تازيون خبرون

Daily Archives: November 11, 2016

جلد سلمان خان بالي ووڊ ۾ بريڪ ٿرو ڏيڻ وارو، سلو ڀائي جي زندگي ۾ نئين ڇوڪري قدم رکي ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ نون چهرن کي متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان مشهور آهي، جڏهن ته دبنگ خان جون ڪيترين ئي اداڪارائن سان لاڳاپن واريون خبرون پڻ ميڊيا جي سونهن بڻجنديون رهنديون آهن، جنهن جي حياتي ۾ هاڻ نئين سندري پير پائي ڇڏيو آهي. رپورٽن خوبصورت اداڪارا اروشي روٽيلا کي اڄڪلهه مختلف هنڌن تي سلمان خان سان گڏ ڏٺو پيو وڃي. ذريعن موجب سلمان خان تمام جلد اروشي روٽيلا کي بالي ووڊ ۾ وڏو بريڪ ٿرو ڏيڻ وارو آهي.

 

غير اخلاقي مطالبي تي ڀارتي اداڪاره پاران ڊائريڪٽر جي سرعام بي عزتي ڪري وڊيو جاري ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪاره امن سنڌو فلمن ۾ ڪم ڏيڻ جي بدري غير اخلاقي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندڙ جعلي هدايتڪار ديپڪ مشرا کي سرعام بي عزتو ڪيو ۽ وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيو، بالي ووڊ ۾ اداڪارائن ۽ ماڊلز کي فلمن ۾ ڪم جو چئي جسم فروشي تي مجبور ڪرڻ عام ڳالهه ٿي وئي آهي ۽ مشهور اداڪارائن کي به ڪيترا ڀيرا هدايتڪارن ۽ فلمسازن پاران ڌمڪايو ويو آهي جنهن جو اعتراف اداڪاره ڪنگنا رناوت ڪيو آهي، پر هاڻ هڪ ٻي ماڊل گرل کي غير اخلاقي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو واقعو سمهون آيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب ماڊل گرل امن سنڌو کي ديپڪ مشرا نالي شخص هدايتڪار بڻجي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي پيش ڪش ڪئي ۽ ان سان گڏ رات گذارڻ جو چيو جنهن ماڊل گرل ان کي ملاقات لاءِ مقامي ۾ هوٽل ۾ گهرايو، جتي هن جعلي هدايتڪار جي عوام جي سامهون بي عزتي ڪئي، هن جعلي هدايتڪار خلاف پوليس ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس ڪارروائي کان نٽائي رهي آهي.

 

نيوزيلينڊ کي پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات ڪاميابيءَ سان ڪنداسين: يونس خان

نيلسن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽسمين يونس خان چيو آهي ته نيوزيلينڊ کي پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات ڪاميابيءَ سان ڪنداسين. هن چيو ته ميزبان ٽيم کي هارائڻ لاءِ رانديگرن کي راند جي سمورن شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻَڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 17 نومبر کان ڪرائسٽ چرچ ۾ شروع ٿيندي. يونس خان چيو آهي ته ڪيويز کي ان جي سرزمين تي هارائڻ ڪنهن به چئلينج کان گهٽ ناهي. هن چيو ته اسان جي ٽيم متوازن آهي کٽڻ لاءِ راند جي سمورن شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

 

بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ اڄ ٻن مئچن جو فيصلو ٿيندو

ڊهاڪا (اسپورٽس نيوز)بنگلاديش پريميئر ليگ ۾( بي پي ايل) ۾ اڄ هفتي واري ڏينهن ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو تفصيل مطابق بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ سخت مقابلو شروع ٿي چڪو آهي ان سلسلي ۾ اڄ جي پهرين ميچ چٽاگانگ ويڪنگز ۽ ڪهلنا ٽا ينٽز جي ٽيمن وچ کيڏي ويندي جڏهن ٻئين ميچ ۾ ڊهاڪا ڊائنا منز ۽ رانگپور رائيڊرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون . واضح رهي ته ليگ جي فائنل ميچ 9 ڊسمبر تي کيڏيو ويندو

 

”ڪارو سون“ روشن سنڌ جي ضمانت ڪڏهن بڻبو؟: مقداد سبطين

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي همراهه کي پنهنجي نوڪري تي ڏاڍو ناز هو، هو هر ڪم حساب ڪتاب سان ۽ وقت جو لحاظ رکي ڪندو هو. هڪ ڀيري همراهه جو هڪڙو دوست ساڻس ملڻ آيو، هن پنهنجي نوڪر کي مهمان جي خدمت لاءِ بازار مان ڪجهه شيون آڻڻ لاءِ چيو. جڏهن هو هليو ويو ته همراهه پنهنجي دوست کي ٻڌائڻ لڳو ته هينئر هينئر نوڪر گهران نڪتو آهي. ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌايائين ته هاڻي رستي ۾ آهي، وري ٻڌايائين ته هينئر دڪان تي پهتو آهي ۽ شيون پيو وٺي، وري تازي خبر ڏيندي ٻڌايائين ته هاڻي شيون وٺي نڪتو آهي ٿوري دير کان پوءِ چيائين ته هاڻي نوڪر رستي ۾ آهي، نيٺ چيائين ته هو گهر جي در تي پهتو آهي. اوچتو رڙ ڪري پڇيائين ته اڙي! ڇورا شيون وٺي آئين؟ نوڪر ورندي ڏني ته ”سائين اڃا جتي پيو ڳوليان“.

