تازيون خبرون

Daily Archives: December 6, 2016

ڪراچي جي هوٽل ۾ باهه، 4 عورتن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار، پرڏيهين ۽ ڪرڪيٽرن سميت 74 ڄڻا زخمي

ڪراچي(اي پي پي)  ڪراچي جي علائقي شاهراهه فيصل تي واقع هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب 4 عورتن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار جڏهن ته 74 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرز ۽ پرڏيهي به شامل آهن، زخمين کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. باهه تي4 ڪلاڪن جي سخت ڪوششن بعد ضابطو آندو ويو. امدادي ڪاررواين ۾ پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪارن حصو ورتو. باهه تي ضابطو آڻڻ بعد رينجرز ۽ پوليس هوٽل جي سيڪيورٽي سنڀالي ورتي. تفصيل مطابق شاهراهه فيصل تي واقع نجي هوٽل ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات ابهه لڳي وئي، 15 کان وڌيڪ فائر برگيڊ جي گاڏين ۽ 2 اسنارڪل 4 ڪلاڪن بعد باهه تي ضابطو آڻي ورتو. چيف  فائر آفيسر فيصل صديقي مطابق 15 کان وڌيڪ فائر برگيڊ جي گاڏين ۽ 2 اسنارڪل 4 ڪلاڪن بعد باهه تي ضابطو آڻي ورتو ۽ هوٽل ۾ ڦاٿل ماڻهن کي به ٻاهر ڪڍيو ويو. فيصل صديقي مطابق هوٽل ۾ سيفٽي الارم ۽ سموگ الارم جون سهولتون موجود هيون پر انهن کي وڄايو  نه ويو جڏهن ته باوجود ڪيترا ئي ڀيرا چوڻ جي ايئر ڪنڊيشنڊ سسٽم کي بند نه ڪيو ويو جنهن سبب دونهون ڊڪ ذريعي پوري هوٽل ۾ ڦهلجي ويو. ان کان علاوه هوٽل جي انٽري گيٽ تي بيريئر لڳڻ سبب فائر برگيڊ جي گاڏين کي ايگزٽ گيٽ مان داخل ٿيڻو پيو جنهن سبب  ريسڪيو اختيارين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ريسڪيو اختيارين مطابق باهه رات جو اٽڪل 3 وڳي شاهراهه فيصل تي واقع هوٽل ريجنٽ پلازه جي ڪچن ۾ لڳي جنهن اک ڇنڀ ۾ هوٽل کي پنهنجي لپيٽ ۾  وٺي ڇڏيو. هر طرف افراتفري جو ماحول هو، ڪيترن ئي ماڻهن  پردن تا لڙڪي لهڻ جي ڪوشش ڪئي. باهه لڳڻ سبب دونهون هر طرف ڦهلجي ويو. ريسڪيو ٽيمون به موقعي تي پهتيون. دونهون ڪڍڻ لاءِ درين جا شيشا به ٽوڙيا ويا، باهه هوٽل جي ڇهين ماڙ تي لڳي جنهن ۾ گهڻي قدر جاني نقصان ساهه ٻوساٽجڻ ۽ لهسجڻ سبب ٿيو، امدادي ڪاررواين ۾ دير ٿي پر شديد دونهين سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي. قائد اعظم ٽرافي کيڏڻ لاءِ ڪراچي ۾ موجود انٽرنيشنل ڪرڪيٽر صهيب مقصود ۽ ٻيا رانديگر به متاثر ٿيا آهن، ڪرڪيٽر ياسم مرتضيٰ ٻين ماڙ تان ٽپو ڏيڻ سبب زخمي ٿي پيو، ڪرڪيٽر ڪرامت علي کي معمولي ڌڪ لڳا،  حادثن واري شعبي جي انچارج ڊاڪٽر سيمي جمالي مطابق فوت ٿيلن ۾ ڊاڪٽر موهن لعل، ڊاڪٽر شير خواجه، ڊاڪٽر رحيم سولنگي، وقاص، حامد، محمد حسين ۽ هوٽل انتظاميه جو الياس بابر شامل آهن جڏهن ته 4 عورتن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر سيمي جمالي مطابق باهه سبب متاثر 5 ماڻهن کي اڃا تائين اسپتال ۾ داخل آهن. هن ٻڌايو ته متاثر 69 ماڻهن کي اسپتال مان ڊسچارج يا ٻين اسپتالن  ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. فيصل ايڌي مطابق هوٽل جي سمورن ڪمرن کي ڪليئر ڪرايو ويو آهي، ان ڏس ۾ پوليس چيف مشتاق مهر مطابق ڪيميڪل ايگزامنر جي رپورٽ اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو،

