تازيون خبرون

Daily Archives: December 2, 2016

سپريم ڪورٽ حڪومت کي 2 مهينن اندر مردم شماري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مردم شماري ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي واضح ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ وٽ وزيراعظم کي طلب ڪرڻ کان سواءِ ڪوبه رستو نه آهي ست ڊسمبر تائين حتمي تاريخ ڏني ويئي نه ته وزيراعظم کي عدالت ۾ گهرائينداسين لکت طور ٻڌائي ته مردم شماري 15 مارچ کان 15 مئي تائين ٿيندي جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته جمهوري نظام جو دارومدار مردم شماري تي آهي مردم شماري نه ڪرائي پوري ملڪ سان مذاق ڪيو پيو وڃي. مردم شماري ٿيندي ته نوان تڪ ٺهندا. خميس تي مردم شماري ۾ دير بابت سپريم ڪورٽ پاران پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي اڳواڻي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته مردم شماري بابت وزيراعظم جي صحيحن سان حتمي لکتي تاريخ ڏي جمهوري نظام جا دارومدار مردم شماري تي آهي مردم شماري نه ڪرائي سڄي ملڪ سان مذاق ڪيو پيو وڃي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته عدالت جيڪا چاهي اها تاريخ ڏي مردم شماري لاءِ تيار آهيون سپريم ڪورٽ حڪومت کي 15 مارچ کان 15 مئي 2017 جي وچ ۾ مردم شماري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

چوڌري نثار جي وزير اعظم سان ملاقات، ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد(م.د) وزير اعظم نواز شريف سان وفاقي گهر وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سلامتي واري صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. چوڌري نثار برطانيا جي دوري کان واپسي کان پوءِ وزير اعظم سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران امن امان ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، ارمي چيف جي حاليه تبديلي سميت مختلف معاملن تي پڻ ويچاريو ويو،. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ هلندڙ تبديلين ۽ مختلف مسئلن تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ وزير اعظم چوڌري نثار کان صحت بابت به پڇاڻو ڪيو، واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار برطانيا پنهنجو علاج ڪرائڻ ويو هو، جتان واپسي بعد هن وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

 

ڀارت جو پاڪستان بنگلاديش سرحد سان سمارٽ باڙ لڳائڻ جو اعلان

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارت پاڪستان ۽ بنگلاديش جي سرحدن سان ڪيترن ئي تحن تي مشتمل سمارٽ بار لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن جي اڏاوت ايندڙ سال شروع ڪئي ويندي ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارت جي بارڊر سيڪيورٽي فورس بي ايس ايف جي ڊي ڊي ڪي ڪي شرما ٻڌايو ته سمارٽ باڙ جي اڏاوت سان فوجي پيٽرولنگ جي ضرورت نه هوندي هن چيو ته باڙ جي اڏاوت 2017 جي آخر تائين شروع ڪئي ويندي. ڊي جي بي ايس ايف موجب مضبوط بارڊر مئنجمينٽ سسٽم جي تنصيب جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي هي سيڪيورٽي رنگ ريگيولر باڙ ۽ ليزر هڪ تي مشتمل هوندا جڏهن ته سيڪيورٽي ونگ عبور ڪرڻ تي الارم وڄندو جنهن تي زميني فورس فوري طور تي ڪارروائي ڪندي ڪي ڪي شرما چيو ته سرحدن جي ذريعي داخلا سان منن ڏيڻ لاءِ اسرائيل کان ٽيڪنالوجي حاصل ڪئي ويندي.

 

مردم شماري پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪي وزير چيو آهي ته هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو مردم شماري آهي جنهن کان سواءِ صحت ۽ تعليم بابت صحيح ڊيٽا حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي شهري پاليسي بنائڻ ۽ ڪچي آبادين جو مسئلو حل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو مردم شماري آهي ۽ ان کان سواءِ تعليم ۽ صحت بابت صحيح ڊيٽا حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ سيڪيورٽي نه هجي ها ته ٻارڙا اسڪول نه ويندا فاٽا اتر وزيرستان ۽ ڏکڻ پنجاب جهڙن علائقن ۾ پوليو ڪيس وڌيڪ آهن. ايندڙ حڪومت به اسان جي هوندي هن چيو ته پائيدار ترقي جي حدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ميديا جو ڪردار اهم آهي هن چيو ته ميڊيا مسئلن تي حڪومت جي اڳواڻي لاءِ معاون جو ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.

