تازيون خبرون

Daily Archives: December 1, 2016

سي پيڪ منصوبي مان ڪنهن به صوبي کي محروم نه رکيو ويندو: نواز شريف

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سي پيڪ تحت منصوبن تي ڪامياب عملدرآمد پاڪ چين مضبوطي دوستي سبب آهي، پاڪستان ۾ وسيع پرڏيهي سيڙپڪاري سي پيڪ جي ڪاميابي جو ثبوت آهي، اقتصادي راهداري تحت ارلي هار ويسٽ منصوبا 2017-18  تائين مڪمل ٿي ويندا، ڪو به علائقو يا خطو سي پيڪ جي منصوبن جي فائدن وٺڻ ۾ نه رهڻ گهرجي، اسان جي ڪوششن جا ٺوس نتيجا برآمد ٿي رهيا آهن، سي پيڪ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ لاءِ اسان جون جاري ڪوششون پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي منظر نامي کي تبديل ڪري ڇڏينديون جنهن سان ڪير به اهو فائدو حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي نه رهندو، هو اربع تي سي پيڪ تي اڳڀرائي بابت جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس دوران توانائي، ٽرانسپورٽ، بنيادي ڍانچي ۽ صنعت جي ڪيترن ئي منصوبن لاءِ مقرر ڪيل حدف ۽ ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي غور ڪيو ويو، گوادر بندرگاهه جي ترقي سان گڏ سماجي ۽ اقتصادي جي بهتري جي منصوبن تي خاص ڌيان کتل آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته موجوده حڪومت 2013 ۾ اقتدار سنڀاليو ته پاڪستان جي معيشت ڪمزور هئي، اهڙي نازڪ موقعي تي اقتصادي بحالي لاءِ چين اسان جي مدد ڪئي جنهن تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت چيني قيادت ۽ عوام جي شڪر گذار آهي، هن چيو ته چين جي ڪري قيادت سي پيڪ جي تصور کي حقيقت جو روپ ڏيڻ ۾ اسان جي حمايت ڪئي، جولاءِ 2013 ۾ چين جي پنهنجي پهرين سرڪاري ۽ تاريخي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اهو دورو ٻطرفي ايجنڊا ۾ اقتصادي تعاون ۽ مواصلاتي رابطي کي مرڪزي حيثيت ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ نئين مرحلو شروع ٿيو، هن پاڪ چين اقتصادي راهداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سي پيڪ پاڪستان معاشي قدم آهي جيڪو دنيا ۽ خطي لاءِ پرڪشش آهي، پاڪ چين فرينڊشپ فري زون جي قيام ۽ گوادر سمارٽ پورٽ سٽي ماسٽر پلان سميت گوادر بابت منصوبن جو جائزو ورتو، ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته صنعتن کي مراعتون ڏيندي مقامي آبادي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته چين پاڻ کي پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ رياست جو حقيقي دوست ثابت ڪيو آهي، سي پيڪ تحت توانائي منصوبن مختلف توانائي منصوبن جي شروعات سان ملڪ جي انرجي روڊ ميپ کي هٿي ڏني آهي.  وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ رستن جي منصوبن جي پڄاڻي سان جي ڊي پي ۾ واڌ ٿيندي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جديد رستن جي نيٽ ورڪ جي اڏاوت لاءِ موجوده حڪومت هڪ هزار ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، شريڪ ٿيندڙن کي وڏن وڏن رستن جي منصوبن تي عمل ڪندي ان جي وقت سر پڄاڻي، معيار ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ موجوده مختلف طريقي جي سختي سان پيروي بابت آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته هلندڙ مالي سال دوران وڏن رستن جي اڏاوت لاءِ 334 ارب رپيا رکيا ويا آهن، گذريل حڪومت دوران ان ۾ 65 ارب رپيا ساليانا رکيا ويا، هن چيو ته ايڏي وڏي مقدار ۾ رقم رکڻ اسان جي توجهه ۽ ڏورانهن علائقن کي ملڪ جي مرڪزي ۽ وڏن شهرن سان ڳنڍڻ لاءِ قدمن جو چٽو ثبوت آهي. هن چيو ت اهڙن قدمن جي نتيجي ۾ وڌيڪ اقتصادي سرگرميون ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

