تازيون خبرون

Daily Archives: October 28, 2016

قومي وومن ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دؤرو ڪندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي قومي وومن ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دؤرو ڪندي جت يهو 5 ون ڊي ميچز ۽ هڪ ٽي 20 ميچ کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون ون ڊي انٽرنيشنل 9 نومبر، ٻي 11 نومبر ۽ ٽي 13 نومبر، چوٿين 17 نومبر جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي 19 نومبر تي کيڏي ويندي. دوري ۾ شامل واحد ٽي 20 ميچ 21 نومبر تي کيڏيو ويندو.

 

گهيري هيٺ آيل نواز شريف: زاهد حسين

نواز شريف جيتوڻيڪ ڪَنَ لاٽار ڪري رهيو آهي پر حالتون ڏينهون ڏينهن کيس لاءِ ڏکيون ٿينديون پيون وڃن. ان جو سبب رڳو عمران خان طرفان اسلام آباد بند ڪرڻ واري ڌمڪي ناهي پر فوج سان لاڳاپن ۾ وڌندڙ تلخي به ان جو هڪڙو اهم سبب ٿي سگهي ٿو. هيلوڪي صورتحال ان صورتحال کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ڏکي آهي، جهڙي صورتحال کي نواز شريف 2014ع جي ڌرڻن ۾ ڀوڳيو هو.

2 نومبر کن اڳ نئون فوجي سربراهه نامزد ڪرڻ، (جيڪي افواهه هلي رهيا آهن) سان حالتون ڪنهن به صورت ۾ بهتريءَ ڏانهن وينديون. سلامتيءَ بابت اهم اجلاس جا ڳجهه ميڊيا کي ليڪ ٿيڻ جو معاملو، فوجي سربراهه جي تبديليءَ باوجود ماٺو ٿيڻو ناهي. سو عمران خان جي اسلام آباد تي اعلانيل چڙهائي شايد وزيراعظم لاءِ اهڙي بدترين نه ٿئي ها، جي هو اڳواٽ ئي گهيري ۾ آيل نه هجي ها.

ان جا امڪان به بنهه نه جهڙا آهن ته مخالف ڌر جون ٻيون جماعتون به ڪو نواز شريف کي بچائڻ لاءِ هن ڀيري اڳتي اچن، جيئن هن پنهنجي طرفان پاناما اسڪينڊل جي عدالتي جاچ تي راضي ٿيڻ کانسواءِ 2014ع ۾ ڪيو هو، پاناما اسڪينڊل ۾ وزيراعظم جو خاندان ملوث آهي. سو وقت اچي ويو آهي ته هو اڀاڳي نومبر بابت سوچي، جنهن ۾ ڳائي وڄائي وڏي قربانيءَ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

عمران خان لاءِ هن ڀيري وارو احتجاج ان ڪري سولو فلائيٽ (اڪيلي سر اڏار) ناهي جو طاهر القادريءَ به نيٺ 2 نومبر واري احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. يقيني طور طاهر القادري جي پارٽي ڪا وڏي قومي پارٽي ناهي پر هن ۾ پنهنجي پوئلڳن جي وڏي هجوم کي موبلائيز ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي جيڪو گهيراءَ لاءِ زور آزمائي ڪري سگهي.

سڀ کان خطرناڪ ڳالهه هن هلان ۾ انتهاپسندن مذهبي گروهن جي شامل ٿيڻ جا اطلاع آهن، جيڪي ضروري ناهي ته عمران خان جي حمايت لاءِ ايندا هجن پر اهي هن انتشار مان فائدو وٺڻ چاهيندا. نام نهاد دفاع پاڪستان ڪائونسل، جنهن ۾ حافض سعيد ۽ بندش پيل ڪجهه گروهن جا اڳواڻ به شامل آهن، انهن به روڊن تي اچڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو جمهوري توڙي ڪجهه ٻين سببن جي ڪري انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي. ان سان، پاڪستان جي هر قسم جي شدت پسند ۽ انتهاپسند گروهن کي پاڙ کان ئي ختم ڪري ڇڏڻ بابت پاڪستان جي ڪوشش بابت عالمي برادريءَ جا شڪ پَڪ ۾ تبديل ٿيندا.