 

آرمي چيف جي صدر ۽ وزير اعظم سان ملاقات، لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد  (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالڻ کان پوءِ صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نوازشريف سان پهرين ملاقات ڪئي ٻنهي اڳواڻن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني نجي ٽي وي موجب آرمي چيف جي صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نوازشريف سان جدا جدا ملاقات ۾ قومي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي صدر ممنون حسين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي ملڪ ۾ مڪمل امن جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جاري رکڻ جي هدايت ڪئي صدر چيو ته آپريشن ضرب عضب کي به مقصدن کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رکيو ويندو هن جنرل قمر جاويد باجوا جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجود ملڪ جي بچاءُ جي سلسلي ۾ قوم جي اميدن تي پورو لهندو. وزير اعظم نواز شريف سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سلامتي واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وزير اعظم هائوس پهتو جتي هن وزير اعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي واري صورتحال، دهشتگردن خلاف ڪارروائين، آپريشن ضرب عضب ۽ لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي.

 

سياست تي جمهوري قبضو ڪرڻ پنجاب آيو آهيان، 2018 ۾ وزير اعظم پ پ جو هوندو: بلاول

لاهور  (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز ليگ دهشتگردن سان هڪ اين آر او تحت چونڊون کٽيندي رهي آهي ۽ تازو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير توڙي گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ سندن وچ ۾ نئون ڳٺ جوڙ به ظاهر ٿي چڪو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين اهڙو اظهار پاڪستان پيپلزپارٽي جي 49هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ بلاول هائوس لاهور ۾ جاري هڪ هفتي وارين تقريبن جي سلسلي ۾ گلگت بلتستان جي ڪارڪنن ڱي خطاب ڪندي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز ليگ ۽ ان جو وفاقي گهرو وزير نيشنل ايڪشن پلان کي دهشتگردن کي نشانو بنائڻ بدران ان کي سياسي انتقامي ڪاررواين ۽ سياسي ٽارگيٽ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، چوڌري نثار حيڪم الله محسود جي مارجڻ تي رُنو هو ۽ هن نيشنل ايڪشن پلان کي ڊاڪٽر عاصم ۽ ايان علي خلاف ناجائز استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صرف سندس خاندان، پارٽي ۽ سپاهي ئي دهشتگردن خلاف وڙهي رهيا آهن ۽ شهادتون ماڻي رهيا آهن جڏهن ته ٻيا سڀئي نيشنل ايڪشن پلان ۽ دهشتگردي بابت پاليسي تي صرف سياست ڪري رهيا آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين نشاندهي ڪندي چيو ته نواز ليگ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ اسان جي پارٽي جي خلاف دهشتگردن کي سامهون بيهاريو، نوازليگ ڪلين شيو چهرن جي پويان پنهنجي دهشتگردي لڪائي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان وٽ ڀٽو جي طاقت آهي ۽ هُنن وٽ ضياءَ جي طاقت آهي، اسان  ضياءَ کي شڪست ڏني، اسان مشرف کي هارايو، پاڪستان پيپلزپارٽي نوازشريف کي ڪيترائي ڀيرا شڪست ڏني آهي ۽ 2018ع جي عام چونڊن ۾ به کيس شڪست