تازيون خبرون

Daily Archives: November 26, 2016

برطانيا ۾ اوپرا سکندڙ سائره پيٽر جي ڪراچي ۾ پرفارمنس

ڪراچي(شوبز نيوز)برطانيا ۾ اوپرا سکندڙ سائره پيٽر جي ڪراچي ۾ پرفارمنس، پاڪستاني ڄائي برطانوي گلوڪاره سائره پيٽر اوپرا ۽ صوفي ميوزڪ جي ميلاپ سان نئين صنف متعارف ڪرائي ڇڏي، سائره پيٽر پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اوپرا ۽ صوفي ميوزڪ جي ميلاپ تي ڪم ڪري رهي آهي، ان ڪري هن شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام جي چونڊ ڪئي آهي.

 

ايڪشن سان ڀرپور فلمن جي ديوانن جي لاءِ خوشخبري، هالي ووڊ ٿرلر فلم ايليمينٽيسٽرز جي نئين جهلڪ جاري ٿي ويئ

ڪرچي(شوبز نيوز) ايڪشن سان ڀرپور فلمن جي ديوانن جي لاءِ خوشخبري اها آهي ته هالي ووڊ ٿرلر فلم ايليمينٽيسٽرز جي نئين جهلڪ جاري ڪئي وئي اهي، جيمز تن جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي آمريڪي ايجنٽ جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪو لندن جي هڪ گهر ۾ غلطي سان ٿيندڙ حملي بعد گواهن کي تحفظ ڏيڻ جي پروگرام کي بند ڪري ڇڏي ٿو، فلم جي ڪاسٽ ۾ اسڪاٽ ايڊڪنز، اسٽوبينٽس، ڊينيل ڪالٽا گرون، جيمز ڪاسمو ۽ اوليويا ميس سميت ٻيا شامل آهن.فلم 6 ڊسمبر تي سيمينار گهرن جي زينت بڻجندي.

 

آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جي ويمنز ٽيمن وچ۾ چوٿين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ (سڀاڻي) کيڏي ويندي

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي انٽرنيشنل (سڀاڻي) آچر تي کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم آسٽريليا کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي سرسي حاصل آهي، پهرين ميچ ۾ آسٽريليا ويمن ٻن وڪيٽن، ٻي ۾ 66 رنسن ۽ ٽئين ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي 29 نومبر تي کيڏي ويندي.

 

نيوزيلينڊ جو آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 14 ميمبرن واري اسڪواڊ جو اعلان

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) آڪلينڊ جي فاسٽ بالر لوڪائي فرگيوسن کي نيوزيلينڊ جي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، نيويلينڊ آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ 14 ميمبرن واري اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سليڪشن ڪميٽي طرفان اعلانيل اسڪواڊ ۾ ڪين وليمسن (ڪپتان)، ٽوڊ ايسٽل، ٽرينٽ بولٽ، لوڪائي گرگيوسن، مارٽن گپٽل، ڪولن ڊي گرينڊ هوم ، ميٽ هينري، ٽام ليٿم، ڪولن منرو، جمي نيشم، هينري نڪولس، مچل سينٽنر، ٽم سائودي ۽ بي جي واٽامنگ شامل آهن، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ڊسمبر ۾ کيڏي ويندي

 

25 نومبر: عورتن تي تشدد خلاف عالمي ڏينهن: سميرا مختيار

عورت کي دنيا جي سونهن ۽ خوبصورتي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ عورت کي صنفِ نازڪ به چيو وڃي ٿو، پر افسوس جو ان نازڪ وجود جي مٿان ڪئين ڳرا بار رکيا ويا آهن. ننڍي هوندي کان ئي گهر جو ڪم ڪار، پوءِ بنا مرضيءَ جي شادي، ٻار جي پيدائش ۽ انهن جي پرورش اِهي ته معمولي ڳالهيون آهن. اصل عورت جي پيڙا اُن جي پنهنجي ذاتي وجود جي پيدا ٿيڻ وقت ئي شروع ٿي وڃي ٿي. جڏهن عورت کي پيدا ٿيندي ئي طعنا ڏنا وڃن ٿا ته ڇوڪري ڄمي آهي ۽ پوءِ جيئن جيئن اها وڏي ٿيندي ٿي وڃي، تيئن تيئن اُن جي وجود ۾ گهر کان وٺي سماج جي ريتن رسمن ۽ رواجن جي نالي تي ظلم، اذيت ۽ ذلت جا ڏار پوندا ٿا وڃن.

