تازيون خبرون

Daily Archives: October 14, 2016

ٽوئنڪل کنا اڪشي ڪمار کي جيڪولين سان گڏ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خطرن جو رانديگر اڪشي ڪمار گهر واري اداڪارا ٽوئنڪل کنا جي چوڻ تي سري لنڪن حسينه جيڪولين فرنينڊس سان ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اڪشي ڪمار ۽ فنڪارا ٽوئنڪل کنا جي جوڙي کي بالي ووڊ جي سڀني کان ڪامياب ۽ خوشگوار زندگي گذاريندڙ جوڙو خيال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته فنڪارا ٽوئنڪل کنا اڪشي ڪمار سان شادي کانپوءِ فلم نگري کان پري ٿي وئي آهي، پر اڪشي ڪمار جي فلم نگري بابت فيصلا هوءَ ئي ڪندي آهي، ٽوئنڪل کنا اداڪار کي بالي ووڊ حسينه جيڪولين کان پري رهڻ جي وارننگ ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اڪشي ڪمار ۽ فنڪارا جيڪولين فرنينڊس هڪ تقريب ۾ بي تڪلف ٿي رقص ڪري رهيا هئا، جيڪو ان جي گهر واري فنڪارا ٽوئنڪل کنا کي هڪ اک نه وڻيو ۽ هن اڪشي ڪمار کي جيڪولين کان پري رهڻ ۽ گڏ ڪم نه ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ اڪشي ڪمار فلم ”هائوس فل“ جي چوٿين سيڪوئل ۾ سريلنڪن حسينا سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 

ننديتا داس جو سعادت حسين منٽو تي فلم ٺاهڻ جو اعلان، اهم حصو لاهور ۾ شوٽ نه ڪيو ويو ته اها منٽو سان ناانصافي هوندي: ننديتا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ۽ هدايتڪاره ننديتا داس ننڍي کنڊ جي مشهور ليکڪ سعادت حسن منٽو تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ننديتا داس موجب منٽو تي فلم ٺاهيندي فلم جو هڪ اهم حصو لاهور ۾ شوٽ نه ڪيو ويو ته اها منٽو سان ناانصافي هوندي،ننديتا منٽو جي ڪردار لاءِ اداڪار نواز الدين صديقي کي ڪاسٽ ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته فلم ۾ منٽو جي زندگي جو اهو دور ڏيکاريو ويندو جڏهن هو ورهاڱي کان پوءِ ممبئي کانلاهور منتقل ٿيو، هن چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب لاهور ۾ شوٽنگ ممڪن نه ٿي ته هو مجبوري ۾ نئين دهلي جي چونڊ ڪندي، جنهن جون پراڻيون گهٽيون ۽ بازارون لاهور جي گهٽين ۽ بازارن جهڙيون آهن، هن ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال ڊسمبر جي ٽئين هفتي ۾ شروع ٿيندي.

 

اظهر علي شروعاتي 50 ٽيسٽ ميچن ۾ وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ پاڪستان جو ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين اظهر علي ويسٽ انڊيز خلاف تاريخي ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار سينچري ٺاهي پاڪستان طرفان وڌيڪ سينچرين جو سعيد انور ۽ آصف اقبال جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه اظهر علي 50 ٽيسٽ ميچن ۾ 11 سينچريون ٺاهيندڙ گڏيل طور تي ٽيون پاڪستان بيٽسمين بڻجي ويو آهي. حنيف محمد ۽ يونس خان شروعاتي 50 ٽيسٽ ميچن ۾ 12-12 جڏهن ته محمد يوسف 11 سينچريون ٺاهيون هيون.

 

ڀارتي ٽيم لاءِ خراب خبر، آل رائونڊر رائنا فٽنيس مسئلن سبب ڪيويز خلاف پهرين ون ڊي مان آئوٽ

ڌرم شالا (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر سريش رائنا بيماري سبب نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي، ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي، بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) طرفان جاري ڪيل بيان مطابق رائنا بيمار ٿي پيو آهي ۽ ڊاڪٽرن ان کي آرام جو مشورو ڏنو آهي، جنهن جي ڪري ڪيويز خلاف پهرين ون ڊي نه کيڏي سگهندو، اميد آهي ته هو ٻئين ون ڊي لاءِ مڪمل فٽ ٿي ويوندو، ياد رهي ته رائنا آخري ڀيرو آڪٽوبر 2015ع ۾ ون ڊي ميچ ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي هئي.

 

ڳالهه هڪ تاريخي چٿر جي!: نسيم بخاري

اها ڳالهه انتهائي حيرت ۽ افسوس جوڳي آهي ته 25 سيپٽمبر 2016ع تي اڳوڻي آمر 73 سالا پرويز مشرف جي پنهنجي گهرواري صبا پرويز سان ڀائيٽي جي شاديءَ واري خوشيءَ جي موقعي تي آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ ڀرپور ڊانس واري وڊيو منظرعام تي اچڻ باوجود نه ته حڪومتي سطح تي نه ئي وري مخالف ڌر پاران ڪو ردعمل آڏو آيو آهي. پرويز مشرف بيماريءَ جو بهانو ڄاڻائي ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ واسطي عدالت ۽ حڪومت پاران اجازت ملڻ بعد ويو هو. هتان ته هو ايئرپورٽ کان جهاز تائين به ويل چيئر تي ويو هو، پر جڏهن دبئي ايئرپورٽ تي جهاز تان لٿو هو ته ڊوڙندي ڏاڪڻن تان لٿو هو. هن جا اهي جڏهن فوٽو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڏيکاريا ويا هئا، تڏهن ئي ان جي بيماري ۽ معجزاڻي طور تي چاڪائيءَ بابت اڻ ڳڻيا سوال اٿاريا ويا هئا، جنهن جي ردعمل ۾ حڪومت معاملو عدليه جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي ۽ عدليه اهو چئي وفاقي سرڪار جو ڀانڊو ڦاڙيو هو ته اهو تاثر غلط آهي ته پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ واري اجازت عدالت ڏني آهي. حقيقت اها آهي ته عدالت کان حڪومت فقط راءِ طلب ڪئي هئي، عدالت ان جي جواب ۾ اهو چيو هو ته پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ سرڪار جي صوابديده آهي، ان ڪري ان اختيار جي استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو به خود سرڪار ئي ڪري سگهي ٿي.