مٿين ڳالهه مون انهيءَ پس منظر ۾ لکي آهي ته ٿر جي ”ڪاري سون کي ڪڍڻ ۾ دير ٿي رهي آهي“ پر هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي. سنڌ سرڪار ۽ سنڌ ڪول انجنيئرنگ ڪمپني جي سهڪار سان ڪوئلو ڪڍي ان کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ تمام تڪڙي ترقي ٿي آهي ۽ 3 جون 2019 تائين ڪوئلو نڪري ايندو ۽ انهي مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي ويندي. صدين کان ٿر ۾ پوريل ”ڪارو سون“ سنڌ کي لاڀ ڏيڻ شروع ڪندو. اچو ته ڄاڻايل دعوائن ۽ مفروضن بابت ڪجهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون. ٿر ۾ 9000 چورس ڪلو ميٽر ايراضي ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلو پوريو پيو آهي. انهي کي لگنائٽ چون ٿا. هي دنيا جو ستون نمبر وڏي ۾ وڏو ذخيرو آهي. انهي ذخيري مان 2.7 ارب ٽن هڪدم ترقي وٺرائڻ لائق ڪوئلو آهي. اهو پٽ تي نه پيو آهي بلڪه وارياسي زمين ۾ 500 کان 650 فوٽ هيٺ پوريل آهي. انهي جي سراسري ٿولهه 50 فوٽ آهي. انهي گهرائي ۾ پاڻي جا ٽي تهه آهن، پهريون 164 فوٽن تي، ٻيو 394 فوٽن تي ۽ ٽيون 650 فوٽن تي موجود آهي. ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ اسان کي کڏ کوٽڻي آهي. جڏهن ايتري اونهي کڏ کوٽبي ته لازمي آهي پاسن کان واري ڪرندي جنهن کي روڪڻ جو بندوبست به ڪرڻو پوندو. ڪوئلي تائين پهچڻ کان اڳ پاڻي جو پهريون تهه اچي ٿو، انهي کي ڪڍڻو آهي. تنهن کان پوءِ ٻيو تهه اچي ٿو، ان کي به ڪڍڻو آهي ۽ تنهن بعد ٽيون ۽ آخري تهه اچي ٿو، جيڪو دٻاءُ واري حالت ۾ آهي ۽ جيڪڏهن مسلسل پمپ نه ڪيو ويندو ته سڄي کڏ کي ڀري ڇڏيندو، اهو پاڻي ويندو ڪيڏانهن؟ ان کي اڇلائڻ جو خاص بندوبست ڪرڻو پوندو. ڪوئلي ڪڍڻ ۽ ايتري اونهائي تان مٿي پهچائڻ لاءِ وڏيون مشينون کپن. جيڪي پاڪستان ۾ ڪونه آهن، نه ئي اها ڪوئلو ڪڍڻ واري ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ موجود آهي، اهي مشينون ٻاهرين ملڪ مان گهرائڻيون پونديون ۽ اهي مشينون سامونڊي جهازن ذريعي ڪراچي پورٽ تي گهرائڻيون پونديون، انهن کي ڪراچي کان اسلام ڪوٽ نيو ويندو، جيڪو مفاصلو اٽڪل 360 ڪلو ميٽر آهي، رستي ۾ ٺٽو، سجاول، بدين، نندو، کوسڪي ۽ شادي لارج شهر اچن ٿا. اهو رستو سوڙهو آهي ۽ شهرن ۾ حددخلين ڪري اتان لنگهڻ ڏکيو آهي ۽ وڌيڪ وقت لڳي ٿو، جنهن ڪري رستي کي ويڪرو ڪرڻو پوندو ۽ شهرن کي باءِ پاس ڏيڻا پوندا.

گهربل سهولتون ۽ اڏاوتون:

هڪڙي زماني ۾ ٿر اهڙو علائقو هو، جتي روڊ رستا صاف نه هئا ۽ رڳو کيکڙا هلندا هئا. کاڻين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پهرين سهولت روڊ ۽ رستن جي هئڻ کپي ته جيئن ماڻهو سولائي سان اتي پهچي سگهن ۽ ٻيو اهو ته اُتي گهربل مشينون سولائي سان پهچي سگهن. سنڌ سرڪار انهي ڏس ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. بدين کان ونگي موڙ تائين رستي کي ويڪرو ڪيو ويو آهي ۽ شهرن کي باءِ پاس ڏنا ويا آهن.

