تازيون خبرون

Monthly Archives: September 2016

سنڌ جا 60 لک ٻارڙا اسڪول وڃي سگهندا؟: انس گهانگهرو

سنڌ ۾ 60 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، لازمي ۽ مفت تعليم جي ذميواري رياست جي ذميواري آهي، تعليم جي بهتري لاءِ جيترا فنڊ گهرجن  اهي ڏيندس، سمورن ٻارڙن کي اسڪول آڻي نادرا جي ڄم رجسٽريشن سرشتي کي تعليم سان ڳنڍيو ويندو، هي انڪشاف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن واري تعليمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزارت اعليٰ جو قلمدان سنڀاليندي ئي تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو، اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ مختيارڪار، ڊي سي ۽ ايس ڊي ايم کي به ڇاپن جو اختيار ڏنو ويو، جنهن تي ڪجهه حلقن پاران تنقيد ڪئي وئي ته ڪجهه ڌرين وري اهڙي عمل کي ساراهيو، استاد تنظيمن پاران هميشه جيان مخالفت ۾ ئي رد عمل ظاهر ڪيو ويو، تعليم جي بهتري ڪيئن ممڪن آهي، بنيادي سبب ڪهڙا آهن،  ان طرف ڌيان وڌيڪ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وڏي وزير پاران تعلمي جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن جو اعلان ساراهه جوڳو آهي، پر ڪجهه نه ٿيڻ واري نااميدي به مايوسي آهي، هميشه بهتري ڀلائي جي ئي اميد ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي تعليم کي جهڙي طرح تباهه ڪيو ويو آهي، ان ۾ سڀني جو ڪردار هڪ جهڙو آهي، سنڌ سرڪار، تعليم جي وزارت، سيڪريٽري، ڊائريڪٽرز تعليم توڙي سپروائيزرن کان وٺي هيڊ ماسترن، استادن والدين ۽ شاگردن جو هڪ جيترو قصو آهي، ڪرپشن جي ڀرمار سفارش تي مقرر ڪامورا توڙي هر سال اسڪولن جي لاءِ ايندڙ فنڊ به بخش ناهن ڪيا ويا، اسڪولن جي مرمت ۽ بهتري لاءِ قائم ايس ايم سي ڪاميٽيون به ڪرپشن جي ور چڙهي ويون، جنهن سبب مقامي والدين ڳوٺاڻا به پنجن رپين تي وڪامجي ويا، نه اسڪولن جي مرمت ٿي نه وري فنڊ استعمال ٿيا، الٽو وري ماسترن به گسائڻ شروع ڪيو، هن وقت 60 سيڪڙو استاد بائيو ميٽرڪ سسٽم هئڻ باوجود اسڪول وڃڻ کي پسند ئي نٿا ڪن، سڄو ڏهاڙو هوٽلن، ڪڪڙن جي ميل، ڏاندن جي گوءِ توڙي پنهنجي ڪم ڪار ۽ ڌنڌي ڌاڙي سان لڳا پيا آهن، انهن استادن کي سياستدانن جي سرپرستي حاصل آهي، ڇوته اليڪشن وقت ساڳيا ئي استاد پولنگ ايجنٽ بڻجي انهن سياستدانن جي ونگار وهي ويندا آهن، والدين ۾ ايتري همت ناهي جو اسڪول جو دورو ڪري پڇاڻو ڪن ته استاد ڇو ناهي آيو، گيٽ کي تالو ڇو لڳل آهي، پر ساڳيائي والدين جڏهن نجي اسڪولن ۾ فيس ڀري پنهنجي ٻارڙن کي داخل ڪرائيندا آهن ته ان وقت ٿوري ٿوري ڳالهه تي استادن سان جهيڙا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، ڪاپي تي جيڪڏهن هوم ورڪ ناهي ته ان جي به شڪايت ڪرڻ اچي ويندا آهن، پر مفت جي تعليم ملڻ تي چپ سبي خاموش ٿي ويهي رهندا آهن، اسان گذريل 90 جي ڏهاڪي کان وٺي هلندڙ سال تائين تعليم جي تباهي ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، هن وقت به سنڌ ۾ اٽڪل 33 سيڪڙو اسڪول مڪمل بند پيل آهن، 18 سيڪڙو اسڪول وڏيرن جي اوطاقن جانورن جي واڙن، اناج جي گدامن توڙي جوا ۽ منشيات جي اڏن طور استعمال ٿي رهيا آهن، سنڌ جي کاٻي ڌر جي اڳواڻ ۽ قومپرست رهنما ڪامريڊ غلام رسول سهتو، جڏهن اسلام آباد ۾ تعليم ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف بک هڙتال تي ويٺل هو، ان وقت پ پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن ۽ هڪ نجي ٽي وي جي اينڪر جڏهن کائنس پاڻي جي کوٽ ۽ تعليم جي تباهي تي انگ اکر ٻڌا ته هڪا ٻڪا رهجي ويا، اعتزاز احسن اهي انگ اکر پارٽي قيادت کي پيش ڪيا، جڏهن ته اينڪرن پروگرام ڪري سنڌ جي تعليم تي ملڪ کي پريشان ۽ حيران ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پاران نوٽيس پڻ ورتو ويو، سنڌ ۾ سيشن ۽ سول ججن پاران اسڪولن جا دورا ڪيا ويا، پر رزلٽ ٻڙي آئي، گذريل سال عوامي جمهوري پارٽي پاران تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لاءِ سڄي سنڌ جو لانگ مارچ ڪيو ويو ۽ هلندڙ سال به اهڙو لانگ مارچ حيدرآباد کان شروع ٿي سڄي سنڌ جو دورو ڪرڻ بعد ڪراچي پڄاڻي تي پهتو، ان کان علاوه تعليمي ڪانفرنسون ميلا ۽ پروگرام پڻ منقعد ڪيا ويا آهن، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تعليمي ايمرجنسي جو ڪريڊٽ اي جي پي جي ابرار قاضي، حڪيم زنگيجو وارن ڏانهن وڃي ٿو.

