تازيون خبرون

Daily Archives: November 12, 2016

ڪجهه ماڻهو ترقي روڪڻ چاهين ٿا، نئون پاڪستان اسان ٺاهينداسين: نواز شريف

سانگلا هِل(م.ڊ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ترقي روڪڻ چاهين ٿا پر اسين ترقياتي سفر جاري رکنداسين. 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. وزيراعظم نواز شريف سانگلا  انٽر چينج  جو افتتاح ڪيو،  ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته سانگلا هل انٽر چينج ٺاهڻ وارو واعدو پورو ڪيو آهي، سانگلا لاءِ سئي گيس منصوبي جو اعلان به ڪيو. هن چيو ته سانگلا جا ماڻhو ٻيو ڪجهh به گهرن ها ته اهو سامهون هجي ها،  2013 ۾ سانگلا هل ۾ نوجوانن کان پڇيو ويو ته انٽرچينج گهرجي؟ جواب مليو ته حڪومت ايندي ته انٽرچينج بڻجي ويندو ۽ ڏسو اڄ انٽرچينج تيار آهي.  هن چيو ته اسان ترقي جو سفر کي جاري رکنداسين2018 تائين ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. ڪجهه ماڻهو ترقي روڪڻ چاهن ٿا، نئون پاڪستان اسان ٺاهي رهيا آهيون، هن چيو ته اڄ موٽر وي بڻجي رهيا آهن ۽ ٻيا منصوبا بڻجي رهيا آهن.  بجلي جي لوڊشيڊينگ ختم ٿي رهي آهي 3 سال پهرين اهو سڀ ڪجهه ڇو نه ٿيو؟  هن چيو ته ٽي سال پهرين وارو پاڪستان ڏسو ۽ هاڻ وارو پاڪستان ڏسو، اڄ پاڪستان ترقي جي بلندين تي آهي. پاڪستان ۾ بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو، نوجوانن کي روزگار ملندو. ٻهراڙين ۾ رهندڙ غريب ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، پاڪستان مان جهالت جو خاتمو ٿيندو مخالفن جي ڪوشس آهي ته بجلي سستي نه ٿئي.  وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مخالفن جو پراڻُو پاڪستان اڃان موجود آهي، ڪي پي ڪي ۾ اسان نئون پاڪستان ٺاهيو.

 

سوات ۾ امن فوج ۽ علائقي واسين جي قربانين سبب ٿيو آهي:جنر راحيل شريف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز سوات ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ وادي جي سڪيورٽي لاءِ پنهنجو ٺوس ڪردار ادا ڪندي رهندي، سوات ۾ ڪنٽونمينٽ جو قيام دهشتگردن جي خاتمي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو اعتماد وڌائڻ سان گڏ علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ هرقسم جي خطرن سان منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جمعي تي سوات جي علائقن مينگورا، ڪانجوا ۽ خوازا خيلا جو دورو ڪيو، دوري دوران آرمي چيف ڪي پي ڪي جي گورنر ۽ وڏي وزير سان سوات ڪنٽونمينٽ جي پيڙه جو پٿر رکيو، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ مقامي ماڻهن جي مطالبن تي 8 سيپٽمبر 2015 تي سوات ڪنٽومينٽ جي منظوري ڏني وئي هئي، آرمي چيف خطاب ڪندي سوات جي عوام کي دهشتگردن کي وادي مان هميشه لاءِ ڪڍي ٻاهر ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان بيهڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، سوات جي عوام کي ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪ ڏيندي آرمي چيف چيو ته سيڪيورٽي فورسز سوات ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ وادي جي سيڪيورٽي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.  سوات ۾ امن فوج ۽ هتان جي عوام جي قربانين سبب قائم ٿيو آهي. علائقي ۾ فوجي ڇانوڻي جو قائم ٿيڻ سان ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو.

 

