تازيون خبرون

Monthly Archives: December 2016

شهريت وۡڪڻندڙن لاءِ ڪا به گنجائش ناهي، پاڪستان ۾ صحيح طريقي سان ڪم ڪرڻ مشڪل ئي نه ناممڪن به آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار عليءَ چيو آهي ته آصف علي زرداري، بلاول ۽ ايان عليءَ تي تبصرو ڪرڻ جي لاءِ مان مناسب ماڻهو نه آهيان، سماجي رابطن جي سڀني ويب سائيٽن تي رابطي ۾ آهيون، ڪوئيٽا سانحي جي رپورٽ تي سٺي تياريءَ سان سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، ملا منصور جو سڃاڻپ ڪارڊ 2005ع ۾ ٺهيو، جيڪو سڃاڻپ ڪارڊ غير ضروري بلاڪ ٿيا اهي وري بحال ٿي ويندا، 3 سالن ۾ 32 هزار 400 کان وڌيڪ پاسپورٽ رد ڪيا ويا، پاسپورٽ رد ڪرڻ سولو ڪم نه آهي،  گذريل 3 سالن ۾ 32 هزار 500 پاسپورٽ بلاڪ ڪيا، رد ۽ بلاڪ ٿيندڙ پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ منهنجي دور ۾ ناهن ٺهيا،  18 ميمبرن واري ڪميٽي جوڙي رهيو آهيان جنهن جو مون قومي اسيمبليءَ ۾ واعدو ڪيو هو، پاسپورٽ رد ٿيڻ تي ڪيترن ئي ماڻهن کي تڪليف ٿي،پاڪستان ۾ صحيح ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ غلط ڪم ڪرڻ تمام سولو آهي، جن جا سڃاڻپ ڪارڊ غلط بلاڪ ٿيا، انهن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون، بلاڪ ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ روينيو ڊپارٽمينٽ مان 1978 کان پرهيان ڪارڊ پيش ڪرڻ تي بحال ٿيندو، پاڪستان جي شهريت وڪڻندڙن جي لاءِ ڪا گنجائش ناهي، ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙن جي وٺ پڪڙ ڪنهن ٻئي مرحلي ۾ ٿيندي، جيتري انگ ۾ ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيا ايتري وٺ پڪڙ ناهي ٿي، اسلام آباد  ۾ ٻارڙيءَ تي تشدد ڪيس اسان جي نوٽيس ۾ ناهي آيو، 18 ميمبرن واري ڪميٽي غلط بلاڪ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن جو جائزو وٺندي، ادارن تي گند اڇلائيندڙ خلاف ڪارروائي ڪنداسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري نثار عليءَ جو چوڻ و ته ڪراچيءَ ۾ رينجرز جو آپريشن وڌندو رهندو، تصوير جي جاچ جي لاءِ اٽارني جنلر ايف آءِ اي کي خط لکيو آهي، ٻه سينيئر ترين سياستدان ادارن جي بيعزتي ڪري رهيا آهن، خاناني ۽ ڪاليا ڪيس هلائڻ جي لاءِ اڄ به ڪافي مواد موجود آهي، اوهان رڙيون ڪيو، مون تي ڀلي ذاتي حملا ڪيو پر قانون جو عمل اڳتي وڌندو رهندو، ان وقت کان پوءِ مون کي هاءِ ڪورٽ جي وقت سپريم ڪورٽ جي وقت ڪجھه چيو، ٽرائيل ڪورٽ جڏهن مشرف جو نالو اِي سي ايل مان نالو هٽائڻ جو چيو ته مون ڏانهن سفارش اماڻي وئي، سياسي ارادي سان ادارن کي بدنام نه ڪيو وڃي، پاناما ليڪس تي وزيراعظم ۽ سندس خاندان سپريم ڪورٽ ۾ اڳيان جوابدار آهي، پرويز مشرف جو نالو اڍائي سال اِي سي ايل ۾ رکيو، ٽرائل ڪورٽ کان پوءِ مون کي ڪنهن به چيو، جيڪڏهن ڊيل ٿئي ها ته مشرف خلاف ڪيس ئي نه هلي ها.36

 

سي پيڪ جا فائدا رڳو پنجاب ۾ نظر پيا اچن، ان تي ڪم اسان ڪيو نالو به نه پيو کنيو وڃي: آصف زرداري