ڏيندي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ٻيهر تبديلي جي سفر ۾ ميدان ۾ ٽپو ڏنو آهي ۽ پنجاب ۾ پنهنجوجمهوري اسپيس ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو هتي لاهور ۾ لٿل آهي، هن چيو ته سي پيڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو آئيڊيا هو جڏهن ته صدر آصف علي زرداري گوادر پورٽ چين حوالي ڪري ان آئيڊيا کي هڪ ويزن ۾ منتقل ڪيو،ان موقعي تي ڳالهائيندي گلگت بلتستان جي اڳوڻي گورنر قمرالزمان قائره چيو ته نوازليگ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ چونڊون چوري ڪيون ،هن مطالبو ڪيو ته چئني صوبن سان گڏ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرايون وڃن، قمر الزمان قائره چيو ته اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو جنهن گلگت بلتستان مان سرداري نظام جو خاتمو آڻي عام  ماڻهو کي بااختيار بڻايو پر نوازشريف اتي ٻيهر سردارن کي بحال ڪري غريب عوام کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مهدي شاه چيو ته اسان جي علائقي جي ماڻهن صرف ۽ صرف پيپلزپارٽي جي حڪومتن ۾ پنهنجا جائزحق حاصل ڪيا آهن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت بلتستان ريجن کي صوبي جو رتبو به ڏيندي، هن نشاندهي ڪندي چيو ته صدر آصف علي زرداري خاموشيءَ سان سي پيڪ جو بنياد وڌو، مهدي شاهن نواز حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سي پيڪ منصوبي ۾ گلگت بلتستان جي عوام لاءِ حقن کي يقيني نه بڻايو ويو ته اتان جو عوام پنهنجي علائقي مان سي پيڪ روٽ کي گذرڻ نه ڏيندو،ان کان اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صدر امجد حسين چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گلگت جي روايتي ٽوپي ۽ چوغو پارايو،تقريب ۾ اڳوڻن وزيراعظمن سيد يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاه، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاه، سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا، ان موقعي تي گلگت بلتستان جي روايتي موسيقي به پيش ڪئي وئي.

 

نظام جي بهتري لاءِ اختيارين جو جيل ڀوڳڻ لازمي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م.ڊ)  سپريم ڪورٽ روينيو بورڊ جا معاملا  التويٰ جو شڪار هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته وزير اعظم هائوس جا معاملا ڪير به ٻيو هلائي رهيو آهي، پر  ان معاملي جي نواز شريف جي فرشتن کي به ڄاڻ ناهي، نظام جي بهتري لاءِ اختيارين جو جيل ڀوڳڻ لازمي آهي. جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ فيڊرل روينيو بورڊ جي انڪم ٽئڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته روينيو جا معاملا  عدالت ۾ التوا هيٺ هئڻ سبب اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. عدالت چيو ته جيستائين اختياريون جيل نه ڀوڳينديون، تيستائين نظام جي بهتري جي اميد نٿي ڪري سگهجي. اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته ايف بي آر فرضن ۾ ڪوتاهي تي چيف ڪمشنر تنوير احمد کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته جاچ لاءِ وزير اعظم کي آفيسر مقرر ڪرڻو آهي. جسٽس امير هاني مسلم چيو ته وزير اعظم جاچ آفيسر مقرر ڇو نه ڪري رهيو آهي، وزير اعظم هائوس جا معاملا ڪير ٻو پيو هلائي، پر ان معاملي جي وزير اعظم جي فرشتن کي به ڄاڻ ناهي. عدالت جاچ آفيسر جي مقرري جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