اسلام آباد تي باقابو هجوم جي هلان جا نتيجا بهرحال انتهائي خطرناڪ نڪرندا. اهڙي عالم ۾ طاقت جو ڪنهن به قسم جو استعمال صورتحال کي ويتر بدترين بڻائي ڇڏيندو، جنهن سان حڪومت لاءِ ويتر مشڪلاتون وڌي وينديون. اطلاع آهن ته حڪومت ريڊ زون کي محفوظ رکڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج گهرائڻ تي غور ڪري رهي آهي. پر سول-ملٽري لاڳاپن کي ڏسندي اهڙي ڪنهن سبب جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، سو چئي نه ٿو سگهجي. جيڪڏهن حالتون پرتشدد ٿين ٿيون ۽ هجوم شهر کي ٺپ ڪري ٿو ڇڏي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان بابت هر ڪو اندازا لڳائي رهيو آهي.

هڪ اخبار ۾ جيڪي ڪجهه شايع ٿيو، سان معلومات ڄاڻي واڻي ليڪ ڪرڻ جي الزام ئي سول-ملٽري لاڳاپن جي نوعيت جو ثبوت آهن. اهو سڀ ڪجهه الزام بازيءَ واري ميڊيا تي ڳچ عرصي کان هلندڙ راند جو حصو به ڀانئجي ٿو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ۾ ناڪاميءَ جو ذميوار ڪير آهي. فوج ڪيئي موقعن تي ان کي سرڪار جي سُستي قرار ڏئي چُڪي آهي.

سول سرڪار جي تنقيد به ان ڏس ۾ ٽي وي چينلن تي ڪجهه اينڪرن ۽ ڪامينٽيٽرن جي ذريعي مسلسل نشر ٿيندي رهي آهي، جيڪا ڳالهه پڻ شريف سرڪار لاءِ مونجهاري جو باعث رهي آهي، ڇو جو اها سمجهي ٿي ته اها ڳجهن ادارن جي اشاري تي هلائجندڙ هڪ منظم مهم آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ڊان ۾ جيڪا اسٽوري شايع ٿي هئي، تنهن ۾ ٻي ڌر جو موقف نه هو. وزيراعظم هائوس مان آيل ترديد به ماحول کي ماٺو ڪري نه سگهي، ڇو جو فوج جي مطالبي آهر ان ڏس ۾ ڪم نه ٿيو آهي جڏهن ته سرڪاري وري سمجهي ٿي ته ڪابينا جي ڪنهن به ميمبر يا عملدار خلاف ڪارروائي ڪرڻ غلطي تسليم ڪرڻ هوندو.

سرڪاري حلقن ۾ بهرحال پختو تاثر موجود آهي ته وقت گذرڻ سان ۽ هلندڙ مهيني جي خاتمي کان اڳ نئين فوجي سربراهه جي مقرريءَ سان هيءُ معاملو پاڻهي ماٺو ٿي ويندو. ڪي ته سمجهن ٿا ته معاملو ختم ٿي چڪو آهي ۽ ڪنهن کي ڪجهه به ٿيڻو ناهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته فوج ڇا پئي سوچي. جنرل راحيل شريف نومبر جي ٽئين هفتي ۾ ريٽائر ٿيڻو آهي. ان طرفان مدي ۾ واڌ جا افواهه اڳ ئي دم ٽوڙي چڪا آهن، پر ڪمان جي منتقليءَ تائين اهي افواهه ايئن جو ايئن ئي رهندا. ٻي شيءِ جيڪا نواز شريف ماضيءَ جو تجربو هئڻ باوجود سمجهڻ ۾ ناڪام ويو آهي، سا هي آهي ته، هي ڪنهن فرد نه پر اداري جو معاملو آهي.