ٻه ڪم ضرور ٿيڻ گهرجن… وڏو وزير مراد علي شاهه جيڪڏهن سچائي سان ڪم ڪرڻ تي اچي ته هاڻ به سنڌ ۾ ڏيڍ سال جي مدت واري وقت ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو، سڀ کان پهرين ٻه ڪم ضرور ڪري، هڪ ته اسڪولن جي نئين سر تعمير، سهولتون ۽ ٻيو ميرٽ تي هڪ لک استادن جي ڀرتي! سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي حالت بدتر کان بدتر ٿي وئي آهي، 99 سيڪڙو اسڪولن کي چوديواري آهي ئي ڪونه، ڇتن ۾ به ڏار پئجي ويا آهن، اسڪولن جي ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ به روز جو معمول بڻجي ويو آهي، جنهن سبب روزانو سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن اسڪول هيٺان معصوم ٻارڙا استادن سميت زخمي ٿي رهيا آهن، وڏو وزير هنگامي بنيادن تي هڪ سال جي ترقياتي ڪمن ۽ ٽي ايم اوز جي 50 سيڪڙو بجيٽ ڪٽوتي ڪري تعليم جي لاءِ خرچ ڪري، سڀ کان پهرين سروي ڪرائي وڃي ته ڪيترا سيڪڙو اسڪول زبون آهن، جيڪي ٻيهر تعمير ٿيندا ۽ ڪيترا سيڪڙو اسڪول مرمت جي لائق آهن، جن جي هنگامي بنيادن تي مرمت ڪرائي وڃي، اسڪولن ۾ ضروري سهولتون هئڻ لاءِ باٿ روم، بجلي جي سهولت، ڪمپيوٽر ليب، پيئڻ جو صاف پاڻي، جنريٽر جو بندوبست ڪيو وڃي، اسڪول جي حفاظت لاءِ ٻه چوڪيدار مقرر ڪيا وڃن، جن تي حفاظت جي ڊيوٽي لڳائي وڃي، ڳوٺاڻن جي هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ استاد به شامل هجن، اها اسڪولن جي نگراني تي مشتمل هجي، ٻيو ته سنڌ ۾ ٻن ڏهاڪن کان سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪيون ويون، ووٽر هئڻ ڪري هوٽل مالڪ، بيرا، گڏهه گاڏي وارا، ڌنار ايستائين جو بنگلن تي صفائي ڪندڙ ۽ زمينون سنڀاليندڙ ڪمدارن کي به ماستري جي نوڪري ڏني وئي، جن کي صحيح ڪرڻ به بعد ۾ سيکاري وئي، اهي الف اک ۽ ب بدڪ پڙهائڻ جي به لائق ناهن، اهڙن استادن گڏجي منٿلي سسٽم متعارف ڪرايو، پگهار جو چوٿو حصو ڏيو، گهر ويٺي پگهار کڻو، متعارف ڪرايو، اهي استاد تنظيمون تعليم لاءِ اڏهي جيان ثابت ٿيون، هر روز مظاهرا اسڪولن جا بائيڪاٽ، ڌرڻا توڙي بک هڙتالن جو ڪلچر عام ڪرايو ويو، انهن مان اڃا بهتري جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟ وڏي وزير کي گهرجي ته هڪ لک استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، اين ٽي ايس يا آءِ بي اي جهڙي معتبر اداري کان ٽيسٽ ۽ انٽرويو جو بندوبست ڪيو وڃي، ٽن مهينن جي اندر اهو عمل مڪمل ڪرايو وڃي، سنڌ ۾ هن وقت اندازن 50 هزار اسڪولن جو تعداد آهي، جيڪڏهن نئين ڀرتي موجب في اسڪول تي ٻه استاد مقرر ڪيا وڃن ته 50 هزار اسڪولن ۾ هڪ لک استاد پورا پئجي ويندا، انهن استادن کان پاڪ ڪتاب تي حلف ورتو وڃي، شايد ان جا بهتر نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا، ان سان هڪ ته پڙهائيندڙ استاد اسڪولن کي ملي ويندا، ٻيو ته ٻارڙن جو تعداد وڌڻ شروع ٿي ويندو.

60 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر ڇو آهن ؟ وڏي وزير پاران دعويٰ سئو سيڪڙو سچي آهي ته هن وقت سنڌ جا 60 لک ٻارڙا اهڙا آهن، جيڪي اسڪول وڃي نٿا سگهن، انهن جا مک سبب ڪهڙا به هجن پر جبري پورهيو توڙي اسڪول بند هئڻ ۽ پڙهائي نه هئڻ ڪري به پوئتي پيل علائقن ۽ ٻهراڙين سميت شهرن جا غريب ماڻهو معياري تعليم نه ملڻ ڪري پنهنجي ٻارڙن کي جبري پورهئي تي مجبور ڪن ٿا، اڃا ٻارڙي جي عمر کيڏڻ ۽ پڙهڻ جي هجي ٿي ته پيءِ يا ڀاءِ کيس پاڻ سان گڏ ڪم تي وٺي وڃن ٿا، يا وري ڪيترائي ٻارڙا بس اسٽاپن، دڪانن، هوٽلن، گيراجن تي ڪم ڪندي، ڇولا، گجرون ۽ فروٽ توڙي پاڻي جون بوتلون ۽ جوس جا دٻا وڪرو ڪندي ڏسي سگهجن ٿا.

سنڌ ۾ هن وقت اندازن 13 سيڪڙو ٻارڙا تعليم نه هئڻ ۽ جبري پورهيو نه ڪرڻ سبب پنندي به نظر اچن ٿا، شايد جن کي ڏسي هر درد رکندڙ جي اندران ڏک جو آواز نڪري ٿو، هڪ ته جبري پورهيو ڪندڙ توڙي ڪرائيندڙ خلاف قانون ٺهڻ گهرجي، ٻارڙن جي پيدا ٿيڻ سان وظيفو مقرر ڪيو وڃي ۽ انهن جي ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڪئي وڃي، جيئن هر والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي سگهه رکي سگهي، ان جو مثال سنڌ ۾ مدرسن جو وڌڻ ۽ ٻارڙن جي داخلا جي شرح ۾ تيزي سان اضافو آهي، ديني مدرسن ۾ مفت کاڌو، رهائش، صحت جي سهولت سميت گهران اچڻ وڃڻ جو ڪرايو به ڏنو وڃي ٿو، جنهن ڪري 20 سيڪڙو والدين پنهنجي ٻارڙن کي اسڪولن ۾ نه پڙهائڻ سبب مدرسن ۾ داخل ڪرائڻ کي اهميت ڏين ٿا، اهو ئي سبب جو سنڌ ۾ هن وقت پابندين مشڪلاتن باوجود مدرسا ٻارڙن سان ڀريا پيا آهن، جيڪڏهن حڪومت مدرسن جيتريون ئي ٻارڙن کي سهولتون، وظيفو، تعليم ڏئي ته جيڪر ويران سرڪاري اسڪول اباد ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن مٿين تجويزن تي عمل ڪيو ويو ته يقينن ڪافي بهتري ئي نه پر سنڌ ۾ تعليمي انقلاب اچي سگهي ٿو، جي نه ته پوءِ وڏي وزير جو ڏيڍ سال به پورو ٿي ويندو، اعلان، فيصلا، دعوائون اڳ به ٿيون پر ان جو نتيجو اهو نڪتو جو تعليم اڳ کان به تباهه ٿيندي وئي ۽ نتيجي ۾ جهالت وڌي وڻ ٿي وئي، انتهاپسندي، ڏوهن، جهيڙن، چورين، جيب ڪترن ٽارگيٽ ڪلرن ۽ ڌاڙيلن ۾ اضافو ٿيو ۽ ٿيندو پيو اچي.

 

 

