تازيون خبرون

Daily Archives: December 3, 2016

ڀارت کي سبق سيکارڻ لاءِ پاڪ فوج جا جوان تيار رهن: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لائين آف ڪنترول تي مقرر فوجين کي هدايت ڪئي ته ڀارت پاران ڪنهن به قسم جي خلاف ورزي جو پوري طاقت سان ڀرپور جواب ڏنو وڃي چوڪسي جي بلند ترين سطح هر وقت قائم رکي وڃي خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪرڻو پوندو آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا جمعي تي 10 هيڊڪواٽر راولپنڊي ۽ لائين آف ڪنٽرول تي مورچن جو دورو ڪيو آرمي چيف کي لائين آف ڪنترول تي ڀارت پاران سيز فائر جي خلاف ورزين جي تنازر ۾ سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال ۽ پاڪستان جي ردعمل جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي جنرل قمر جاويد باجوا آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي آپريشنل تياريون ۽ سيز فائر جي خلاف ورزي تي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو آرمي چيف هدايت ڪئي ته چوڪسي جي بلند ترين سطح هر وقت قائم رکي وڃي. ۽ ڪنهن به نوعيت جو خلاف ورزي جو پوري طاقت سان ڀرپور انداز ۾ جواب ڏنو وڃي.

 

نيشنل ايڪشن پلان نه پر ن ليگ ايڪشن پلان ناڪام ٿي ويو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (اين اين آءِ) پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردري چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان نه پر (ن) ليگ ناڪام اليڪشن پلان بڻجي چڪو آهي گو نثار گو نعرو سنڌ بلوچستان ڪي پي ڪي فاٽا يا ڏکڻ وزيرستان کان نه پر لاهور تڪ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01
کان گونجي رهيو آهي جيڪڏهن 27 ڊسمبر تائين اسان جا 4 مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته پوءِ گو نثار گو نواز گو جي نعرن ۾ تبديل ٿي ويندو. توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي جو سي پيڪ ۽ وڌيڪ قومي منصوبن جي لاءِ دنيا مان ملندڙ پئسو ميٽرو ٽرين تي ضايع نه ڪيو پر پهريان صاف پاڻي صحت تعليم ماني ڪپڙو ۽ گهر ڏيو اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن بلاول هائوس لاهور ۾ 49هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ ڏکڻ پنجاب جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي بختاور ڀٽو يوسف رضا گيلاني مخدوم احمد محمود سردار لطيف کوسو شيرين رحمان سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو هن چيو ته مان ڏکڻ پنجاب جي ڪارڪنن کي بلاول هائوس لاهور اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو هن چيو ته اسان پارٽي جي يوم تاسيس جي تقريب ۾ شريڪ آهيون ان لاءِ اسان کي خوش ٿيڻو آهي هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته ذوالفقارعلي ڀٽو شهيد محترمه بينظِر ڀٽو شهيد بيگم نصرت ڀٽو شهيد اڄ ڏينهن تائين زنده آهن شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو به زنده آهن. انهن کي خوف آهي ته مان صرف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پٽ آهيان مان شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جو ڏهٽو آهيان پر رائونڊ تخت وارا ان کان به ڊڄن ٿا ته بلاول ڀٽو زرداري مير مرتضيٰ ڀٽو جو به ڀاڻيجو آهي هن چيو ته مان تنگ اچي ويو آهيان ته نيشنل ايڪشن پلان جو حال سڀني ڏٺو آهي توهان ڄاڻو ٿا ته اهي ڪيترا خطرناڪ ماڻهو آهن اهي اسان جي ٻارڙن ۽ مستقبل سان ڇا ڪري رهيا آهن شهيد بي بي ان سان وڙهندي پنهنجي جان ڏني آرمي پبلڪ اسڪول جا ٻارڙا جان ڏيئي انهن جو مقابلو ڪري رهيا آهن ملاله جهڙي نياڻي انهن سان وڙهي ٿي پر غيرتمند رائونڊ وارا بهادر چوڌري نثارعلي خان ان سان وڙهڻ ته پري پر ان جي خلاف ڳالهائڻ لاءِ به ڪو تيار نه آهي.

 

صحافت جي آزادي ۾ ذميواري جي حد اسان خود مقرر ڪنداسين: مريم اورنگزيب

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪري رهي آهي ايندڙ سال صحافين جي تحفظ جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو جمعي تي مريم اورنگزيب سي پي اين اِي جي پروگرام ميٽ دي ايڊيٽرز کي خطاب ڪندي چيو ته پرنٽ ميڊيا اڄ تائين ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي هن چيو ته دنيا جي گهٽ ملڪن ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ قانون موجود آهي موجوده حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ قانون جوڙي رهي آهي هن چيو ته ايندڙ سال صحافين جي تحفظ جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو هن چيو ته صحافين جي اداري وار تربيت تي ڌيان ڏيئي رهيا آهيون هن چيو ته وزيراعظم صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿو صحافت جي آزادي ۾ ذميواري جي حد اسان خود مقرر ڪنداسين هن چيو ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان کي به فعال ادارو بڻائينداسين هن چيو ته صحافت جي آزادي ۾ قانون تي به عمل درامد ضروري آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ به ايڊيٽوريل ڪميٽي بحال ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته آزاد ميڊيا سول سوسائٽي جي عڪاسي ڪري ٿي.