 

 وزير اعظم کي عوام جو ڪَهڪاءُ ناهي، بلاول عمران کان سٺو سياستدان آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته  پاناما معاملي تي قطري شهزادي جي خط کانپوءِ شڪ ۽ شبها وڌي ويا آهن. اسان کي خبر آهي ته پاناما معاملو ڪهڙي طح کڻي هلڻو آهي. هڪ انٽرويو ڏيندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته وزير اعظم نواز شريف کي عوام جو ڪَهڪاءُ ناهي، بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کان سٺو سياستدان آهي. هن چيو ته حڪومت اسان جا 3 مطالبا مڃي رهي آهي ته چوٿون ڇو نٿي مڃي؟ هن چيو ته اسين سڀ حڪومت لاءِ نه پيا ڪريون. قطر جي شهزادي پاران لکيل خط کانپوءِ شڪ ۽ شبها ختم ٿي ويا آهن. اسان کي خبر آهي ته پاناما معاملي کي ڪهڙي طرح کڻڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي پارليامينٽ ٺهندي ۽ ڊهندي ڏٺو آهي. اسان جمهوريت لاءِ وڙهيا آهيون. عمران خان تحريڪون ناهن ڏٺيون. هن چيو ته عمران خان جي سياست رڳو وزير اعظم ٿيڻ لاءِ آهي. سندس پاليسين نواز شريف کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جي ڪري اسين ڀارت خلاف آواز اٿاري نٿا سگھون. پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جو ذميوار نواز شريف آهي.

 

بلوچستان ۾ پ پ جون تنظيمون بڻايون وينديون، 2018جي چونڊن ۾ پ پ بلوچستان ۾ ڪامياب ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪوئيٽا(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي بلوچستان ۾ پ پ جون تنظيمون بڻايون وينديون، 2018جي چونڊن ۾ پ پ بلوچستان ۾ ڪامياب ٿيندي. بلوچستان ۾ ورڪر ڪنونشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان جو ايندڙ وڏو وزير پ پ جو هوندو، سي پيڪ ۾ صوبن جي حق ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي ڪير به ڪا به ڳالهه نٿو ڪري جڏهن ته پنجاب جا سي پيڪ جي حمايت ۾ کوڙ بيان اچي رهيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي اهم فيصلا بلوچن کان لڪايا ويا آهن، بلوچستان ڪجهه وزير چور دروازي کان نواز شريف سان ڊيل ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي صوبائي حڪومت بلوچ عوام جي بدران تخت رائيونڊ سان وفادار آهي.  پ پ بلوچستان جي عوام جو جمهوريت تي اعتماد بحال ڪندي.

 

مراد علي شاهه جي شهباز شريف سان ملاقات، بين الصوبائي ڀائيچاري کي وڌائڻ تي اتفاق

لاهور (اين اين آءِ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ صوبن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي وڏن وزيرن صوبي جي سطح تي هم آهنگي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان کي اڳتي آڻڻ لاءِ اسان جي روش تي هلڻو پوندو، ذاتي انا ۽ مان جي روش ملڪ ۽ قوم جو وڏو نقصان ڪيو آهي انڪري هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان سمورن اختلافن کي ختم ڪري ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪريون، هن چيو ته اسان سڀ گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين، پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ ان کي گڏجي سنوراڻو آهي ۽ قومي يڪجهتي ۽ ڀائيچاري جي فضا کي هٿي ڏيڻي آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ اسان جا ڀائر آهن، پنجاب حڪومت پنهنجي تعليمي پروگرام ۾ سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان، آزاد ڪشيمر ۽ گلگت بلتستان جي شاگردن شاگردياڻين کي به شامل ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير ان موقعي تي شهباز شريف لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان کي گلدستو ڏنو، ان کانپوءِ شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو.