پاڪ چين دوستي ۽ ڀارت …!!: غلام مصطفيٰ جمالي

چين هميشه پنهنجي روايت کي برقرار رکندي پاڪستان سان ملايل دوستي جي هٿ جو ڀرم  ۽ ان جو مان رکندي پاڪستان  ۽ پاڪستاني قوم کي انيڪ محبتون ارپيون آهن ۽ پاڪستان انهي چين جي انيڪ محبتن کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو. چين پاڪستان سان هر دور اندر ڪيترائي معاهدا ڪيا آهن جن معاهدن جي ڪري پاڪستان ۽ چين کي تمام گهڻو فائدو ٿيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن گهڻي ترقي به ڪئي آهن، پر چين پاڪستان سان جيڪو پاڪ چين اقتصادي راهداري وارو منصوبو ڪيو آهي انهي منصوبي سان نه رڳو پاڪستان جي ترقي ٿيندي پر پاڪستان انهن ملڪ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وهندو جيڪي ملڪ هن وقت ترقي جي راهه تي گامزد آهن. اها سموري دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان هن وقت ملڪ ۾ وڌندڙ انتها پسندي دهشتگردي خلاف وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي.جنهن ۾ پاڪستاني آرمي جو وڏو ڪرادر رهيو آهي ۽ پاڪستاني انهي عزم ۾ گهڻي ڀاڱي ڪاميباب ويو آهي. ملڪ اندر ضرب عضب جهڙا آپريشن هلي رهيا آهن جن سان پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي حد تائين بهتر ٿي آهي. چين سميت دنيا جا سمورا ملڪ پڻ اهڙن هلندڙ آپريشن ۽ دهشتگردن خلاف ٿيندڙ جنگ ۽ پاڪستاني آرمي جي ڪردارکي پڻ سهرائي رهيا آهن ،اها به هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان اندر امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي انهي بهتر صورتحال کي ڏسي ڪري چين صدر سميت دنيا جا ڪيترائي اهم اڳواڻ  پاڪستان جو دورو ڪري چڪا آهن ان مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان اندر امن امان جي صورتحال بهتر نه هجي ها ۽ دهشتگردي عروج تي هجي هان ته اهڙي ماحول ۾ ڪو به غير ملڪي اڳواڻ پاڪستان جو دورو هر گز نه ڪري هان، پر انهي سموري ڪرادر اندر پاڪستاني جي پاڙيسري ملڪ ڀارت کي الائي ڪهڙي مُنجهه آهي جو کيس پاڪستان جي خوشي برداشت نه پئي ٿي. ڇو ته پاڙيسري ملڪ ڪڏهن به پاڪستان جي بهتري نه ٿو چاهي هن جي ٻاهرين سوچ  ڀلي اسان جي دماڳ کي خوش ڪرڻ جي هجي پر اندرين سوچ تحت هو ڪڏهن به نه ٿو چاهي پاڪستان جا حالات بهتر ٿين، پاڪستان اندر دهشتگردي ختم ٿي پاڪستان جي معيشت ۾ سڌارو اچي، ۽ پاڪستان ترقي ڪري، پاڙيسري  ملڪ جنهن پنهنجي ملڪ اندر پاڪستان جي هر شي تي پاپنديون مڙهي ڇڏيو آهن ڪا به اڪثر ناهي ڇڏي جيڪا هو پوري ڪري سگهي، سندس اهڙي نظريي سوچ کي ڏسي پاڪستان جي عوام جي دل ضرور ڏکي هوندي،تازو اڙي واقعي کي وٺي ڪري پاڪستان سان جنگ جهڙي صورتحال تي اچي پهتو هُو ۽ پاڪستان کي جنگ جوٺلهيون ڌمڪيون ڏئي رهيو هوُ،پر اهو به سندس وس نه هليو ته سنڌطاس معاهدي جي ڀڄڪڙي ڪندي هن وقت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي پر انهي پاڻي روڪڻ جون به هوُ ناڪام ڪوششون ڪري رهيو آهي جڏهن ته هُو ائين ڪري نه ٿو سگهي ،هن وقت پوري دنيا جي ميڊيا جي آزاد ميڊيا طور سمجهيو وڃي ٿو پر انهي دنيا اندر ڀارت جي ميڊِيا هڪ طرفي ٿي ڪري انڊيا جي جارحيت ۾ انڊِيا جو ساٿ ڏئي رهي آهي.ڀارت جيڪو مظلوم ڪشمرين مٿان ظلم ڪيترائي رهي آهي ان اندر اندِين ميڊِيا چور ۽ ساد وارو ڪرادر ادا ڪري رهي آهي،هوُ دنيا جي سامهون پاڪستان کي چور ۽ پاڻ کي ساد ٻڌائي رهي آهي پر پوري دنيا اهو به ڄاڻي ٿي ته مظلوم ڪشمرين مٿان انڊيا ڪيڏو ظلم ڪري رهيو آهي، پر پاڪستان ۽ پاڪستاني سنڌي هجي چاهي اردو يا پنجاپي بلوچي يا پشتو پر پاڪستاني ميڊيا ڪڏهن به پاڙِيسري ملڪ جي خلاف ڪا غلظ سوچ ناهي سوچي پر خير سوچ سڀني جي هڪ جهڙي ناهي هوندي ڀارت پاڙيسري  ملڪ جي  سوچ ۽ دريا جي ٻئي پاسي بيهي ڪري تنقيد ڪندڙ ماڻهو کي ڪير ڪجهه ٿئي نه ٿو سگهي، جڏهن ته لکڻ جو مقصد پاڪ چين دوستي آهي، چين پاڪستان سان 47ارب ڊالرن کان وڌيڪ 51معاهدن تي سهيون ڪري چڪو آهي جڏهن ته چين پاڪستان سان ايڏي وڏي سي پيڪ جهڙي منصوبي تي معاهدو انهي ڪري ڪيو آهي کيس پاڪستان جي دوستي تي يقين آهي جيڪا  دوستي جبل کان وڌيڪ مظبوط سمونڊ کان وڌيڪ گهري ۽ ماکي کان وڌيڪ مٺي آهي. جنهن کي ڪير ڪهڙي به نظريي سان ڇو نه پيش ڪري پر انهي دوستي ۾ وچ ۾ ديوار ٺاهي نه ٿو سگهي. پاڪستان سان چين جي دوستي تمام سٺي هلي رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تمام سٺا تعلقات آهن ۽ پاڙيسري ملڪ سان نه چين جا اهڙا تعلقات آهن نه پاڪستان جا.! ،انهي ڪري دنيا جو هڪ  وڏو دانشور طبقو انهي تعلقات جي خرابي جو زميوار پاڪستان کي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪي وري انهي سڄي معاملي کي پاڙيسري ملڪ جي سرمايي کي سامهون رکي ڪري نوان نوان بحث ماسهون آڻي پيش ڪري رهيا آهن  1980۾ جڏهن نٽور سنگهه کي اسلام آباد ۾ بطور سفير مقرر ڪري موڪليو ويو هو ۽ هو پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان پهرين نئي دهلي ۾ مقرر پاڪستاني سفير عبدالستار سان ملڻ لاءِ ويو هوُ نٽور سنگهه جي مطابق ۽ عبدالستار سان هن جي پهرين ملاقات لنڊن ۾ جتي ٻنهي(فارن اينڊ ڪامن ويلٿ) آفيس ۾ چار هفتن جي هڪ ڪورس ۾ گڏ شرڪت ڪئي هئي پاڪستاني سفير نٽورسنگهه جو وڏي جوش جذبي سان استقبال ڪيو هو ۽ انهي ملاقات جي هڪ خوشگوار موڊ ۾ نٽور سنگهه پاڪستاني  سفير جي چيو ته توهان وانگر مون به پنهنجي زندگي وزارت خارجه ۾ گذاري آهي ۽ مونکي معلوم آهي ته سرحد پار پنهنجي دوستن کي ڇا چوڻو آهي ڇا توهان مونکي اهو ٻڌائڻ پسند ڪندا ته اتي مونکي ڇا چوڻو آهي نٽور سنگهه ڀارت جو وزير خارجه به رهيو آهي ۽ هو انهي ڏنل عبدالستار جي جواب کي ضرور ياد ڪندو هوندو.! جنهن ۾ کيس جواب ڏنو هو ته  پاڪستان ۾ توهان ڪڏهن به نه چئجو ته اسان هڪ آهيون اگر اسين هڪ هجون هان ته 1947۾ برصغير ڪڏهن به نه ٽٽي هان.!!!  نٽور سنگهه پاڪستان ۾ تمام سٺو وقت گذاريو آمريڪا ۽ برطانيه جي سفيرن کانپوءِ اهو ضياالحق سان سڀ کان وڌيڪ ملاقاتون ڪرڻ وارو سفير هو. نٽور سنگهه جي بقول ته  ضياالحق وٽ ڪرسي ته هئي پر وٽس ڪرشماتي شخصيت نه هئي جڏهن ته  50ع واري ڏهاڪي ۾ انڊين چيني ڀائي ڀائي جو نعرو عام ٿي ويو پر ان کانپوءِ ڀارتي سياسي اڳواڻن جي غلط سوچن سبب اهو نعرو گهڻي وقت تائين هلي نه سگهيو.. ۽ چين ۽  ڀارت  وچ ۾ جنگ جهڙي نوعيت اچي پهتي هئي انهي جنگ مان انڊيا اهو ضرور سکي ورتو  هو ته چين کي ڪهڙي به ماحول ۾ شڪت نه ٿي ڏئي سگهجي. پاڪستاني ماهرين موجب ته هن وقت پاڪستاني دفاعي بجٽ تي خرچ 10ارب ڊالر۽ڀارتي دفاع تي 40ارب ڊالر کان وڌيڪ جو بجٽ خرچ ٿئي ٿو ڪيترائي دانشور انهي بجٽ کي سامهون رکي ڪري پاڪستان جي اڪثر  ڊپ ڏيندا رهندا آهن پر جيڪا اصل حقيقت آهي انهي کي نظر اندار ڪري ڇڏيندا آهن.. ڇو ته ڀارت کي چين جي طاقتي فوج جو اڳيان بيهڻو آهي جنهن جي دفاعي بجٽ120ارب ڊالر آهي انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته چين هن وقت اقتصادي طور تي تمام طاقت وارو ملڪ بنجي چڪو آهي چين جي معيشت جي باري ۾  ايترو ٻڌايو پيو وڃي ته چين اقتصادي طور تي آمريڪا ۾ وڏي تباهي آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو.. نيوزويڪ جي مطابق ته آمريڪي معيشت جو دارو مدار چين جي سٽيت بنئڪ تي آهي ۽ چين تائيوان تي پنهنجي حاڪميت جو دعويدار آهي. پر چين انهي حاڪيمت کي ڪڏهن به جارحيت جي ذريعي حاصل ناهي ڪيو. ۽ نه ٿي هو اهڙو سوچي ٿو،، اهڙي طرح هانگ ڪانگ کي به هن پنهنجي ڪنٽرول ۾ آندو هو جڏهن هن وٺ برطانيوي ليز ختم ٿي چڪي هئي چين معيشت جي لحاظ کان پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي ۽ اهو نالو هن وقت پاڪستان کي ڪم اچي رهيو آهي جنهن ڪري پاڪستان ۽ چين دوستي به مظبوطي ڏانهن وڌي رهي آهي پاڪستان ۾ چين جو مختلف معاهدن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ دهشتگدري جي خلاف پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ  انهي ڳالهين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان اندر نئي دور جو آغاز ٿي چڪو آهي جنهن ۾ اهل وطن پنهنجي مستقبل مان مطئمين ۽ خوش ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن

 

 

سنڌ ۾ ڪارگر آفيسرن جي کوٽ….!!

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪم وارا آفيسر نه پيا ملن، ڪراچي جي مسئلن کان چڱي طرح واقف آهيان، شهر ۾ پيدا ٿيو آهيان، ڪراچي جي هر ڳالهه جي خبر آهي. ڪراچي چئمبر آف ڪامرس جي آجياڻي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي اهو شهر آهي جنهن ۾ سڀني ڪاروبار ڪيو ۽ ناڻو ڪمايو، پر پوءِ اهڙو ماحول بڻايو ويو جو ماڻهو ڪاروبار ڇڏي هليا ويا.  ماڻهن کي احساس ٿيو آهي ته هاڻي ڪم ڪرڻو پوندو.مون واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻ ڪم ڪرڻون پوندو، وقت جي پابندي جو مثال هي آهي جو سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقت ٿي ٿئي ٿو، مون کي پزيرائي ملي نه ملي وقت جي پابندي ضرور ڪندس، ڪراچي جا ڪاروبار ۽ دڪان وقت تي کلندا ۽ بند ٿيندا، شادي هال به وقت جي  پابندي ڪندا. هڪ سسٽم واضح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت واپاري سرگرميون بشمول دڪانن تي ڪم صبح کان شام تائين ٿيندو، اهڙي طرح سان دڪانن ۽ بازارن جو ڪاروباري وقت صبح کان شام تائين هوندو ۽ اهو ئي نظام دنيا ۾ رائج آهي. پراڻين عادتن ۽ روايتن کي ترڪ ڪري وزيراعليٰ جي حيثيت سان صبح سويري ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي ۽ ان کانپوءِ ڪابينا جي ميمبرن ۽ بيوروڪريسي ان جي تلقيد ڪئي ۽ هاڻي ڪاروباري ۽ واپاري ماڻهو به ان جي پيروي ڪندي پنهنجا دڪان ۽ بازارون صبح 9 وڳي کولين ۽ شام جو 6 کان 7 وڳي تائين بند ڪري ڇڏين. ان مقصد لاءِ مون کي اوهانجي سهڪار جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته مان ڄاڻان ٿو ته ان حوالي سان اصل مزاحمت اوهان پاران سامهون ايندي.

سيد مراد علي شاهه شادي هالن لاءِ مناسب وقت ۽ وليمو/شادي تقريبن ۾ ون ڊش واري روايت/پاليسي جو به اعلان ڪيو. ۽ چيو ته ان جو مقصد غريب ماڻهن تان مالي بار کي گهٽ ڪرڻ آهي. پروٽوڪول ۾ يقين ناهيان رکندو. مان هڪ سادي طبيعت وارو شخص آهيان ۽ سادگيءَ سان رهڻ تي يقين رکندو آهي. جانفشاني سان ماڻهن جي خدمت ڪري رهيو آهيان ۽ نه ٿو چاهيان ته منهنجي موجودگي جي ڪري ڪوبه ڊسٽرب يا ڪنهن پريشاني ۾ مبتلا ٿئي. ڪراچي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پيدا ٿيو آهيان ۽ هن شهر جي روشنين ۽ شاندار روايتن کي ڏٺو آهي. مان به انهن گهٽين ۽ روڊن تي هليو آهيان جتي اوهان (ڪراچي وارا) به ويندا آهيو. مون هن شهر کي اونرشپ ڏني ۽ 10 بلين رپين جون 18 رٿائون شروع ڪيون آهن جيڪي هن سال ڊسمبر تائين مڪمل ٿي وينديون.

نيب وارا سرڪاري آفيسرن تي زور ڀري رهيا آهن ته ڪم نه ڪن، جڏهن ته اوهان (بيوروڪريسي) ڪم بند ڪري ڇڏيو ته پوءِ يقينن انهن جي خلاف ڪيس ئي نه ٿيندو. بيوروڪريسيءَ والينٽري طور تي فائيلن تي صحيح ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي ڪيس ايم ڊي ايس ايس جي سي جو آهي ۽ هاڻي ڪوبه (ايم ڊي) جو چارج وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. شهر ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائي رهيو آهيان  پهرين مرحلي ۾ شهر جي انفرا اسٽريڪچر کي بهتر بڻائي رهيا آهيون جنهن بعد شهر لاءِ مناسب ٽريفڪ پلان جوڙيو ويندو ۽ ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ ون وي روڊ ڊزائن ڪيون وينديون. پاڻي جي فراهمي جي هڪ وڏي منصوبي ڪي فور پروجيڪٽ کي ٻن سالن جي اندر مڪمل ڪري رهيا آهيان ۽ ان بعد ان جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪئي ويندي. هنگامي بنيادن تي شهر جي ترقي جو خواهشمند آهيان پر سرڪاري قائدن ۽ طريقيڪار پيچيده ۽ طويل آهن جنهن ڪري وڌيڪ وقت لڳندو.