هي سچ هوندو ته فوج هڪ چونڊيل حڪومت خلاف ڇا ڪري سگهي ٿي، تنهن جون به ڪي حدون آهن پر اعتماد جو فقدان ۽ ڪن سياسي بحرانن ۾ فوج جو حڪومت جي حمايت کان پير پوئتي پائڻ نواز شريف لاءِ ڪو سٺو سنئوڻ ناهي.

ٻيو ته هڪ ٽڪراءَ سان ملڪ ۾ شدت پسندي ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف ملڪ ۾ جاري ويڙهه بريءَ طرح متاثر ٿي آهي. ڪوئيٽا ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ دهشت گرديءَ جا تازا واقعا پاليسيءَ ۾ موجود مونجهاري جو چٽو اشارو آهن. حڪومت هر واقعي کانپوءِ انهيءَ عزم سان جاڳي ٿي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين وڙهبو ۽ ان کانپوءِ وري سمهي ٿي پئي.

ڪوئيٽا ۾ پوليس اڪيڊميءَ تي ٿيل تازو دهشتگرد حملو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 ماڻهو مارجي ويا، دهشتگردن جي موجود خطري جو نئون چتاءُ آهي. سول-ملٽري تضاد ئي حقيقت ۾ دهشتگرديءَ جي لعنت خلاف ويڙهه ۾ مربوط پاليسي ڏيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. الزام تراشيءَ جي راند ڪيڏانهن به وٺي نه ويندي، اختلاف نبيرڻ جي ذميواري سول توڙي فوجي ٻنهي قيادتن تي اچي ٿي.

سياسي بحران کي ماٺو ڪرڻ به سرڪار جي ذميواري آهي جنهن سان ملڪ اندر جمهوري نظام جي پٽڙيءَ تان لهڻ جو خطرو آهي. عمران خان جي انڌا ڌنڌ احتجاج ۽ اسلام آباد تي هلان جي حمايت ته نه ٿي ڪري سگهجي پر حڪومت کي به اهڙي مالي اسڪينڊل، جنهن ۾ وزيراعظم جي خاندان جا نالا آيل آهن، تنهن کان بچڻ جا حربا استعمال ڪرڻ گهرجن. نواز شريف سرڪار لاءِ هن بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو هي آهي ته اها پاناما اسڪينڊل جي آزاد جاچ لاءِ مخالف ڌر سان ٽرمز آف ريفرنسز تي معاهدو ڪري، سياستدان جڏهن پنهنجا اختلاف جمهوري طريقي سان نبيرڻ ۾ ناڪام ٿيندا آهن ته پوءِ آئين کان مٿانهين قدم جو خطرو هميشه موجود رهندو آهي.

 

 

وڌندڙ انتهاپسندي ۽ داعش…؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

دشتگرد تنظيم داعش جنهن جي باري ۾ ملڪ اندر اهي ڳالهيون عام هلي رهي رهيون هنيون ته داعش جو ملڪ اندر ڪو به وجود ناهي.پر ڪجهه ڏينهن پهرين ڪوئٽا شهر ۾ پوليس ٽرينگ سنٽر جي خدڪش حملو ٿيو جنهن اندر 61پوليس جا نوجوان شهيد ٿي ويا ۽ 120 جوان زخمي ٿي پيا،هن وقت انهي خد ڪش حملي جي بابت ٻڌايو پئي ويو ته ڪوئيٽا واقعي جي ذميواري داعش ۽ لشڪر جهنگوي ڌار ڌار نموني قبول ڪري ورتي آهي. جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن لشڪر جهنگوي تي شڪ  ڏيکاريو آهي. داعش هڪ ويب سائٽ اعماق تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ ملوث هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف لشڪر جهنگوي به ذميواري قبول ڪئي آهي. آءِ جي ايف سي شير افگن چيو آهي ته ڪوئيٽا حملي ۾ لشڪر جهنگوي ملوث آهي،جڏهن ته حملي جون هدايتون افغانستان مان ڏنيون ويون. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي ايف سي شير افگن چيو ته ڪوئيٽا حملي ۾ لشڪر جهنگوي العالمي جو هٿ آهي. جڏهن ته پاڪستان اندر داعش جو وجود آهي يا نه انهي تي لکڻ کان پهرين ٿورو ماضي ۾ هلي ڏسون. داعش ملڪ جي صوبي پنجاب اندر پنهنجو نيٽ ورڪ مظبوط ڪرڻ جو سازشون ڪري رهي آهي.