عالمي سيڙپڪارن جي چونڊ:

في الحال سنڌ سرڪار سڄي ايراضي کي ترقي وٺرائڻ بجاءِ رڳو 10 سيڪڙو ايراضي جي لاءِ پروگرام رٿيو آهي. انهيءَ ايراضي کي 12 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر بلاڪ ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ جدا جدا سيڙپڪارن کي ڏنو ويو آهي. پهرين ڪمپني کي جاچ جو لائسنس (Exploratory License) ڏنو ويو ته جيئن اها ڪمپني اڀياس ڪرائي پاڻ به مطمئن ٿئي ۽ سنڌ سرڪار کي به مطمئن ڪري ته ڪوئلو ڪڍڻ اقتصادي طرح ۽ مالي طرح فائدي وارو آهي. سنڌ ڪول اٿارٽي جي منظوري کانپوءِ انهي ڪمپني کي ڪوئلو ڪڍڻ جو لائسنس يعني Mining Lease ڏني ويندي. اها ڪمپني ڪوئلي ڪڍڻ جو بعد ۾ اگهه ٻڌائيندي، جنهن کي انگريزي ۾ Coal Tariff چئبو آهي. سڀ کان ڏکيو مرحلو آهي پئسن جو بندوبست ڪرڻ، ڪنهن به ڪمپني وٽ ايترا پئسا نه هوندا آهن ته هو پنهنجي منهن ايڏي وڏي ڪم ۾ هٿ وجهي. تنهن ڪري انهن کي ڪنهن مالياتي اداري يا بئنڪ کان قرض وٺڻو پوي ٿو. قرض ڏيڻ وارا به اهو ڏسندا آهن ته، قرض جا پئسا واپس به ملندا يا ٻڏي ويندا، تنهن ڪري اهي به منصوبي جي چڱي طرح جانچ ڪري پوءِ قرض ڏيندا آهن. انهي کي انگريزي ۾ Financial Close چوندا آهن. جڏهن فنانشل ڪلوز ٿي وڃي ته پوءِ اها ڪمپني ڪوئلي جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪندي آهي.

ڪمپنين کي ڏنل بلاڪن جي صورتحال:

پهريون بلاڪ Sino Sindh Resources کي ڏنو ويو آهي جنهن کي Mining Lease جاري ڪئي وئي آهي، پر اڃا فنانس ڪلوز نه ٿيو آهي، تنهن ڪري انهيءَ ڪمپني کوٽائي جو ڪم شروع نه ڪيو آهي. ٻيو بلاڪ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ کي ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار ۽ اها ڪمپني ڀائيوار آهن. سنڌ سرڪار جو حصو 51 سيڪڙو آهي ۽ ڪمپني جو 49 سيڪڙو، انهيءَ جو فنانشل ڪلوز ٿي ويو آهي. سنڌ سرڪار ۽ اينگرو ڪمپني پنهنجي طور تي 5 ميٽر يعني 15 فوٽ کوٽائي ڪري ڇڏي هئي فنانشل ڪلوز کانپوءِ چين مان اٽڪل 650 چيني سرزمين تي پهچي ويا آهن. گهربل 140 وڏين مشينن مان 132 سرزمين تي پهچي ويون آهن ۽ کوٽائي جو ڪم باقاعده شروع ٿي ويو آهي ۽ هينئر تائين 35 ميٽر يعني 115 فٽ کوٽائي ڪري ويا آهن ۽ وڌيڪ ڪم جاري آهي. 600 فٽ گهرائي تائين پهچڻ ۾ 38 مهينا لڳندا پاڻي ڪڍڻ لاءِ سرزمين تي وڏي گهرائي وارا پمپ هنيا پيا وڃن ته جيئن پهرين تهه تائين پهچي پاڻي ڪڍڻ شروع ڪيو وڃي، ٻي پاسي اهو ڪوئلو ڪڍي بجلي گهر ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ بجلي گهر جو بنياد وجهڻ وارو ڪم به شروع ٿي چڪو آهي. هر سال 38 لک ٽن ڪوئلو ڪڍي انهي مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. سال 2019ع تائين بجلي پيدا ڪرڻ ۾ 2 وڏا مسئلا آهن هڪڙو کاڻين مان جيڪو پاڻي نڪري ٿو انهي کي اڇلائڻ ۽ ٻيو بجلي گهرن جي بوائلرن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ مٺي پاڻي جو بندوبست ڪرڻ. کاڻين مان نڪتل پاڻي کي پري اڇلائڻ لاءِ هڪ منصوبو Effluent Disposal Project جي نالي سان ٺهي پيو، جنهن جي مڪمل ٿيڻ تي اهو پاڻي سر زمين کان پري اڇلايو ويندو، اهو پاڻي زهريلو نه آهي ان ۾ لوڻاٺ 5000 پي پي ايم آهي ڳوٺاڻا اهو پاڻي واپرائيندا به آهن. بجلي گهر جي بوائلرن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ ايل بي او ڊي (LBOD) مان پاڻي کڻي انهي کي نبي سر پهچايو ويندو، جتي انهي کي مٺو ڪري وجيهار پمپ ڪيو ويندو، جتان وري بجلي گهر تائين پهچايو ويندو، اهو منصوبو به مڪمل ٿيڻ وارو آهي. منهنجي خيال ۾ 3 جون 2019ع تائين ڪوئلي نڪرڻ کان پوءِ 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي ويندي. ٽيون بلاڪ اڃا ڪنهن کي به نه ڏنو ويو آهي. چوٿون بلاڪ Harbin China کي ڏنو ويو آهي ۽ اهو اڃا Exploratory License جي مرحلي ۾ آهي. پنجون بلاڪ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ کي ڏنو ويو آهي، جيڪو Underground Coal Gasification وارو ڪم ڪري رهيو آهي. في الحال اهو ڪم پئسا نه ملڻ ڪري بند آهي، انهي لاءِ پئسا وفاقي حڪومت ڏيندي آهي. ڇهون بلاڪ Oracle ڪمپني کي ڏنو ويو آهي، انهي کي مائننگ  جو ٺيڪو به ڏنو ويو آهي.