 

سلمان خان جو راج ٺاڪري کي فون، فواد ۽ مائره جي فلمن جي نمائش نه روڪڻ جي درخواست

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ سلمان خان هندو شرپسند اڳواڻ راج ٺاڪري کي ٽيليفون ڪيو ۽ چيو آهي ته فواد خان ۽ مائره خان جي فلمن کي رليز ٿيڻ کان نه روڪيو وڃي. اڙي حملي کانپوءِ ڀارتي حڪومت ۽ ڀارت جا هندو شرپسند پارٽيون ڪاوڙ ۾ اچي ويون آهن ۽ هنن پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت ڇڏڻ جي ڌمڪين سان گڏ انهن جي فلمن جي سئنيمائن تي نمائش کان روڪڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب انهن ڌمڪين کانپوءِ جتي هدايتڪار ڪرن جوهر سوڌو ڪيترن ئي فنڪارن پاڪستاني فنڪارن جي حق ۾ ڳالهايو، اتي هاڻ بالي ووڊ جو دبنگ خان به ميدان ۾ اچي ويو آهي. سلمان خان مهاراشٽر جي هندو شرپسند پارٽي مهاراشٽر انو نرمان سينا جي اڳواڻ ۽ پنهنجي دوست راج ٺاڪري کي فون ڪري درخواست ڪئي آهي ته پاڪستاني فنڪار فواد خان جي فلم ”اي دل هي مشڪل“ ۽ مائره خان جي فلم ”رئيس“ کي نمائش کان نه روڪيو وڃي. مهاراشٽر انو نرمان سينا پاران چوڻ آهي ته هو ”اي دل هي مشڪل“ ۽ ”رئيس“ کي تيستائين رليز ٿيڻ نه ڏيندا جيستائين انهن فلمن مان پاڪستاني فنڪارن فواد خان ۽ مائره خان جا سمورا منظر ڪٽيا نٿا وڃن.

 

پاڪستاني فنڪارن کي ڌمڪيون ڏيندڙ تنظيمون پنهنجو دماغ ٿڌو رکن: جوهي چاولا

ممبئي: ڀارت ۾ هندو شرپسندن پاران پاڪستاني فنڪارن کي ڏني ويندڙ ڌمڪين کانپوءِ ڪجهه فنڪار حمايت ڪري رهيا آهن ته ڪجهه فنڪار ڌمڪين خلاف ميدان ۾ اچي ويا آهن، هدايتڪار ڪرن جوهر کانپوءِ هاڻ اداڪاره جوهي چاولا به ڀارتي شرپسند تنظيمن کي ٿڌي دماغ سان سوچڻ جي صلاح ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستاني فنڪارن کي ڀارتي هندو شرپسندن پاران ملندڙ ڌمڪين کانپوءِ بالي ووڊ فنڪارا جوهي چاولا به چپ چوريا آهن ۽ هندو شرپسندن تنظيمن کي چيو آهي ته اهي ماڻهو جن جو پاڪستاني فنڪارن جو ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ تي دماغ خراب ٿي چڪو آهي، انهن کي گهرجي ته ان بابت ٿڌي دماغ سان سوچين. فنڪاره جو چوڻ هو ته اسان مسئلن کي فورن ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، پر اسان انهن مسئلن جي اصل سبب بابت بلڪل به نٿا سوچيون. هن جو چوڻ هو ته اصل ۾ مسئلي جو خاتمي جو سبب اهو آهي ته اسان پهريان پاڻ کي تبديل ڪريون. فنڪاره هندو شرپسند تنظيمن کي صلاح ڏيندي چيو ته هو صبر ۽ آرام سان سوچيندي ڳالهائين ۽ مسئلن جو حل ڳولهين.

 

لوڪيش راهول جي جاءِ تي گوتم گنڀير ڀارتي ٽيم جو حصو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ خلاف رهيل ٽيسٽ ميچن لاءِ گوتم گنڀير کي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب لوڪيش راهول ڪانپور ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ دوران رنسون ڀڄندي زخمي ٿي پيو، جنهن جي جاءِ تي گوتم گنڀير کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن آخري ٽيسٽ ميچ 2 سال اڳ انگلينڊ خلاف کيڏي هئي.

 

ٽيم جي ڪپتاني مان مزو وٺي رهيو آهيان: سرفراز احمد

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) ملڪي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٽيم جي ڪپتاني مان مزو وٺي رهيو آهيان، عالمي چيمپيئن ٽيم اهڙي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي، ان ڳالهه جو اندازو نه هيو. ويسٽ انڊيز کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز احمد جو چوڻ هو ته ڪاميابي جو ڪريڊٽ سڀني ڏانهن وڃي ٿو، ڇو ته سينيئر رانديگرن سٺو سهڪار ڪيو، جڏهن ته نوجوانن جي ڪارڪردگي پڻ ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رهيو ته ون ڊي سيريز ۾ به ڪلين سوئيپ ڪري سگهون ٿا.

 

جنگ جي رومانس کان اکڙين جي اوجاڳن تائين: شوڪت لوهار

انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جي ور چڙهيل هِن خطي جي ماڻهن کي خبر ناهي، ڇو جنگ جي هولناڪين کان خوف نٿو ٿئي؟ هُو الائي ڪهڙي اجائي جنگي رومانس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جو جنگ جنگ جو راڳ آلاپيو پيو وڃي؟

جنگ راند ناهي پر هِڪ اهڙو ٻرندڙ جبل آهي، جنهن جي دکندڙ لاوي ۾ سڀ ڪجهه سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿو.

اهڙين هولناڪين لاءِ ٿورو ڌيان شامي تارڪين وطن ڏانهن ڪيو، جيڪي جيڪڏهن مُلڪ ۾ رهن ٿا ته انهن کي پنهنجي فوج ۽ جنگي جهاز اٽو بڻائي ڇڏيندا، پر جيڪڏهن هُو هڪڙين اهڙين ڪمزور ٻيڙين ۾ چڙهي سمنڊ منهن ڪندا ته سمنڊ جون بي رحم لهرون کين ٻوڙي زندگيءَ جي ڏيئي کي اجهائي وجهنديون ۽ ائين ٿيو به آهي. هڪ ڀيرو نه ڪئين ڀيرا جو شامي پناهگيرن جون ٻيڙيون سمنڊ ۾ غرق نه ٿيون هجن، آئي ڏينهن اِهو ڪجهه آهي، جيڪو رپورٽ ٿئي ٿو. ان ۾ درد آهي، پيڙا آهي ۽ هِڪ مسلسل اذيت ۽ آخرڪار موت جو راڪاس، جنگ ڪجهه به نٿي آڻي، ڪنهن لاءِ ڪوبه جيت جو پيغام نٿي آڻي، پر هر ڪنهن کي هارِ (شڪست) جا هار پارائي ٿي.