گهرو وزير انگريزي اخبار جي خبر کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، ڏڦيڙين لاءِ ڊڪٽيٽر آهيان: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ڊان نيوز جي خبر هٿ ٺوڪي آهي، صحافي سيرل ميڊال ڪميٽي آڏو پيش ٿيندو، سندس خبر مڪمل ڪوڙ تي ٻڌل هئي. پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته پي ٽي آءِ جاچ ڪميٽي مان سيساسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. پاناماليڪس جي جاچ ۾ دير جا ذميوار مخالف آهن. سندن رويي جي ڪري جاچ ۾ دير ٿي. هن چيو ته ڊان نيوز وارن چيو آهي ته صحافي سرل الميڊا  ڏيهه ايندو، کيس ڏيهه اچڻ جو چيو آهي. هن چيو ته جيڪي ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهين ٿا آئون انهن لاءِ ڊڪٽيٽر آهيان. نيشنل سيڪيورٽي جي اجلاس جي خبر ٻاهر اچي وڃي اها ليڪس آهي، جنهن خبر کي ليڪس چيو وڃي ٿو اها ننڍڙي خبر هئي. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري جي بريفنگ ۾ اڪيلائي جو ڪٿي به ذڪر ناهي. اها ته دشمن جي افواهه آهي ته پاڪستان اڪيلو ٿي رهيو آهي. آءِ ايس آءِ جي سربراهه ۽ وڏي وزير ۾ منهن ماري ٿي ئي ناهي ته پوءِ هي ڪهڙي ليڪس آهي.  انگريزي اخبار جي خبر مڪمل هٿ ٺوڪي هئي.  هن چيو ته مشڪري هلي رهي آهي، اڳيان قوال ۽ پويان تاڙيون وڄائڻ وارا ويٺا آهن. ٻئي طرف وفاقي گهر وزير چوڌري نثار چيو آهي ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊن خلاف مهم شروع ڪئي ۽ نادرا مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار نادرا جي آن لائين ڪمپلينٽ سسٽم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته هر ضلعي ۾ پاسپورٽ آفيس قائم ڪري رهيا آهيون، 29 هزار جعلي پاسپورٽ رد ڪيا ويا آهن.  نادرا مان هيل تائين 700 ماڻهن کي نيڪالي ڏني وئي آهي، ايندڙ سال فيبروري تائين ملڪ جي هر ضلعي ۾ پاسپورٽ آفيس هوندي. هن چيو ته شاگردن تائين اقبال جو پيغام پهچائڻ گجرجي، موڪل ڏئي گهر ۾ اقبال ڊي ناهي ملهايو ويندو پر اسڪولن ۾ اقبال جي فڪر تي سيمينار ۽ پروگرام رٿي اقبال ڊي ملهايو وڃي جڏهن ته پاڪستان ۾ موڪلن جو انگ وڌيڪ آهي ۽ اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ۽ فريب جو طوفان آهي.

 

سنڌ جي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو

ڪراچي( اي پي پي ) سنڌ جي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو . سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه کائنس حلف ورتو. حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، اسپيڪر آغا سراج دراني ، ڊي جي نيب ڪرنل سراج نعيم ، صوبائي محتسب اسد اشرف ملڪ سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ٻئي طرف 14 سالن تائين سنڌ جو گورنر رهندڙ ڊاڪٽر عشرت العباد ڪراچي کان دبئي هليو ويو آهي. هن ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عوام مون کي تمام گهڻو پيار ڏنو دعا آهي ته ڪراچي ۾ امن هجي ۽ ماڻهو خوشحال رهن جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته معافي ٿو چاهيان.

 

وڏي وزير جي چيني وفد سان ملاقات، ڪراچي ۾ ٽرام گاڏي هلائڻ ۾ دلچسپي ظاهر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چائنيز سيڙپڪار ڪمپني ڪراچي ۾ ٽرام گاڏي هلائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي چيني ڪمپني جي پيش ڪش تي غور ويچار جي هدايت ڪئي آهي. چيني سيڙپڪارن جي وفد سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري ڪراچي ۾ جديد ٽرام گاڏين هلائڻ لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي. وڏي وزير چيني وفد کي چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا بهتر موقعا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي ڪراچي ۾ ٽرام گاڏيون هلائڻ واري چيني ڪمپني جي آڇ تي غور وياڇر ۽ چيني سيڙپڪارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير سان مسيحي برادري جي بشپ صادق ڊينئل به ملاقات ڪري هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. وڏي وزير بشپ ڊينئل سان ملاقات دوران چيو ته اقليتي برادري سندن خوبصورتي آهن، هو کين اقليتي نه پر پنهنجو سمجهندا آهن.

 

“خورشيد شاهه جو وزيراعظم نواز شريف کي خط“  ”گڏاڻي سانحي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه گڏاڻي سانحي جي جاچ لاءِ وزير اعظم نواز شريف کي خط لکيو آهي، قومي خورشيد شاهه  طرفان وزير اعظم نواز شريف کي کي لکيل خط ۾ گهر ڪئي وئي آهي ته گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ ۾ جهاز اندر لڳندڙ باهه جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ مارجي ويلن ۽ زخمي مزدورن جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حادثي جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ انهن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

 

ن ليگ جي حڪومت پنهنجي بادشاهت برقرار رکيو پئي اچي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ن ليگ جي حڪومت پنهنجي بادشاهت برقرار رکيو پئي اچي. سنڌ ۾ نئين گورن جي مقرري بابت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف سنڌ جي وڏي وزير کي فون ڪرڻ زحمت به نه ڪئي. سنڌ جي نئين گورنر جي مقرري بابت سنڌ سرڪار کان مشورو ناهي ورتو ويو.

