تازيون خبرون

Daily Archives: November 28, 2016

ڪراچي ۾ پوليس جي 2 ڊي ايس پيز تي حملو، هڪ قتل، ٻيو محفوظ رهيو. 2 اهلڪار زخمي

ڪراچي(م.ڊ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي  ٽريفڪ فيض الله شگري مارجي ويو جڏهن ته ٻه اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. ڪراچي ۾ گلشنِ اقبال جي ڪنيز فاطمه سوسائٽي ۾ واقعو پيش آيو، جتي اڻڄاتل دهشتگردن پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي فيض الله شگري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو پر هُو بچي نه سگھيو. ڊي ايس پي فيض الله شگري سان گڏ ٻه ٻيا اهلڪار به زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو آهي. ٻئي طرف وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس ورتو،  وڏي وزير آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، مراد علي شاهه  جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حۡڪم به جاري ڪيو آهي. ٻئي طرف  ڪراچي ۾ پوليس جي گاڏين تي فائرنگ جا واقعا وڌي ويا، گلشن اقبال کانپوءِ گلستان جوهر ۾ ڊي ايس پي گلبرگ جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ڊي ايس پي گلبر ظفر محمود جي گاڏي تي حملو ڪيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي گلبرگ ظفر محمود محفوظ رهيو جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ کنپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.

 

پاڪ فوج جي ڪمان جي تبديلي جون تياريون مڪمل، نئون آرمي چيف سڀاڻي ڪمان سنڀاليندي

ڪراچي(م.د) پاڪ فوج جي ڪمان جي تبدلي جي لاءِ تقريب جون تياريون مڪمل ڪيون ويون  آهن، نئون آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده 29 نمبر تي فوج جي ڪمان سنڀاليندي، تقريب ۾ وفاقي وزير، فوج جا اڳوڻا سربراهه، هوائي ۽ بحري فوج جا سربراهه، فوجي جا اعليٰ آفيسر ۽ ٻيون اعليٰ شخصيتون شرڪت ڪنديون، پاڪ فوج جي ڪمان 16 هين سپهه سالار جنرل قمر جاويد باوجوه کي 29 نومبر جي صبح 10 وڳي سونپي ويندي، تقريب جي باقائده آغاز کان اڳ جنرل راحيل شريف پنهنجي جانشين سان گڏ تقريب ۾ پهچندو، جنرل راحيل شريف کي ان جي فرنٽيئر فورس رجمنٽ جو دستو جڏهن ته جنرل قمر باجوه کي ان جي بلوچ ريجمنٽ جو دستوسلامي پيش ڪندو، تقريب جي سڀ کان اهم لمحي ۾ سبڪدوش ٿيندڙ آرمي چيف جنرل راحيل شريف فوج جي ڪمان جي ڇڙي پنهنجي جانشين جنرل قمر جاويد باوجوه جي حوالي ڪندو، جڏهن ته چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير حيات به تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، جڏهن ته عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود به تقريب ۾ موجود هوندو، غير ملڪي سفارتڪار، رٽائرڊ اعليٰ فوجي  ۽ ميڊيا جي نمائندن کي به دعوت ڏني ويندي،

 

پاڪ ترڪ اسڪولن جي ذميواري سنڀالي ورتي آهي، ڪو به ٻار متاثر نه ٿيندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي اصلاحاتي منصوبي تحت سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا ۾ اضافو ٿيو آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم جي تعليمي سڌارن واري پروگرام تحت اسلام آباد جي 422 اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ خانگي اسڪولن جي انتظاميا جي معاونت سان سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ گڏيل سڌارن جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، سرڪاري اسڪولن جي فزيڪل انفرا اسٽرڪچر ڪوالٽي آف ايجوڪيشن ۽ استادن جي تربيت ۾ بهتري لاءِ ٽيچرز ٽريننگ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ايندڙ تعليمي سال جي شروعات کان وفاقي گادي واري شهر جي اسڪولن جي شاگردن کي معياري ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، آچر تي اسلام آباد ۾ نجي اسڪول جي فن فيئر ميلي جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيت چيو ته سرڪاري شعبي جي اسڪولن جي معياري تعليم ۾ بهتري لاءِ وزيراعظم جي تعليمي سڌاري واري پروگرام تحت استادن جي تربيت ۾ بهتري لاءِ ايڊوائيزري ڪونسل جي مشوري سان قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن تحت پبلڪ سيڪٽر جي تعليمي ادارن ۾ موجوده فزيڪلي انفرا اسٽرڪچر جي بهتري ۽ وڌيڪ سهولتن جي فراهمي شاگردن جي تعليم جي حصول واري نظام ۾ بهتري ۽استادن جي پيشور تربيت ۽ ترقي سان گڏوگڏ معياري ٽرانسپورٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو آهي، هن چيو ته پبلڪ سيڪٽر اسڪولن ۾ ٽرانسپورٽ جي فراهمي جي سلسلي ۾ 25 بسون ملي چڪيون آهن، جڏهن ته وڌيڪ بسيون نئين تعليم واري سال کان اڳ اچي وينديون.