 

 

ملڪ اندر مئل ٻارن جي پيدائش ۽ حڪومتي زميواريون..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

اسانجي اها اتفاق راءِ آهي ته پاڪستان اندر سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي.جيڪا نه رڳو پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائي رهي آهي پر اها دهشتگردي هڪ اهڙو ناسور بڻجي وئي آهي.جنهن جي ڪري ملڪ جي هر شعبي سان لاڳايل شخص انهي ناسوري فٽ جيان نه ڇٽندڙ زخم کڻي ڪري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي..اها به حيقيقت آهي ته ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي اسان جي ملڪ جي نه رڳو معيشت کي نقصان ڏنو آهي پر انهي دهشتگردي اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي معصومن جون زندگيون ضايع ڪيون آهن.جن جي تعداد 60کان70 هزار کي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي.انهي ڪري ملڪ جي عسڪري توڙي سياسي طاقت انهي ڪوششن ۾ آهي ته ڪهڙي به طريقي سان ملڪ جي بي گناه ضايع ٿيندڙ زندگي جي جانين کي بچائڻو آهي،سندس حفاظت لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪرڻيون آهن.جڏهن ته پاڪستان اندر مرڻ وارن جي عمر جو اندازو لڳايو وڃي ته اوهانکي اهو ٻڌي حيراني ٿيندي ته پاڪستان اندر دهشتگردي کان به وڌيڪ انهن معصوم جانين جو نقصان ٿي رهيو آهي جن اڃان زندگي جي شروعات ناهي ڪئي هوندي ۽ اهي زندگيون موت جي نظر ٿي وينديون آهن.اهو هڪ اهم ۽ سگين مسئلو آهي.جنهن تي حڪومت سراسر انااهلي ۽ سستي وارو ڪرادر ادا ڪري رهي آهي،ڇو ته اها به حيقيقت آهي ته مرڻ رڳو بم يا بارود سان ناهي هوندو.ڪنهن قوم جي ٻچن کي بکون ڏئي مارڻ به هڪ دهسشتگردي آهي،ڪنهن قوم جي مائرن کي صحت جون صحولتون نه ڏئي ڪري انهن جي جهولن ۾ ايندڙ گلن کي مرڪڻ کان پهرين مرجهائجي ڇڏڻ اها دهشتگردي ناهي. ته ٻيو ڇا آهي. اگر اهو سڀ ڪجهه  غلظ آهي هڪ زيادتي آهي جيڪا هن قوم سان ڪئي پئي وڃي ته پوءِ ڇو سرڪار انجي خلاف ڪي ساراه جوڳا قدم نه پئي کڻي..جڏهن ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شمار ٿي چڪو آهي جن اندر مئل ٻارن جو ڄم سڀ کان وڌيڪ ٿيندو آهي.پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسانجي ملڪ جي ميڊيا به الائي ڪهڙا ڪهڙا اشوز کڻي ڪري حڪومتن کي بليڪ ميل ڪندي رهندي آهي.پر اهڙي اشوز کي هو به عام ناهي ڪري سگهي.جڏهن ته هڪ تازي رپورٽ آهي ته پوري دنيا اندر هر ڏينهن 7200مئل ٻار پيدا ٿين ٿا.جن ۾ سڀ کان وڌيڪ مئل ٻار پاڪستان ۾ پيدا ٿين ٿا.صحت جي شعبي سان لاڳايل  هڪ رپورٽ جيڪا تازي شايع ٿي.جنهن ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو هو،سال2015ع۽ 2016ع ۾  پوري دنيا اندر52لک مئل ٻار پيدا ٿيا هئا.جڏهن ته مئل ٻار پيدا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ 98فيصد اهي ملڪ شامل هئا جن وٽ آمدني گهٽ آهي. جن وٽ معيشت جو ايترو معيار ناهي.جن وٽ وسلين جي کوٽ آهي،هڪ برطانيوي اداري جي مطابق ته 186ملڪن اندر مئل ٻار پيدا ٿيڻ جي شرح سڀ کان وڌيڪ پاڪستان ۾ آهي. جن ۾ 100هزار پيدا ٿيڻ وارن ٻار ۾1_43ٻار مئل پيدا ٿين ٿا. جڏهن ته پاڪستان کان علاوا،نائيجريا،چاڊ،نائيجر،گني بسائو،صوماليه، سينٽرل آفريڪا،ٽوگو،۽ مالي اهي ملڪ آهن جتي مئل ٻار سڀ کان گهڻا پيدا ٿين ٿا.