پرويز مشرف کي ڊاڪٽر امتياز جهانگير جي اڳواڻي ۾ يارنهن پروفيسرز ڊاڪٽرن جي ٽيم بيمار قرار ڏنو هو ۽ اها رپورٽ ئي پرويز مشرف جي پرڏيهه ياترا جو پروانو ثابت ٿي، جنهن ۾ سڌن ۽ چٽن لفظن ۾ چيل هو ته جنهن عارضي ۾ هو مبتلا آهي، ان جو علاج پاڪستان ۾ نه پر پرڏيهه ۾ آهي، ان ڪري ضروري آهي، پرويز مشرف پرڏيهه مان علاج ڪرائي.

پرويز مشرف 17 مارچ 2016ع تي دبئي هليو ويو.

پرويز مشرف 2007ع تائين اوج تي هو، پر مارچ 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چوڌري افتخار محمد سان ٽڪراءَ هن جي قسمت جي ڪايا پلٽجڻ شروع ڪري ڇڏي، جنهن 30 جون 2009ع تي ملڪي تاريخ ۾ طويل مدت واري چيف جسٽس جو تعارف حاصل ڪيو ۽ پرويز مشرف سان باقاعده ٽڪراءَ ۾ آيو. ان آمر جي حڪمت کان انڪار سبب معاشري ۾ وڏي مڃتا ماڻي، ان ئي ڏوهه ۾ کيس عهدي تان جبري طور فارغ به ڪيو ويو ۽ اتان ئي پرويز مشرف جي قسمت ٽُٽڻ لڳي.

پرويز مشرف 28 نومبر 2007ع تي وردي ڇڏي. يونيفارم لاهڻ کانپوءَ هن جي طاقت سياست ۽ ڀرم ڪمزور ٿي ويا. شوڪت عزيز لنڊن هليو ويو ته وري واپس نه موٽيو. چوڌري شجاعت اينڊ ڪمپني مسلم ليگ (ق) تي قبضو ڪري ورتو. فوج جي ڪمانڊ جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي حوالي ٿي وئي. ايوان صدر ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري خالي ڪرائي ڇڏيو. هو مهاجر بڻجي ايم ڪيو ايم جي طرف وڌيو ته الطاف حسين هن کي مهڻا ۽ ميارون ڏيندي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. آمريڪا، برطانيه، يو اَي اِي ۽ سعودي عرب شروع ۾ پنهنجي پراڻي ساٿيءَ جو ساٿ ڏنو، پر پوءِ اهي به هڪ ٻئي پويان هن مان هٿ ڪڍندا ويا. هن آخري ڪوشش طور تي پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي، پر جيڪا پاڇي بچيل هئي، ان تي به فواد چوڌري قبضو ڪري ورتو. پرويز مشرف ٿڌو ساهه بڻجي رهجي ويو. ميان نواز شريف 2013ع ۾ اقتدار ۾ آيو ته آئين جي آرٽيڪل 6 جي آڌار تي پرويز مشرف کي سبق سيکارڻ جا جتن ڪرڻ لڳو. هو پرويز مشرف کي هر صورت ۾ سزا ڏيڻ جي حق ۾ هو. چيف آف آرمي اسٽاف هن سڄي صورتحال ۾ غير جانبدار هو، پر پوءِ جنرل راحيل شريف آرمي چيف جي ڪمانڊ سنڀالي، جنهن جي شهيد ڀاءُ ميجر شبير شريف جي پرويز مشرف سان ويجهڙائي رهي هُئي، جنهن ڪري کيس رليف ۽ رعايتون مليون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو معاملو حڪومت ۽ فوج ۾ اختلافن جا جواز پيدا ڪري ٿو. فوج پرويز مشرف کي آرمي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو هو، پوءِ عمران خان ۽ طاهرالقادري جا ڌرڻا لڳا. حڪومت ڪمزور ٿي، جنهن جو فائدو جنرل پرويز مشرف کي پهتو. سرڪار هن مان هٿ ڪڍڻ تي آماده ٿي وئي ۽ ان طرح سان پرويز مشرف پنهنجي مصروفيتن ۾ رات ڏينهن گذارڻ لڳو.

مارچ 2016ع ۾ هن جي بيمارين جون خبرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڇپجڻ لڳيون، هو ڪراچيءَ جي هڪ پرائيوٽ اسپتال ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر جي بورڊ ريڙهه جي هڏي ۽ کٻي پير ۾ تڪليف جي نشاندهي ڪئي، جنهن جي علاج لاءِ سندس ٻاهر وڃڻ جو مشورو ڏنو ويو، ان ڪري هن جو نالو اِي سي ايل مان هٽايو ويو ۽ همراهه آسانيءَ سان وڃي پرڏيهه جا وڻ وسايا.