نواب شاهه (م.ڊ) پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته عوام سان ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ عوام جو آواز بڻجندس، سي پيڪ تي سڄي اسان جي محنت ٿيل هئي، پر هاڻي اسان جو نالو ئي نه ٿو کنيو وڃي، سي پيڪ منصوبي جا فائدا رڳو پنجاب ۾ نظر اچي رهيا آهن، ايران گئس پائيپ لائين اسان جي سرحد تائين پهچائي ڇڏي آهي، هاڻي حڪومت کي قدم وڌائڻو پوندو، اسيمبلي ۾ وڃڻ جو ڪو به شوق ناهي پر عوام سان ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ انهيءَ نا انصافي خلاف اسيمبلي ۾ وڃڻو پوندو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڪ ايران گيس منصوبو جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي. نواب شاهه ۾ پ پ اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ جي شريڪ چيئرمين جو چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبي جي فائدن کان ٻيا صوبا محروم آهن، سي پيڪ تي سڄي محنت اسان جي ٿيل آهي، پر هاڻي اسان جو نالو نه پيو ورتو وڃي، ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ پارليامينٽ ۾ ان جو آواز بڻجندس، ايران گئس سپلاءِ لائن اسان جي سرحد تائين پهچائي ڇڏي آهي، هاڻي حڪومت کي قدم اڳتي وڌائڻو پوندو.36

 

عمران پ پ جي پاناما بل جي مخالفت ڪري حڪومت کي سپورٽ ڪري رهيو آهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي پارليامينٽ ۾ اچڻ سان هڪ قدآور شخصيت جو اضافو ٿيندو، جمهوريت کي تسلسل ڏيندڙ هڪ مدبر قومي سوچ جي حامل سياستدان جو پارليامينٽ ۾ اچڻ سٺو قدم آهي. آصف علي زرداري جي پارليامينٽ ۾ اچڻ جي اعلان کان پوءِ مخالفن ۾ هلچل مچي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ سندس چيئرمين جي لاءِ سنڌ ڪڏهن به ترجيح ۾ ناهي رهيو ڪراچي عمران خان لاءِ علائقه غير ناهي. عمران خان پيپلز پارٽي جي پانامه بل جي مخالفت ڪري دراصل حڪومت کي سپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ ان جي پارليامينٽ ۾ افاديت وڃائڻ واري ڳالهه سمجهه کان مٿانهون آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي آمد پيپلز پارٽي ۾ هڪ نئين روح وجهي ڇڏي آهي ۽ پيپلز پارٽي جون سرگرميون وڌيڪ تيز ٿي وينديون. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ پيپلز پارٽي ان جي تياري ڪري رهي آهي. جلد تاريخ به مقرر ڪئي ويندي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏنو ويندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته آصف علي زرداري جو پارليامينٽ ۾ اچڻ سان ڪو فرق نه پوندو اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. شريڪ چيئرمين جي ان اعلان کان پوءِ سياسي مخالفن ۾ هلچل مچي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان کي اڪيلي سر ڪاميابي نٿي ملي سگهي کيس اپوزيشن سان گڏجي هلڻ گهرجي. اها ڳالهه ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي کانسواءِ ڪابه تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگهي، ڇو ته ان جون پاڙون عوام ۾ پکڙيل آهن.

 

سي پيڪ روٽ بابت شڪ ڦهلائيندڙ قوم جي خدمت نه ڪري رهيا آهن: ممنون حسين

پشاور (اين اين آءِ) صدر ممنون حسي چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان لاءِ لائيف لائين منصوبي جي حيثيت رکي ٿو ان منصوبي جي خلاف پروپگنڊا ملڪ کي نقصان پهچائڻ ۽ عوامي جي ترقي کان محروم رکڻ جي ڪوشش آهي، هو جمعي تي گورنر هائوس پشاور ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي 140 جنم ڏينهن جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي انقلاب آڻيندو، ان ڪيترن ئي ماڻهن پاران سي پيڪ اولهندي روٽ ۾ تبديلي بابت پروپگنڊا کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اولهندي روٽ ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سي پيڪ ۾ چائنا جي سيڙپڪاري 46 ارب ڊالر کان وڌيڪ 57 ارب ڊالر ٿي وئي آهي جيڪا سٺي ڳالهه سان گڏ ملڪ کي اقتصادي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي ۽ سيڪيورٽي پاليسين جي ڪاميابي جو نتيجو آهي، صدر چيو ته سي پيڪ ملڪ جي مختلف علائقن ۽ خطي جي ملڪن کي پاڻ ۾ ملائڻ ۽ ماڻهن کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو ثابت ٿيندو، هن چيو ته خطي جا ملڪ خاص طور تي وچ ايشيائي رياستون سي پيڪ جو حصو بڻجڻ چاهين ٿيون، هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن ۽ محفوظ آهي، پاڪستاني تيزي سان خوشحالي ڏانهن وڌي رهيو آهي، هن چيو ته آءِ ڊي پيز جي باعزت واپسي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته قبائلي علائقن ۾ شهري تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جو عمل به ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌايو پيو وڃي، صدر چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح هڪ نهايت باصلاحيت ۽ عظيم شخصيت جو مالڪ انسان هو جنهن قوم جي فائدي لاءِ ڪم ڪندي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، قائد اعظم پاڪستان ۽ پختونن سان وڏي محبت رکندو هو ۽ ان کي اسلاميا ڪاليج پشاور سان خاص دلچسپي هئي ۽ هن اسلاميا ڪاليج جا دورا به ڪيا.