مراد علي شاهه صوبي ۾ سمورين هوٽلن جي ڇنڊ ڇاڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حڪم ڏنو آهي ته سمورن هوٽلن، فيڪٽريون ۽ اهڙن ٻين سمورن ادارن ۾ حفاظتي انتظامن تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ڪندا ته انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه مقامي هوٽل ۾ باهه لڳڻ جنهن نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿيا ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ واري واقعي بعد وزيراعليٰ هائوس ۾ هنگامي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اها باهه ڪالهه رات پوڻي ٽي وڳي هوٽل جي ڪچن ۾ لڳي، فائر برگيڊ جي ٽيم وقت تي اتي پهتي هئي ۽ باهه وسائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. هوٽل ۾ دونهون تمام گهڻو گڏ ٿي ويو هو، جيڪو مختلف رستن ۽ سينٽرل ايئر ڪنڊيشن سسٽم ذريعي هوٽل جي هر هنڌ پکڙجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهو ساهه ٻوساٽجڻ ڪري فوت ٿيا ۽ ڪجهه ماڻهن پنهنجن ڪمرن جي درين کان هيٺ ٽپا ڏنا جنهن ڪري زندهه نه بچي سگهجيا. وڏي وزير کي ٻڌايو ته هوٽل جو باهه وسائڻ جي اوزارن جو معائنو سال 2015ع جي آخر ۾ ٿيو هو، تنهن تي وڏي وزير هن کي چيو ته اهو هر ٽن مهينن بعد ڇو نه ٿيو؟ جڏهن ته اهو معائنو هر ٽن مهينن کانپوءِ ڪرڻ لازمي آهي. ان تي سندس ٻڌايو ويو ته هوٽل انتظاميا ان سلسلي ۾ سهڪار نه ڪيو هو. وڏي وزير ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته هُو هڪ تفصيلي جاچ ڪري ته سول ڊفينس جو کاتو باهه وسائڻ وارن اوزان جو معائنو جي انسپيڪشن ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام رهيو؟. هن چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ کي حڪم ڏنو ته هو اسسٽنٽ ڪمشنرز، مختيار ڪار ۽ ڪي ايم سي جي فائر آفيسرن، اليڪٽريڪل انسپيڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا هر هڪ هوٽل، فيڪٽري ۽ اهڙيون ٻيون جايون جتي عمارتن جو معائنو ڪن ته جتي هنگامي حالت ۾ حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن يا نه ۽ جيڪڏهن رپورٽ ناڪاري اچي ته باهه وسائڻ جي اوزارن، ايمرجنسي گيٽ لڳائڻ وغيره جنگي بنيادن تي ڪيا وڃن. هن چيو ته انسپيڪشن جو مطلب انسپيڪشن هئڻ گهرجي، نه وري هراسان ڪيو وڃي ۽ هن کي 48 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، هن هر هڪ تي اها ڳالهه واضح ڪندي ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو کي هدايت ڪئي ته هُو اسنارڪل جي خريداري ۽ شوٽر جيڪي عمارت جي مٿين منزلن کان ماڻهن کي سلائيڊ ذريعي ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن، ان جي خريداري جي ڪم کي به تيز ڪيو وڃي. صوبائي وزير ڄام خان شورو وڏي وزير کي سفارش پيش ڪئي ته هر هڪ هوٽل ۽ فيڪٽري جو انسپيڪشن ٿرڊ پارٽي جيڪا حفاظتي انتظامن کي آءِ ايس او سرٽيفڪيٽشن مطابق يقيني بڻائي سگهي سان ڪرائن. وڏي وزير ان صلاح جي منظوري ڏيندي چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته قانون ۾ جيڪڏهن ضرورت آهي ته ضرور ترميم ڪرائي، هن اها به تجويز پيش ڪئي ته هوٽل ۽ فيڪٽرين کي اهو لازمي قرار ڏنو وڃي ته پنهنجن حفاظتي انتظامن جو پنهنجي خرچ تي معائنو ڪرائن، جيئن ته سي اين جي اسٽيشن ڪرائيندا آهن. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو ان تجويز جو جائزو وٺي ۽ سندس سفارشون پيش ڪري.