هو گذريل ڇهن مهينن کان لنڊن ۽ نيويارڪ ۾ زندگيءَ کي انجواءِ ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ عدالتن پاران هن جي ملڪيتن جي ضبط ڪرڻ وارا اعلان آڏو اچي ويا آهن. پاڪستان ۾ هن جي گهرن تي حڪومتي نوٽيس لڳي رهيا آهن، پر ان کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي ته هن جي بيماري واري ڊرامي جو پسمنظر ڇا هو ۽ ڇا جي ڪري هن کي ڪوڙ ڳالهائي پرڏيهه وڃڻ جي ضرورت پيش آئي.

1988ع ۾ مشرف منگلا جو ڪور ڪمانڊر هو، هن جي رٽائرمينٽ ويجهي هئي، هو پنهنجا ٽپڙ ويڙهي گهر وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته شهباز شريف ۽ چوڌري نثار هن جي سفارش ڪري سينئر جنرلن کي به نظرانداز ڪندي ميان نواز شريف کان چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو ڏياريو، پر اڳتي هلي مسلم ليگ (ن) جي ڀاري مينڊيٽ جو جيڪڏهن ڪنهن مڻڪو ڀڳو ته اهو ڪو ٻيو نه پرويز مشرف ئي هو، جنهن 12 آڪٽوبر 1999ع تي نواز سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.

سعودي عرب، آمريڪا ۽ برطانيه نواز شريف سان ساڻ هئا. آمريڪي صدر بل ڪلنٽن 25 مارچ 2000ع تي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پاڪستان آيو. صدر رفيق تارڙ سان مليو ته ان جي سامهون ويٺل جنرل پرويز مشرف تي اک ئي نه ٻڏي. هن ان ڏانهن هڪ سيڪنڊ لاءِ نهارڻ به مناسب نه سمجهيو. سعودي سفير به نئين چيف ايگزيڪيوٽو سان ملاقات جي لاءِ تيار نه هو. برطانيه به پاڪستان کان ڪافي پري وڃي چڪو هو، پر پرويز مشرف جي ڀاڳ ڦيرو کاڌو، 9 سيپٽمبر وارو ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تباهيءَ وارو واقعو پيش آيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پرويز مشرف دنيا جي اک جو تارو بڻجي ويو، پوءِ پرويز مشرف جنهن هوڏ ۽ هٺ سان اڳتي وڌيو، اقتدار ۽ طاقت جي نشي ۾ جيڪا مڳي ڏيکارڻ لڳو، تنهن دنيا کي نِت نون بحثن جا جواز بخشيا. اها تاريخ جي رڪارڊ واري ڳالهه آهي ته هو بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کان شديد نفرت ڪندو هو، هو ڪنهن به صورت ۾ ٻنهي اڳواڻن جي پاڪستان واپسي جي حق ۾ نه هو. هن هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي ته (ن) ليگ ۽ پ پ جون پاڙون پٽجي وڃن. هنن ٻنهي پارٽين جو هتي ڪو نانءُ نشان به نه هجي، نه ئي وري پاڪستان ۾ هنن پارٽين ۽ شخصيتن جو ڪو نانءُ کڻڻ وارو هجي.

هن نواز شريف کي عبرت جو مثال بڻائڻ پئي گهريو، هن ضياءُ الحق جي تاريخ ورجائڻ پئي چاهي، جنهن کي عربن جي ياري بچائي وڌو ۽ راتو رات سزا يافته مجرم کي پوري خاندان سميت سعودي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو. ان کانپوءِ پرويز مشرف ۽ محترمه بينظير ڀٽو وچ ۾ مفاهمت ٿي. پرويز مشرف بابت محترمه بينظير ڀٽو جي اها اِي ميل به رڪارڊ جو حصو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته پرويز مشرف نه ٿو چاهي ته مان پاڪستان اچان ۽ پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار ٻين سان گڏ پرويز مشرف به هوندو، ڇو ته مون کي ان مان خطرو آهي. پوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي محترمه  جڏهن ڪراچي آئي ته هن مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، بمن جا ڌماڪا ڪرايا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ محترمه معجزاڻي طور بچي وئي، پر ڏيڍ سؤ کان وڌيڪ پ پ ڪارڪن حياتيون وڃائي ويٺا، جن کي اڄ به ”جانثاران بينظير“ چيو وڃي ٿو.

پيپلز پارٽي 2008ع ۾ عام چونڊن کانپوءِ اقتدار ۾ آئي، جنهن وڏي عزت ۽ احترام سان ايوان صدر ۾ پرويز مشرف کي گارڊ آف آنر پيش ڪري ٻاهر وڃڻ لاءِ راهه هموار ڪئي. ان کانپوءِ هو جهڙيءَ ريت پنهنجون سرگرميون جاري رکندو آيو آهي، ان مان اهو تاثر وڏي پئماني تي ملي ٿو ته هو اڄ به انتهائي طاقتور ترين ماڻهو آهي. هن جو ڪوبه وار ونگو نه ٿو ڪري سگهي. هو ڪنهن به قانون ۽ آئين جي جڪڙ ۾ نه ٿو اچي سگهي. هن جي 25 سيپٽمبر 2016ع تي زال سان ڊانس واري وڊيو ڪلپ به هڪ طرح سان جمهوري حڪمرانن مٿان تاريخي چٿر آهي، جنهن جي ذريعي هو دنيا کي ڏيکارڻ چاهي ٿو ته هو ڪيڏو بي خوف ۽ دلير آهي. هن کي ڪنهن جي ڪا پرواهه نه آهي، هو ڪنهن کان ڊڄي نه ٿو، نه ئي ڪو هن کان آڏي پڇا ڪرڻ وارو آهي. هو اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته پاڪستاني حڪمران ۽ سياستدان هن جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿا سگهن.