 

سنڌ حڪومت جي خزاني ۾ 132 ارب رپين کان وڌيڪ گھوٻين جو انڪشاف

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ حڪومت جي خزاني ۾ 132 ارب رپين کان وڌيڪ گھوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف آڊيٽر جنرل پاڪستان جي رپورٽ ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سال 16-2015ع دوران سنڌ حڪومت جي ناڻي ۾ 35 ارب رپين جون گھوٻيون سامهون آيون آهن، جڏهن ته پگھار، پينشن، قرض، ايڊوانس جي مد ۾ ادائيگين ۾ 25 ارب رپين جون بي ضابطگيون ڏٺيون ويون.  آڊيٽر جنرل آف پاڪستان سال 16-2015ع جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هڪ سال دوران سنڌ حڪومت پاران 132 ارب رپين جي بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پگھارن ۽ پينشن سميت ڪو به کاتو اهڙو ناهي جنهن ۾ ڪروڙين يا اربين رپين جي گھوٻي سامهون نه آئي هجي. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز موجب آڊٽ رپورٽ موجب رليک بجيٽ مان 8 ارب رپيا اضافي خرچ ڪيا ويا ۽ سنڌ حڪومت پنج ارب رپين جو رڪارڊ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. 147 ميلن رپين جي غير ضروري خرچ جي به نشاندهي ٿي آهي. آڊٽ رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته زراعت ۾ من پسند شگر ملن کي نوازڻ لاءِ ضابطن جي ابتڙ 3 ارب رپين جون ادائگيون ڪيون ويون، جڏهن ته بلڊوزر هلڻ کان سواءِ ئي 26 ملين رپين جو خرچ ڏيکاريو ويو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب اوقاف کاتي ۾ درگاهن، عرس جي نالي تي قومي ناڻي کي 51 ملين رپين جو نقصان پهچايو ويو آهي، توانائي واري کاتي ۾ ب وڏيون گھوٻيون سامهون آيون آهن. رپورٽ موجب ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر ۾ آر او پلانٽس آپريشنل ڪرڻ کان سواءِ ئي لکين رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون جڏهن ته ٽيوب ويلن جي خريداري جي منصبي ۾ به 62 ارب رپين جون بي ضابطگيون ٿيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته من پسند ڪمپنين کي سيلز ٽيڪس جي ادائيگي کان سواءِ ادائگيون ڪيون ويون آهن. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب ايڪسائيز پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ ناڪام رهيو ۽ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته پروفيشنل ٽيڪس، انفراسٽرڪچر جي مد ۾ سرڪاري ناڻي کي 25 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو ويو آهي. 37

 

قطري شهزادي جي خط کانپوءِ ممڪن آهي ته ڏاڏي جي سون واري ديڳ به اچي وڃي: خورشيد شاهه

لاهور (م.ڊ)  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته قطري شهزادي جي خط کانپوءِ ممڪن آهي ته ڏاڏي جي ديڳ به اچي وڃي، جنهن ۾ سون هو، خط اچڻ تي اخلاقي فيصلو اچي چڪو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته قوم پاناما جي معاملي تي ڇا فيصلو ڏئي ٿي، پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀٽو جي دور ۾ پاڪستان پوري اسلامي دنيا جي اڳواڻي ڪندو هو، افسوس اڄ پاڪستان جو وزيراعظم هڪ شهزادي جي خط جو محتاج آهي ۽ وزيراعظم کي پاڻ کي بچائڻ لاءِ قطري شهزادي جي خط جي ضرورت پئي، پاناما ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهي، اهو نه ٿو چئي سگهان ته وزيراعظم بچي سگهندو يا نه.

 

جنرل زبير محمود حيات سان چيني سفير جي ملاقات، اسٽريجنگ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق

راولپنڊي (اين اين آءِ) چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات سان چيني سفير جي ملاقات دوران اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات سان چين جي سفير سون وي ڊونگ جمعي تي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ٻطرفوڳالهين دوران ڌرين اهو عزم ڪيو ته پاڪستان ۽ چين فولادي ڀائر ۽ هر سٺي ۽ خراب وقت جي دوست جي حيثيت سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندا رهندا.