ڪير سمجهائي اسان جي ميڊيا مها دانشورن کي ته ملڪ جي ٻنهي پاسن هِڪ وار هسٽيريا پکيڙڻ سان اوهان جي ته اينڪرنگ ۽ ٽي وي جي ريٽنگ پڪي ٿيندي، پر ٻنهي ملڪن جي اٻوجهه عوام جن کي کائڻ لاءِ ماني ڳڀو ڪونهي، پائڻ لاءِ تن تي اوڇڻ ڪونهي، رهڻ لاءِ اجهو ڪونهي، اکين ۾ سدائين مجبورين جو سانوڻ لٿل آهي، اُتي اوهان جي ميڄالي ۾ ويٺل جنگي جنون ڪٿي هر شيءَ کي کنڊر نه بڻائي وجهي. ٿورو عقل، ٿورو شعور جي در تان بيک وٺڻ جي ضرورت آهي.

موجوده حالت ۾ جتي ڀارت جيڪو پنهنجي پاڻ کي دنيا جي وڏي ۽ ڊگهي سيڪيولر رياست ڪوٺي ٿو، ان جي هٺ ڌرمي جي حد ٿي وئي آهي. اڙي واري فوجي ڇانوڻي تي حملي ۾ 17 فوجين جي مرڻ تي بنا ڪنهن تصديق جي هن اِهي الزام پاڪستان تي هڻي ڪڍيا آهن، انهي جو ڪارڻ اِهو آهي جو هُو پنهنجي ظلم ۽ بربريت جيڪا معصوم ڪشميرين جي چهرن تي پلين گنز ذريعي ڪئي آهي، اِها لڪائي سگهي. اِها ڀارت جي پُل آهي جو دنيا سندس ترڪ تالين کان ڀلي ڀت واقف آهي. پٺاڻ ڪوٽ حملو هُجي يا اُڙي ۾ ٿيل واردات، اهي هميشه ڪنهن خاص موقعي ۽ وجهه جي نشانبر ڇو رهيو آهن؟ اِهو هڪ سوال آهي، جيڪو سوال کان وڌ هاڻ پرولي بڻجي چڪو آهي.

وزيراعظم پاڪستان نواز شريف جي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ڪيل تقرير مڙئي دنيا جي عدالت ۾ اِهو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ته ٻيلي سياڻا ٿيو، ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ کان روڪيو، انهيءَ ۾ ئي پوري ننڍي کنڊ جو امن ۽ سڪون جو نسخو لڪيل آهي.

هِن موقعي تي ڀارت طرفان ڇڏيل جاسوس ڪل ڀوشن تي ڪابه لب ڪشائي ڪونه ڪئي وئي، نه ئي برهمداغ بگٽيءَ جي انڊيا جي شهري بڻجڻ تي ڳالهه کي ڇيڙيو ويو. ٺيڪ آهي ته اسان جي پرڏيهي پاليسي سازن جن ۾ سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي ۽ مليحه لوڌي جي حڪمت به شامل هجي، پر خيرن سان نواز شريف صاحب پرڏيهي مهندارن سان ملاقاتون ڪامياب رهيون آهن.

ڀارت جي هٺ ڌرمي ۽ نڪ جي پڪائيءَ جي حد آهي جو هُو گذريل ستر سالن کان وٺي هيڏي ساري علائقي کي هِڪ جيل ۾ تبديل ڪيو ويٺو آهي. انهي اوپن جيل جو نالو والاريل ڪشمير آهي. ڪشمير جي خوبصورت وادي جتي جي وڻن، ٻوٽن ۽ خوابن ۾ ايندڙن جهڙا منظر سڀ هاڻ ڀارت جي رحم و ڪرم تي آهن. هُو جيڪي ڪڏهن ڪهڙي رهنما ته ڪڏهن ڪنهن عام شهري کي جهلي وٺي وڃن ٿا يا پنهنجي هٿن ۾ جهليل ڇرن وارين بندوقن سان سندن چهرا داغدار ڪن ٿا، انهن کي ڪير سمجهائي؟

ماضي جا مزار شاهد آهن ته ڀارت ڪڏهن به پنهنجي ضد ۽ هُوڏ تان هيٺ ڪين لٿو آهي. ڀلي اهو واپار، ثقافت يا رانديون هجن، هر جاءِ تي ان کي سياست جي ور چاڙهي ٿو ڇڏي، جنهن جا نتيجا اڳرا نڪرن ٿا ۽ نڪري رهيا آهن.

65 جي جنگ هجي، 71 جو بنگال وارو سانحو هجي، توڙي ڪارگل جي چڙهائي، اِهي سڀئي انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن ته هندوستان هميشه کان سفارتي طور طريقن سان ڪڏهن به مسئلن جو حل ڪونه ڪڍيو آهي. ان سڀ ڪجهه جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جو گهڻو تڻو بجيٽ موتمار هٿيارن تي ئي خرچ ٿئي ٿو ۽ عوام جي زندگي صرف جنگ جي رومانس جي ور چڙهيل ئي رهي ٿي.

برحان واني جي سفاڪ قتل کانپوءِ والاريل ڪشمير جون حالتون ويتر بگاڙ طرف ويون آهن. ڀارت انهيءَ جي نتيجن کان اڻ واقف هو ته هُو هِڪ بي گناهه پر اٽل انسان کي ماري آزاديءَ جي سوالن کي مات ڏئي ڇڏيندو! انهيءَ سان ويتر اِهو ٿيو آهي جو والاريل ڪشمير جو هر ٻار ٻڍو، عورتون ميدان تي اچي ويا آهن. ڀارت جي فوج بي هٿيار ماڻهن مٿان گوليون پئي وسائي ۽ هوڏانهن ڀارت پنهنجي پر ۾ ڀارت جي سيڪيولرزم جي سِڪي کي سفارتي دنيا ۾ ڪيش ڪرائڻ جي ڪڍ آهي.

ڀارت جي اِها ڀُل آهي ته هُو پاڪستاني سفارتي ڪوششن ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي فارين پاليسي تي وار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو، ان جو اِهو خواب ته هُو پاڪستان کي سفارتي طرح اڪيلو ڪري رهيو آهي، پر حقيقت اِها آهي ته انهيءَ سان ڀارت جي منافقت ۽ ان جي مڪروهه چهري جي تصوير پوري دنيا ۾ چٽي ٿي بيٺي آهي.

هِن وقت نريندر مودي ڳئون برگيڊ کي تيار ڪري ٽي وي ۽ اخبارن ۾ واڙي دنيا آڏو پنهنجو اصل چهرو کڻي آيو آهي. هِن مهذب دنيا نالي هِڪ سياري تي هِڪ ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم جي سِر جي قيمت جو اعلان ڪندڙ ڇا سڀ کان وڏا دهشتگرد نه آهن؟ ڇا ڀارت جي کليل جيل جهڙي والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ عالمي طور تي مڃيل دهشتگردي نه آهي؟ جيڪو ملڪ اِها دعويٰ ڪري ٿو ته والاريل ڪشمير سندس پرڳڻو آهي، پوءِ پنهنجي شهرين سان اهڙا ڪلور ڪهڙي کاتي ۾؟

انهي کان علاوه ڀارت جي انتهاپسندن ڀارت ۾ موجود پاڪستاني اداڪارن، فنڪارن ۽ فنونِ لطيفه يا ثقافتن جي ويجهڙائپ جي برانڊ ايمبيسيڊرن کي ملڪ نيڪالي ڏني آهي؟ اِها ڪا چڱي ڳالهه آهي. هتي سڄو ڏينهن انڊيا جي چئنلن جي ڀرمار آهي، ڪيبل چئنلن تي سواءِ انڊين ڊرامن، سي آءِ ڊي، ناگن، ڪاوچ ۽ الائي ڇا ڇا؟ انهي مان انڊيا جي صنعت کي ڪيترو فائدو ملي ٿو. اسان وٽ ٻارن کي شاهه رخ خان، سلمان خان، عامر خان وڌيڪ ياد آهن ۽ انهن کي پنهنجي مائٽن جا نالا گهٽ ياد آهن، پر هي جيڪو پاسو آهي، اِهو فلمي ۽ ڊرامن وارو آهي، انهي سان انڊيا کي هِڪ پڙهيل لکيل ۽ لبرل ملڪ ۽ اولهه جو پيروڪار ته ثابت ڪري سگهجي ٿو، پر اسان وٽ بدقسمتيءَ سان ڪيبل چئنل وارا هِڪ به نيوز چئنل نٿا هلائين، جيڪو انڊيا جي منافقت ۽ سنسني خيزيءَ کي ملڪ ۾ پڌرو ڪري سگهي.