هو انهن سڀني کان مٿانهون ۽ اتم آهي. هو پ پ ۽ (ن) ليگ جي احساسن کي ڪنهن کاتي ۾ نه ٿو آڻي. هن ملڪ سان جيڪا ڪار ڪئي، آئين جا جيڪي بکيا اڊيڙيا ۽ پنهنجي اقتداري مڳيءَ دوران جيڪو ججن ۽ وڪيلن توڙي انساني حقن جي تنظيمن، عام ماڻهن يا سياستدانن سان جيڪو ظالماڻو رويو رکيو، مظلوم قومن ۽ انهن جي اڳواڻن سان جيڪي ڪِيسَ ۽ ڪلورَ ڪيا، انهن جو حساب ڪتاب هن کان ڪير وٺندو؟ هي سزا ۽ جزا جي عمل کان مٿانهون آهي ڇا؟ هو نه رڳو چوري پر سينا زوريءَ واري تاثر سان به آڏو آيو آهي. هن جي وڊيو ڪلپ ان جو ثبوت آهي، جنهن جي آڌار تي انهن سڀني خلاف به ڪارروائي ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيڪي هن کي پرڏيهه پهچائڻ جا سهولتڪار ثابت ٿيا آهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي ڪنهن قانون جي ڪٽهڙي ۾ به ايندا؟

naseembukhari44@gmail.com

 

 

آمريڪا ۽ روس ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ: صاحب خان ڀٽي

روس ۽ آمريڪا ۾ هڪ ڀيرو ٻهير ڇڪتان تيز ٿي وئي آهي، روسي صدر ولادين پيوٽن سفارتي عملي کي ڏيهه  واپس ورڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. روسي صدر  پرڏيهه ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي واپس ورڻ جي به هدايت ڪئي آهي، ايتري قدر جو انهن کي مٽ مائٽن کي جلد روس واپس ورڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ شاگردن کي پرڏيهي اسڪولن مان ڪڍڻ جو چيو آهي، جنهن بعد اهو لڳي رهيوآهي ته روس ۽ آمريڪا ۾ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا تي به اهي تبصره هلي رهيا آهن ته روس ڪنهن وڏي جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن سبب روسي صدر ولادين پيوٽن اهڙا قدم کڻي رهيو آهي، ٻي طرف وري آمريڪا کي به شام طرفان روس جي حمايت تي به تمام گهڻي ڳڻتي آهي. روسي صدر ولادين پيوٽن به پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مٿن لڳايل سائبر حملي جا الزام ڪوڙا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي آمريڪا به ڪجهه عرصي کان روس تي الزام لڳائيندو آهي، ڪڏهن ڊيموڪريٽڪ جي صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن روس تي صدارتي چونڊ کي متاثر ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن ته ڪڏهن ته وري آمريڪي صدر بارڪ اوباما مٿس سائبر حملي جا الزام لڳائيندو رهيو آهي، جن کي روس رد ڪندو رهيو آهي، جي حملي کانپوءِ شامي ايئربيس تي آمريڪي اتحادي فوج جنهن ۾ ڪيترائي شامي فوجي اهلڪار مارجي ويا هئا، جنهن تي روس پاران به سخت رد عمل ڏيکاريو ويو آهي.

هڪ طرف سعودي عرب سندس اتحادي فوج شام ۾ ڪارروايون ڪري رهي آهي ته ٻي طرف آمريڪي  فوج به انهن جي قدمن تي هلندي شامي شهرن مٿان بمباري ڪندي رهي آهي، آمريڪي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن  روسي صدر جي مخالفت ڪري رهي آهي ته ٻي طرف وري ڊونلڊ ٽرمپ پيوٽن جي تعريف ڪندي نه پيو ٿڪجي، جنهن مان لڳي رهيو  آهي ته آمريڪي عملدار روس سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر شام معاملو سندن آڏو ديوار بڻجي ويو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت تائين شام معاملو حل نه ٿي سگهيو  آهي پر ان باوجود آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري شام معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ روس سان بهتر لاڳاپا ڪرڻ لاءِ ملاقاتون ڪري رهيو آهي، ڪجهه عرصو اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي هئي جنهن دوران شام جنگ بندي جو معاهدو ڪيو ويو، جيڪو به گهڻو دير نه هلي سگهيو.جنهن بابت روس چيو هو ته معاهدي کان اڳ ئي آمريڪي اتحادي فوج شام جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي پر آمريڪا اهڙي الزام جي ترديد ڪئي هئي پر جڏهن شامي ايئر بيس تي حملو ٿيو  ته ان وقت هن معاهدي کي شامي حڪومت ختم ڪري ڇڏيو هو.

شام ۾ گڏيل قومن جي امدادي قافلي تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 18 ماڻهن جي مارجڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون هيون. گڏيل قومن طرفان به بيان جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته جهازن امدادي ٽرڪن کي به نشانو بڻايو هو. آمريڪا به ان حملي بعد بشارالاسد حڪومت تي ڏمرجي ويو هو ۽ الزام لڳايو هو ته شامي جهازن گڏيل قومن جي قافلي کي نشانو بڻايو، جنهن جي ترديد شامي حڪومت ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته بشارالاسد چيو هو هنن گڏيل قومن جي قافلي کي نشانو ناهي بڻايو.  آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان به جان ڪربي طرفان گڏيل قومن جي قافلي تي حملي جي مذمت ڪئي وئي هئي، ان سڄي صورتحال کان پوءِ  به آمريڪا ۽ گڏيل قومون شام ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي دعويٰ ڪندا پيا اچن پر آمريڪا ڪڏهن ڪڏهن اهڙا بيان ڏيندو آهي جنهن سان ٻيهر شام ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي آهي.