 

مٺي ۾ 24 ڪلاڪن اندر 5 معصوم ٻارڙا فوت

مٺي(م.ڊ) ٿر جي ماروئڙن تي موت جا لامارا بدستور جاري، بک وڌيڪ 5 معصوم جانيون ڪڙڪائي وئي، هلندڙ مهيني جي 27 ڏينهن دوران فوتين جو انگ 37 ٿي ويو، ٿرپارڪر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين ۾ ورتل  5 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا. نومبر مهيني ۾ مري ويلن جو انگ 37 ٿي ويو آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن اندر 5 معصوم ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سيءَ ۾ اضافو ٿيڻ ڪري به پهرين کان بيمار معصوم ٻارڙا وڌيڪ بيمارين جو شڪار ٿين ٿا. جنهن جي ڪري بيمار ٻارڙن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

 

جنرل راحيل شريف شهيد شبير شريف اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪنجاهه ۾ شهيد شبير شريف اسپتال جو افتتاح ڪيو، اسپتال علائقي جي رهوسين جي علاج جي سهولت لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي، آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف جنرل اسٽاف جنرل راحيل شريف گجرات جي علائقي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪنجاه جو دورو ڪيو ۽ نئين تعمير ڪيل شهيد شبير شريف اسپتال جو افتتاح ڪيو، اها اسپتال علائقي واسين جي علاج جي سهولت لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي، افتتاحي تقريب ۾ علائقي جي معزز ماڻهو به موجود هئا، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف اسپتال جو معائنو ڪيو ۽ علاج هيٺ مريضن سان ملاقات ڪئي.

 

خورشيد شاهه پاران بلاول ڀٽو زرداري کي هن ئي سال اسيمبليءَ ۾ آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي مختلف منصوبن جي لاءِ 34 ارب رپين جو قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قرض جو پيسو خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ توانائي جي منصوبن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏنو ويندو. قرضي جي مدد سان خيبرپختونخواهه ۾ 1000 ننڍا آبي پلانٽ لڳايا ويندا جڏهن ته قرضي جي مدد سان 23 هزار اسڪولن کي بجلي ڏيڻ لاءِ شمسي توانائي جا پلانٽ به لڳايا ويندا. قرضي جو وڏو حصو خيبرپختونخواهه تي خرچ ٿيندو .

 

اسحاق ڊار جو آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سان رابطو، مقررين تي مبارڪون

اسلام آباد (اين اين آءِ) ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار پاڪ فوج لاءِ نئين سربراهه ۽ چيئرمين چيفس آف جوائنٽ اسٽاف کي ٽيليفون ڪري انهن کي مقرري تي مبارڪ ڏني، آچرتي سينيٽر محمد اسحاق ڊار جنرل قمر جاويد باجوه کي ٽيليفون ڪيو ۽ ان کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿيڻ تي مبارڪ ڏني، آرمي چيف کانپوءِ ناڻي واري وزير جنرل زبير محمود حيات کي فون ڪري ان کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ٿيڻ تي مبارڪ ڏني.

 

اسان سڀ ڀٽو آهيون، پ پ 49 هون يوم تاسيس لاهور ۾ ملهائيندي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سڀ ذوالفقار علي ڀٽو آهيون، پاڪستان پيپلز پارٽي 49 هون يوم تاسيس لاهور ۾ ملهائيندي، پنهنجي هڪ بيان ۾ پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته يوم تاسيس 30 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين ملهايو ويندو. هن ڀيري يوم تاسيس لاهور ۾ ملهائي رهيا آهيون.