اسان کي به خبر پوي ته ڪيئن نه انڊيا ميڊيا ۾ ويٺل پنڊت پاڪستان بابت رت ڳاڙن ٿا. هُو ته ايتري حد تائين هليا ويا جو اڙي واري حملي ۾ استعمال ٿيل گولين جي خولن تي پاڪستاني مهرون کين نظر اچي ويون، اِهو ته پوءِ هندوستان جي دفاعي ادارن کين چيو ته خولن واري ڳالهه غلط آهي.

پاڪستان هِن وقت چائنا اڪانامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) جو تاريخ ساز معاهدو ڪري چڪو آهي ۽ ان تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. ان ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ پاڙيسري ملڪن کي ان جو لاڀ نه ملڻ جهڙا عنصر نظر اچن ٿا، انهي کان علاوه پاڪستان وٽ ٿر ۾ ڪوئلن جا دنيا جا وڏا ذخيره موجود آهن، اهي پڻ ڀارت جي راجستاني علائقي جي ويجهو آهن. پاڪستان، افغانستان، ايران ۽ چين سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان ٺاهه واري پاليسي تحت هلي پيو. مستقبل ۾ چين کي پاڪستان مان لنگهه گهرجي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي، پر خبر ناهي ٻنهي طرف ويٺل پنڊتن کي جنگ کيڏڻ مان ڪهڙو مزو ٿو اچي.

چوڌاري لوهي تارن ۽ ديوارن جو حسار آهي. ماڻهو ته ٺهيو پکي به پڪڙي ماريا وڃن ٿا ته اِهي جاسوسي ڪري رهيا هئا، ڪنٽرول لائن تي ايڏي چوڪي ۽ ايڏين ٿلهين ديوارن کي ڪيئن پار ڪري ڪو وڃي سگهي ٿو. رڻ ڪڇ ۾ گپ گرچڻ واري ڌٻڻ آهي. هرطرف کان در دروازا بند آهن، پوءِ خوامخواهه پاڪستان مٿان الزام بازي جو ڌمچر ٿيڻ ڀارت کي ئي ڳچي ۾ پوڻو آهي. ايڊورڊ سعيد اولهه بابت پڌرو ڪري چڪو آهي ته هُو اوڀر يا مشرق کي ڪيئن نه غير مهذب سمجهن ٿا. لفظن جو استعمال خيال سرجي ٿو. سوشل ميڊيا جو سمنڊ جي پاڻي جيڏو ڪوڙ اسان جي نوجوان نسلن لاءِ سچ جو پرتوو ثابت ٿيندو.

جيڪڏهن ڀڳت سنگهه جنهن جنگ آزادي لاءِ سر ڏنو، جهانسي جي راڻي، منگل پانڊي ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا آزادين جا رکوالا شهيد آهن ته پوءِ برهان واني به ته شهيد آهي، باقي جيڪي عاشق سرحدن جي خاردار تارن ۾ ڪونه ٿا اٽڪن، اِهي گلزار جون هي سٽون ٿي ٿا پون:

آنکون ڪو ويزا نهين لگتا،

سپنون ڪي سرحد هوتي نهين.

بند آنکون سي روز مين سرحد پار،

چلا جاتا هون، ملني مهدي حسن سي.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

 

جمهوريت جا مسئلا: ڊاڪٽر لال خان

پاڪستان جي قيام کان وٺي هن ملڪ ۾ سياسي انتشار وڌندو ئي رهيو آهي. هتان جي پورهيتن جي شعور ۽ عمل جي ميدان ۾ متحرڪ سياست صرف 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۽ 1970ع جي ڪجهه مهينن دوران نظر آئي. باقي سموري سياست بالادست طبقن جي گڏيل تڪرارن ۽ مفادن جي ٽڪراءَ جو آکاڙو ئي بڻيل رهي. دولت جي سياست جي آقائن کي جڏهن ان ذلت، غربت ۽ محروميءَ جو جمهوريت ۾ شدت اختيار ڪرڻ ۽ هن ”نظام“ تحت معاشري جي برباديءَ جون حقيقتون پيش ڪيون وڃن ته انهن سڀني جي طرفان هڪ ئي عذر پيش ڪيو ويندو آهي ته ان جو سبب مارشل لائون لڳڻ هو. جڏهن ته هن وقت شايد ئي ڪا اهڙي پارٽي هجي جنهن جي قيادت پاڻ ڪنهن آمريت جي پيداوار نه هجي. پر هندستان ۾ ته ڪڏهن ڪا مارشل لا ناهي لڳي. پوءِ اتي پاڪستان کان به وڌيڪ غربت، ذلت ۽ محرومي ڇو آهي؟ اتي وري ثقافتي، مذهبي ۽ ٻيا مفروضا ۽ بهانا سائنسي دليلن جي جاءِ والارين ٿا. حقيقت ۾ هندستان جهڙن ملڪن ۾ جتي جاگرافيائي وسعت، صنعت ۽ معشيت وڏي هجي، رياست وسيع هجي، جنهن ۾ مختلف قومن، نسلن، ثقافتن ۽ ٻولين جي ڀرمار هجي، اتي نظام هڪ سطحي منافقاڻي ۽ پرفريب جمهوري ناٽڪ تحت ئي هلي سگهي ٿو، جيڪو انارڪي ۽ افراتفريءَ سان ئي هلائي سگهجي ٿو. فوجي مرڪزيت ۽ جبر جو اقتدار هندستان جي ڀڃ ڊاهه کي تيز ڪري ڇڏي ها، ان ڪري ئي حڪمران طبقن ۽ سامراجي آقائن آمريت کي اُتي اجازت ۽ تقويت ڪڏهن به ناهي ڏني.