جيتوڻيڪ آمريڪي ۽ اتحادي فوج  جون گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪاررايون جاري آهن، شام ۾ ڪڏهن بشارالاسد جي فوج بمباري ڪري رهي  آهي ته ڪڏهن وري آمريڪي ۽ سندس اتحادي فوج شهرن کي نشانو بڻائي رهي آهي، جنهن سان نقصان صرف عام شهرين جو ئي ٿي رهيو  آهي، جنگ ته ظاهري طور داعش خلاف وڙهي پئي وڃي پر لڳي ائين رهيو آهي ته بشارالاسد  جي فوج، آمريڪي ۽ اتحادي فوج صرف عام ماڻهن کي نشانو بڻائي رهي آهي جنهن سبب ڪيترائي شهر کنڊرن جوڏيک ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي شامي شهري پنهنجا گهر ڇڏي هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪيتريون ئي اهڙيون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي گردش  ڪري رهيون آهن جن کي ڏسڻ سان هانءَ ئي ڦاٽي پئي ٿو پر ان باوجود گڏيل قومن طرفان صرف اها رپورٽ جاري ڪئي ويندي آهي ته شام ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي پر اهو نه ٻڌايو ويندو آهي ته ڪير ڪري رهيوآهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي به ٿيندي. ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن طرفان اها رپورٽ جاري ڪئي وئي هئي ته شامي فوج زهريلي گئس جو استعمال ڪيو آهي، جيڪو جنگي ڏوهه آهي، پر بشارالاسد اهڙي رپورٽ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته هنن ڪا به زهريلي گئس استعمال نه ڪئي آهي جيڪي گڏيل قومن رپورٽ ۾ ثبوت پيش ڪيا آهن انهن سان اهو ظاهر نٿو ٿئي ته ڪو زهريلي گيس جو استعمال ڪيو ويو آهي. بهرحال هن وقت تائين گڏيل قومون شام ۾ امن ڪرائڻ لاءِ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪري سگهيون آهن پر ايتري ضروري ڪيو ويو آهي ڪجهه امدادي ٽرڪون شام ۾ موڪليون ويون هيون ته متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.

هاڻ وري جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۽ روس ۾ شام معاملي تي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ته هڪ ٻئي خلاف ٻنهي ملڪن طرفان بيان به جاري ڪيا ويا آهن، وائيٽ هائوس جي ترجمان جاش ارنيسٽ طرفان پريس بريفنگ دوران چيو ويو آهي ته روس سان ٻطرفي ڳالهيون ختم ٿيڻ سان خلائي سهڪار متاثر ٿي سگهي ٿو، جاش ارنيسٽ اهو به چيو آهي ته شام جي صدر طرفان روس جي حمايت تي به وڏي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ جاش ارنيسٽ اهو الزام به لڳايو  آهي ته روس شام ۾ عام شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي تي ٻي طرف وري روسي صدر ولادين پيوٽن اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته شام صورتحال جو ذميوار  آمريڪا ۽ سندس اتحادي فوج آهي. بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته  آمريڪا ۽ روس ۾ شام معاملي بابت ٺاهه ٿي ويندو يا وري ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ اڃا وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندي جيڪا خطي جي امن امان جي صورتحال لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار ثابت ٿيندي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن طرفان جيڪا بيان بازي ڪئي پئي وڃي ۽ روسي صدر طرفان جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ان سان ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي يا صرف ٻئي ملڪ بيان بازي تائين محدود رهندا.

 

 