 

افغانستان ڀارت سان عارضي دوستي خاطر ايترو اڳتي نه وڃي جو واپسي ڏکي ٿئي: خورشيد شاهه

سکر/لاهور (م.ڊ/اين اين آءِ) سکر(ع آنيوز) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته افغانستان ڀارت سان عارضي دوستي خاطر گھڻو اڳتي نه نڪري. هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ افغانستان جي صدر جي تڪراري بيان تي رد عمل ڏيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪو به ملڪ خوشامد سان دنيا ۾ وقار ۽ مقام حاصل نٿو ڪري سگھي.افغاني صدر ڀارت سان عارضي دوستي ۾ ايترو اڳتي نه نڪري جو واپسي ڏکي ٿي پوي. هن چيو ته لکين پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏني ۽ دهشتگردي جو ميدان بڻجي ويا سين، پر پوءِ به اسان يت دهشتگردي جو الزام هنيو ٿو وڃي. هن يچو ته اسان افغانستان کي برادر ملڪ جي حيثيت سان رکيو ڪڏهن به الزام نه هنيو. ٻئي طرف  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته چئن مطالبن جي لاءِ نڪرنداسين ته عمران خان وانگر گهر نه ويهداسين بلاول ڀٽو زرداري ضمني چونڊون پيپلزپارٽي پارليمينٽرين جي ٽڪيٽ تي وڙهندو ۽ منهنجي جڳهه اپوزيشن ليڊر بڻجندو اپوزيشن جو ساٿ پي ٽي آءِ ٽوڙيو آهي شاهه محمود قريشي سان رباطو ڪيو آهي پر اپوزيشن جو اتحاد عمران خان جي رويي تي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو سيد خورشيد شاهه چيوت ه بلاول ڀٽو جي ضمني اليڪشن جي لاءِ ٻن پارٽين جي اپوزيشن سبب قانوني ڏکيائيون سامهون آيون آهن قانوني ۽ ٽيڪنيڪي پهلوئن جو جائزو وٺنداسين پر اهو طئي آهي ته بلاول ڀٽو پارليمينترين جي ٽڪيٽ تان ئي اليڪشن وڙهندو مون کي فخر هوندو ته بلاول ڀٽو کٽي اسيمبلي ۾ ايندو ۽ منهنجي جاءِ تي اپوزيشن ليڊر بڻجندو هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري منهنجو ليڊر آهي ان کي پنهنجي جاءِ تي اپوزيشن ليڊر جي سيٽ ڏيئي خوشي ٿيندي ڇو ته اها ڀٽي خاندان جي امانت آهي.

 

عمران خان روز نوان بيان ڏئي رهيو آهي، سندس ڀر ۾ ويٺل سيڪريٽري جنرل ڪرپشن پيو ڪري: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان جي جواب ۾ نئين رام ڪهاڻي آئي آهي عمران خان چوي ٿو ته هن 300 ايڪڙ ايراضي خريد ڪرڻ لاءِ جمائما کان قرض ورتو هو پر جمائما خان بيان حلفي ڏنو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اها زمين عمران خان پاڻ خريد ڪئي ۽ منهنجو نالو اڻڄاتل ڪيو عمران خان جي بيانن ۾ تضاد نطر اچي رهيو آهي عمران خان جي نااهلي ريفرنس جي ٻڌڻي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته وڏي عرصي کان پوءِ عمران خان پاران جواب جمع ڪرايو ويو پر وڪيل نه آيو هن چيو ته عمران خان آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسي ۽ پوءِ الزام مڙهي هن چيو ته عمران خان لنڊن ۾ شادي ۾ شرڪت لاءِ نه پر جمائما خان جي پاور آف اٽارني کي ٽوڙڻ لاءِ ويو هو. هو ٻڌائي ته جمائما جي باري ۾ ڪوڙ ڇو ڳالهايو.