جڏهن ته مئل ٻار سڀ کان گهٽ پيدا ٿيڻ جي شرط آئس لينڊ ۾ آهي،جنهن جي سرح4_1 آهي جيڪا تمام ٿورڙي آهي.جڏهن ته ٻئي نمبر تي گهٽ ٻار پيدا ڪرڻ وارو ملڪ ڊينمارڪ آهي.جنهن جي شرح 7_1 آهي جڏهن ته انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق ته 17لک مئل ٻارن جي وجهه اها آهي ته هو مرڻ کان پوءِ ڪجهه ڪلاڪن اندر صحت جون صحولتون نه ملڻ ڪرڻ  فوت ٿي ويندا آهن.جڏهن ته مري ويل ٻارن ۾ اڪثر انگ پاڪستان ۾ آهي.ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي،ته هتي بم يا گولي سان مرڻ وارن تي ته وڏا وڏا بحث مباحثا هلايا ويندا آهن.پر انهن معصومن جي خلاف ڪير به آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي جيڪي صحت جون سهولتون نه ملڻ ڪري مري رهيا. آهن.جڏهن ته اسان وٽ جيڪو صحت جو ميعار آهي.اها به ڳڻتي جهڙي صورتحال ۾ آهي.جڏهن ته ملڪ اندر مئل ٻار جو ڄم ۽ پوليو جو مرض هي ٻه اهڙا ڪيس آهن.جن تي اگر حڪومت اربين رپيا خرچ  ڪري رهي آهي پر افسوس جو اهو بجٽ عوام کي رليف نه پيو ڏئي سگهي.گذريل پاڪستان جي صوبي پنجاب اندر هڪ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو هو،جڏهن ته سنڌ،ڪي پي ڪي ،۽ بلوچستان اندر تي اهڙا هزارين ڪيس آهن.ڇو ته ڪي پي ڪي ۾ ۽ بلوچستان اندر ڪي اهڙا به مذهبي انسان رهن ٿا جن پوليو کي حرام قرار ڏنو آهي.جنهن جي ڪري انهي جي تاثر مان متاثر ٿي اتي جي عوام ٻار کي پوليو پيارڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهي آهي.جنهن جي ڪري هر سال ٽنهي صوبن ۾ پوليو جا ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿين ٿا.جڏهن ته ان کان علاو ڌينگي وائرس کان پوءِ هاڻ سوائن فلو وائرس ۾ پکڙجي رهيو آهي.جنهن جا ڪيترائي مريض پنجاب توڙي سنڌ ۾ موجود آهي.جڏهن ته ان ٻيون کوڙ ساريون بيماريون آهن.جڏهن ته هن سال اندر اسانجي ملڪ اندر رڳو نمونيا هزارين ٻار مري چڪا آهن.۽ هزارين ٻار انهي مرض ۾ مبتلا آهن،ڇا اوهان سمجهيو ٿا ته اهي پاڪستان اندر صحت جون سههولتون نه ملڻ ڪري جيڪي زندگيون موت جو کاڄ بڻجي رهيون آهن.اهي دهشتگردي کان وڌيڪ افسوسناڪ آهن،جڏهن ته تازو جيڪا ٿر اندر صورتحال پيدا ٿيل آهي.جنهن جي ڪري ڪيترائي ٻار غذائي قلت جي کوٽ سبب مري ويا آهن، حڪومت انهي دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ ته وڏيون وڏيون ڪوششون ڪري رهي آهي.پر صحت جي اڻهوند سبب مري ويل انهن معصومن ٻارن جي ڪا خبر چار نه پئي لهي اهو ڪٿي  انصاف آهي. پاڪستان مئل ٻارن جي ڄم کان ويندي ٿر ۾ معصوم ٻارن جي موت جي زميوار ڪير آهي.؟ڪير آهي جيڪو انهي اليمي جي مذمت ڪندو.؟ڪير آهي جيڪو پاڪستان سنوارڻ  لاءِ ضحت جي شعبي کي به سنوارڻ ۾ هٿي ٿيندو.؟ حڪومتي رويي ۽ ڪرادر مان ائين نه پيو لڳي ته  حڪومت انهي جي خلاف ڪي تڪڙا اپاءُ کڻندي ڇو ته هي اليمو ڪو هڪ ٻن سالن جو ناهي،ڪيترن ئي سالن کان وٺي ،مائرون پنهنجي ٻارن کي مئل پيدا ڪري رهيون آهن،۽ صدائين ٿر سحرا ۾ معصوم زندگيون ضايع ٿينديون رهنديون آهن.پر سوال هڪ سچي رهبر جو آهي.جيڪو ملڪ اندر ڏسڻ ۾ نه پيو اچي شايد انهي ڪري هن ملڪ اندر انصاف گهرڻ ڀت ۾ مٿي هڻڻ جي برابر آهي.