ننڍي هوندي ئي اُن مان اِها اُميد رکي ويندي آهي ته هوءَ ابي ۽ ڀائرن آڏو ٻڙڪ نه ڪڍندي. سندن خدمت بلڪه غلاميءَ کي ئي پنهنجو مُرڪ سمجهندي ۽ جڏهن ابو گهر ايندو ته مٿو ڍڪي ڪنڌ هيٺ ڪري اُن جي سامهون زبان بند ڪري ويهندي ۽ ڀائرن جي اچڻ تي ٻانهي بڻجي، انهن جي خدمت ڪندي ۽ وري هجي ڪو ڄٽ ڀاءُ جيڪو اُن کي پڙهڻ به نه ڏي ۽ پيءُ پنهنجي بدلي ۾ ڌيءَ ڏئي پرڻجي ته پوءِ ان نياڻيءَ جي ڇا زندگي هوندي؟ ڇا اِها نياڻي جسماني توڙي ذهني سک حاصل ڪري سگهندي؟ نه بلڪل به نه! اِها عورت ۽ نياڻي سزائنن جي منهن ۾ هوندي ۽ رڳو مارون کائي انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي ٿي پنهنجي وجود سان گڏ پنهنجي ارمانن کي به دنيا جو بار سمجهي زنده رهندي.

سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان جي ملهائڻ پٺيان هڪ اهم واقعو آهي ته 25 نومبر 1960ع تي ڊومنڪ ري پبلڪ ۾ اُن وقت جي آمر دافعل ٽرو جيلو جي حڪم تي ٽن سياسي ڪارڪنن سڳن ڀينرن کي قتل ڪيو، اُن کانپوءِ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪنن 25 نومبر کي عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد دنيا جو ڌيان ان حقيقت ڏانهن ڇڪائڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جا واقعا عام آهن، جن ۾ لڄالٽ، گهرو تشدد ۽ ڏاڍ جا ٻيا قسم شامل آهن.

ان سان گڏوگڏ اِها حقيقت به سامهون آڻڻي آهي ته ان قسم جا واقعا گهڻي ڀاڱي لڪل رهن ٿا ۽ منظرعام تي نه اچڻ سبب متاثر عورتون ۽ نينگريون انصاف کان محروم رهن ٿيون، جيڪا ان حوالي سان هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت به آهي ۽ تشدد ڪندڙن کي سزا نه ملڻ سبب ٻيا به بي ڊپا ٿيو وڃن. اهڙيءَ ريت نياڻين تي تشدد جا واقعا گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن.

تشدد رڳو جسماني طرح نه پر ٻين ڪئين نمونن سان ٿئي ٿو. بنيادي حقن کان محروم رکڻ به هڪ طرح جو تشدد آهي. جيڪڏهن گهر ۾ ڪا نئين شيءِ اچي ٿي ته اُن تي به پُٽ جو پهريون حق سمجهيو وڃي ٿو. تعليم حاصل ڪرڻ جو حق به عورت کان پهرين مرد کي ڏنو وڃي ٿو جو مرد گهر جو سربراهه ۽ ڪفايت ڪندڙ سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته عورتن جو گهر ۾ ڪيل پورهيو جيڪو نه رڳو گهر کي مستحڪم ڪري ٿو پر معيشت ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، سو ڪنهن کاتي ۾ نه ٿو ليکيو وڃي.