 

ملڪ جو پئسو لُٽيندڙ پاڻ کي قوم جو ليڊر چئي رهيا آهن: سراج الحق

ڪراچي (اين اين آءِ)جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي، سنڌ ۽ ڪراچي جو ڪيس سينيٽ سميت هر هنڌ وڙهندي، ڪراچي جي مسئلن جي حل جي چاٻي ڪراچي جي عوام وٽ آهي، جماعت اسلامي تبديلي ۽ انقلاب واري پارٽي آهي، اسان آئيني ۽ جمهوري طريقن موجب ملڪ جي هر شعبي ۾ تبديلي جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اسان جي جنگ قاتلن، لٽيرن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ شگر مافيا جي خلاف آهي، اسان ڪنهن سان به نفرت نٿا ڪريون، اسان جو پيغام محبت ۽ امن جو پيغام آهي، پاناما ليڪس ۽ دبئي پراپرٽي ليگ جي صورت ۾ حڪمرانن جي ڪرپشن جا انبار اکين سان ڏسي رهيا آهيون، قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ تي کتل آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ مذهب تبديل ڪرڻ جي حوالي سان جيڪو قانون جوڙيو ويو آهي اهو شريعت جي خلاف آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح باغ ۾ ورڪرز ڪنويشن جي اختتام تي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي سان جماعت اسلامي جي امير ڊاڪٽر معراج الحديٰ، حافظ نعيم رحمان، نائب امير ڊاڪٽر اسامه رضي به خطاب ڪيو، جلسي ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان آيل هزارين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي، انکانسواءِ هندن، عيسائين ۽ٻين اقليتي مميبرن شرڪت ڪئي، سراج الحق وڌيڪ چيو ته مان اهڙين حالتن ۾ ايڏو وڏو ڪنويشن منعقد ڪرڻ ۽ ان جا انتظام ۽ ميزباني ڪرڻ  تي ڊاڪٽر معراج الحدي ۽ ان جي سڄي ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو. بابل اسلام جو اهو ڪنويشن روشني، خوشحالي، اسلامي ۽ تعليمي يافته پاڪستان جي ڀلائي ثابت ٿيندو. هن چيو ته حڪمران اسان جا 70 سال برباد ڪري ڇڏيا، حڪمرانن جون حالتون ته تبديل ٿيون پر غريب عوام جون حالتون تبديل نه ٿي سگهيون، اسان پاڪستان ۾ ڪنهن خاندان جي بادشاهت جي بدران اسلامي شريعت جي حڪمراني چاهيون ٿا، اهڙي طريقي سان دنيا ۾ عزت ۽ آخرت ۾ نجات ملي سگهندي، اسان عدالتن، ايوان، تعليمي ادارن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ قرآن جي روشني ۽ نور ڦهلائڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته هي ملڪ اسلام لاءِ ٺهيو هو جيڪي ماڻهو ليبرل يا سيڪيولر هن ملڪ کي ڪجهه ٻيو بڻائڻ چاهين ٿا اهي شهدا پاڪستان ۽ آئين سان غداري ڪري رهيا آهن، جيڪي حڪمران ملڪ جي نظريي ۽ جاگرافي جو تحفظ نٿا ڪري سگهن انهن کي حڪمراني جو ڪو به حق نه آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر معراج الحديٰ جيڪو سنڌ لاءِ ايجنڊا ڏنو آهي مان ان سان گڏ آهيان، مان سنڌ ۽ ڪراچي جو ڪيس سينيٽ سميت هر هنڌ وڙهندس.

 

قومي اسيمبلي جي ميمبر چوڌري اشرف جي ڪمري مان عورت جو لاش هٿ

لاهور(م.ڊ)  چنبا هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر ايم اين اي چوڌري اشرف جي ڪمري مان مسلم ليگ ن جي ڪارڪن 40 سالا سمعيه جو لاش هٿ اچڻ تي ريس ڪورس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. چوڌري اشرف جو چوڻ آهي سميعه جو تعلق منهنجي تڪ سان آهي، جنهن سان قومي اسيمبلي جي ٻاهران ملاقات ٿي هئي. ڪمري جي بڪنگ جي مون کي خبر ناهي. چنبا هائوس انتظاميه مون کي بنا ڪنهن اطلاع ڏيڻ جي منهنجي نالي ڪمرو بڪ ڪيو آهي. مون ڪڏهن به ڪمرو بڪ ناهي ڪرايو. ٿي سگهي ٿو ته منهنجي تڪ جا ماڻهو ڪمرن جي بڪنگ لاءِ منهنجو نالو استعمال ڪندا هجن. پوليس موجب لاش ڪمري نمبر 26 مان هٿ آيو آهي جيڪو ڪمرو ايم اين اي چوڌري محمد اشرف جي نالي سان بڪ هو. سميعه جي مڙس جو چوڻ آهي ته سميعه کي لڄالٽ بعد قتل ڪيو ويو آهي.