*******

 

 

ٽرمپ جو 100 ڏهاڙن واري پاليسي جو اعلان

آمريڪا مان پناهگيرن کي نيڪالي، صدر اوباما جي غير قانوني حڪمن کي ختم ڪيو ويندو، ڊونلڊ ٽرمپ پاران 100 ڏينهن جي پاليسي جو اعلان، آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ 100 ڏينهن جي پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آمريڪا مان پناهگيرن کي نيڪالي ڏني ويندي، جڏهن ته صدر باراڪ اوباما جي سمورن غير قانوني حڪمن کي ختم ڪيو ويندو، ڊونلڊ ٽرمپ جي جاري ڪيل 100 ڏينهن جي پاليسي ۾ دهشتگردي جي متاثر ملڪن جي پناهگيرن کي به آمريڪا اچڻ نه ڏنو ويندو، کين آمريڪي شهريت به نه ڏني ويندي، ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين چونڊيل ڪابينا جا نالا به سامهون اچي ويا آهن، پرڏيهي وزير لاءِ سينيٽر باب ڪورڪر، وزير دفاع لاءِ سينيٽر جيفرسن سيشنز، هوم لينڊ سيڪيورٽي لاءِ ڊيوڊ ڪلارڪ ۽ گهرو وزير لاءِ فاريسٽ لوڪاس جا نالا سامهون آيا آهن، آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان بابت هڪ هفتو پهرين ئي مشاورت مڪمل ڪئي وئي هئي، ڪابينا ۾ ڪير شامل هوندا متوقع نالا به سامهون اچي ويا آهن، ٽرمپ جي متوقع ڪابينا ۾ سڀ کان اهم قلم دان وزارت دفاع جو آهي، جنهن لاءِ سينيٽر جيفرسن سيشنز مضبوط اميدوار آهي، جيفرسن عراق جنگ جو حامي آهي، جيڪو مهاجرن کي آمريڪي شهريت ڏيڻ جو مخالف سمجهيو ويندو آهي، پرڏيهي وزارت سينيٽر باب ڪورڪر کي ڏيڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي، ٽينسي سان تعلق رکندڙ باب ڪورڪر هن وقت آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪاميٽي جو چيئرمين به آهي، جيڪو مالياتي اصلاحن جو مخالف سمجهيو وڃي ٿو، ايوان جي نمائندن جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ ٽرمپ جي وڏي حمايتي نيوٽ گنگرج جو نالو به پرڏيهي وزارت لاءِ سامهون آيو آهي، ڊيوڊ ڪلارڪ جو نالو هوم لينڊ سيڪيورٽي جي وزير طور غور هيٺ آندو ويو، هو سمجهي ٿو ته ڪارن کان وڌيڪ ڳورا آمريڪن پوليس جي تشدد جو نشانو بڻجن ٿا، ڪلارڪ جو خيال آهي ته ٽرمپ جي پاليسين کي اڳتي وڌايو وڃي، ٽرمپ جي امڪاني ڪابينا ۾ فاريسٽ لوڪاس جو نالو گهرو وزارت لاءِ سامهون آيو آهي، ڪابينا جي ٻين امڪاني ميمبرن ۾ نيو جرسي جي گورنر ڪرس ڪرسٽي، نيويارڪ جي اڳوڻي ميئر روڊي ۽ وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف جي لاءِ ريپبلڪن نيشنل ڪميٽي جي چيئرمين رائنس پريبس مضبوط اميدوار سمجهيا وڃن پيا.

 

ترڪ دفاع وزير جي آرمي چيف، دفاع وزير ۽ ٻين سان ملاقاتون، پاڪستان تائين ريل، روڊ ۽ بجلي پهچائڻ جي آڇ