ڪچي آبادين کي شهرن جي دائري ۾ آڻي بنيادي سهولتون ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت جو ڪچي آبادين کي شهرن جي دائري ۾ آڻيندي سموري صوبي ۾ قائم هڪ سئو ڪچي آبادين کي بنيادي سهولتون بشمول روڊ انفرااسٽريڪچر فراهم ڪرڻ جو فيصلو ،          گذريل ڏينهن وزيرعليٰ هائوس ۾ ڪچي آبادين جي مسئلن بابت اجلاس وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وڏي وزير جو ڪچي آبادي وارو خاص معاون مرتضيٰ بلوچ، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو رضوان ميمڻ، سيڪريٽري سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽيز (ايس ڪي اي اي) ڊاڪٽر نواز شيخ، ڊائريڪٽر جنرل ڪچي آبادي اختر بگٽي سميت ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي پريزينٽيشن ڏيندي ڊاڪٽر نواز شيخ چيو ته صوبي ۾ 25944 ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل 1409 ڪچيون آباديون آهن، جن مان 948 نوٽيفائيڊ آهن ۽ 344 بنانوٽيفائيڊ آهن، انهن مان 117 وفاقي حڪومت جي زمين تي قائم آهن، جن مان رڳو 30 ڪچي آبادين کي نوٽيفائيڊ ڪيو ويو آهي. اڃا تائين 80 ڪچي آبادين جي زمين جي ميوٽيشن ڪئي وئي آهي،جڏهن ته اڃا تائين 227 ڪچي آبادين جي جوائن ڊمانڊٽريشن ڪئي وئي آهي. وفاقي زمين تي قائم 129 ڪچي آبادين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته 80 ڪچي آباديون ريلوي جي زمين، 10 ڊفينس، 10 پاڪ پي ڊبليو ڊي، 8 ڪي ايل ٽي پي، 29 اي ٽي پي بي، هڪ ٽي اينڊ ٽي ۽ ٻيون واپڊا جي زمين تي آهن. 82 ڪچي آباديون مختلف صوبائي کاتن جي زمين تي قائم آهن، جن مان 29 ڪي ايم سي، 8 سائيٽ، هڪ جيل جي زمين، 18 ايريگيشن جي زمين، 4 اوقاف جي زمين، 2 خوارڪ کاتي جي زمين، 18 لوڪل ڪائونسل جي زمين ۽ هڪ ورڪس اينڊ سروسز جي زمين تي قائم آهن. وڏي وزير جي پڇڻ تي سنڌ ڪچي آبادي ۽ اٿارٽيز جي سيڪريٽريءَ چيو ته ڪراچي ۾ 564 ڪچي آباديون آهن، جنهن مان 56 ڏکين علائقن جهڙوڪ ندي نالن تي واقع آهن. ڊاڪٽر نواز شيخ حيدرآباد ڊويزن جي 417 ڪچي آبادين جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته حيدرآباد ۾ 203، دادو ۾ 28، بدين ۾ 45، ٺٽي ۾ 46، ٽنڊي الهيار ۾ 15، ٽنڊي محمد خان ۾ 9، مٽياري ۾ 20، ڄامشوري ۾ 21 ۽ سجاول ۾ 30 ڪچي آباديون آهن. 417 مان رڳو 200 ڪچي آباديون نوٽيفاءِ آهن ۽ 217 اڃا نوٽيفاءِ نه آهن جڏهن ته 117 ڪچي آبادين جا ڪيس ريگيولرائيزيشن واري عمل ۾ آهن. ميرپورخاص ڊويزن ۾ 81 ڪچي آباديون قائم آهن، جن مان 17 ٿرپارڪر ۾، 23 عمرڪوٽ ۾ آهن. 81 ڪچي آبادين مان 47 ريگيولرائيڊ آهن، 30 ريگيولرائيزيشن واري عمل ۾ آهن ۽ 34 اڃا نوٽيفائيڊ نه آهن. سکر ۾ 91 ڪچي آباديون آهن جنهن مان 22 گهوٽڪي، 18 خيرپور ۾ آهن. انهن مان 60 نوٽيفاءِ آهن، 43 ريگولر ٿي ويون آهن ۽ 31 اڃا ريگيولر نه آهن. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 112 ڪچي آباديون آهن، جن مان 18 قمبر-شهدادڪوٽ، 14 شڪارپور، 29 جيڪب آباد ۽ 17 ڪشمور ۾ آهن. 112 ڪچي آبادين مان 69 نوٽيفائيڊ آهن جڏهن ته 38 پروسس واري مرحلي ۾ آهن ۽ 43 اڃا نوٽيفاءِ ناهن ٿيون. اهڙي طرح شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 144 ڪچي آباديون آهن، جن مان سانگهڙ ۾ 60، نوشهرو فيروز ۾ 31 ۽ نوابشاهه ۾ 53 آهن. انهن مان رڳو 90 ڪچي آباديون نوٽريفائيڊ آهن، 60 پروسس جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته 54 کي نوٽيفاءِ ناهن ڪيون ويون.   وڏي وزير فيصلو ڪندي چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو سينئر بورڊ آف روينيو رضوان ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ ڪچي آبادي واري سيڪٽري ڊاڪٽر نواز شيخ ۽ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري بقاءُ الله انڙ ان جا ميمبر هوندا. ڪميٽي ٽيهن ڏينهن اندر ڊيمارڪيشن وارن ڪيسن جو جائزو وٺندي ۽ ان جي حتمي رپورٽ به پيش ڪري.

 

قومي سلامتي بابت غلط خبر ليڪ ڪندڙ کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو)  اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قومي سلامتي بابت غلط خبر ڇاپڻ تي هڪ گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾  ڪيترائي معامعلا بحث هيٺ آيا ۽ اتي اهو فيصلو ٿيو ته هي وڏو عالمي سيڪيورٽي جو معامعلو آهي،ان ڪري ان تي جاچ ٿيڻ گهرجي،سندس چوڻ هو ته صحافي پاڻ لکيو ته گڏجاڻي ۾ موجود سڀني ماڻهن ان ڳالهه جي پڪ ڪئي پر سوال اهو آهي ته ان کانپوءِ به خبر ڪئين ڇپي،جڏهن ته صحافي پنهنجي ٽوئٽر نياپي ۾ چيو آهي ته مان پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان،جنهن سان معامعلو اڃان وڌي ويو پر ان ڳالهه ۾ جيڪا به حقيقت آهي اها اڳيان اچڻ گهرجي.وفاقي گهرو وزير جو چوڻ  هو ته ڪنهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ پوري جاچ ڪرڻ جو مون پاڻ چيو هو پر هو صحافي ٻئي ڏينهن ئي دبئي پئي ويو ۽ جيڪڏهن هو هليو وڃي ها ته حڪومت تي الزام لڳايو وڃي ها ته پاڻ ئي غلط خبر ڇپرائي ۽ پاڻ ئي صحافي کي ملڪ مان ڀڃائي ڇڏيو.هن چيو ته صحافي جو نالو رڳو جاچ تائين اي سي ايل ۾ وڌو ويو ته هو ملڪ مان ٻاهر نه وڃي سگهي پر خبر ڏيندڙ صحافي تي ڪابه پابندي ناهي پر  خبر ليڪ ڪئي ان ڪري کيس ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ڇو ته هن هڪ خبر  سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جي خواري ٿي آهي ۽ ڀارت کي اسان جي خلاف سازشون ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو ملي ويو.چوڌري نثار جو چوڻ هو ته هن خبر ۾ نان اسٽاڪ ايڪٽرز جي حوالي سان اسان جي ويريءَ جي موقف کي ٺيڪ ثابت ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي قومي سلامتي بابت غلط خبر ڇاپڻ تي قانون  واري وفاقي وزير زاهد حامد جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي،جيڪا غير رسمي معامعلي جو جائزو وٺندي ۽ ڪميٽي 2،3 ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪري رهي آهي،،گهرو وزير چيو ته صحافي کان باين رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر هو سهڪار نه پيو ڪري،جڏهن ته جاچ پوري ٿيڻ تائين هنن ماڻهن کي ڪيڏانهن به نه وڃڻ ڏنو ويندو.