 

عوامي مسئلن لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهيون، اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي هر شهريءَ کي موقعا ملن: وزيراعظم

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام کي درپيش بنيادي مسئلن جي حل لاءِ هاڻوڪي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن، بجلي جي وڏن وڏن منصوبن سان گڏوگڏ ملڪي ۽ علائقائي مواصلاتي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، جنهن سان ملڪ جو منظرنامو ۽ قسمت بدلجي ويندي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ميمبر (اين اي ۱٦۲ ساهيوال) چوڌري محمد ظفيل سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ترقياتي ۽ فلاحي اسڪيمن جو مقصد عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي ۽ پاڪستان کي هڪ ترقي يافتا ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ آهي، جتي هر شهري کي هڪ جهڙا موقعا ميسر هجن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام جي نمائندن کي پنهنجي تڪن جي ماڻهن سان فعال رابطو رکڻ گهرجي ته جيئن هو انهن جي مسئلن کان آگاهه هجن ۽ انهن جي حل لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.

 

مراد علي شاهه پاران چين ۾ مختلف وفدن سان ملاقات، سنڌ اندر مختلف رٿائون شروع ڪرائڻ تي غور

بيجنگ / ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چين جي فرم جنهن کي ڪچرو کڻي گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن (جي ٽي ايس) منتقل ڪرڻ لاءِ هائير ڪيو ويو، اهي جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪراچي جي ٻن ضلعن ۾ پنهنجي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏيندا. اها يقين سيد مراد علي شاهه کي شنگهائي ڪانگجي گروپ (Changyi Kangjie Sanitation Group) جي چيئرمين فان مينگائوو (Fan Manguao) گذريل ڏينهن بيجنگ جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيل خاص اجلاس ۾ ڪرايو ويو. اجلاس ۾ صوبائي صنعت وارو وزير منظور وساڻ، مڪاني ادارن وارو وزير ڄام خان شورو، ٽرانسپورٽ وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرپرسن ناهيد ميمڻ ۽ ٻيا شامل هئا. وفد جي اڳواڻي ڪندڙ چين جي ڪمپنيءَ جي چيئرمين چيو ته هُو مختلف اهم اجلاسن ۾ تمام گهڻو مصروف هو پر رڳو ڪراچي شهر کي صاف سٿرو بڻائڻ لاءِ اڄ هُو هتي ملاقات لاءِ آيو آهي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان ان يقين سان واپس ڪراچيءَ وڃو ۽ اتان جي ماڻهن کي به ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ته انهن جي ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ صفائي بابت مسئلا جلد حل ٿي ويندا. ڪمپنيءَ جي چيئرمين فان مينگائوو چيو ته گهرن مان ڪچرو کڻڻ لاءِ ڪچري جا ڌٻا، گهٽين ۽ اهم روڊن جي ڌوئڻ ۽ صفائيءَ لاءِ ميڪنيڪل سوئيپنگ مشينن جي شپمنيٽ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي وسيلي ڪچري کي کڻي جي ٽي ايس ۾ اڇلايو ويندو. هن چيو ته مشينري 6 جنوريءَ تي ڪراچي پهچي ويندي ۽ اچڻ جي ڏهن ڏهاڙن اندر اهي بندرگاهه مان ڪليئر ٿي وينديون، اهڙي ريت وڌ ۾ وڌ جنوري جي آخر يا فيبروي جي پهرين هفتي ۾ ڪم جي شروعات جي قابل ٿي وينداسين. ڪمپنيءَ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ته ڪراچي ڊويزن جي ٻن ضلعن ڏکڻ ضلعي ۽ اوڀر ضلعي کي صفائي ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان سمورن گهرن ۾ ڪچري جا ڌٻا ورهائيندا ۽ ان کانپوءِ اسان جون ڪچرو کڻڻ واريون گاڏيون انهن علائقن مان گند ڪچرو گڏ ڪنديون. هن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي يقين ڏياريو ته هُو روزانو صفائي جو ڪم ڪندا بلڪ گڏ ٿيل ڪچري کي به صاف ڪندا. صوبائي وزير ڄام خان شوري ڪمپنيءَ کي چيو ته اهي يقين ڏيارن تي ڪچري کڻڻ جو ڪم ڍڪي ڪري ڪيو وڃي ته جيئن بدبو ۽ جراثيم جي پکرجڻ ۽ ماحول کي خراب ڪرڻ کان بچائي سگهجي، ان تي هن کي يقين ڏياريو ويو ته هُو پلاسٽڪ ڪور استعمال ڪندا ۽ ڪچري کي جي ٽي ايس ۾ اڇلائڻ کان اڳ ان کي ڪمپريس ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير ڪمپنيءَ کي آڇ ڪئي ته هُو اتي اچن ۽ ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ جو پلانٽ لڳائن، ان تي ڪمپنيءَ چيو ته اهي ان لاءِ تيار آهن. هنن چيو ته ڪچري کي جي ٽي ايس مان کڻي لينڊ فل سائيٽ ۾ اڇلائڻ جو هدف ڏنو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته هُو پهرين صفائي جي ڪم جي شروعات ڪن ۽ ان کانپوءِ اڳتي هلي ڪم کي وڌائيندي ان کي پاور جنريشن ڏانهن وٺي وڃو. هن چيو ته مان شروعاتي طور تي اوهان سان سهڪار ڪندس.

