، عدالت اسان جي موقف جي پوئواري ڪئي ته وزيراعظم پاناما ڪيس ۾ جوابدار ناهي، اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ن ليگ اڳواڻن طارق فضل چوڌري ۽ طلال چوڌريءَ پريس ڪانفرسن ڪئي، جنهن دوران طارق فضل چوڌريءَ جو چوڻ هو ته پاناما ليڪ ڪندڙ فرم به چيو ته نواز شريف جو نالو ان ۾ ناهي، اهو به واضح ٿي ويو آهي ته مريم نواز وزيراعظم جي ڪفالت هيٺ ناهي، وزيراعظم جي ڌيءُ ساڻس گڏ رهندي آهي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته اها سندس ڪفالت ۾ آهي، ٻارن کي تحفا ڏيڻ اسان جي معاشري جا قدر آهن، شروعات ۾ پي ٽي آءِ جي الزام ڪجھه هئا هاڻي ٻيا آهن، مني ٽريل بابت 40 سالن جا وڌ کان وڌ دستاويز عدالت ۾ پيش ڪيا، عدالت به مڃيو ته مريم نواز وزيراعظم نواز شريف جي ڪفالت هيٺ نه آهي، اپارٽمينٽ جي خريداريءَ جو وزيراعظم نواز شريف سان ڪو تعلق نه آهي، ان موقعي تي دانيال عزيز جو چوڻ هو ته 1997ع ۾ وزيراعظم ڪاروباري سلسلي تان هٿ کڻي چڪو آهي، عدالت ۾ اهي ڪمينٽ به پاس ڪيا ويا ته ڪاروبار تان جوابدار ڪيئن ٿو هٿ کڻي سگھجي، مريم نواز جي آمدني سفري خرچن کان گھت ظاهر ڪرڻ وارو بيڪار الزام هنيو پيو وڃي، عدالت ۾ مريم نواز جي انڪم ۽ ٽئڪس ادائيگي به پيش ڪئي وئي، عمران خان بني گالا جي گھر بابت ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، جمائما خان چئي چُڪي آهي ته عمران خان کي ڪڏهن قرض ناهي ڏنو.36

 

پاناما ليڪس هڪ ڌُٻڻ آهي جنهن ۾ حڪمران ٽولي جو جهاز ڦاسي پيو آهي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته الله جو شڪر آهي ته ڪيس جا معاملا درست دڳ تي وڃي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ سڀ کان پهريان جماعت اسلامي ۾ ڪيس داخل ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو هو ته ملڪ مان ڪرپشن جي برائي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ ان معاملي ۾ ڪميشن جوڙي وڃي، جماعت اسلامي کي سپريم ڪورٽ تي مڪمل اعتماد آهي، ان کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن موجود نه آهي، وزيراعظم ڪميشن جي جوڙڻ کانپوءِ پنهنجا سرڪاري اختيار ڦٽا ڪري ته جيئن هو ڪميشن جي ڪارروائي تي اثر انداز نه ٿي سگهي ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ٿين، سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ سراج الحق چيو ته مان محسوس ڪريان ٿو ته پاناما ليڪس سبب حڪومت جو اخلاقي جواز ختم ٿي چڪو آهي، آف شور ڪمپنين سبب حڪمران ٽولو گهڻو بدنام ٿيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاناما ليڪس ۾ جن ماڻهن جو نالو آيو انهن سڀني جو احتساب ٿيو پر شروعات حڪمرانن کان ٿيڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته اپوزيشن ۽ حڪومت جي ٽي اور آرز بدران ڪميشن جي ٽي او آرز سپريم ڪورٽ پاڻ جوڙي، ڇو ته اپوزيشن جو ٽي او آرز پهريان حڪومت نه مڃيو هو ۽ ڪميشن لاءِ وقت مقرر هجڻ گهرجي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ ان معاملي جو فيصلو ٿي سگهي.

 

ملڪ کان ٻاهر ملڪيت بابت مريم نواز جي رڪارڊنگ موجود آ،  جاچ ڪندڙ ادارن سندن ماتحت آهن: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان چيو آهي ته قوم چاهي ٿي ته پانامه ڪيس جو فيصلو عدالت ڪري اصولي ۽ اخلاقي طور تي ووزيراعظم کي استعيفا ڏيڻ گهرجي ڪميشن جي ٺهڻ تي عدالت کان 2 ڏينهن گهريا آهن ٻئي ڏينهن تائين فيصلو ڪندي اربع تي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نوازشريف جي وڪيل عدالت ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ جي وزيراعظم جو خطاب هڪ سياسي بيان هو آئين جي آرٽيڪل تحت وزيراعطم پارليامينٽ کي جوابده آهي ان ڪري جڏهن نوازشريف تي دٻاءُ وڌيو ته هن پارليامينٽ ۾ جواب ڏنو ۽ چيو ته مني ٽرائيل جا سڀ ڪاغذات موجود آهن پر اڄ خبر پئي ته ان وٽ ڪجهه به نه آهي هن چيو ته اسان نئين شئي ٻڌي آهي ته پرچين تي ڪاروبار هو. هتي هزار رپيو عام ماڻهو کي ڪوبه نٿو ڏي پر ان کي اربين رپيا ڪير ڏي ٿو. عمران خان چيو ته عدالت آپشن ڏنو آهي ته ڪميشن جوڙي وڃي يا خود فيصلو ڪري ان ڪري اسان مشوري جي لاءِ ٻه ڏينهن گهريا آهن ٻئي ڏينهن تي هي فيصلو ڪنداسين مشورو ڪنداسين ته جيڪا ڪميشن ٺاهينداسين ان جا ڪهڙا ڪهڙا ٽي او آرز هوندا پر قوم ۽ اسان چاهيون ٿا ته عدالت فيصلو ڪري.