 

جمهوريت جي نالي بادشاهت قائم آهي، غير جمهوري رويي تي عوام کي جاڳڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي بادشاهت قائم آهي غير جمهوري رويي تي عوام کي بيدار ٿيڻ گهرجي خميس تي چيف جسٽس جي اڳواڻي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي دليلن دوران درخواست ڪندڙن جي وڪيلن جي مداخلت تي عدالت ڏمرجي پئي جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان کي توهان جي رويي کان تمام مايوسي ٿي آهي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اورنج لائين منصوبي تي پنجاب حڪومت جي اپيل جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته تاريخي عمارتون قومي ورثو آهن انهن کي تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين اورنج ٽرين لائين جي رپورٽ جي جائزي لاءِ آزاد ماهرن جا نالا ڏنا وڃن چيف جسٽس چيو ته عوام سان جمهوريت جي نالي تي مذاق ٿي رهي آهي ماڻهن کي پنهنجا نمائنده چونڊڻ وقت سوچڻ گهرجي هڪ انگريز جج چيو هو جنهن کي ماڻهو انهن ماڻهن جي چونڊ ڪندا آهن انهن کي ڀوڳڻو پوندو آهي. گڊ گورننس جي نالي تي بيڊ گورننس آهي هن چيو ته اهو ڪنهن هڪ شخص جو نه پر عوامي فلاح جو منصوبو آهي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ به ڪجهه قانوني تقاضا پورا ٿيندي نظر نٿا اچن. پنجاب حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ پنجن رپورٽن کي غلط قرار ڏنو ويو هاءِ ڪورٽ وٽ اهڙو ڪوبه پئمانو نه هو جنهن جي بنياد تي رپورٽن کي غلط قرار ڏنو وڃي. هاءِ ڪورٽ اهڙي ڪنهن نصاب يا پئماني جو ذڪر به پنهنجي فيصلي ۾ نه ڪيو ارونج لائين منصوبن بابت رپورٽون جي بغير نفعي قانوني جواز ڏنو ويو. مخدوم علي خان چيو ته هاءِ ڪورٽ اهو نه ٻڌايو ته دوست ڇا آهي ۽ نه ڪا وضاحت ڪئي. ڪنهن به تاريخي شهر ۾ ترقياتي ڪمن ۾ توازن رکڻ هوندو آهي. ترقياتي ڪم به هجن ۽ تاريخي ورثو به محفوظ رهي جيڪڏهن اورنج لائين ٽرين ٺهڻ سان شالامار باغ يا ڪا تاريخي عمارت ڪري ٿي ته ان جي اجازت نه ڏني وڃي پر ٽرين هلڻ سان چوڀرجي کي ڏسڻ ۾ وقت هجي ته عدالت کي نظرانداز ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ميٽرو ٽرين منصوبي جي نالي تي تاريخي ورثن کي ڊاهيو وڃي ٿو ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