 

مطالبا نه مڃيا ويا ته دمادم مست قلندر ٿيندو، روڊن تي نڪتاسين ته سرڪار کي خبر پئجي ويندي: بلاول

لاهور (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا 4 مطالبا ورجائيندي چيو آهي ته ميان صاحب 27 ڊسمبر ايترو پري نه آهي، اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ڀٽو جي تازه دم فوج تيار ٿي رهي آهي ۽ اسان کي رستن تي اچڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، ائين ٿيو ته پوءِ ڌماڌم مست قلندر ٿيندو ۽ سڀ گڏجي جمهوري طريقي سان رائيونڊ جي آمريت کي ڪيرائينداسين، جڏهن ڀٽو جي زنجير بڻجي ويندي ته پوءِ شينهن ٻلي بڻجي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندو پر هن ڀيري اسان ٻلي کي ڀڃڻ نه ڏيندسين، بينظير ڀٽو  جو پٽ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿين نه ڏيندو ۽ جيالن جي مدد سان پ پ جي حڪومت ٺهندي، بلاول ايندو ۽ انقلاب آڻيندو، اسان کي هڪ نئون منشور آڻڻو آهي، هڪ نئون ايجنڊا کڻي اينداسين، جيڪو اهڙو ايجنڊا هوندو جيڪو پاڪستان لاءِ مڪمل پريڪٽيڪل پراگريسو پليٽ فارم هوندو، ان پليٽ فارم تحت جمهوري سڌارن لاءِ جدوجهد ڪنداسين، اسان ملڪ ۾ سيڪيورٽي، معيشت، پرڏيهي پاليسي ۽ انصاف جي جمهوري انقلاب لاءِ سڌارا آڻينداسين، اسان ملڪ ۾ برابري جو نظام آڻينداسين، پ پ جو لاهور ۾ جنم ٿيو ان لاءِ سان بلاول جي انقلاب لاءِ لاهور جي چونڊ ڪئي آهي، اهڙن خيالن جو اطهار هن بلاول هائوس لاهور ۾  پ پ 49 هين يوم تاسيس جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي بختاور ڀٽو، آصفا ڀٽو، سيد خورشيد شاهه، سيد يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، سيد مراد علي شاهه ، لطيف کوسو، قمر زمان ڪائرا، نثار کهڙو سميت ٻين اڳواڻن ۽ سڄي ملڪ مان آيل ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو، بلاول ڀٽو چيو ته مان ڪارڪنن کي لاهور اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو، مان لاهور سان پيار ڪريان ٿو، لاهور لاهور آهي، بينظير بينظير آهي ۽ بينظير هئي، لاهور هميشه پ پ کي بينظير محبت ڏني آهي، 1967 ۾ ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي لاهور محبت ڏني، شهيد ڀٽو لاهور مان انقلاب آندو هو، 1986 ۾ منهنجي امڙ جو لاهور ۾ بينظير آجياڻو ٿيو ۽ ان لاءِ اسان بلاول جي انقلاب لاءِ لاهور کي چونڊيو آهي، منهنجا جيالا اڄ گڏجي لاهور ۾ پارٽي جو 49 هون يوم تاسيس ملهائي رهيا آهن، لاهور داتا جي نگري آهي، لاهور پاڪستان جي ڌڙڪن آهي ۽ ان شهر ۾  پ  پ جو جنم ٿيو ۽ هڪ ٻي سڃاڻپ پ پ جو جهانگير بدر هو جيڪو اسان وٽ موجود نه آهي پر اسان جي دلين ۾ موجود آهي، هن چيو ته ڇا بي بي شهيد سان عوام جو سمنڊ نه هوندو هو پر هن ڪڏهن راولپنڊي ۾ ڌرڻو نه هنيو، ڪنهن چوڪ تي ڌرڻو نه هنيو، ڪنهن کي گارگند نه ڏني، رياستي ادارن تي حملو نه ڪيو، ڇو ته بي بي شهيد صرف هڪ سياستدان نه پر هوءَ هڪ بينظير ليڊر هئي، هن چيو ته پ پ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن جي زنجير طور سڃاتي ويندي آهي، هن چيو ته اسان هڪ نئون منشور آڻينداسين. صدر زرداري کي بنا سبب گناهن ۾ 12 سال جيل ۾ رهڻ کانپوءِ باعزت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، يوسف رضا گيلاني کي هڪ خط نه لکڻ تي وزيراعظم جي عهدي تان هٽايو ويو پر دنيا جو سڀ کان وڏو ڪرپشن اسڪينڊل پاناما اسڪينڊل آهي، پر عدالتون ۽ احتساب وارا ادارا خاموش آهن، حڪمرانن لاءِ پاناما ۽ غريبن سان زيادتي، نواب اڪبر بگٽي جهڙن سان ايف 16 سان بمباري، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن کي خاص سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ٿي، حڪمرانن جي ٻارڙن لاءِ خصوصي سڪيورٽي جو حق آهي، جڏهن ته شهيد جي ٻارن کي ان حق کان محروم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پ پ جي جيالن ۾ سنڌ ۾ تبديلي آندي آهي، پارٽي ۾ تبديلي آڻي رهيو آهيان، توهان بي بي شهيد جي پٽ جو ساٿ ڏيو ٿا ته سڄي ملڪ ۾ جمهوريت انقلاب آڻينداسين، اسان حڪومت کي 4 مطالبا پيش ڪيا آهن پر انهن کي پورو نه ڪيو پيو وڃي، مان اهڙو ڪهڙو مطالبو ڪيو آهي جو پورو نه ٿي سگهيو آهي، پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه نه گهريو آهي، عوام جي حق جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، پارليامينٽ کي طاقت ڏيڻ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، مان خريد ڪيل ججن ذريعي سزا ڏيارڻ يا ڪينگرو ڪورٽون جوڙڻ جو نه چئي رهيو آهيان پر مان جمهوريت ۽ احتساب جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، ميان صاحب منهنجا  4 مطالبا مڃ، 27 ڊسمبر پري نه آهي، اسان رستن تي آياسين ته سڄي لاهور، پنجاب ۽ سڄو پاڪستان رستن تي نڪرندو، 27 ڊسمبر 2007 تي اسان بي بي شهيد کي اسان کان جدا ڪيو ويو، ان وقت هر طرف نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي جا نعرا لڳي رهيا هئا ته ان وقت آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، جڏهن سڄو پاڪستان سڙي رهيو هو ته بي بي جي پٽ چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، بي بي شهيد پنهنجو رت ڏئي اسان کي جمهوريت ڏني ۽ عوام کي رياست سنڀالڻ جي ذميواري ڏني پر اڄ چيو وڃي ٿو ته اسان ناڪام رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽ پنهنجا 5 سال پورا ڪيا، اسان شهيد ڀٽو جو ڏنل آئين بحال ڪيو، 18 هين ترميم ذريعي صوبن کي اختيار ڏنا، اسان ڪي پي ڪي کي نالو ڏئي پختونن جي خوابن کي سچ ڪيو، اين ايف سي ايوارڊ ذريعي صوبن کي مالي آزادي ڏني ، پاڪ ايران گيس پائيپ لائين گوادر پورٽ ذريعي سي پيڪ جي پيڙهه رکي، بينطير انڪم سپورٽ ۽ وسيلا حق پروگرام سان غريبن جي مدد ڪئي  ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، نواز شريف جي ظلم ڪرڻ سبب به نواز شريف کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻايو پر اسان ناڪام آهيون، ها مان مڃان ٿو ته اسان هڪ شيءِ ۾ ناڪام رهيا آهيون ته اسان ڪرامتون نٿا ڪري سگهون، اسان بي بي شهيد کي زنده نٿا ڪري سگهون، هڪ وڪاميل جج، هڪ چينل ۽ مشرف جي دوستن ڪوشش ڪئي هئي ته  پ پ ناڪام ٿئي، اسان عدالتن ۽ شاهدين سان منهن ڏنو پر اڄ بينظير جو پٽ موجود آهي،ا يندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين، توهان جي مدد سان ڀٽو جي پارٽي 2018 جي اليڪشن کٽيندي، هن چيو ته ڪارڪن چوندا هئا ته بلاول اچي ۽ پارٽي سنڀالي ۽ هو اچي ويو آهي ۽ پارٽي سنڀالي آهي، پارٽي جي تنظيم سازي جو عمل شرع ڪيو آهي، ناراض ماڻهن کي پرچائڻ لاءِ انهن وٽ وينداسين، هن چيو ته بي بي شهيد محروم ۽ پٺ تي پيل ماڻهن جي خوشحالي جو جيڪو خواب ڏٺو اسان ان موجب هلنداسين، اڄ ننڍا واپاري رڙيون ڪري رهيا آهن، ٽيڪسٽائيل ملن جا مالڪ هڙتالن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، استاد، ڊاڪٽر ۽ هر شعبي جا ماڻهو پنهنجن مطالبن لاءِ رستن تي آهن پر حڪمران پنهنجي مرضي جي فزيبلٽي جوڙي ٺيڪن تي ڏئي رهي آهي ۽ وڏي ڪميشن ورتي وڃي ٿي، ميان صاحب ڪجهه وڏن منصوبن سان قومي ترقي نه ٿيندي آهي، هن چيو ته اهو چيو پيو وڃي ته پ پ ورهاستي پارٽي بڻجي وئي آهي، پنهنجي مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ورهاست ۽ ميراس ۾ فرق هوندو آهي، ميراس رت جي لڪير آهي، پ پ  جي چيئرمين شپ گلن جو تاج نه پر ڪنڊن جي سيج آهي ۽ اهو جان ۽ قربانيون ڏيڻ جو نالو آهي، اڄ به چيئرمين ۽ پارٽي کي للڪار پيش آهن، هن چيو ته اسان حڪمرانن کي 4 نقطا ڏئي چيلينج ڪيو آهي، ان ۾ پ پ جو ڪو به فائدو نه آهي، 27 ڊسمبر تي بلاول ڀٽو زرداري ڀٽو شهيد ۽ بي بي شهيد جي ميراس کي کڻي هلندو، جيڪڏهن بلاول ڀٽو شهادتن واري ميراس سان اٿيو ته اسان جي اڳيان وڏا وڏا آمر نه بيهندا، ان موقعي تي ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