 

سياسي اختلاف رکڻ سٺي ڳالهه آهي، دشمني سٺي ڳالهه نه آهي، 90 واري سياست نه ٿيڻ گهرجي: مولا بخش چانڊيو

لاهور (اين اين آءِ) سنڌ جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ميان صاحب جي مهرباني آهي جو ان منهنجي تجويز تي پنهنجي هڪ وزير کي بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، نه ته ميان صاحب تي بدڪلامي جو بار پوي ها، سياسي اختلاف رکڻ سٺي ڳالهه آهي پر دشمني سٺي ڳالهه نه آهي، بلاول هائوس لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 90 واري سياست نه ٿيڻ گهرجي ماضي جي ويڙهه سان اسان کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، سپريم ڪورٽ جي ٻاهران راڪيٽ وانگر ڦاٽڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، ميان صاحب جي مهرباني آهي جو هن منهنجي تجويز تي پنهنجي هڪ وزير کي بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، هن چيو ته ميان صاحب جو انداز حيران ڪندڙ آهي، ان جا فيصلا صوبن لاءِ درست نه آهن، صوبن جا مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسان جي دور ۾ اپوزيشن کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمينشپ ڏئي سٺي روايت قائم ڪئي وئي.

 

سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ تيزي سان وڌڻ لڳو، وڌيڪ انگ ڪراچي ۾ هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جي متاثر مريضن جي انگ ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي. ايڊز جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، ان حوالي سان سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ايڊز جا پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ مريض ڪراچي ۾ آهن. سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام سان سلهاڙيل ڊاڪٽر سليمان اوڍو موجب ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن جو گڏيل انگ 10 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ ان انگ مان 7 هزار کان وڌيڪ مريضن جو تعلق ڪراچي جهڙي وڏي شهر سان آهي جڏهن ته هن وقت ڪراچي پهرين، ٻئي نمبر تي لاڙڪاڻو، ٽئين نمبر تي حيدرآباد، چوٿين نمبر تي دادو جڏهن ته پنجين نمبر تي جيڪب آباد آهي.

 

ڊونلڊ ٽرمپ به نواز شريف کي پاناما ليڪس کان نٿو بچائي سگهي:عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جيڪڏهن بي گناهه هجي ها ته اسيمبلي ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري ها، پاناما ڪيس ملڪ جي مستقبل جو فيصلو ڪندو، نقل لاءِ به عقل جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ڪوڙ ڳالهايو وڃي ان ۾ غلطي ته ضرور ٿيندي، خميس تي بني گالا ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ اسٽرٽجي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسد عمر، نعيم الحق ۽ شيرين مزاري سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران قانوني ٽيم پاران پاناما ليڪس تي شريڪ ٿيندڙ کي بريفنگ ڏني، وزيراعظم نواز شريف جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندڙ نئين ٽرسٽ ڊيڊ تي به مشورو ڪيو ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف جيڪڏهن بي گناهه هجي ها ته هو اسيمبلي ۾ ثابت ڪري ها ۽ ان کي بار بار تقريرون ڪرڻ جي ضرورت نه پوي ها، پر هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ هو بار بار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، هتي ڪوڙ جو داستان شروع ٿيو ۽ هڪ کانپوءِ هڪ ڪوڙ ڳالهايو ويو، ان کي خبر آهي ته ان وٽ ڪو به مني ٽرائيل نه هو، ٽرسٽ ڊيڊ به فراڊ نڪتو آهي، ڇو ته ڪاغذن ۾ ثبوت ئي نه آهن ته پيسا ڪيئن ٻاهر ويا، ان ڪري نقل ڪرڻ لاءِ به عقل جي ضرورت پوندي آهي.