سنڌ حڪومت جو ڪچي آبادين کي شهرن جي دائري ۾ آڻڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  آهي ته ڪچي آبادين کي شهرن جي دائري ۾ آڻيندي سموري صوبي ۾ قائم هڪ سئو ڪچي آبادين کي بنيادي سهولتون بشمول روڊ انفرااسٽريڪچر فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن انهن جو معيار زندگي به بلند ٿي سگهي. هن اهو فيصلو اڄ وزيرعليٰ هائوس ۾ ڪچي آبادين جي مسئلن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير جو ڪچي آبادي وارو خاص معاون مرتضيٰ بلوچ، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو رضوان ميمڻ، سيڪريٽري سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽيز (ايس ڪي اي اي) ڊاڪٽر نواز شيخ، ڊائريڪٽر جنرل ڪچي آبادي اختر بگٽي سميت ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي پريزينٽيشن ڏيندي ڊاڪٽر نواز شيخ چيو ته صوبي ۾ 25944 ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل 1409 ڪچيون آباديون آهن، جن مان 948 نوٽيفائيڊ آهن ۽ 344 بنانوٽيفائيڊ آهن، انهن مان 117 وفاقي حڪومت جي زمين تي قائم آهن، جن مان رڳو 30 ڪچي آبادين کي نوٽيفائيڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڃا تائين 80 ڪچي آبادين جي زمين جي ميوٽيشن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڃا تائين 227 ڪچي آبادين جي جوائن ڊمانڊٽريشن ڪئي وئي آهي. وفاقي زمين تي قائم 129 ڪچي آبادين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته 80 ڪچي آباديون ريلوي جي زمين، 10 ڊفينس، 10 پاڪ پي ڊبليو ڊي، 8 ڪي ايل ٽي پي، 29 اي ٽي پي بي، هڪ ٽي اينڊ ٽي ۽ ٻيون واپڊا جي زمين تي آهن. هن چيو ته 82 ڪچي آباديون مختلف صوبائي کاتن جي زمين تي قائم آهن، جن مان 29 ڪي ايم سي، 8 سائيٽ، هڪ جيل جي زمين، 18 ايريگيشن جي زمين، 4 اوقاف جي زمين، 2 خوارڪ کاتي جي زمين، 18 لوڪل ڪائونسل جي زمين ۽ هڪ ورڪس اينڊ سروسز جي زمين تي قائم آهن. وڏي وزير جي هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ ڪچي آبادي ۽ اٿارٽيز جي سيڪريٽريءَ چيو ته ڪراچي ۾ 564 ڪچي آباديون آهن، جنهن مان 56 ڏکين علائقن جهڙوڪ ندي نالن تي واقع آهن. ڊاڪٽر نواز شيخ حيدرآباد ڊويزن جي 417 ڪچي آبادين جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته حيدرآباد ۾ 203، دادو ۾ 28، بدين ۾ 45، ٺٽي ۾ 46، ٽنڊي الهيار ۾ 15، ٽنڊي محمد خان ۾ 9، مٽياري ۾ 20، ڄامشوري ۾ 21 ۽ سجاول ۾ 30 ڪچي آباديون آهن. 417 مان رڳو 200 ڪچي آباديون نوٽيفاءِ آهن ۽ 217 اڃا نوٽيفاءِ نه آهن جڏهن ته 117 ڪچي آبادين جا ڪيس ريگيولرائيزيشن واري عمل ۾ آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ 81 ڪچي آباديون قائم آهن، جن مان 17 ٿرپارڪر ۾، 23 عمرڪوٽ ۾ آهن. 81 ڪچي آبادين مان 47 ريگيولرائيڊ آهن، 30 ريگيولرائيزيشن واري عمل ۾ آهن ۽ 34 اڃا نوٽيفائيڊ نه آهن. سکر ۾ 91 ڪچي آباديون آهن جنهن مان 22 گهوٽڪي، 18 خيرپور ۾ آهن. انهن مان 60 نوٽيفاءِ آهن، 43 ريگولر ٿي ويون آهن ۽ 31 اڃا ريگيولر نه آهن. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 112 ڪچي آباديون آهن، جن مان 18 قمبر-شهدادڪوٽ، 14 شڪارپور، 29 جيڪب آباد ۽ 17 ڪشمور ۾ آهن. 112 ڪچي آبادين مان 69 نوٽيفائيڊ آهن جڏهن ته 38 پروسس واري مرحلي ۾ آهن ۽ 43 اڃا نوٽيفاءِ ناهن ٿيون. اهڙي طرح شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 144 ڪچي آباديون آهن، جن مان سانگهڙ ۾ 60، نوشهرو فيروز ۾ 31 ۽ نوابشاهه ۾ 53 آهن. انهن مان رڳو 90 ڪچي آباديون نوٽريفائيڊ آهن، 60 پروسس جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته 54 کي نوٽيفاءِ ناهن ڪيون ويون. ڪچي آبادي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر نواز شيخ چيو ته ڪچي آبادين کي ريگيولرائيزيشن ڪرڻ جو معيار اهڙي طرح آهي ته آبادي 23 مارچ 1985ع کان اڳ جي هئڻ گهرجي ۽ آبادي گهٽ ۾ گهٽ 40 يونٽن تي ٻڌل هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪچي آبادي واري سيڪريٽريءَ وڏي وزير کي ٻڌايو ته سوسائٽيون ريگولرائيزيشن لاءِ انڪري نه اينديون آهن ته انهن جي وفاقي يا ڪي ايم سي جي زمين تي سيٽلمينٽ وارا مسئلا هوندا آهن ۽ انهن جا وڌيڪ قبضا سنڌ حڪومت جي زمين تي واقع آهن، جن جي اڃا تائين حدبندي ناهي ٿي. وڏي وزير فيصلو ڪندي چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو سينئر بورڊ آف روينيو رضوان ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ ڪچي آبادي واري سيڪٽري ڊاڪٽر نواز شيخ ۽ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري بقاءُ الله انڙ ان جا ميمبر هوندا. ڪميٽي ٽيهن ڏينهن اندر ڊيمارڪيشن وارن ڪيسن جو جائزو وٺندي ۽ ان جي حتمي رپورٽ به پيش ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاليسي فيصلو وٺندي سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽيز کي هدايت ڪئي ته هُو سمورن ڊويزنن ۾ واقع 100 ڪچي آبادين کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ منصوبو جوڙي جنهن ۾ انهن کي سموريون بنيادي سهولتون ۽ روڊ اسٽريڪچر فراهم ڪيو وڃي. ڪچي آباديون جن کي اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون ان جي معيار جي وضاحت ڪندي هن چيو ته انهن جون واضح حدبنديون هئڻ گهرجن ۽ هر قسم جي مقدمي بازيءَ کان ڪليئر هئڻ گهرجي. هن چيو ته هُو انهن کي بهترين سهولتون فراهم ڪري انهن جي معياري زندگي ۾ تبديلي آڻڻ چاهي ٿو. وڏي وزير هڪ ٻيو فيصلو ڪندي ايم پي اي مرتصيٰ بلوچ کي سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽيز جي گورننگ باڊي ۾ ايم پي اي ارم خالد جي جاءِ تي ميمبر پڻ مقرر ڪيو. هن سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو رضوان ميمڻ کي هدايت ڪئي ته هُو سرڪاري زمين جي سٺي ريت سنڀال ڪري. هن چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته سرڪاري زمينن تي نئين آبادين کي حدددخلي سمجهيو ويندو ۽ لاڳاپيل ايس ايڇ او ان جو ذميوار هوندو.