 

حڪمران پنهنجي خلاف اٿيندڙ هر آواز کي دٻائڻ چاهين ٿا: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران پنهنجي خلاف هر اٿندڙ آواز کي دٻائڻ چاهين ٿا، وزيراعظم صاحب وساري ڇڏيو آهي ته جڏهن ان جي پارٽي جي ماڻهن به ان جو ساٿ ڇڏي ڏنو هو ته ميڊيا ان جو آواز بڻيو هو، ڊڪٽيٽرن جي ڪڇ ۾ پرورش حاصل ڪندڙ حڪمرانن جي سياست جي ترز آمراڻي آهي، ڪنهن هڪ ماڻهو جي غلطي جي سزا سموري چينل جي ملازمن کي ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي، نئين نيوز کي بحال ۽ ٻين چينل کي ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته لکين ماڻهن سان حڪمرانن خلاف احتجاج ڪنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيو نيوز، سچ نيوز ۽ 92 نيوز سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مال روڊ لاهور تي صحافين ڪارڪنن جي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ميڊيا قوم جون اکيون، ڪن ۽ زبان آهي، چينل تي پابندي قوم جي اکين تي پٽي ٻڌڻ ۽ زبان ڪٽڻ جي برابر آهي، چينل کي بند ڪري حڪومت لکين صحافي ڪارڪنن جو معاشي قتل عام ڪري رهي آهي، هن چيو ته مرڪز ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت آهي، اسان گهٽ ۾ گهٽ ميان ڀائرن کان اها اميد نه رکي هئي ته هو ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ جي ڪنهن به جرم ۾ شريڪ ٿيندا، ڇو ته هو سٺي طرح ڄاڻي ٿو ته جڏهن ان جا پنهنجا به ساٿ ڇڏي ويا هئا ته ميڊيا ئي ان جو ساٿ ڏنو ۽ ان کي عوام ۾ زنده رکيو هو، هن چيو ته ميڊيا هميشه مجبور ۽ محروم عوام جي حق ۾ آهي ۽ ان جو آواز بلند ڪيو آهي، ڪروڙين عوام انهن سان گڏ آهي.

 

حافظ آباد ،نياڻي فائرنگ ڪري سس، سهري ۽ زال سميت 5 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو، پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

حافظ آباد (اين اين آءِ) حافظ آباد جي تعلقي پنڊي ڀٽيان جي علائقي شوري مانيڪا ۾ گهرو اڻبنت سبب نياڻي فائرنگ ڪري سس سهري ۽ زال سيمت 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، جوابدار جي فائرنگ سان ان جون 2 ٻارڙيون سخت زخمي ٿيون آهن جن کي الائيڊ اسپتال پهچايو ويو آهي، تفصيل موجب محمد منشا هڪ قتل ڪيس ۾ جيل ۾ رهڻ کانپوءِ اٽڪل 2 مهينا اڳ آزاد ٿيو هو، جيل ۾ رهڻ دروان ان جي زال بطول بي بي پنهنجي ٻارڙن کي گڏ وٺي پيڪي هلي وئي هئي، جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ محمد منشيا ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ساهرن کي زال ۽ ٻارڙا واپس گهر اچڻ لاءِ چيو پر ان جي ساهرن زال ٻارڙن کي ان سان گڏ موڪلڻ تي راضي نه ٿيا، جنهن تي ساهرن ۽ محمد منشا ۾ گذريل ڪيترن ڏينهن کان جهيڙو جاري هو، ان جهيڙي تي محمد منشا پنهنجي سهري محمد بشير جي گهر رات وقت اچي ان تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا سهرو بشير احمد، سس جنت بي بي، زال بطول بي بي ، سالي فوزيا، سالو نصر موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته جوابدار پاڻ تي به فائرنگ ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

 

وادي تيره ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن سان ڪيل بمباري ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي (اين اين آءِ) خيبر ايجنسي جي علائقي واڌي تيره ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن سان ڪيل بمباري ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا ذريعن موجب آچر تي راجڳل ۾ سيڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن سان شدت پسندن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا. هوائي ڪارروائي ۾ دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا به تباهه ٿي ويا ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل لشڪر اسلام سان آهي.