وزيراعظم جي اسيمبلي فلور ۽ عدالتي بيان ۾ فرق آهي، ميڊيا ذميواري جو مظاهرو ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پي ٽِي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري پاران ڪيس ۾ اخباري خبرن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته توهان جي موڪل جي باري ۾ انگريزي اخبارن ۾ جيڪو ڪجهه 30 سالن تائين چپجي رهيو آهي ان کي تسليم ڪيون؟ اخباري خبرن تي فيصلا ٻڌايا ته توهان جي موڪل لاءِ پريشاني ٿي سهگي ٿي، هرو ڀرو زور نه لڳايو ۽ ڪچين ڀتين تي پير نه رکو، اسان سياسي بيانن جو جائزو نٿا وٺي سگهون، توهان سون ۾ ڪوڙ ڇو ملائي رهيا آهيو، توهان کي 2006 کان اڳ شريف خاندان جي آف شور ڪمپنين جي ملڪيت ثابت ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته سڄو بار شريف خاندان تي ئي پوندو، اربع تي وزيراعظم نواز شريف، ان جي ٻارڙن خلاف مني لانڊرنگ، ٽيڪس چوري جا الزام ۽ پاناما ليڪس ۾ سامهون ايندڙ خبر جي ڄاڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪئي، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ ن ليگ جا وزير به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا، عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻي نعيم بخاري ۽ بابر اعواڻ ڪئي، وزيراعظم جي وڪيل سلمان اسلم بٽ ۽ ان جي ٻارڙن جو وڪيل اڪرم شيخ به عدالت ۾ موجود هو، ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي پٽ جو اين ٽي اين ئي نه آهي، مريم نواز وزيراعظم جي ڪفالت هيٺ آهي ۽ هوءَ لنڊن فليٽن جي اونر آهي، وزيراعظم کي اها ڳالهه گوشوران ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ها، هن چيو ته قطر جي شهزادي جو خط وزيراعظم جي موقف کان مختلف آهي، نيب ۽ ٻيا ادارا پنهنجي ڪم ۾ ناڪام رهيا آهن، نيب وزيراعظم کي بچائڻ ۾ مصروف آهي، نيب چيئرمين خلاف آرٽيڪل 209 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، اسحاق ڊار مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اعترافي بيان ڏنو جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته ان ڪيس جو فيصلو اچي چڪو آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته رقم جي منتقلي جي تفصيل پيش نه ڪئي وئي، وزيراعظم جي بيان کانپوءِ هو سچو ۽ امين نه رهيو آهي، وزيراعظم کي نااهل قرار ڏنو وڃي، هن چيو ته سعودي عرب، قطر ۽ دبئي ۾ ڪاروبار لاءِ رقم موجود نه هئي، وزيراعظم نه ايماندار ۽ نه ئي سچ ڳالهائيندڙ آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته معاهدي جي صحيح ۾ تضاد آهي، اهو نٿو چوڻ چاهيان ته طارق شفيع جي صحيح شهباز شريف ڪئي، جسٽس کوسي پڇا ڪئي ته 12 ملين ڌرم جي رقم طارق شفيع قطر ڪيئن منتقل ڪئي، رقم ان کي ملڻ جا ڪاغذ موجود نه آهن جنهن تي وڪيل اڪرم شيخ جواب ڏنو ته هو وزيراعظم جي ٻارڙن جو وڪيل آهي، طارق شفيع جي نمائندگي نه ڪري رهيو آهي، نجي ٽي وي موجب نعيم بخاري جسٽس عظمت کي چيو ته لڳي ٿو ته توهان اڄ مون تي ڪاوڙ ڪندا، جنهن تي جسٽس عظمت جواب ڏنو ته توهان پنهنجي ڪيس تي ڌيان ڏيو، نعيم بخاري گذريل ٻڌڻي تي ٿيل سخت جملن جي ڏي وٺ تي معافي طلب ڪئي ۽ چيو ته ان کي عدالت تي يقين آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته وزيراعظم جده فيڪيٽري لاءِ بينڪن مان قرض وٺڻ جو ذڪر ڪيو، جده فيڪريٽري جون 2004 ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک ڊالر ۾ وڪرو ڪرڻ جو چيو ويو، جڏهن ته لنڊن فليٽ 1993 کان 1996 جي وچ ۾ خريد ڪيا ويا جنهن تي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته دبئي اسٽل مل وانگر جده اسٽل مل لاءِ سرمايو ڪٿان آيو، جسٽس اعجاز الحسن پڇيو ته سعودي بينڪن مان قرض ڪيئن ورتو، جده فيڪريٽري ڪيتري ۾ ۽ ڪيئن وڪرو ڪئي وئي، عدالت ۾ پيش ڪيل ضمني جواب ۽ تقريرن ۾ فرق آهي، ٻنهي موقعن تي ڪيل تقريرن ۾ به فرق آهي، نعيم بخاري چيو ته وزيراعظم بقول سمورا ڪاغذ موجود آهن جنهن تي جسٽس عضمت سعيد چيو ته ڪاغذ هر جاءِ تي موجود هوندا پر عدالت ۾ نه آهن، جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته وزيراعظم چيو ته اهو ذريعو آهي جن مان لنڊن ۾ فليٽ خريد ڪيا ويا، ڪاغذن مان لڳي ٿو ته طارق شفيع ميان شريف لاءِ ڪم ڪندو هو، صحيحون طارق شفيع ڪيون ته شهباز شريف نمائندگي اتي ڪهڙي ڳالهه جي ڪري رهيو هو،طارق شفيع جي ٻن ڪاغذن ۾ ڪيل صحيحن ۾ ڪا به هڪجهڙائي نه آهي، نعيم بخاري چيو ته گلف اسٽيل مل 2 ڪروڙ 10 ڌرهم ۾ وڪرو ٿي، جڏهن ته مل جي وڪرو سان طارق شفيع کي هڪ رپيو به نه مليو، طارق شفيع پنهنجي بيان ۾ اڌ سچ ڳالهايو، هن بيان ۾ چيو ته دبئي جو ڪاروبار بي نامي هو، شهباز شريف، طارق شفيع بڻجي ڪاغذن تي صحيحون ڪيون، جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته لڳي ٿو ته سڀ ڪجهه ميان محمد شريف ڪيو آهي، جده ۽ دبئي ۾فيڪيٽرين جي حوالي سان ميان شريف جا ٻارن جو ڪهڙو ڪردار آهي، نعيم بخاري چيو ته حسن نواز 21 جنوري 1976 ۾ پيدا ٿيو، حسين نواز 20 آڪٽومبر 1972 تي پيدا ٿيو ۽ مريم نواز 28 آڪٽومبر 1973 تي پيدا ٿي، لنڊن ۾ ملڪيت ميان شريف خريد ڪئي ته به ان جي ملڪيت ثابت ٿئي ٿي، جسٽس عظمت چيو ته قطر جي شهزادي خط ۾ وڏي ڀاءُ جو ذڪر ڪيو آهي پر نالو نه ٻڌايو، قطر جي شهزادي انگلينڊ ۾ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار جو ذڪر نه ڪيو، نعيم، بخاري چيو ته دبئي مان پيسو ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪهڙي بينڪ اڪائونٽ ذريعي منتقل ڪيو ان جا تفصيل نه ٻڌايا ويا، جنهن تي جسٽس عظمت چيو ته قطر مان پيسو لنڊن ڪيئن ويو اهو به نه ٻڌايو ويو آهي، جسٽس آصف کوسي چيو ته توهان کي 2006 کان شريف خاندان جي آف شور ڪمپنين جي ملڪيت ثابت ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن هو ثابت ٿي ويو ته سمورو بار شريف خاندان تي پوندو، چيف جسٽس چيو ته پاناما ليڪس ميڊيا ذميواري جو مظاهرو ڪري، ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي جي وڪيل اسد منظور بٽ درخواست ڪئي ته عدالت ڌرين کي حڪم ڏئي ته اهي ڪيس کي مختصر ڪن، ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي پي ٽي آءِ جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجا دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ نئين رام ڪهاڻي ٻڌائي، نواز شريف سندن چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندو: ن ليگ