عورت کي ذهني طرح سان به تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. خاص ڪري سندس ذات ۽ ڪردار کي تذليل جو نشانو بنائڻ ۽ اُن کي هيسائڻ. اُن کي هر ڳالهه ۾ دڙڪو ڏيڻ، اُن جي پاڪ دامني تي الزام هڻڻ ۽ اُن کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ به ذهني تشدد ۾ شامل آهي.

مرد هن معاشري ۾ هڪ طاقتور حيثيت رکي ٿو، جيڪو پنهنجي عورت تي پنهنجو رعب رکڻ لاءِ اُن سان رڙ ڪري ڳالهائيندو، اُن تي ڏاڍائي ڪندو ۽ پنهنجي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ عورت کي مارڪٽ به ڪندو. صرف اِهو ئي نه اڪثر اسين ميڊيا وسيلي اهڙيون خبرون ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، جن ۾ مڙس زال جا وار ڪٽي، نڪ ڪپي اُن کي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو، يا وري اُن کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي ٿو. صرف اِهو ئي نه اڪثر مڙس ته ٻاهر روڊن تي، عدالت آڏو، بازارن ۾ ۽ ٻارن اڳيان به پنهنجي زالن کي ماري ماري اڌ مئو ڪندا آهن ۽ مٿان اُن کي گهر ۾ قيد به ڪري رکن ٿا.

اتي عورت جسماني طور تي تشدد جو نشانو ته بڻجي ٿي پر اتي سندس عزت، نفس ۽ ارمان به تشدد جو نشانو بڻجو وڃن. عورت کي جنسي تشدد جو نشانو به بڻايو وڃي ٿو، جنهن سان اُن جو جسم ئي نه پر سندس روح به تڙپيو وڃي. هاڻ ته عورت تي تشدد جو آسان طريقو اُن جي مٿان تيزاب اڇلائڻ آهي، جنهن سان نه رڳو سندس جسم سڙي ٿو، پر اُن جا خواب ۽ ارمان به سڙيو وڃن. پوءِ اِها عورت ڪيئن جيئندي؟

عورتن جي حقن لاءِ ته ڪئين تنظيمون، ادارا، سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور تي ڪم ٿي رهيو آهي، پر اصل ڪم عورتن تي ٿيندڙ ڏاڍ کي روڪڻ يا اُن تي ضابطو حاصل ڪرڻ آهي. عورت چاهي شهر جي هجي يا ڳوٺ جي، جڏهن اُن جي ڦٽي ٿي ته ڪٿي به اُن جي لاءِ تحفظ نه آهي. پر وري شهرن جي عورتن ۾ تعليم ڪجهه شعور پيدا ڪيو آهي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ جي عورت ته ڄڻ پيدا ٿيندي ئي ڪو قرض کنيو اچي، جنهن کي رڳو انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي ٿي مرد جي خدمت ڪري پاڻ ماري به اِهو قرض ادا ڪرڻو آهي ۽ جڏهن اُن کان سندس مڙس، ڀاءُ يا پيءُ بيزار ٿي وڃي ته غيرت جي نالي تي بي غيرت ٿي اُن کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو.

عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ملڻ کانپوءِ ڪجهه حد تائين عورتن تي تشدد ۾ ڪمي ته آئي آهي پر اُن ۾ مڪمل طور يا 50 سيڪڙو به گهٽتائي ڪونه ٿي آهي. ڄ به ڪيتريون عورتون مارون کائي صبح جو آغاز ڪري چڪيون هونديون ۽ خبر نه آهي ڪيتريون مار کائي يا ٻي ڪنهن ڏاڍ جو نشانو بڻجي کٽ يا قبر ۾ سمهنديون.

اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته ڇا اسين پنهنجي معاشري، ملڪ، شهر ۽ ڀرپاسي ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد (چاهي تشدد ڪهڙي به قسم جو هجي) ڏسي اهو ڏينهن ملهائي سگهون ٿا؟ آهي ڪو جواب اسان وٽ؟

******

 

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باه ڀڙڪڻ لڳي: حسن ناز سومرو

جيئن ته سنڌ سونهاري هميشه ڏکن ۽ ڏولاون جو منهن ڏسندي رهي آهي،  هتي ڪڏهن ڌارين چڙهايون ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ذليل ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي آهي ته ڪڏهن پنهنجن ئي پراون سان ملي سنڌ جي سينڌ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پوءِ به سنڌ سڳوري پنهنجن سان گڏ ڌارين کي به جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن.    هڪ طرف سنڌ ۾ بدامني جي ٻرندڙ باه کي وسائڻ لاءِ رينجرز ۽ پوليس گڏجي حڪمت عملي سان تمام گھڻو ڪم ڪري نه فقط سنڌ ۾ سڪون جي فضا قائم ڪئي هئي پر سنڌي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيا، پر ڪجھ ڏينهن کان سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باه ڀڙڪي پيئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ چورا ڪاري، ڦرن ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ اچانڪ واڌارو اچي ويو آهي جنهن جو هن وقت تائين نه ته رينجرز ڪو ايڪشن ورتو آهي ۽ نه وري ڪو پوليس به ٻوٽو ٻاري سگھي آهي، جنهن جي ڪري سنڌي اياڻا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي غير محفوظ سمجھڻ لڳا آهن.

سنڌ ۾ ڪافي هنڌن تي ڦرن ۽ ڌاڙن جون وارداتون ٻڌي رهيا آهيون جتي ڏوهاري ماڻهو روڊن تي بيهي بسن ۽ ڪوچن کي ڦرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن پر گذريل ڏينهن ڪلور ته اهو ٿيو ته ضلعي نوشهرو فيروز جي تعلقي پڊعيدن ۽ ڀريا روڊ جي ريلوي اسٽيشنن تي ڌاڙيلن ٽرينن جي بيهڻ شرط ئي ريل جي بوگين ۾ چڙهي اچي مسافرن کي سڪون سان لٽيو ۽ ڦريو جڏهن ته ٽرين ۾ موجود پوليس اهلڪار جيڪي مسافرن کي ٽرين ۾ بنا ٽڪيٽ چڙهڻ لاءِ آزيون ۽ منٿون ڪندي نظر ايندا آهن جن وٽ هٿيار ته ساڻ هوندا آهن پر انهن واريون رائفلون ڏسڻ شرط ئي خبر پوي ٿي ته اهي هلڻ جهڙيون آهن ئي ڪونه آهن……؟؟

سو ان لاءِ ڌاڙيلن کي اها پوري ڄاڻ آهي ته ريلوي جا اهلڪار ائين آهن جيئن مادي ڪڪڙ ……!!، سو ريلوي پوليس ۾ ته ڪو آسرو آهي ئي ڪونه آهي بس ريل گاڏيون کي الله پاڪ جي آسري تي هلي رهيون آهن، سو گذريل ڏينهن جهڙي طريقي سان پڊعيدن ۽ ڀريا روڊ ريلوي اسٽيشنن تي ڌاڙيلن ڦر ڪئي ان تي ريلوي پوليس اهلڪارن کي شرم اچڻ گھرجي ها، جن اسلحو ته هو پر انهن ڌاڙيلن سان ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڪئي، بس ائين ئي پاڪستاني شهري ريل ۾ ڦرجندا رهيا، پر ڪير به سندن واهر ڪرڻ وارو ڪونه هو.