پاڪستان ۾ آمريتون اچڻ جو سبب نسبتن ننڍي معيشت ۽ بالادست طبقن جي مختلف ڌڙن جي تڪرار مان جنم وٺندڙ ٽڪرائن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت ۽ عوامي بغاوتن جو خوف هو. بالادست طبقن جي سنجيده ماهرن ۽ سامراجي آقائن هتي فوجي آمريتون ٿاڦيون، پر اقتدار جمهوري هجي يا فوجي آمريت تي ٻڌل، هيٺئين معاشري جو نظام هڪ ئي رهيو آهي. موجوده نظام ۾ سياست، عزت، مرتبو، حيثيت، پهچ ۽ طاقت جو تعين صرف ۽ صرف دولت ئي ڪري ٿي. حڪمران اشرافيه ثقافت کان ويندي راندين ۽ مذهب تائين سڀ جو استعمال دولت، پنهنجي مفاد ۽ ناڻو ڪمائڻ لاءِ ئي ڪري ٿي. رياستي ۽ حڪومتي اقتدار ۾ فرق صرف حاڪميت جي طرز جو هجي ٿو. پر جنهن جمهوريت لاءِ هيترو تقدس معاشري ۾ هجي ٿو ۽ قربانين جي تلقين ڪئي ٿي وڃي، جن ادارن کي مقدس ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي ۽ جنهن آئين ۽ قانون کي هڪ مذهبي عقيدي جو درجو ڏنو وڃي ٿو، سا بنيادي طور اولهه جي سرمائيداري نظام مان ڦٽي نڪتل طرز حڪمراني آهي. جنهن جو فرسوده نقل اسان جا پيروڪار حڪمران ڪن ٿا. ان جي گهڻي پرچار لبرل سيڪيولر بورجوازي جا نمائنده سياستدان ۽ اهل دانش ڪندا هئا. پر ڪجهه عرصي کان آمريڪي سامراج فوجي آمريتن ذريعي پنهنجو تسلط لاڳو ڪرڻ جو طريقو ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. مذهبي ۽ ساڄي ڌر جون پارٽيون به هن جمهوريت جي ريلي ۾ داخل ٿي عوام ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. اولهه ۾ جمهوريت جو حاڪميت وارو جيڪو طور طريقو آهي سو ارڙهين ۽ اڻويهين صدي ۾ سرمائيداري صنعتي انقلاب جي ٻي معاشي، اقتصادي، رياستي ۽ سماجي ترقيءَ جي حاصلات سان سلهاڙيل هو. تنهن ڪري اتي استحصال اسان وانگر ننگو ۽ سفاڪ ناهي پر منافقيءَ وارو ۽ مٺي زهر جهڙو آهي. جيتوڻيڪ هاڻِ انهن ترقي يافته ملڪن ۾ معاشي ڏيوالپڻي سبب ان استحصال ۾ رکيل جبر جا جزا چٽا ٿي رهيا آهن، پر هڪ حقيقت آهي ته هن اقتصادي ۽ معاشي نظام ۾ جيڪا جمهوريت قائم آهي، تنهن جي نظام ۾ رهندڙ، ذاتي ملڪيت جي تقدس ۽ مالياتي سرمائي جي اطاعت کي تسليم ڪرڻ بنا ڪابه پارٽي يا اڳواڻ اقتدار کي هلائي نه ٿو سگهي. يونان ۾ انتهائي کاٻي ڌر جي سائريزا حڪومت جي سرمائيداريءَ اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏڻ جو تازو مثال اسان جي اڳيان آهي.

ليون ٽرائسڪي پنهنجي مشهور ڪتاب ”روسي انقلاب جي تاريخ“ ۾ لکيو هو ته ”هڪ پٺتي پيل ملڪ، ترقي يافته ملڪن جي مادي، فني ۽ فڪري سوڀن کي ذخيرو ڪري ڇڏيندو آهي، پر ان جو مطلب هي ناهي ته هن معاشري کي هڪ محڪماڻي انداز ۾ انهن ماضيءَ جي مرحلن کي ٻيهر جنم ڏيڻ هوندو آهي.  جيتوڻيڪ پٺتي پيل ملڪن ۾ ترقي يافتا ملڪن جي پٺيان هلڻو پوندو آهي پر اهي شين کي انهيءَ ترتيب ۾ ناهن وٺندا. تاريخي پسماندگي پر اهي شين کي انهيءَ لاءِ رعايتون آهن جو انهن کي اجازت ڏئي ٿي، مورڳو مجبور ڪري ٿي ته اهي ڪوبه طريقو اختيار ڪن ۽ ڪيترن ئي وچ ۾ ايندڙ مرحلن کي اورانگهي اڳتي وڌي سگهن، جيڪي پنهنجا تير ڪمان ڦٽو ڪري بندوقون کڻي ڇڏيندا آهن.“ جيڪڏهن اسان پاڪستان ۾ جديد موٽرويز جو جائزو وٺون ته انهن جي چند ميٽرن جي فاصلي تي قائم ننڍن ڳوٺن جي گهرن ۽ انهن موٽرويز جي ٽيڪنالاجيءَ جي وچ ۾ هزارين سالن جا فاصلا آهن. الميو هي آهي ته انهن فاصلن جي دوري قلت ۽ حَوس هن سرمائيداري نظام ذريعي ختم ڪري نه ٿي سگهجي. هن مالياتي سياست ۾ عوام جي جمهوريت ممڪن ئي ناهي. جڏهن مالياتي ۽ معاشي فرق ايترو شديد آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ سياسي، جمهوري برابري معاشري ۾ ڪيئن ممڪن آهي؟ جيتوڻيڪ جمهوريت جي ماءُ ”برطانيا“ ۾ اڃا تائين بادشاهت به موجود آهي ۽ رياست جي وحشت ۽ جبر به ڪنهن ٻي سرمائيدار رياست کان گهٽ ناهن پر جمهوري رياڪاري، قانوني ۽ عدالتي فريبن ذريعي اهو ڪرپشن ۽ جبر کي جاري رکندو پيو اچي. آمريڪي جمهوريت دنيا جي سڀ کان مهانگي ۽ بدعنوان جمهوريت آهي. پورهيت عوام جي جمهوريت ان وقت تائين ممڪن ناهي، جيستائين اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي برابري نه ٿي هجي.

 

 

سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جنگي قدم برابر…!!

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ کي پاڪستان خلاف جنگي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته 1965ع ۽ 1971ع وارين جنگين ۽ ڪارگل سياچن معاملن دوران به اهو معاهدو برقرار رهيو، ان معاهدي کي ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ٿو ڪري سگهجي. سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف پاڻي جي جارحيت يا سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور ختم ڪرڻ نه رڳو سنڌ طاس معاهدي پر عالمي قانونن جي پڻ خلاف ورزي هوندي، ورلڊ بئنڪ ان معاهدي ۾ سهولت ڏيندڙ آهي. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي صلاحڪار ٻڌايو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پاڪستان پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ تي ڀارت بوکلائجي ويو آهي ۽ هو پاڪستان جي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي. هن سنڌ طاس معاهدي جي تفصيلن کان پڻ ايوان کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو نه رڳو ان معاهدي جي خلاف ورزي پر عالمي قانونن جي پڻ خلاف ورزي هوندي. اهڙن قدمن کي پاڪستان جي خلاف جنگ سمجهيو ويندو، اهڙا قدم پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهن جيڪڏهن ڀارت ائين ڪري ٿو ته اسان اهو معاملو گڏيل قومن ۾ کڻي وڃي سگهون ٿا.

شيرين مزاري جي سوال جي جواب ۾ سرتاج عزيز ٻڌايو ته سنڌ طاس معاهدي جي سهولت ڏيندڙ عالمي بئنڪ آهي، اسان سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن سان پڻ ان حوالي سان ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اهي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندا ته اسان ڀرپور ردعمل ۽ انڊس ڪميشن جي سسٽم کي فعال بڻائينداسين. هاڻي اهي خبرون اچي رهيون آهن ته ڀارت ان معاهدي تحت پاور هائوس هڻڻ جو سوچي رهيو آهي.

منزه حسن جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته اسان ڀارت جي پاڪستان ۾ مداخلت جا سمورا ثبوت ڏينداسين. پوءِ ان کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ملڪن کي ڏينداسين. 1965ع ۽ 1971ع وارين جنگين ۾ به اهو معاهدو برقرار رهيو ۽ ڪارگل ۽ سياچن معاملن دوران به ان کي هٿ نه لاٿو ويو پر هاڻي مودي سرڪار اهڙي قسم جون ڪوششون ڪري رهي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.