جڏهن ته پنجاب جي تعلقي ڊسڪا ڪجهه مهينا پهرين دهشتگرد تنظيم داعش سان تعلق رکندڙ ڇهه ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو. جن جي قبضي مان ڪيترو ئي خطرناڪ اسحلو ۽ بم ٺاهڻ وارو مواد ۽ وڏي تعداد اندر ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر هٿ ڪيا ويا هئا .جن ۾ اهڙيون سي، ڊي يون ۽ ڊي ،وي، ڊيون، موجود هنيون.جن اندر دهشتگرد تنظيم داعش جو تشهري مواد موجود هو.جڏهن ته اها دعويٰ پڻ سامهون آئي هئي ته داعش سان مليل اهي دهشتگرد ڊسڪا شهر جي علائقي (گلوٽيان) ۾ هڪ تربييتي ڪيئمپ قائم ڪري رهيا هئا.جڏهن ته ڊسڪا کان پوءِ اهڙا انڪشاف پڻ ظاهر ٿيا هئا ته لاهور اندر داعش سان جڙيل عورت ونگ جو  وڏو تعداد موجود آهي.جيڪي سوشل ميڊيا نيٽور ڪنگ جي ذريعي.عراق ۽ شام ۾ موجود دهشتگرد تنظيم داعش جي قيادت سان باقيده رابطو رکيو اچن.جڏهن ته اهي داعش سان جڙيل عورتون،لاهور اندر عورتن کي برين واش ڪري.پنهنجي ٻارن سميت دهشتگرد تنظيم داعش ۾ شامل ڪرڻ لاءِ شام ۾ موڪلڻ جي شازشن ۾ رڌل آهن.جڏهن ته اهو انڪشاف تڏهن ظاهر ٿيو جڏهن لاهور مان لاپته ٿيل هڪ عورت جنهن جو نالو ”فرحانه خاتون”هو جيڪا اتي جي هڪ مقامي صحافي عورت جي ڀيڻ پڻ آهي.جڏهن ته فرحانه خاتون جي تحيقيات ڪئي وئي ته فرحانه خاتون جو پتو شام ملڪ اندر پيو.جڏهن ته فرحانه خاتون جيڪا ايف بي آر جي سپريڊينٽ مهر حامد جي گهر واري آهي.جنهن کي شدت پسندن سان همدردي،۽ انهن سان سرگرمي تعلقات رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار پڻ ڪيو ويو هو.