ضلعي نوشهرو فيروز جي عوام جو چوڻ آهي ته جڏهن کان هن شهر ۾ نئون ايس ايس پي بدلي ٿي آيو آهي تڏهن کان ڏوهن ۾ واڌ ٿي آهي پر اسين ته ائين چونداسين ته جڏهن کان سنڌ جو نئون چيف منسٽر سائين مراد علي شاه چيف منسٽر ٿيو آهي تڏهن کان سنڌ ۾ بدامني جي باه ڪجھ زياده ئي ٻري پيئي آهي سو ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن اهو الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو، باقي ايترو ضرور چونداسين ته اهو حال فقط ضلعي نوشهري فيروز جو نه آهي پر اها حالت پوري سنڌ جي لڳي پيئي آهي گذريل ڏينهن تعلقي ٺل ۾ بدنام ڏوهاري ڪالي بنگلاڻي جي مارجڻ کان پوءِ ٺل شهر مان ڪيترائي ماڻهو اغواءَ ٿي ويا آهن جڏهن ته ٺل شهر جي ڳوٺ جمعي ڊکڻ مان اسلم سومري کي اغواءَ ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪوبه پتو پئجي نه سگھيو آهي هوڏانهن حيدرآباد شهر ۾ ڪجھ اهڙا شاهينگ داخل ٿي چڪا آهن جيڪي مردن توڙي عورتن جي مٿان ڪجھ دم ڪري ڇڏين ٿا ۽ پوءَ ان مرد توڙي عورت جو دماغ سندن ڪنٽرول ۾ اچي وڃي ٿو ۽ پوءِ ان کي گھر وٺي اچي سمورو پئسو ۽ زيور وٺي ٿا وڃن پر پوءِ ان ماڻهو کي پوءِ خبر پوي ٿي جڏهن اهي شاهينگ گھڻو پري نڪري وڃن ٿا.

گذريل ڪجھ ڏينهن کان سنڌ ۾ پيدا ٿيل اهڙي قسم جي صورتحال تي سنڌ جي عوام ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ تمام گھڻي بيچيني پکڙيل آهي.

سنڌ اندر اهڙي قسم جي بدامني جي باه جو اچانڪ ٻرڻ هڪ سازش هجڻ جو شڪ پيدا ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي ڏوهارين کي پنهنجي منتقي انجام تائين پهچايو ويو آهي پر ٻئي طرف هڪ تمام وڏي ٺاپر کان پوءِ اچانڪ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ ڌاڙن ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اچانڪ اضافو ٿي ويو آهي سو اهڙي قسم جي وارداتن ۾ ڪنهن وڏي طاقت جي ملوث هجڻ کي رد نه ٿو ڪري سگھجي.

سنڌ ۾ پوليس پاران فل فراءِ ۽ هاف فراءِ جي خوف کان ڏوهاري ماڻهو ايترو ته ڊنل هئا جو هنن ڏوهن ڪرڻ کان توبه ڪري ڇڏي هئي پر اچانڪ هي ڇا ٿي رهيو آهي سنڌ جي ضلعن جا مختلف ايس ايس پيز ڪيڏانهن هليا ويا آهن……!! هو خاموش ڇو آهن………!! سنڌ ۾ آخر اچانڪ بدامني پيدا ٿيڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن……..ٰٰ؟؟

سنڌ جي عوام سنڌ اندراهڙي قسم جي پيدا ٿيل صورتحال کان پوءِ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسين هڪ ڀيرو ٻيهر ايس ايس پيز، ڊي آءِ جيز ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ ڪٿي ائين نه ٿئي جو سنڌي عوام خود روڊن ۽ رستن تي عدالتون لڳائي خود فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين سو اهڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي گھرجي ته هو سنڌ اندر پيدا ٿيل بدامني جي باه کي وسائڻ جي ڪوشش ڪن ۽ سنڌ جو امن تباه ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي.

 

 

ڀارتي اڳرائي..!!!!