 

وڏي وزير پاران نيو سنڌ سيڪريٽريٽ جو دورو ، آفيسرن جي غير موجودگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي( اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن صبح جو نيو سنڌ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو ۽ آفيسرن جي غير موجودگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته آفيسر ساڍي نائين وڳي تائين آفيس نٿا پهچي سگهن ته پوءِ بهتر آهي ته اهي گهر ويهي رهن. وڏي وزير نيو سنڌ سيڪريٽريٽ جي پهرئين ماڙ کان ستين ماڙ تائين سيڪريٽرين جي آفيسن جو دورو ڪيو ۽ آفيسرن جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ چيو ته هاڻي سڀ سڌا ٿي وڃن نه ته انهن خلا سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته هاڻ ڪنهن به قسم جي سستي ۽ ڪاهلي نه هلندي آفيسر ساڍي نائين وڳي تائين آفيس ۾ پهچن نه ته گهر ويهي رهن.

 

سمورا رياستي ادارا شريف خاندان جا غلام بڻجي ويا آهن:عمران خان

پشاور (اين اين آءِ) چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان ڪالام ۾ 84 ميگاواٽ مٽلتان هائڊرو پاور منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو پن بجلي جو ايترو وڏو پراجيڪٽ ڪنهن صوبائي حڪومت شروع نه ڪيو آهي ڪالام ۾ عمران خان ۽ وڏي وزير پرويز خٽڪ منصوبي جو افتتاح ڪيو آهي جيڪا صوبائي حڪومت جو توانائي جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي منصوبي سان صوبائي آمدني ۾ اربين رپين جي واڌ ٿيندي ۽ صوبي جي نوجوانن کي روزگار به ملندو مٽلتان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان عوام کي سستي بجلي ملندي ان موقعي تي عمران خان (ن) ليگ ۽ وزيراعظم جو نالو وٺڻ بغير چيو ته اربين رپين جا اثاثا ٺاهيا ويا پر ان جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي رياست جا سمورا ادارا ان جا غلام بڻيل آهن ڪپتان ڪالام ۾ 84 ميگاواٽ جي پن بجلي منصوبي جي پيڙهه رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪرپشن ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي جنهن سبب سهولتڪار پرڏيهي ملڪ منتقل ٿي رهيا آهن.

 

ڪشمير جي تڪرار سبب خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڪشمير فلسطين ۽ برما سميت سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي گجر ۽ موري وانگر ڪٽيو پيو وڃي پر گڏيل قومون ۽ عالمي برادري ان قتل عام تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. ڪشمير تڪرار هجڻ سبب خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي خطو ڪنهن به وقت تباهه ٿيندڙ ايٽمي جنگ جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو ڀارت جون اڳرايون ايل او سي ۽ بارڊر تي هر روز فائرنگ معمول بڻجي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن اها جنگ شروع ٿي ته ڪنهن هڪ علائقي تائين محدود نه رهندي حڪمران ڀارتي اڳرائي کان عالمي برادري کي آگاهه ڪرڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ ۾ ناڪام رهيا آهن مشرف پنهنجي بچاءُ جي ڪوششن ۾مصروف آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن دير جي علائقي ميدان ۾ جمعي جي نماز جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مسلمان ظلم جو شڪار آهن پر گڏيل قومون ۽ عالمي برادري مسلمانن جي خلاف ٿيندڙ ظلم تي خاموش تماشائي بڻيل آهن ڪشمير ۾ ڀارت ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ ۽ انهن کي حق خود اراديت جي مطالبي کان روڪڻ لاءِ ڀارتي فوج ڪشميرين کي ڳولي ڳولي قتل ڪري رهي آهي ۽ عام شهرين کي ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ڪشميري عوام کي مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ جي اجازت نه آهي اهڙين حالتن ۾ عالمي برادري جو فرض آهي ته هو ڪشمير فلسطين ۽ برما ۾ مسلمانن جي قتل عام جو نوٽيس وٺي.

 

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ محمد انار خان کي بري ڪرڻ جي همٿ نه هئي : سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م.ڊ) سپريم ڪورٽ قتل جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جوابدار محمد انار خان کي شڪ جو فائدو ڏيندي بَري ڪيو ويو آهي. ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي، بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ڦاهي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو هو. جسٽس آصف سعيد کوسا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقع تي هُن جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ڏنا ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ محمد انار خان کي بري ڪرڻ جي همٿ نه هئي، ائين ئي جوابدار سڄي ڄمار قيد ۾ گذاري ڇڏي ها، بدقسمتي سان ڪوڙي ڪيس خلاف ڪارروائي نه ٿيندي آهي.  هن ڪيس بابت چيو ته ٻن ايڪڙن جي ڏُوري تي رهندڙ هُل ٻڌي ٿڏي تي ڪين پهتا؟ شاهدت قاتل کي ٿڏي تي ڏسي پڪڙڻ جي زحمت به نه ڪئي. واضح رهي ته جوابدار تي منڊي بهاؤالدين جي ٿاڻي قادرآباد تي قتل جو ڪيس داخل ٿيل هو. 37