راولپنڊي/اسلام آباد (م.ڊ)پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ترڪمانستان جي دفاع واري وزير  ڪرنل جنرل گميرووچ جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، دور دوران ترڪمانستان جي دفاع وزير شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل ڇٽيا، جي ايڇ ڪيو آمد تي ترڪمانستان جي وزير دفاع جو شاندارن آاستقبال ڪيو ويو، کيس گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو، دوري دوران ترڪمانستان جي وزير دفاع آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان پڻ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،  هوڏانهن ترڪمانسان جي دفاع واري وزير دفاع واري وزارت جو دورو ڪيو آهي، ان موقعي تي ڪرنل جنرل برديو يليم ياگميرووچ پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا آصف سان به ملاقات ڪئي آهي، ان موقعي تي خواجا آصف جو چوڻ هو ته ترڪمانستان کي دهشتگرديءَ خلاف تربيتي سهولتون ۽ هٿيار ڏينداسين، جڏهن ته ترڪمانستان جي دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته گھرو سطح تي تاپي گئس پائيپ لائين تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، گئس پائيپ لائين جي سلامتي تمام اهميت واري آهي. پاڪستاني فوج سان رابطا وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستان تائين ريل، روڊ ۽ بجلي پچهائڻ چاهيون ٿا. ٻئي طرف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران گڏيل پيشيوراڻن معاملن ۽ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺي ٿي آهي، آءِ ايس پي آر جي پڌرائيءَ موجب ان موقعي تي ترڪمانستان جي دفاع بابت وزير دهشتگرديءَ خلاف پاڪ فوج جي قربانين تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، ترڪمانستان جي دفاع واري وزير جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز جو درو پڻ ڪيو آهي.

 

پي ٽي آءِ خواجه آصف جي وڪيٽ ڪيرائڻ ۾ ناڪام، سپريم ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي، ٽربيونل جو فيصلو برقرار

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 کان وفاقي وزير خواجه آصف جي ڪاميابي خلاف عثمان ڊار جا سمورا الزام رد ڪندي اپيل خارج ڪري ڇڏي، خميس تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي صدارت هيٺ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئ، پي ٽي آءِ جي اميدوار عثمان ڊار، ن ليگ جي اميدوار خواجه آصف تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا هئا ۽ چونڊون ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي اپيل ڪئي هئي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ اها اپيل رد ڪندي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار جي اپيل رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊ رڪارڊ محفوظ بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، هن چيو ته رڪارڊ خراب يا ضايع ٿي وڃي ته کٽيل اميدوار ذميوار نٿو ٿي سگهي، خواجه آصف جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ فيصلو اچڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جي رپورٽ ۾ ڪو به الزام ثابت نه ٿيو، هن چيو ته خواجه آصف 21 هزار ووٽن جي برتري سان ڪامياب ٿيو هو، اسان سپريم ڪورٽ کي چيو ته جيڪڏهن جعلي ووٽن کي ڪڍيو وڃي تڏهن به ان جي برتري 16 هزارن تائين ٿي ويندي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ گڏيل طور تي فيصلو ڪندي پي ٽي آءِ جي اميدوار جي اپيل خارج ڪري ڇڏي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن قانون ۾ سڌارن جي ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته هوءَ پنهنجو ڪم جلد مڪمل ڪندي.  ٻئي طرف سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته خواجا آصف جو کٽڻ سچائيءَ جي فتح آهي، عمران خان کي گھرجي ته ڪي پي ڪي جي عوام جي خدمت ڪري، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته وقت پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جا سڀ الزام غلط ثابت ڪري ڇڏيا آهن، عمران خان 2018ع ۾ ڪي پي ڪي جي عوامي عدالت مان به رد ٿي ويندو. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته عدالت به سيالڪوٽ جي عوام جي فيصلي جي حمايت ڪئي آهي. وڪيٽون اڏائڻ جو خواب رڳو خواب ئي رهندو، اسان نواز شريف جي قيادت ۾ بيٽنگ ڪندا رهنداسين. سپريم ڪورٽ طرفان اين اي 110 ۾ ڌانڌلي بابتب پي ٽي آءِ جي درخواست خارج ٿيڻ واري فيصلي کان پوءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ٽوئيٽر“ تي پنهنجي پيغام ۾ خواجا آصف چيو ته الله تعاليٰ ۽ عدالت جو شڪرگزار آهيان.  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته خواجا آصف عوامي نمائندو آهي عدالتي فيصلي تي خوشي ٿي آهي.  ڌانڌلي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ طرفان خواجا آصف جي حق ۾ فيصلو اچن تي ن ليگي اڳواڻن پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪوڙ جي بنياد تي نه ڪنهن کي ڪامياب ڪرائي سگهجي ٿو نه ئي وري ناڪام. چار حلقن جي حوالي سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا شرمندگي کي منهن ڏئي رهيا آهن. خواجا آصف هاڻ چوندو ته ”تنهنجو ڇا ٿيندو ڪاليا“. هن وڌيڪ چيو ته پيسي جي زور تي ڪامياب نٿو ٿي سگهجي. سموريون ڪاميابيون اسان کي الله جي طرفان مليون آهن. هوڏانهن  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 ۾ ڌانڌلي  جي حوالي سان خواجا آصف جي حق ۾ فيصلو اچڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبوليون ٿا. پنهنجي بيان ۾ نعيم الحق چيو ته خواجا آصف انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ثبوت لڪائڻ ۾ ڪامياب رهيو. نظام جي ڪمزوري سامهون آئي آهي، ڪيس جي ٽنگڻ پٺيان سڄي حڪمت عملي سامهون اچي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي شر کان نظام کي بچائڻ جي لاءِ ميدان ۾ بيٺا آهيون، پاڪستان جي ادارن جي تباهي جو سڄو حساب وٺنداسين. تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ شارٽ آرڊر ذريعي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي هاڻ ان تي تبصرو نٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 ۾ ڌانڌلي جي الزام جي اپيل رد ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته نٿو چئي سگهجي ته عدالت اسان جي ثبوتن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو ڇو ته هاڻ سپريم ڪورٽ شارٽ آرڊر ذريعي اپيل رد ڪئي آهي، عدالت اپيل رد ڪرڻ جو سبب تفصيلي فيصلي ۾ جاري ڪندي جنهن بعد ان تي تبصرو ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي جي مرڪزي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته ڪاميابي ۽ ناڪامي ته مقدر جي راند آهي پر عثمان ڊار جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن.  سپريم ڪورٽ طرفان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 سيالڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي خواجا آصف خلاف ڌانڌلي بابت اپيل رد ٿيڻ تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته عثمان ڊار پنهنجي حق جي لاءِ وڙهيو ۽ جهڙي ريت وڙهيو ان تي فخر آهي.