اسلام آباد (م.ڊ) ن ليگ اڳواڻن دانيال عزيز ۽ مريم اورنگزيب چيو آهي ته قوم کي گمراهه ڪيو پيو وڃي ۽ واءِ ويلا مچائي پئي وڃي، پي ٽي آءِ وزيراعظم خواف اڄ نئين رام ڪهاڻي شروع ڪري ڇڏي آهي، اڄ وزيراعظم جي تقرير کي ٽوڙي مَروڙي پيش ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ پانام ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي دانيال عزيز جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ عدالت ۾ اڄ پاناما ليڪس تي ڪا ڳالهه نه ڪئي، هن وقت تائين اهري ڪا شيءِ سامهو ناهي آئي جنهن ۾ وزيراعظم ملوث هجي، جڏهن ته مريم اورنگزيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جون سڀ ڳالهيون اخباري ڪٽنگن تي ٻڌل آهن، ڪاغذ جيڪو لوڏيو ويندو هو اهو عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويندو، وڪيل بدلائڻ سان ڪيس مضبوط ناهي ٿيندو، نواز شريف قوم جي ووٽن سان چونڊجي وزيراعظم بڻيو آهي، نواز شريف پي ٽي آءِ جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندو، وزيراعظم پاناما ڪيس ۾ سرخرو ٿيندو، جنهن وٽ ڪي ثبوت آهن ته پيش ڪري عدالت فيصلو ڪندي.پي ٽي آءِ وارن اڄ عدالت ۾ پاناما معاملي تي ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو. عوام پاناما دستاويزن جي حقيقت ڄاڻي چڪو آهي. هن چيو ته  2018 ۾ ڪامياب ٿي عوام جي عدالت ۾ وينداسين.پي ٽي آءِ پاناما دستاويزن بابت عوام سان لاڳيتو ڪوڙ ڳالهايو آهي، عدالت ۾ شرم ساري ڏسندڙن جو موقف کوکلو آهي.  ٻئي طرف مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان وڪيل بدلائي اداڪار رکيو آهي، فيصلا وڪيل بدلائڻ سان نه پر ثبوت پيش ڪرڻ سان ٿيندا آهن، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي طلال چوڌري جو چوڻ هو ته نواز شريف کي ڪيرائڻ وارا پاڻ ڪري پيا، فيصلو ڪوڙ تي نه پر ثبوت تي ٿيندو آهي، عمران خان جي زندگي مان ڪوڙ ڪڍي ڇڏجي ته ڪجهه به نه بچندو، هن وڌيڪ چيو ته عدالت ثبوت گهرندي آهي ته هي ڪوڙ کڻي ايندا آهن.