 

پانامه ليڪس جي هڪ نقاطي ايجنڊا تي آصف زرداري جي اڳوڻي ۾ اپوزيشن پارٽيون گڏ ٿي سگهن ٿيون: عمران خان

ڪراچي (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پانامه ليڪس جي هڪ نقاطي ايجنڊا تي آصف زرداري جي اڳواڻي ۾ اپوزيشن پارٽيون گڏ ٿي سگهن ٿيون ڪرپشن جي واڳو ملڪ تي قابض آهن پانامه پاڪستان جي مستقبل جي جنگ آهي لٽيل دولت پاڪستان واپس آندي وڃي ته سڄو پئسو عوام جي ترقي تي خرچ ٿيندو سنڌ پنجاب ۾ ڪرپشن جو خاتمو ٿي وڃي ته تعليم ۽ صحت جو نظام بهتر ٿي ويندو ۽ سماجي ترقي ٿيندي اسحاق ڊار جو ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ واريون اسڪيمون جوڙي جڏهن ته نوازشريف پنهنجو پئسو ٺاهڻ لاءِ ملڪ کي تباهه ڪري رهيو آهي مولانا فضل الرحمان جي هوندي يهودين جي سازشن جي ضرورت نه آهي رقم وڌايو نوازشريف مان توهان سان گڏ آهيان فضل الرحمان جو نعرو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي انصاف هائوس ۾ ڪراچي جي تنظيمي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو اجلاس دوران عمران خان پارٽي اڳواڻن کان سوال ڪيو ته ڪراچي جي سياسي خال مان فائدو وٺڻ لاءِ توهان ڇا ڪيو حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ڪيترين يوسيز ۾ تحريڪ انصاف کي منطم ۽ ڪيترن ماڻهن جي پارٽي ۾ شموليت ڪرائي آهي عمران خان هدايت ڪئي ته پارٽي ذميوار ۽ عهديدار پي ٽي آءِ کي ڪراچي ۾ منظم ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿي وڃن. پارٽي پاليسي جي خلاف ورزي ڪندڙ پاڻ کي پي ٽي آءِ کان الڳ سمجهن. عهديدار ۽ ورڪرن تي داڪو ڄمائڻ بجاءِ دوستاڻو رويو اختيار ڪيو وڃي خودي ۽ انا پرستي کي ڇڏي ۽ ننڍن ننڍن اختلافن کي ختم ڪري پارٽي کي مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. عمران خان چيو ته 2018 جي چونڊن کان اڳ ڪراچي ۾ پارٽي سيٽ اپ مڪمل ڪيو وڃي.