ننڍي کنڊ جي ٻن ائٽمي طاقت رکندڙ مُلڪن وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي آهي سا انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، انهيءَ صورتحال کان عالمي برادريءَ کي ڪن لاٽار ڪرڻ نه گهرجي ۽ ٻه قدم اڳتي وڌائي ڀارت کي سندس اڳرائين کان روڪڻ گهرجي.  ڀارت جيڪي اجائي هٺ جا ڪوٽ اڏي رهيو آهي، تنهن جو اڳي پوءِ کيس ئي نقصان ٿيڻو آهي جو جنگيون ننڍي پئماني تي هُجن يا وڏي پئماني تي، اُهي پنهنجي پُٺيان تباهيءَ جا اثر ئي ڇڏي وينديون آهن ۽ اُها تباهي ڪنهن هڪ پاسي نه پر ٻنهي پاسي ڦهلبي آهي. جيڪڏهن ڀارت سمجهي ٿو ته هُو پنهنجن هٿڪنڊن سان ڪشمير جي آواز کي دٻائي وٺندو ته اِها هُن جي ڀُل ٿيندي، جو هُن جي ههڙين حرڪتن جو دُنيا جائزو وٺي رهي آهي، ڀارت پنهنجي عوام کي انڌيري ۾ رکي ورغلائي سگهي ٿو، پر دُنيا کي ورغلائڻ سندس وس ۾ ناهي، دنيا آڏو هر اڇو ڪارو پڌرو ٿي رهيو آهي، تنهنڪري ڀارت کي هاڻ روايتي پاليسيون ترڪ ڪري حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. ايترو ئي نه ڀارت جنگي جنون ۾ جيڪو خرچ ڪرڻ چاهي ٿو، سو پڻ پنهنجي اُن مظلوم ۽ محڪوم طبقن تي خرچ ڪري ته ڀلو، جيڪي بنا اجهي جي فوٽ پاٿن تي پنهنجي زندگي گذاريو ڇڏين. خود ڀارتي عوام کي به اِهو سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي حڪمرانن کي اِن ڳالهه جو پابند بڻائڻ گهرجي ته ڪنهن اجائي تڪرار ۾ پئسا زيان ڪرڻ بدران عوام کي بنيادي گهرجون پوريون ڪري ڏنيون وڃن. توڙي جو سرحدي ڇڪتاڻ ۾ اسان جي حڪمرانن جو ڪو به هٿ ناهي، باوجود اُن جي ساڳي قسم جي صلاح اسين پنهنجي حڪمرانن کي پڻ ڏيڻ گهرنداسين ته جيترو ممڪن ٿي سگهي، ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پر جيڪڏهن ڀارت ساڳي قسم جي روش اختيار ڪري رکي ٿو ته پوءِ اُن کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو حق بهرحال اسان کي حاصل آهي. اِهو اسين اِن ڪري به چئي رهيا آهيون جو ڀارت چاهي ئي اِهو ٿو ته هُو اسان کي مسئلن ۾ اُلجهائي ته جيئن ترقيءَ واري سفر ۾ ڪا رنڊڪ پئجي وڃي.اصل ۾ پاڪ-چين اقتصادي راهداري وارو منصوبو ڀارت جي اکين ۾ ڪنڊو بڻجي چُڀي رهيو آهي، ڀارت سمجهي ٿو ته انهيءَ معاهدي سببان نه رُڳو خطي پر پوريءَ دنيا ۾ پاڪستان جي اهميت وڌي ويندي، جيڪا ڳالهه کانئس برداشت نه پئي ٿئي. ٻيو ته ڀارت پنهنجي اهڙين اڳرائين سان والاريل ڪشمير ۾ ناجائزين کي لڪائڻ گهري ٿو. انهيءَ نيت سان هن پهريان ته پوريءَ دنيا ۾ پاڪستان خلاف پروپيگنڊا شروع ڪئي، پر جڏهن اُن مان کيس ڪجهه نه وريو ته هُن سڌو سنئون مداخلت ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ مسلسل سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي عام شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي. جنهن جي اسين اڳ به مذمت ڪندا رهيا آهيون ۽ هاڻ به شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اسين سمجهون ٿا هن معاملي ۾ عالمي برادريءَ کي پنهنجو ڪردار  ادا ڪرڻ گهرجي، جو صورتحال ڏينهون ڏينهن شدت ڏانهن وڌي رهي آهي. اُن کان پهريان جو اُها شدت ڪنهن وڏي دنگاڻ ۾ تبديل ٿئي، اُهي قوتون، ڀارت کي اڳرائين کان باز رکن، ٻي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي تحفظ جو نه رُڳو حق رکي ٿو.