 

دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي، اڳواٽ حاصل ڪيل هدفن کي اڳتي کڻي هلنداسين: آرمي چيف

پشاور(م.ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه دهشتگردي خلاف جنگ کي انجام تائين پهچائڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته اڳواٽ حاصل ڪيل هدفن کي اڳتي کڻي هلنداسين. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ڪور هيڊڪوارٽر پشاور ۽ اتر وزيرستان ايجنسي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ کي انجام تائين پهچائڻ تائين ان تي نظر رکنداسين. دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي.

 

حڪومت جو عوام تي خاموشيءَ ۾ وار، تيل اگھن ۾ پوڻن ٽن رپين تائين واڌ جو اعلان

اسلام آباد(م.ڊ) حڪومت تيل اگھن ۾ پوڻن ٽن رپين تائين واڌ ڪندي پيٽرول 2 رپيا مهانگو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته قيمتن جو واڌو بار حڪومت کڻندي! وفاقي وزير اسحاق ڊار تيل اگھن ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ ٻه رپيا ۽ ڊيز جي قيمت ۾ ٻه رپيا ستر پيسا واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته گاسليٽ ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته گذريل ستن مهينن کان تيل جي قيمتن ۾ واڌارو ناهي ڪيو ويو. قيمتن ۾ واڌ پهرين ڊسمبر کان لاڳو ٿيندي. اسحاق ڊار موجب اوگرا پيٽرول 6 رپيا 24 پيسا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر حڪومت 2 رپيا وڌائي رهي آهي، باقي بار حڪومت کڻندي. 37

 

راحيل شريف جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو: سنڌ جو وڏو وزير

اسلام آباد(م.ڊ)  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي فون ڪيو ۽ آرمي چيف جي حيثيت ۾ خدمتن جي ساراهه ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي فون ڪيو، وڏي وزير، جنرل راحيل شريف جي آرمي چيف جي حيثيت سان خدمتن جي ساراهه ڪئي. وڏي وزير اڳوڻي آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان ضرب عضب، نيشنل ايڪشن پلان ۽ دهشتگردن سان ڄمي مقابلو ڪيو، جڏهن ته اوهان جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل رٽائرڊ راحيل شريف، جنرل قمر جاويد باجوه کي روايتي ڇڙي پيش ڪري پاڪ فوج جي ڪمان ان جي حوالي ڪري ڇڏي هئي.