 

احتساب جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي رهيا آهيون: سراج الحق

لاهور(م.ڊ) جماعت اسلام جي امير سراج الحق چيو آهي ته احتساب جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي رهيا آهيون تنهن هوندي جيڪڏهن عدالتن مايوس ڪيو ته چوڪن ۽ چوراهن تي اچڻ کان سواءِ ڪو به ٻيو رستو ناهي. ڪرپشن خلاف جدوجهد جاري رهندي، پاڪستان جو پيسو پرڏيهه منتقل ٿيو. ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڀارت طرفان پاڻي بند ڪرڻ جي اعلان کي جنگ جو اعلان سمجهون ٿا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اسان ئي نانگن کي کير پياري زهريلو بڻايو ۽ هاڻ قوم کي ڦڙيو لٽيو پيو وڃي ۽ دنيا ۾ بدنام به ڪيو پيو وڃي. ڪرپشن خلاف اسان سان گڏ آواز اٿارڻ وارن کي ڀليڪار چونداسين، عوام چاهي ٿو ته ملڪ لوٽڻ وارن جو احتساب ٿئي پر حڪمران چاهن ٿا ته احتساب جو نعرو دٻجي وڃي.

 

ڪراچي ۾ مختلف واقعا، ۸ ڄڻا مارجي ويا، ۵ ڄڻا گرفتار

ڪراچي(م،ڊ)  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ ٻين واقعن ۾ ۸ ڄڻا مري ويا آهن. تفصيل موجب اورنگي ٽائون کان گرفتار ۲ جوابدار پوليس آفيسر جا قاتل نڪتا، جڏهن ته گلبرگ پوليس هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، ڊاڪس جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب اسماعيل نالي همراهه مارجي ويو. سچل جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ برڪت نالي شخص مارجي ويو، پوليس موجب مقتول چوڪيدار کي ذاتي جهيڙي دوران قتل ڪيو ويو. لانڍي ريڙهي ڳوٺ ۾ ۳ کان ۴ ڏينهن پراڻي لاش ملي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، لياري جي علائقي ۾ چاڪيواڙا ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو. ميمڻ ڳوٺ ۾ گهريلو جهيڙي ۾ ۲ عورتون ۽ هڪ مرد مارجي ويا. اورنگي ٽائون ۾ تنوير نالي شخص مارجي ويو، پوليس موجب اقبال مارڪيٽ پوليس ڦر دوران قتل جي وارداتن ۾ ملوث ٻه ڏوهاري رفيق ۽ شير علي کي گرفتار ڪيو، جوابدارن جاچ دوران اعتراف ڪيو ته هن پوليس آفيسر شهزاد کي ڪورنگي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. ايس پي بشير بروهي موجب نارٿ ناظم آباد بلاڪ سي ۾ هڪ ڄڻي کي چيڪنگ لاءِ روڪيو ته هن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جوابدار جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽر سائيڪل ملي آهي.

 

بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، واٽر بورڊ ۽ ٻيا ادارا ميئر حوالي ڪيا وڃن: فاروق ستار

ڪراچي(م.ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي واٽر بورڊ ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سميت مختلف ادارا ميئر وسيم اختر جي ماتحت ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪنهن کي افواهن پکيڙڻ جي ڪا ضرورت ناهي. اڄ جي جلسي 23 آگسٽ واري فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  اڃڄ جو تاريخي جسلو ڪرڻ ت ڪراچي وارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اڄ عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته جلسي ۽ جلسي ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي.  مڪاني نظام ۽ ادارا مضبوط ڪرڻ اسان جو مشن آهي. جمهوريت کي هيٺين سطح تي پهچايو وڃي. هن چيو ته عوام تقسيم ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو. وسيم اختر کي لکين ماڻهن ووٽ ڏئي ميئر چونڊرايو آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻيا اهم ادارا مڪاني نظام جي ماتحت ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي آبادي کي گھٽ ڪري ڏيکاريو ٿو وڃي، هاڻي اها راند ختم ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته واٽر بورڊ کي ڪراچي ميٽرو پوليٽن جي ماتحت ڪيو وڃي. ماسٽر پلان به مقامي ماڻهن حوالي ڪيو وڃي. سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ به ڪي ايم سي حوالي ڪيو وڃي.