 

وفاق جو 18هين ترميم تحت اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي کان انڪار ناانصافي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم تحت وفاقي حڪومت پنهنجا فنڪشن، ڊويزن ۽ وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اها ننڍن صوبن سان نااصافي آهي ۽ ان سان احساس محروميءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن اها ڳالهه ڊيوليويشن پروسيس واري سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽيءَ جي وفد جنهن جي اڳواڻي سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهي ڪري رهيو هو، جيڪو ڪميٽيءَ جو چيئرمين آهي سان ملاقات دوران ڪئي. وفد جي ٻين ميمبر ۾ نوابزاده شفيع الله مگسي، طاهر مشهدي، تاج حيدر، عطاءُالرحمان، محمد عثمان خان ڪاڪڙ، سعيد غني ۽ ٻيا شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وفاقي حڪومت يڪراءِ طور 18هين ترميم پاس ڪئي هئي، جنهن ۾ سمورين پارلياماني قوتن ۽ پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو. وفاقي حڪومت کي اصولي طور تي سمورين 18 وزارتن جا فنڪشن، پاور ۽ اثاثا منتقل ڪرڻا هئا. هن چيو ته انهن کي منتقل نه ڪرڻ سان ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندو. وڏي وزير چيو ته متروقه وقف ٽرسٽ کي بهبود آبادي کاتي کي فنڊز جاري ڪرڻ، ڊائريڪٽر آف ويئر هائوس جي منتقلي ۽ سپلائيز ۽ نيشنل ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف فرٽلائيز ڪراچي، نيشنل ڪوچنگ سينٽر جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ کان منتقلي، اِي او بي آءِ جي ڊيوليوشن، ورڪرز ويلفيئر فنڊ، صوبن جي او اِي سي پي ۽ او پي ايف، وفاقي ادارن ۾ صوبائي نمائندگي، فشريز سان لاڳاپيل ادارن / آفيسن جي منتقلي، هائير ايجوڪيشن بابت معاملا ۽ اهڙا طرح جا ڪيترا ئي معاملا التويٰ هيٺ آهن. هن چيو ته اسان هميشه ان حوالي سان آواز اٿاري آهي، خط ۽ نوٽ لکيا پر ڪنهن جي مٿي تي جُوءِ به چري. هن اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽ ڪميٽي ننڍن صوبن جو ڪيس وڙهندي. ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهيءَ سنڌ وڏي وزير جي دليل جي حمايت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت 18 وزارتن جي منتقليءَ بدران وڌيڪ 12 وزارتون جوڙي ڏئي ڇڏيون آهن. هن چيو ته اسان بلوچستان، خيبر پختون خواهه جي وڏن وزيرن سان اجلاس منعقد ڪيا آهن ۽ هاڻي اوهان (سنڌ جي وڏي وزير) جي سان گڏجاڻي ڪري رهيا آهيون ۽ سمورن وڏن وزير اهڙي قسم جي تحفظن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه تي خوشي ٿي آهي ته ڊيوليوشن جي مسئلي تي سمورن صوبن جو موقف هڪ جهڙو آهي. هن  وڌيڪ چيو ته چيف سيڪرٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ مون کي ڊيوليوشن جي مسئلي ۽ صوبائي حڪومت جي تحفظن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني آهي ۽ هن سنڌ جو ڪيس تمام سٺي ريت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته اوهان جو ڪيس وڏو مضبوط آهي ۽ اسان هن مسئلي کي وفاقي حڪومت وٽ اٿارينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ننڍن صوبن جي وفاق ۾ آواز بڻجڻ تي سينيٽ ڪميٽيءَ جا ٿورا مڃيا ۽ اُميد ظاهر ڪئي ته انهن ڪاوشن جا سٺا نتيجا نڪرندا.