 

وزيراعظم عابد شير جي زبان کي لغام ڏئي، سندس زبان نه روڪي وئي ته حالتن جو ذميوار نواز شريف پاڻ هوندو: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (م.ڊ) وڏي وزير جي اطلاعات واري صلاحڪار مولا بخش چانڊيو ن ليگ جي مملڪتي وزير عابد شير عليءَ جي بيان جي رد عمل ۾ چيو آهي ته نواز شريف عابد شير عليءَ جي زبان کي لغام ڏئي، ن ليگ جو بدزبان وزير سياسي اختلافن کي ٽڪراءَ طرف وٺي وڃي رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته اهڙي زبان ۽ لهجو نه روڪيو ويو ته حالتن جو ذميوار وزيراعظم نواز شريف پاڻ هوندو، اهڙي زبان کان پوءِ ڪنهن به مفاهمت جي گنجائش باقي نه رهندي، سياست ۾ ادب ۽ احترام کي سامهون رکيو وڃي.36

 

شريف خاندان ڪهاڻيون پيو ٻڌائي، قطري شهزادي جي خط جا سپريم ڪورٽ بکيا اڊيڙي ڇڏيا: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته شريف خاندان 7 مهينن کان ڪهاڻيون بدلائي رهيو آهي، عدالت ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي هلي رهي آهي پر ڪيس ختم ٿي ويو آهي، مريم نواز 2012ع ۾ چيو هو ته ان جي ۽ سندس خاندان جي پرڏيهه ۾ ڪا پراپرٽي ناهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته جڏهن کان پرڏيهه ۾ ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو آهي ڪهاڻي بدلجندي پئي وڃي، عدالت ۾ هنن پاران جمع ڪرايل دستاويزن موجب دبئيءَ جي اسٽيل مل نقصان ۾ هئي، هنن عدالت ۾ مني ٽرائل جو ٻڌايو ئي ناهي، شريف خاندان جي ذهن ۾ نه هو ته معاملو ايتري تائين ويندو، عدالت ۾ نيون نيون ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن، قطري شهزادي جي خط جون سپريم ڪورٽ بکيا اڊيري ڇڏيا آهن، جنهن جو مير آهي نه ئي مُنهن، هنن پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو، سندن دبئيءَ واري اسٽيل مل نقصان ۾ هئي، هنن دبئيءَ واري اسٽيل مل وڪي جنهن کان پوءِ هنن وٽ پيسو آيو، عمران خان جو چوڻ هو ته نيب چيئرمين خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، حسن نواز وٽ نواز شريف جو پيسو هو، اڄ هي نئين شيءِ ٽرسٽ ڊيڊ کڻي آيا آهن. سندن مني لانڊرنگ خلاف ايف آءِ اي کي جاچ ڪرڻ گھرجي.36

 

عدالت تي يقين آهي، آخري وقت ۾ ڪميشن ضرور ٺهندي: سراج الحق

اسلام آباد (م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان کي عدالت تي اعتماد آهي ۽ يقين آهي ته آخري وقت ۾ عدالت ڪميشن ضرور ٺاهيندي، جيئن صحيح رستي تي وڃي سگهون، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته هن وقت تائين صحيح رستي تي وڃي رهيا آهيون ۽ يقين آهي ته آخري وقت ۾ عدالت ڪميشن ضرور ٺاهيندي، ڪميشن سان ڪرپشن سميت ٻيا مسئلا ٺيڪ ٿي ويندا، هن وڌيڪ چيو ته سڄو ملڪ ڪرپشن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي چُڪو آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌُر سميت سڀني جو احتساب چاهيون ٿا ۽ ان لاءِ ڪميشن ٺاهي وڃي.36