جڏهن ته ذريعن جي مطابق ته انهي تحيقات جو پتو تڏهن پيو جڏهن.فرحانه پنهنجي گهر وارن سان ڪنهن سوشل سائيڊ تي شام ملڪ مان رابطو ڪيو.ته هو شام ملڪ اندر پهچي وئي آهي.جڏهن ته اها به ڳالهه سامهون آئي آهي ته اها عورت ڪراچي کان گوادر ۽ ايران کان پوءِ شام ملڪ پهتي آهي ته جئين هو داعش سان گڏ ڪم ڪري سگهي.جڏهن ته فرحانه جو شام پهچڻ، سيالڪوٽ جي شهر ڊسڪا ۽ لاهور اندر داعش جي نيٽ ورڪ جو موجود هجڻ ملڪ لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي.. داعش تنظيم جي باري ۾ جيڪڏهن جائزو وٺجي ته داعش دنيا اندر ايڏي تيزي سان ڇو ڦهلجي رهي آهي..؟ ته ڳالهه سجهه ۾ ايندي ته انهي جو وڏي ۾ وڏي سبب سوشل ميڊيا آهي .۽ اها ئي وجهه آهي.جنهن جي ڪري يونيوورسٽين ڪاليجن،۽ فتني تعليم اندر اهي  پڙهندڙ نوجوان داعش کان متاثر ٿي.انهي داعش تنظيم ۾ شامل ٿي رهيا آهن. پاڪستان اندر آپرِيشن ضرب اعظم جي ڪري.خدڪش بمبارن جي چيل گهڻي ڀاڱي ٽٽي چڪي هئي پر ڪوئٽا سانحي کانپوءِ وري به ڪيترين ئي سوچن اچي وارايو آهي،. اها به حقيقت آهي ته ڪيترائي دهشتگرد پنهنجي جان بچائي ڪري  افغانستان ڏانهن ڀڄي ويا آهن. ۽ ڪيترن ڀڄي ڪري ملڪ جي ٻهراڙين جي ننڍن ننڍن شهرن اندر پنهنجون سرگريون جاري رکيون آهن.جن کي بيوروني فنڊنگ ملي رهي هئي.جيڪا واقعي مقدار ۾ بند ٿيڻ کانپوءِ کين پريشان جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.جنهن جي ڪري بچي ويل دهشتگردن انهي ۾ ڀلو سمجهو ته داعش اها واحد تنظيم آهي.جيڪا  سندن مالي مدد ڪري سگهي ٿي.۽ کين فاڪا ڪشي کان بچاءِ سگهي ٿي. داعش جي سوچ به انهن سان ملي ٿي.ڇوته هو مسلمانن جو خون وهائي رهيا آهن ۽ داعش به ملسمانن جو خون وهائڻ ۾ پنهنجي جارحاڻيون ڪاروايون  ڪري رهي آهي.ان ڪري اهي ضرب عضب کان بچي ويل دهشتگرد اهو سوچي داعش ۾ شامل ٿي ويا آهن ته پيسو جو پيسو ڪمائي وٺبو ۽  بي گناهه مسلمانن جو خون وهائي ڪري.کين خوشي ملندي.

اها ئي وجهه آهي.جنهن ڪري اهي دهشتگرد،ڪوئٽا پوليس سنٽر سانحو، پشاور جي ايڇ ڪيو،مهراڻ ايئربيس،واگها بارڊر.جي واقعن اندر دهشتگردي ۾ ملوث رهيا آهن.انهي ڪري انهي دشهتگرد داعش ۾ شامل ٿي ڪري. دهشتگردي ۽ فساد ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندا..!جڏهن ته انهي دهشتگردي جي حوالي سان مختلف ادران جو مشترڪه هڪ اجلاس ٿيو.جنهن اندر اها ڳالهه سامهون آئي ته.داعش ۾ شامل ٿيڻ وارن دهشتگردن جو گهڻي ڀاڱي تعلق. ڪالمبند تنظيم تحريڪ طالبان.سان آهي.جماعت الحرام.جنهن  مرادن خدڪش حملو قبوليو هو. الحرام الهنسد ،چيچين مليٽائز ،اسلامڪ مومينٽ ازبڪستان.۽ ترڪسان، جا ماڻهو شامل آهن. پاڪستان کان علاو افغانسان اندر به اهڙا انڪشاف ٿيا آهن.جن جي ذريعي.داعش انهن افغانين کي لکين رپيا ڏئي ڪري انهن کي پنهنجي طرف راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.جڏهن ته پيسي جي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته داعش وٽ پئسي جي ڪمي ناهي. پاڪستان ۾ موجود افغان مهاجرين جو پڻ برين واش ڪري کين هٿيار ۽ ڌما خيز مادو ڏئي ڪري پاڪستان ۾ حملا ڪرڻ جون تربييون ڏنيون پيون وڃن.اهڙي طرف سي ڊيز ۽ ڊي وي ڊيز جي ذريعي پڻ ماڻهن کي گهمراه ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ۽ ڪجهه ڪالمند تنظيمون پڻ داعش جي نالي تي ملڪ اندر خوف ۽ حراس پڻ پکيڙي رهيون آهن. حڪومتي ادران جو اهو چوڻ آهي ته ملڪ اندر داعش جو موجود ناهي بس اهي تنظيمون آهن جيڪي داعش جي نالي تي ملڪ اندر پنهنجو خوف حراس پکيڙڻ چاهين ٿيون. الله ڪري اهو سچ هجي ته ملڪ اندر داعش جو وجود نه هجي.ڇو  ته داعش کي وٺي ڪري هن وقت پورو ملڪ خوف ۽ حراس ۾ ورتل آهي.۽ پاڪساتي ميڊيا کي انهي ڏس ۾ اهو ڪردار ڪرڻ گهرجي جنهن سان ماڻهن مان اهو خوف ختم ٿي .۽ ملڪ جي عوام ۽ فوج سان ملي ڪري انهي تنظيمن خلاف مهم هلائين.جيڪي ملڪ پاڪستان جو امن امان خراب ڪرڻ ٿيون چاهين