 

بلاول ڀٽو پاران پنجاب وڃڻ جي اعلان کانپوءِ چوڌري نثار جا پگهر نه پيا بيهن: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اطلاعات کاتي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته چوڌري نثار بنا ڪنهن سبب ۽ بغير موضوع جي بلاول ڀٽو زرداري لاءِ ڳالهائي پنهنجي پاڻ کي سياسي طور تي جيئرو رکڻ گهري ٿو، هيڏانهن بلاول ڀٽو زرداري پنجاب وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هوڏانهن چوڌري نثار جا پگهر نڪري رهيا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ مولابخش چانڊيو چيو ته جڏهن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جو دورو ڪندو، تڏهن ئي نوازليگ کي پتو پئجي ويندو. هن چيو ته پنجاب هميشه پيپلزپارٽي جو قلعو رهيو آهي، 2018ع جي اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان پيپلزپارٽي پنجاب مان سوئيپ ڪندي. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي وڌندڙ مقبوليت ڏسي چوڌري نثار ۽ ٻين کي ڏڪڻيون شروع ٿي ويون آهن. هن چيو ته نوازليگ جي وزيرن خاص طور تي چوڌري نثار کي سياسي خوف رُڳو بلاول ڀٽو زرداري مان ئي ٿئي ٿو. هن چيو ته چوڌري نثار هميشه ميان نوازشريف جي ڏکيائين ۾ واڌ ڪئي آهي، گهرو وزير نٿو چاهي ته ميان صاحب تان سياسي دٻاءُ گهٽجي. مولابخش چانڊيو چيو ته جيڪي عمران خان جو دٻاءُ برداشت نه ٿا ڪري سگهن اُهي بلاول ڀٽو زرداري جي سياست کان ڪيئن بچي سگهندا.

 

سينيٽر نهال هاشمي جو بيان سندس ذاتي راءِ آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽر نهال هاشمي جو بيان حڪومت يا مسلم ن جو  موقف نه آهي، نهال هاشمي جي بيان تي سڌ سماءَ واري وزير رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته نهال هاشمي جو بيان حڪومت يا ن ليگ جو موقف نه آهي، مريم اورنگزيب چيو ته نهال هاشمي پنهنجي ذاتي راءِ جو اظهار ڪيو آهي، جمعي تي مسلم ليگ ن جي سينيٽر نهال هاشمي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد تي دهشت جي آخري نشاني قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته اڳوڻي گورنر کي هٽائڻ سان ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين ۽ پاڪستان نه مڃيندڙن جي دور جو خاتمو ٿي ويو آهي.

 

نيوز گيٽ اسڪينڊل ۾ شريف ڪٽنب جي ملوث هئڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن:پي ٽي آئي

اسلام آباد (اين اين آءِ/م،د) پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته نيوز گيٽ اسڪينڊل ۾ شريف ڪٽنب جي ملوث هئڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن، ان معاملي کي دٻجڻ نه ڏبو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاناما ليڪس تي مسلم ليگ (ن) جي موقف ۾ تبديلي ۽ نيوز گيٽ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ چيو ويو ته مسلم ليگ (ن) آف شور ڪمپنين جي ملڪيت تي پنهنجي موقف تان ڦري وئي آهي ۽ جان ڇڏائڻ لاءِ عدالت کان وقت گهريو ويندو آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته  حڪمران ڪٽنب جي آف شور ڪمپنين تي تڪراري بيان آيا ۽ هاڻ سپريم ڪورٽ ۾ مسلم ليگ (ن) آف شور ڪمپنين جي ملڪيت تي پنهنجي موقف تان هٽي وئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عوام جي اڪثريت نواز شريف مان تنگ اچي چڪي  آهي، نواز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي، حڪومت نيوز ليڪس جي معاملي کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، پاناما ليڪس جو معاملو هاڻ سپريم ڪورٽ ۾ هليو ويو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته نواز شريف جاچ تائين عهدي کان الڳ ٿي وڃي، هن چيو ته سيپٽمبر 2007 تي مان ايئر پورٽ تي موجود هيس، خواجه آصف ۽ خواجه سعد کان پڇيو وڃي ته 2007 ۾ ڪٿي هئا، عدليا بحالي جي تحريڪ ۾ ن ليگ نه آهي، پي ٽي آءِ نڪتي هئي، نومبر کان اڳ حالتون خراب ٿي رهيون هيون، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ اسان کي احتجاج جي اجازت ڏني هئي.