.

 

پي ٽي آءِ جو ڌرڻو ۽ حڪومتي قدم

حڪومت پي ٽي آءِ جي ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. ڌرڻي کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ جي قيادت کي نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڪندي فوج جي مقرري جي مدي ۾ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن موجب وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف جي ڌرڻي کي روڪڻ جي لاءِ راولپنڊي ۽ لاهور جو زميني رابطو ختم ڪرڻ جي لاءِ پهرين نومبر کان پشاور کان اسلام آباد ۽ لاهور کان اسلام آباد موٽروي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڌرڻي کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ جي اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊويزن ۽ ضلعي سطحن تي پڻ پارٽي جي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويندو، نوازليگ جو چوڻ آهي ته ڌرڻي جي صورت ۾ امن امان ۾ خلل برداشت نه ڪيو ويندو. جڏهن ته حڪومت جهلم درياءَ ۽ اٽڪ جي پلين کي ڪنٽينر هڻي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف کي سختي سان منهن ڏيڻ جو پڻ رٿيو ويو آهي.

ٻئي طرف گهرو وزارت آئين جي آرٽيڪل 245 تحت اسلام آباد ۾ پاڪ فوج جي دستن جي قيام ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. فوج جي قيام ۾ واڌ جي منظوري چيف ڪمشنر اسلام آباد جي درخواست تي ڏني وئي آهي. چيف ڪمشنر اسلام آباد فوجي دستن جي قيام ۾ 90 ڏينهن جي واڌ لاءِ هڪ سمري موڪلي هئي ۽ گهرو وزارت ان جي منظوري ڏيندي ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ 350 فوجي جوان حساس جاين ۽ ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور موجود آهن، ان کان اڳ ۾ 1500 رينجرز ۽ 50 گلگت بلتستان اسڪائوٽس جي قيام ۾ به ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي. حڪومت فوج، رينجرز ۽ ٻي فورس کي ضرورت پوڻ تي طلب ڪري سگهي ٿي. آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج ۽ رينجرز جي جوانن کي مليل اختيارن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي.

پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جي اعلان بعد حڪومتي نمائندن ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۾ ميڊيا ذريعي بيان بازي جو سلسلو به جيئن جو تئين تيز ٿيندو پيو وڃي، حڪومت جا کنيا ويندڙ قدم ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا، حڪومت کي گهرجي ته ٽئين ڌر کي وچ ۾ آڻي معاملن کي بهتر نموني سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جئين اڳتي هلي آرمي پبلڪ اسڪول جهڙو واقعو رونما نه ٿئي جنهن سان پوري قوم ڌڏي اٿي.